Friday, 10 October 2025

جين جو مستقبل - جين (33)


جين جو مستقبل - جين (33)

”دريا خان سنڌي“
تصور ڪريو، اهڙي دنيا جو جتي ٻار جي ڄمڻ کان اڳ ئي ماءُ پيءُ وٽ اها چونڊ هجي تہ هو ايندڙ ٻار جي جينوم جو تسلسل ڪرائن. اهڙيون ميوٽيشنون ڦيرگهيرون جيڪي گھڻي معذوري جو سبب بڻجن ٿيون، اڳواٽ سڃاتون ويون هجن. هاڻي ماءُ پيءُ کي اها چونڊ هجي تہ اڳواٽ ئي ان کي روڪي ڇڏين، يا پيٽ ٿيڻ کان بہ اڳ مڪمل جينيٽڪ اسڪريننگ جانچ کان پوءِ خالي اهي ٻار چونڊين جيڪي “نارمل” هجن. جين جي پيچيدھ گڏيل اثرن سان پيدا ٿيندڙ رجحانن جي ڄاڻ ملي وڃي. جڏهن اهي ٻار ڄمن، تہ انهن جي فطري رجحانن موجب سارسنڀال ڪئي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن جو رجحان ٿلهائپ ڏانهن هجي تہ سندس وزن تي نظر رکي وڃي، غذا ان مطابق ڏني وڃي يا سندس ميٽابولڪ پروگرامن ۾ تبديلي ڪئي وڃي، جنهن ۾ هارمون، دوائون ۽ ٻالڪپڻ ۾ جين ٿراپي شامل هجن. ڪو ٻار جيڪو گهڻو هائپر چست هجي يا ڌيان ڏيڻ ۾ تڪليف رکي، ان لاءِ رويي واري ٿراپي يا اهڙا تعليمي ادارا چونڊيا وڃن جيڪي سندس شخصيت سان ٺهڪن.

جيڪڏهن بيماريون ظاهر ٿين يا وڌن، تہ جين ٿراپي جي مدد سان علاج ڪيو وڃي. صحيح جين کي متاثر ٿيل ٽشوز ۾ اندر وڌو وڃي. مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن کي سسٽڪ فائبروسس ٿي وڃي، تہ ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ جين کي مريض جي ڦڦڙن ۾ ايئروسول جي صورت ۾ پهچايو وڃي، جتي اهو ڦڦڙن کي وري نارمل حالت ۾ آڻي سگهي. ڪا ڇوڪري جيڪا اي ڊي اي ڊيفيشنسي سان پيدا ٿئي، سندس هڏن جي مَڏي ۾ صحيح جين لڳائي سگهجن. وڌيڪ پيچيدھ بيمارين لاءِ جينيٽڪ ڊائگنوسز سان گڏ دوائن ۽ ماحولياتي ٿراپي جو استعمال ڪيو وڃي.

ڪينسر جهڙين خانداني بيمارين جو تفصيلي تجزيو ڪيو وڃي، جنهن لاءِ ڪنهن خاص ڪينسر جا ذميوار ميوٽيشن ڦيرگهير اڳ ۾ ئي رڪارڊ ٿيل هجن. انهن ميوٽيشنن ڦير گهير جي مدد سان اهڙا رستا سڃاتا وڃن جيڪي سيلز جي وڌڻ جو سبب بڻجن ٿا. پوءِ ٽارگيٽ ٿيل ٿراپي سان ڪينسر جي سيلز کي ماريو وڃي ۽ نارمل سيلز کي محفوظ رکيو وڃي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پوسٽ ٽراما اسٽرِيس ڊس آرڊر جو شڪار هجي، تہ سندس رت جي ٽيسٽ مان پتو ڪيو وڃي تہ ڪهڙو جين ويئرينٽ موجود آهي. نفسياتي ماهر اهو ڏسي طئي ڪري سگهن تہ حياتياتي سببن جي ڪري ان ۾ خوف ختم ڪرڻ ڪيترو سولو آهي. علاج جا طريقا ان مطابق تيار ڪيا وڃن. ٿراپي جي چونڊ بہ سندس حياتياتي پروفائل مطابق هجي. اهڙيون دوائون ڏنيون وڃن جيڪي ايپي جينيٽڪ مارڪر ختم ڪن ۽ اهي ٿراپي سيشن سان گڏ استعمال ٿين. سيلز جي ياداشت جي صفائي پراڻين گھڻين يادگيرين جي اثر کي ختم ڪرڻ سولو بڻائي ڇڏي.

جينيٽڪ ڊائگنوسز سان ڄمار وقت صحيح ٻارن جي چونڊ ۽ جينيٽڪ مداخلت وسيلي ترميم، ڪيترين ئي خوفناڪ ۽ تڪليف ڏيندڙ بيمارين کي ختم ڪري ڇڏيندي.
جيڪڏهن توهان اڳيون منظر غور سان پڙهيو آهي، تہ اهو ساڳئي وقت اميد، حيرت ۽ پريشاني جا جذبا پيدا ڪندو. آخرڪار ميڊيڪل سائنس جو مقصد تہ ڪينسر، شيزوفرينيا ۽ سسٽڪ فائبروسس جهڙين بيمارين کي وقت سر روڪڻ ئي آهي. پر اهڙي دنيا جا ڪيترا پاسا اسان جي گهٻرائڻ وارا بہ آهن، اهڙي دنيا، جتي اچڻ کان اڳ مرد ۽ عورت جينيٽڪ ڪمزوريءَ جي امتحان مان گذري “قبولڻ جهڙوڪ”  ڪوٺيا ويندا يا پوءِ مرمت ٿيل جينيٽڪ پسندن سان ايندا. آهستي آهستي بيماريون ختم ٿينديون، پر ساڻس گڏ سڃاڻپ بہ ختم ٿيندي. تڪليف سان گڏ نرمي بہ ختم ٿيندي. ٽراما مٽائي ڇڏينداسين، پر تاريخ بہ ختم ٿي ويندي. جيڪي سڀ کان الڳ هوندا، اهي بہ ختم ٿي ويندا. ڪمزوري ختم ٿيندي، پر نزاڪت بہ. امڪان گهٽ ٿيڻ جو مطلب، چونڊ جا موقعا گهٽ ٿيڻ بہ آهي.

جڏهن هيومن جينوم منصوبو شروع ٿيو هو تہ جينيٽڪس ماهر جان سَلِسٽن هڪ پراڻو فلسفي وارو سوال اٿاريو هو: ڇا هڪ ذهين شيءِ پنهنجي “هدايت” پڙهي سگهي ٿي؟ ان کان بہ گهرو مشڪل سوال تڏهن پيدا ٿئي ٿو جڏهن اها پنهنجي هدايت پاڻ لکي سگهي. جيڪڏهن جينز جاندار جي فطرت ۽ قسمت جو فيصلو ڪن ٿا، ۽ اهو جاندار پنهنجي جينز وسيلي پنهنجي فطرت ۽ قسمت جو فيصلو ڪرڻ لڳي، تہ منطق جو دائرو پاڻ ۾ ئي بند ٿي وڃي ٿو.

اُڻويهين ۽ ويهين صديءَ جي ميڊيڪل سائنس “قسمت” ۽ “چونڊ” جو تصور آندو. قسمت جو سڀ کان واضح ۽ يونيورسل عمل ــ بيماري ــ هاڻي ميڪانيڪي اصطلاحن ۾ سمجهي سگهجي ٿي: خطرا، ماحول، حالتون، عادتون وغيرھ. جڏهن تہ چونڊ جو واسطو انفرادي نفسيات، تجربن، يادگيرين، صدمَن ۽ ذاتي تاريخ سان هو. ويهين صديءَ جي وچ تائين سڃاڻپ، مزاج، پسند ۽ ترجيح کي نفسيات، ماضي ۽ چانس جي ميل جول سان ڏٺو ويندو هو.

اڪيهوين صديءَ جي پهرين ٻن ڏهاڪن ۾ اسان “سبب ۽ نتيجي” جي هڪ ٻي ٻولي سکڻ لڳا آهيون ــ بيماري، سڃاڻپ، پسند، مزاج، ترجيح ۽ آخرڪار چونڊ ۽ قسمت کي جين ۽ جينوم جي ٻوليءَ ۾. ان جو مطلب اهو ناهي تہ جينز جي نظر سان فطرت ۽ قسمت جا بنيادي پاسا مڪمل طور سمجهي سگهجن ٿا، پر اهو ضرور آهي تہ اسان کي پنهنجي ماضي ۽ مستقبل بابت سڀ کان وڌيڪ ڇرڪائيندڙ خيالن کي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو. حقيقت اها آهي تہ جينز جو اسان جي زندگي ۽ شخصيت تي اثر اسان جي خيال کان گهڻو وڌيڪ گهرو ۽ تنگ ڪندڙ آهي. ۽ جيئن جيئن اسان جينوم کي پڙهڻ، بدلائڻ ۽ ان سان کيڏڻ سکنداسين، تيئن اسان مستقبل ۾ قسمت ۽ چونڊ سان کيڏنداسين. 

جيڪو سڀ کان الڳ آهي، جيڪو ڪجھ “غير رواجي” آهي، ڇا اسان پنهنجي علم سان ان جي “خرابي” صحيح ڪرڻ چاهينداسين؟ ڇا اسان ان کي “نارمل” بڻائڻ چاهينداسين؟ جيڪڏهن ها، تہ ان سان گڏ ڪهڙا اخلاقي، سماجي ۽ حياتياتي خطرا ايندا؟ يا وري، ڇا ان کي صحيح ڪرڻ اسان جي اخلاقي ذميواري ناهي؟ ڇا اسان جو نئون علم اسان کي نئين قسم جي همدردي ۽ ٻين کي سمجهڻ سيکاريندو؟ يا اهو نئون علم نون قسم جي تعصبن کي جنم ڏيندو؟ ڇا اسان ان علم سان “قدرتي” جي تعريف نئين سر ڪري سگهنداسين؟

پر اهو “قدرتي” آهي ڇا؟ هڪ طرف تبديلي، قسم، ڦيرگهيري، ورهائجڻ، بگاڙ ۽ وهڪرو قدرتي آهي. ٻي پاسي اٽل رهڻ، مظبوطي، نہ ورهائجڻ ۽ جاري ساري رهڻ بہ قدرتي آهي. حيرت جي ڳالھ ناهي تہ تضادن جو مالڪيول ــ ڊي اين اي ــ هڪ تضادن واري جاندار جو ڪوڊ رکي ٿو. اسان پنهنجي ايندڙ نسل کان، پنهنجن اڳتي موڪليل جينز کان اميد رکون ٿا تہ اهي اسان وانگر هوندا، پر اسان کي انهن ۾ مخالفت ملندي آهي، اسان کي “تبديلي” ملي ٿي. اهي ماڻهو جيڪي بدليل آهن، جيڪي سڀ کان الڳ آهن، اهي ئي اسان جي نسل جي بقا لاءِ ضروري آهن. اسان جي جينوم هڪ متضاد قوتن جي وچ ۾ گھڻو سنهڙو توازن رکيو آهي، هڪ تار ۽ ان جي مخالف تار جو جوڙو، جيڪو ماضي بہ رکي ٿو ۽ مستقبل بہ، جيڪو يادگيري ۽ خواهش جو مقابلو ڪرائي ٿو.

هي اسان ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني شيءِ آهي. سوال اهو آهي تہ اسان ان جا ڪيئن محافظ بڻجي سگهنداسين؟ هي گھڻو ڪري اسان جي نسل لاءِ علم، فڪر، فهم ۽ شعور جو سڀ کان وڏو امتحان هوندو.

ختم... 
ايندڙ وقت جا ٽي وڏا جينياتي منصوبا - جين (32)

https://www.facebook.com/share/p/1CUaVUXgZt/ 

ايندڙ وقت جا ٽي وڏا جينياتي منصوبا - جين (32)


ايندڙ وقت جا ٽي وڏا جينياتي منصوبا - جين (32)

”دريا خان سنڌي“
"ٿورو ڏيکاريو تہ اوهان گاني جا سُر ڪيئن ورهائيندو؟ ان کان اڳ اهو ڏيکارڻو پوندو تہ اوهان ان ۾ فرق ڪري سگھو ٿا تہ ڪهڙو ورهائجي سگهجي ٿو ۽ ڪهڙو نہ، هڪ ڪلاسيڪل سنسڪرت نظم مان مشتق انساني جينيات اڳيان ٽي وڏا منصوبا آهن، ۽ ٽنهي جو واسطو فرق ڪرڻ، ورهائڻ ۽ پوءِ ٻيهر جوڙڻ سان آهي
پهريون منصوبو : انساني جينوم مان صحيح معلومات معلوم ڪرڻ آهي ان لاءِ شروعاتي وک هيومن جينوم منصوبو هو، جنهن ڪيترائي دلچسپ سوال پيدا ڪيا تہ آخر ٽي ارب نيوڪليوٽائڊ ڇا ڪوڊ ڪن ٿا؟ انهن مان ڪهڙا فنڪشنل حصا آهن؟ ظاهر آهي تہ ان ۾ اهي جين آهن جيڪي پروٽين ٺاهين ٿا، جن جو انگ 21 هزار کان 24 هزار جي وچ ۾ آهي پر ان سان گڏ ان ۾ ريگوليٽري جينز جو سلسلو بہ آهي، ۽ ڊي اين اي جا ڊگها حصا (انٽرونز) آهن، جيڪي جينز کي ماڊيولز ۾ ورهائين ٿا

ان ۾ ڏهوڻ هزار اهڙي آر اين اي ماليڪيول ٺاهڻ جي ڄاڻ بہ آهي، جيڪي پروٽين نٿا ٺاهين پر لڳي ٿو تہ سيل گهرڙي جي فزيالاجي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ڊي اين اي جون ڊيگهيون ويڪر، جن کي اڳ (جنڪ) ڊي اين اي سڏيو ويندو هو، بہ ان ۾ شامل آهن، پر امڪان اهو آهي تہ اهي بہ ڪيترائي اڃا اڻ ڄاتل ڪم ڪن ٿيون، اهڙا ڦيرُ ۽ تهون بہ آهن جيڪي ڪروموزوم جي هڪ حصي کي ٽن ڊيمينشنل جڳھ ۾ ٻئي حصي سان ڳنڍين ٿا، ڇا انهن جو بہ مطلب آهي؟ ۽ جيڪڏهن آهي تہ ڇا؟ هي اڃا اڻڄاتل آهي

انهن مان هر عنصر جو ڪردار ڄاڻڻ لاءِ هڪ بين الاقوامي مدد سان ڊي اين اي انسائڪلوپيڊيا منصوبو 2013ع ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن مان آس آهي تہ اسان جينوم کي بهتر سمجهي سگهنداسين، حقيقت اها آهي تہ هن وقت انساني جينوم بابت اسان جي ڄاڻ گھڻي گھٽ آهي ۽ ٿورڙا ئي جين سڌيءَ طرح پڙهيا ويا آهن، ميڊيڪل جينيات ۾ ان منصوبي مان وڏا فائدا نڪري سگهن ٿا، ڇو تہ جينوم کي فنڪشنل طور ڄاڻڻ بيمارين کي ختم ڪرڻ جا نوان طريقا ڏئي سگهي ٿو. 

اهڙي تحقيق سان نوان جينومڪ حصا ڳوليا ويندا ۽ ڳجهائين بيمارين جي سڃاڻپ ممڪن ٿيندي مثال طور، اڃا تائين اسان کي خبر ناهي تہ هاءِ بلڊ پريشر، ڊپريشن، شيزوفرينيا، موٽاپو، ڪينسر يا دل جي بيماري ۾ جينياتي ڄاڻ، طرزِ زندگي ۽ قسمت جو ڪهڙو ڪردار آهي، جينوم مان صحيح سڃاڻپ انهن بيمارين جي حل ڏانهن پهرين وک هوندي

ٻيو منصوبو: اهو آهي تہ جڙوان تي ٿيل مطالعي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو تہ جينز جو انساني سڀني خاصيتن ۾ ڪردار آهي ميڊيڪل، ذهني، ۽ روين سان لاڳاپيل سڀني ۾ پر انهن کي جينز ۾ ڳولڻ اميد کان گهڻو ڏکيو نڪتو آهي اهي جينياتي تبديليون جيڪي فرد تي وڏو اثر وجهن، انهن کي ڳولڻ سولو آهي، پر جڏهن جين گڏجي ۽ ڪيترن ئي تبديلي جي گڏيل اثر سان نتيجو ڏين، تہ اهو سڃاڻڻ ايترو سولو ناهي رهيو

پر گھڻو ڪري هي رنڊڪ بہ جلد ختم ٿي وڃي، هڪ تصوراتي تجربي تي غور ڪريو، جيڪو پهرين نظر ۾ ڏورانهون لڳي: فرض ڪريو تہ اسان هڪ لک ٻارن جو جينوم وٺون ۽ ان جي ڊيٽابيس ٺاهيون پوءِ انهن ٻارن جي "قسمت جو نقشو" ٺاهيون هر بيماري، هر غيرمعمولي نفسياتي رويو رڪارڊ ڪري الڳ ڊيٽابيس ۾ رکون اهو انساني "فينوم" جو نقشو ٿيندو

هاڻي تصور ڪريو تہ اسان وٽ هڪ ڪمپيوٽر انجڻ هجي، جيڪو انهن هڪ لک جينومز ۽ فينومز کي پاڻ ۾ ميلاپ ڪرڻ شروع ڪري، بگ ڊيٽا انالسس جانچ وسيلي اسان جينوم ۾ لکيل انساني فطرت جو ڪوڊ پڙهڻ شروع ڪري ڇڏينداسين

ان غيرمعمولي نقشو ٺاهڻ جو مطلب اهو ٿيندو تہ ان کي خالي بيمارين تائين روڪي نہ رکڻو پوندو، پر اهو ايترو وسيع ٿي سگهي ٿو جيترو اسان چاهيون، ڄمڻ وقت وزن، پهرين درجي واري اسڪول ۾ ڪارڪردگي، جواني وقت باغي مزاج، ٻانجائھپ، وچ عمر جو بحران، ڊپريشن، اک جو موتيا، منشيات جو استعمال، دل جو دورو، ننڍي عمر ۾ ڪينسر، گنجو ٿيڻ  سڀ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو ڪمپيوٽنگ ٽيڪنالاجي، ڊيٽا اسٽوريج ۽ جين ترتيب ۾ تيزي سان ٿيندڙ ترقي سبب مستقبل ۾ اهو ممڪن آهي

پر، ياد رکڻ ضروري آهي تہ اهڙو منصوبو پاڻ سڀ ڪجھ نہ ٻڌائي سگهندو بيمارين ۽ قسمت بابت اڳڪٿي ۾ ماحول جو اثر يا ميڊيڪل مداخلت جو اثر شامل نہ هوندو، پر ان قسم جي مطالعي جي وڏي طاقت اها هوندي تہ اها بيماري کي ٻين سڀني پاسن کان ڌار ڪري سگهندي، اها ٻڌائي سگهندي تہ ڪهڙي ڳالھ ۾ ماحول جو ڪردار آهي ۽ ڪهڙي ۾ ناهي، ڪهڙي ڳالھ جينز جي قابو ۾ آهي، ڪهڙي قسمت ڄمڻ وقت ئي طئي ٿي چڪي، ڪيتري حد تائين طئي ٿي، ۽ ڪهڙي اڃا طئي ٿيڻ باقي آهي اصولي طور، ڪمپيوٽنگ پاور ۽ انسان گڏجي جينوم جي اڳڪٿي جي مڪمل طاقت سمجهي سگهن ٿا ۽ انهن ۾ فرق ڪري سگهن ٿا. 

ٽيون منصوبو : جينز کي بدلڻ بابت آهي، تاريخ ۾ جين پهچائڻ جا طريقا گهڻو اثرائتا نہ هئا، نقصانڪار هئا، ۽ پنهنجي مرضي جي تبديلي انساني ايمبريو ۾ وجهڻ ناممڪن هئي

هاڻي اهي رنڊڪون گهڻو تڪڙو ختم ٿي ويون آهن وڏي حد تائين درستگي حاصل ٿي وئي آهي، ايتري تائين جو ڊي اين اي مان هڪ اکر هٽائي پنهنجي مرضي جو ٻيو اکر لکي سگهجي ٿو، ۽ باقي ٽي ارب اکرن کي هٿ لاهڻ جي ضرورت ناهي

اسٽيم سيل ٽيڪنالاجي، نيوڪليئر ٽرانسفر، ايپي جينيٽڪ ماڊوليشن ۽ جين ايڊيٽنگ جي طريقن سان انساني جينوم ۾ وڏي پيماني تي تبديليون ممڪن ٿي ويون آهن ٽرانس جينڪ انسان بہ پيدا ڪري سگهجن ٿا

اڃا تائين انهن ٽيڪنالاجيز جي مڪمل ڪارڪردگي ۽ درستگي بابت ڄاڻ گهٽ آهي ڇا هڪ هنڌ تي جين ۾ تبديلي ٻين هنڌن تي غير ارادي نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿي؟ ڇا ڪجھ جينوم حصا سولائي سان ايڊيٽ ٿيندا ۽ ڪجھ ڏکيا هوندا؟ جين جي لچڪ جو بنياد ڇا آهي؟ ۽ ڇا هڪ هنڌ تبديلي سان جينوم جي ڪارڪردگي متاثر ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن جينوم ۾ بٽر فلائي ايفيڪٽ عام آهي، تہ اها جين ايڊيٽنگ لاءِ هڪ بنيادي رڪاوٽ هوندي

ممڪن آهي تہ جين کي الڳ ۽ آزاد يونٽ سمجهڻ هڪ ڌوڪو ثابت ٿئي، ۽ اهي ڊسڪريٽ يونٽ اصل ۾ هڪ ٻئي سان وڌيڪ ڳنڍيل هجن، جيترو اسان اڄ سوچيون ٿا. 
ان کان اڳ، اوهانکي ڏيکارڻو پوندو تہ اوهان فرق ڪري سگهو ٿا تہ ڪهڙو ورهائجي سگهجي ٿو ۽ ڪهڙو نہ.

هلندڙ... 
جين جو منشور، تيرهن نقطن ۾ جين - (31)

https://www.facebook.com/share/p/1CdCEetG3y/ 

جين جو منشور، تيرهن نقطن ۾ جين - (31)


جين جو منشور، تيرهن نقطن ۾ جين - (31)

”دريا خان سنڌي“
جينوم تي قابو ٿيڻ کانپوءِ جي دنيا ڪهڙي هوندي؟
هي اسان جي ڪمزورين ۽ خواهشن جو هڪ امتحان آهي.
جيڪو ڪجھ اسين جينوم ۾ پڙهون ٿا ۽ جيڪو اسين ان ۾ لکنداسين  اهي ئي اسان جون ڪمزورين، اميدون ۽ خواهشون آهن.
جينوم کي پڙهڻ انساني فطرت آهي. ۽ جينوم پاڻ بہ انساني فطرت جو حصو آهي.
ان سان ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نہ ڪرڻ گهرجي ان جو مڪمل آئين گھڻو ڪري ايندڙ ڪنهن نسل جو ڪم هوندو، پر تاريخ مان سائنسي، فلسفياتي ۽ اخلاقي سبق ڏسي، اسين شروعات ڪري سگهون ٿا.

1. جين وراثت جو بنيادي يونٽ آهي.
ان ۾ اها ڄاڻ هوندي آهي جيڪا حياتين کي ٺاهي ٿي، سنڀالي ٿي ۽ مرمت ڪري ٿي.
جين هڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪن ٿا، ماحول کان اِن پُٽ وٺن ٿا. ٽرگر ۽ امڪان وڌڻ سان حياتي جي شڪل ۽ ڪم جو ارادو ٿئي ٿو.

2. جينيٽڪ ڪوڊ آفاقي آهي.
نيري وهيل کان وٺي خوردبيني بيڪٽيريا تائين سڀني جو ڪوڊ ساڳيو آهي.
اهو بلڪل صحيح طريقي سان معلوم ڪري سگهجي ٿو. انساني جين جي ڪوڊ ۾ ڪا الڳ "خاص" شيءِ ناهي.

3.جين شڪل، ڪم ۽ قسمت تي اثرانداز ٿين ٿا، پر اهو هڪ-مقابلي هڪ رشتو نہ هوندو.
گهڻين خوبيّن ۾ ڪيترن جينن جو گڏيل اثر هوندو آهي. ڪيتري ۾ جين، ماحول ۽ امڪان گڏجي اثر ڪن ٿا.
گهڻا لاڳاپا ڪنهن منظم طريقي سان نہ هوندا، يعني جينوم جو ميل اهڙن واقعن سان هوندو آهي، جيڪي بنيادي طور غير يقيني هوندا آهن.
ڪجھ جين خالي رجحان تي اثر ڪن ٿا. هڪ جين جي تبديليءَ جي نتيجي ۾ جاندار تي ڪهڙو صحيح اثر ٿيندو  اها اڳڪٿي خالي ٿورين ئي حالتن ۾ ٿي سگهي ٿي.

4. جينن ۾ قسم جو مطلب خوبي، شڪل ۽ روين ۾ قسم آهي.
جڏهن اسين چوندا آهيون "قد جي جين" يا "اکين جي رنگ جي جين"، تہ اسين اصل ۾ هڪ تبديلي جي ڳالھ ڪري رهيا هوندا آهيون، جيڪا جينوم جو تمام ننڍڙو حصو هوندي آهي.
اسان ماڻهو ٻين جي وچ ۾ فرق ڏسي سڃاڻون ٿا، تنهنڪري اسان کي لڳندو آهي تہ هي فرق وڏو هوندو، پر حقيقت ۾ نہ.
ڊينمارڪ جي ڇھ فوٽ قد واري ماڻهو ۽ ڊيمبا جي چار فوٽ قد واري ماڻهو ۾ هڪجهڙي اناٽومي، فزيولوجي ۽ بايوڪيمسٽري آهي.
انسان جي ٻن انتهائي مختلف صورتن - نر ۽ مادي - جي جينن ۾ بہ 99.688 سيڪڙو هڪجهڙائي آهي.

5. جڏهن چيو وڃي ٿو تہ "فلاڻي شيءِ جي جين ملي وئي"، تہ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن ان جي تعريف تمام تنگ هجي.
جهڙوڪ رت جي قسم جي جين ٻڌائي سگهجي ٿي، ڇو تہ ان جي تعريف صاف آهي.
پر حياتيات ۾ هڪ پراڻي غلطي آهي  تعريف ۽ خوبي کي گڏي ڇڏڻ.
مثال طور، جيڪڏهن "خوبصورتي" جي تعريف صرف اها ڪئي وڃي تہ "نيريون اکيون خوبصورت آهن"، تہ ها، پوءِ خوبصورتي جي جين  بہ ملي ويندي.
جيڪڏهن ذهانت کي هڪ خاص ٽيسٽ جي اسڪور سان ناپيو وڃي، تہ ها، پوءِ ذهانت جي جين بہ ملي ويندي.
جينوم انساني تصور جو آئينو آهي.

6. بغير تناظي جي طئي ڪرڻ، فطرت ۽ تربيت جو مقابلو ڪرڻ بي معنيٰ آهي.
فطرت جو اثر وڌيڪ آهي يا ماحول جو  اهو ان ڳالھ تي دارومدار رکي ٿو تہ ڪهڙي خوبي يا ڪم جي ڳالھ ٿي رهي آهي.
مثال طور، خالي هڪ جين ڪنهن جي جنس جو ارادو ڪري ٿي، پر مرداڻين يا زَناني خوبيّن ۾ جين ۽ ماحول گڏجي اثر ڪن ٿا.
۽ ڪنهن سماج ۾ مردانگي يا نسوانيت کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، اهو سماجي ياداشت، تاريخ ۽ ڪلچر سان جڙيل آهي.

7. انسان جي هر نسل ۾ تبديليون، نيون شڪليون ۽ "غير معمولي" ماڻهو هوندا.
اهو اسان جي حياتيات جو لازمي حصو آهي.
ڪو بہ تبديليءَ وارو جين مڪمل طور "خراب" ناهي  خالي شمارياتي طور عام نہ هوندو آهي.
سڀ کي هڪجهڙو ڪرڻ ۽ "نارمل" بڻائڻ جي خواهش جو توازن ان حياتياتي حقيقت سان رکڻو پوندو، تہ جيئن  قسم برقرار رهي.
جيڪڏهن سڀ هڪجهڙا ٿي ويا، تہ ارتقاء ختم ٿي ويندو، قدرتي نيون جدتون ختم ٿي وينديون.

8. ڪيترين ئي بيماريون جيڪي آڳين خوراڪ، حالتن، ماحول يا اتفاق سان لاڳاپيل سمجهيون وينديون هيون، جو گهڻو واسطو جينن سان آهي.
ڪيتريون بيماريون پوليجينڪ هونديون آهن، يعني ڪيترن جينن جو گڏيل اثر.
اهي جينز ۾ لکيل هونديون آهن، پر سڌيءَ طرح منتقل نہ ٿينديون، ڇو تہ ماءُ ۽ پيءُ جا جين ملي وڃن ٿا.
اهڙيون جين واريون بيماريون گهٽ هونديون آهن، پر گڏجي ڏسجي تہ عام هونديون آهن.
اڄ تائين اهڙيون ڏھ هزار بيماريون سڃاتيون ويون آهن. هر 100 کان 200 ٻارن مان هڪ اهڙي بيماريءَ سان پيدا ٿئي ٿو.

9.هر جينيٽڪ بيماري جينوم ۽ ماحول جي وچ ۾ غير مطابقت هجڻ جو نتيجو آهي .
ڪڏهن بهترين علاج طبي نہ، پر ماحول کي جسماني صورت مطابق ٺهڪائڻ هوندو آهي.
مثال طور، ڊوارفزم ۾ گهر جو ڊزائين، يا ايسپرگر سنڊروم ۾ تعليم جا طريقا بدلائڻ.
جيتوڻيڪ، ڪڏهن اهڙو ممڪن نہ هوندو آهي.

10. ڪڏهن جينيٽڪ غيرمطابقت ايتري گھڻي هوندي آهي جو غير معمولي وک بہ کڻڻا پوندا آهن، ۽ جينيٽڪ چونڊ يا مداخلت جو جواز هوندو آهي.
جيستائين اسان کي جينيٽڪ مرمت جي غير ارادي نتيجن جي پوري سمجھ  نہ هجي، تيستائين اهڙن ڪيسن ۾ احتياط سان چونڊ ڪرڻ گهرجي، تہ جيئن وڏي تڪليف کان بچي سگهجي.

11. جينوم يا جين ۾ ڪجھ بہ اهڙو ناهي جيڪو انهن جي ڪيميڪل يا حياتياتي مرمت کي روڪي.
عام طور چيو وڃي ٿو تہ گهڻيون انساني خوبيون ماحول ۽ جين جي پيچيدھ ميل جو نتيجو آهن، ۽ اهو سچ آهي.
پر اها پيچيدگي جين کي مڪمل طور تي قابو ڪرڻ کان روڪي ٿي، پر وڏي پيماني تي جينيٽڪ مداخلت کي ناممڪن نہ ٿي ڪري.
ڪي ماسٽر ريگيوليٽر اهڙا هوندا آهن، جيڪي درجنين جينن کي قابو ڪن ٿا.
هڪ ايپي جينيٽڪ موڊي فائر سوئچ جيان سئنڪڙين جينن جي حالت بدلائي سگهي ٿو. جينوم اهڙن هنڌن سان ڀريل آهي.

12. احتياط جي ٽڪنڊي- وڏي تڪليف، جين جو يقيني اثر، ۽ منطق مداخلت اڃا تائين اسان کي حد ۾ رکي ٿي.
جيئن جيئن اسان ان ٽڪنڊي جي تعريف طئي ڪنداسين، اسان کي نوان حياتياتي، ثقافتي ۽ سماجي اصول ٺاهڻا پوندا، تہ جيئن فيصلو ٿي سگهي تہ ڇا محفوظ آهي ۽ ڪڏهن ڪرڻ جو جواز آهي.

13. تاريخ پاڻ کي ورجائي ٿي، ڇو تہ جينوم پاڻ کي ورجائي ٿو  ۽ جينوم پاڻ کي ورجائي ٿو، ڇو تہ تاريخ پاڻ کي ورجائي ٿي.
اسان جون خواهشون، اميدون ۽ خواب انساني تاريخ کي هدايت ڏين ٿا، ۽ گهٽ ۾ گهٽ انهن جو ڪجھ حصو اسان جي جينوم ۾ لکيل آهي.
انساني تاريخ اهڙي جينوم جي چوندو ڪئي، جنهن ۾ اهي خواهشون ۽ اميدون موجود هيون.
هي منطق جو دائرو پاڻ کي مڪمل ڪري ٿو، ۽ اسان جي قسم جي بي مثال ڪاميابي ۽ طاقت جو سبب بہ آهي، ۽ اسان جي ڪردار جي اونڌاهي پاسو بہ.
اها اميد رکڻ تہ اسين هن منطق جي دائري کان ٻاهر نڪري، پنهنجي فطرت ۾ ڪا بنيادي تبديلي آڻيندا سين، بنيادي طور ناممڪن ۽ نقصانڪار آهي.
پر ان ڳالھ کي سڃاڻڻ ۽ پاڻ تي شڪ رکڻ، اهو ڪمزور کي طاقتور جي مرضي کان بچائي ٿو.
"غير معمولي" ماڻهن کي عام ماڻهن جي هٿان ختم ٿيڻ کان محفوظ رکي ٿو.
۽ گھڻو ڪري اهو ئي شڪ، سوچ، مختلف سان همدردي، ۽ پنهنجي فطرت سان بغاوت اسان جي اخلاقي خوبصورتي آهي، جيڪا ايڪويھ هزار جينن تي لاڳاپيل اسان جي جينوم ۾ اڻمٽ اکرن ۾ لکيل آهي.
گھڻو ڪري اهو ئي اسان کي انسان بڻائي ٿو.
هلندڙ... 
جين ۾ مرمت ڪرڻ - جين (30)

https://www.facebook.com/share/p/14N1UhcCEo6/ 

جين ۾ مرمت ڪرڻ - جين (30)


جين ۾ مرمت ڪرڻ - جين (30)

”دريا خان سنڌي“
اسان جي ڌرتيءَ تي اربين ورهين کان هڪ اهڙي جنگ جاري آهي، جنهن ۾ هر ڏينهن کربين موتون ٿين ٿيون. هيءَ قديم رت واري جنگ ٻن ڌرين ۾ آهي، ۽ انن ٻنهي ڌرين پنهنجي بچاءَ لاءِ جديد هٿيار ايجاد ڪيا آهن. جيڪڏهن اهي ائين نہ ڪن ها تہ زندھ  نہ بچي سگهن ها. هيءَ دشمني هاڻي سندن جينز ۾ ڇپجي چڪي آهي. هيءَ جنگ وائرس ۽ بيڪٽيريا جي وچ ۾ آهي. وائرس بيڪٽيريا تي حملو ڪري انهن کي قابو ڪرڻ چاهين ٿا، ۽ بيڪٽيريا پنهنجي زندگيءَ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. وائرس اهڙا جينيياتي طريقا ٺاهيا آهن، جن سان بيڪٽيريا تي ڪامياب حملو ڪري سگهن. بيڪٽيريا اهڙا جين ٺاهيا آهن، جيڪي انهن جو مقابلو ڪري سگهن. جڏهن ڪو وائرس بيڪٽيريا ۾ داخل ٿئي ٿو تہ بيڪٽيريا وٽ مقابلي لاءِ رڳو ڪجھ منٽ هوندا آهن.
فرانس جا سائنسدان فلپ هورواتھ ۽ روڊولف برانگو، جيڪي ڊينمارڪ جي فوڊ ڪمپني ڊينسڪو ۾ ڪم ڪندا هئا، ڏهي ۽ مکڻ ٺاهيندڙ بيڪٽيريا تي تحقيق ڪري رهيا هئا. 2006ع ۾ انهن دريافت ڪيو تہ ڪجھ بيڪٽيريا اهڙو سسٽم ٺاهي چڪا آهن، جيڪو حملو ڪندڙ وائرس جي جينوم کي صحيح جڳھ تان ڪٽي ان کي معذور ڪري ڇڏي ٿو. هي سسٽم مالڪيولر تلوار وانگر آهي، جيڪا وائرس کي سڃاڻي، صحيح جڳھ تي ڪٽ لڳائي ٿي.
بيڪٽيريا جي هن دفاعي نظام جا ٻہ اهم حصا هئا: پهريون  ڳولڻ وارو، جيڪو هڪ آر اين اي آهي، جيڪو وائرل ڊي اين اي کي سڃاڻي ٿو. اهو دشمن جي ڊي اين اي جي ابتي ڪاپي وانگر هوندو آهي، ڄڻ تہ اوهان وٽ ھميشہ پنهنجي دشمن جي تصوير هجي ۽ اها تصوير بيڪٽيريا جي جينوم ۾ محفوظ هجي. جيڪڏهن اها تصوير وائرس جي ڊي اين اي سان ٺهڪي اچي، تہ انکي اهو جلدي سڃاڻي وڃي ٿو تہ هي  حملو ڪندڙ آهي.
ٻيو حصو: مارڻ وارو پروٽين، جيڪو Cas9 آهي. ڳولڻ وارو ۽ مارڻ وارو گڏجي ڪم ڪن ٿا. هي پروٽين رڳو تڏهن حملو ڪري ٿو جڏهن سڃاڻپ ٿي وڃي. جاسوس ۽ قاتل جي هيءَ ٽيم بيڪٽيريا جو دفاع ڪندي آهي.
ايمانوئل شارپينٽيئر، هڪ بيڪٽيريلوجسٽ، 2011ع ۾ مائڪروبائيولوجي جي ڪانفرنس ۾ جينيفر ڊاوڊنا سان ملي. ٻنهي جي دلچسپي بيڪٽيريا جي دفاعي نظام ۾ هئي. انهن گڏجي ان تي ڪم شروع ڪيو. 2012ع ۾ انهن کي احساس ٿيو تہ هي سسٽم پروگرام ٿي سگهي ٿو. بيڪٽيريا وٽ وائرس جي تصوير هوندي آهي، جيڪڏهن اها تصوير بدلجي وڃي تہ پوءِ ڪنهن بہ ٻئي جينوم کي ڪٽي سگهجي ٿو، لازمي ناهي تہ اهو وائرس جو ئي هجي. صحيح جڳھ تان جين کي ڳولي ڪٽي سگهجي ٿو.
جين ۾ پنهنجي مرضي جي جڳھ تي ڪٽ؟ اهو تہ ڪنهن بہ جينياتي ماهر جو خواب هوندو آهي. ميوٽيشن ڦير گهير ھميشہ بي ترتيب ٿيندي آهي. توهان ايڪسري يا ڪاسمڪ ري کي نٿا چئي سگهو تہ ”سِسٽڪ فائبروسس“ واري جين ۾ تبديلي آڻي. پر ڊاوڊنا ۽ شارپينٽيئر اهو طريقو دريافت ڪري ورتو هو، پنهنجي مرضي جي جڳھ تان جين کي ڪٽڻ جو.
هي سسٽم اڳتي بہ وڌائي سگهجي ٿو. جڏهن ڪو جين ڪٽجي ٿو تہ ڊي اين اي جا ڇيڙا کلي وڃن ٿا، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ڌاڳو ڪٽجي. ان جو مطلب آهي تہ جين کي مرمت ڪرڻي آهي تہ جيئن معلومات ضايع نہ ٿئي. جينوم پنهنجي معلومات کي بچائڻ ۾ گھڻو حساس هوندو آهي. عام طور تي، جين پنهنجي بیڪ اپ ڪاپي مان مرمت ڪري ٿو. پر جيڪڏهن انهي وقت سيل ۾ گهڻو سڄاڻا ٻاهرين ڊي اين اي داخل ڪيو وڃي تہ جين غلطيءَ سان انهيءَ کي ڪاپي ڪري ڇيڙي کي بند ڪري ڇڏيندو، ۽ اهڙيءَ طرح، ڌوڪي سان پنهنجي مرضي جو ڊي اين اي سيل جو مستقل حصو بڻجي ويندو. ڄڻ ڪنهن ڪتاب مان هڪ حصو مٽائي پنهنجي مرضي جو مضمون لکي ڇڏيو وڃي.

مائڪروب جي ان دفاعي نظام تي هڪ پيپر 2012ع ۾ ”سائنس“ ميگزين ۾ پڌرو ٿيو، جنهن فوري طور بائيولاجي جي ماهرن جي ڌيان کي ڇڪي ورتو. ٽن سالن کانپوءِ ٻنهي کي نوبل انعام مليو، ۽ ان تي ٿيندڙ ڪم هاڻي گھڻو اڳتي وڌي چڪو آهي.
جهڙي ريت 1939ع ۾ آئن اسٽائن پرنسٽن يونيورسٽي ۾ ويهي سوچيو تہ ايٽمي بم ٺاهڻ لاءِ سڀ جزا موجود آهن يورينيم کي ڌار ڪرڻ، نيوڪليئر فِشن، چين ريئڪشن، ان کي ڪنٽرول ڪرڻ، رڳو صحيح ترتيب ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. 1972ع ۾ اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ پال برگ پاڻ کي اهڙي موڙ تي ڏٺو - جين ڪٽڻ، مختلف جاندارن جا جين گڏ ڪرڻ، ۽ پوءِ انهن کي واپس بيڪٽيريا يا زمين تي هلندڙ ۾ داخل ڪرڻ. رڳو صحيح ترتيب ڏيڻ جي ضرورت هئي، ۽ هن بايو ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو.
ڊاوڊنا ۽ شارپينٽيئر جو پيپر بہ اهڙي تاريخي لمحي وانگر هو انساني اسٽيم سيل حاصل ڪرڻ (جيڪي اسپرم ۽ بيضو ٺاهڻ جي صلاحيت رکندا آهن)، صحيح جڳھ تي ڀروسي واري طريقي سان جيني تبديلي آڻڻ، تبديل ٿيل اسٽيم سيل مان اسپرم ۽ بيضو ٺاهڻ، ۽ پوءِ انهن کي ٽيسٽ ٽيوب وسيلي گڏ ڪري انسان پيدا ڪرڻ. اهڙيءَ طرح، توهان وٽ جيني طور تبديل ٿيل انسان اچي ويندو.
هتي ڪو جادو ناهي، هي سڀ ٽيڪنالاجي آهي. هر وک تي سخت قانون ۽ پابنديون آهن. پهريون اهڙو تجربو 2015ع ۾ چين جي سن ياٽ سن يونيورسٽي ۾ ڪيو ويو. اهو ناڪام ٿيو، پر ان تي اهڙو منفي ردعمل آيو جو ”نيچر“، ”سيل“ ۽ ”سائنس“ جهڙن وڏن جريدن نتيجا ڇاپڻ کان انڪار ڪيو، ڇو تہ ان ۾ حفاظت ۽ اخلاقي اصولن جو خيال نہ رکيو ويو هو. (اهي نتيجا هڪ غير مشهور آن لائين جرنل ۾ پڌرا ٿيا.) پهرين ڪامياب ڪوشش جو اعلان 2018ع ۾ چين مان ٿيو.
هاڻي ڪنهن کي اهو شڪ ناهي تہ جينياتي طور تبديل ٿيل انسان ٺاهڻ جي ٽيڪنالاجي تيار نہ آهي. هاڻي سوال اخلاقي، سياسي، سماجي ۽ قانوني آهن. سوال ذميواري جا آهن.
هلندڙ... 
جين سان سڌارو؟ - جين (29)
https://www.facebook.com/share/p/15xTnHJ9dJ/

جين سان سڌارو؟ - جين (29)


جين سان سڌارو؟ - جين (29)

”دريا خان سنڌي” 
ويھين صدي جي آخر ۾ 5HTTLRP نالي هڪ جين تي هڪ اڀياس ٿيو. هي جين اهڙو ماليڪيول ٺاهي ٿي جيڪو ڪجھ اهم نيورونز جي وچ ۾ سگنلنگ کي قابو ڪري ٿو، ۽ ان جو واسطو ذهني دٻاءُ (اسٽريس) جي ردعمل سان آهي. هي جين ٻن قسمن ۾ ملي ٿي: ننڍڙي (شارٽ) ۽ ڊگهي (لانگ) قسم. لڳ ڀڳ چاليھ سيڪڙو آبادي ۾ ان جو ننڍڙو قسم موجود آهي، جنهن جي ڪري جسم ۾ هي پروٽين گهٽ ڀاڳيواري پيدا ٿئي ٿو. جن ماڻهن وٽ هي ننڍڙو قسم هوندو آهي، انهن ۾ ڊپريشن، لت (نشو)، بيچيني، ٽراما، ۽ خطري وارن روين جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي، ۽ خودڪشي جو خطرو بہ وڌيل هوندو آهي. 2010ع ۾ آمريڪا جي رياست جارجيا جي هڪ گھڻي غريب علائقي ۾، جيڪو غربت، ڏوهن، نشي ۽ تعليم جي کوٽ جي ڪري مشهور هو، “پراجڪٽ ساف” جي نالي سان هڪ اڀياس ڪيو ويو، ڇھ سئو خاندانن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو، هڪ گروپ لاءِ ست هفتن تائين آگاهي ڪائونسلنگ، ۽ نشو ڇڏائڻ لاءِ سماجي پروگرام ڪيا ويا، ٻيو گروپ قابو ڪرڻ وارو گروپ هو سڀني جي جين جو ميلاپ ڪيو ويو
پهريون نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو اڳواٽ اندازو هو، جن ٻارن وٽ ننڍڙو قسم هو، انهن ۾ هاءِ رسڪ رويا (شراب نوشي، منشيات جو استعمال وغيرھ) ٻيڻا گھڻا هئا، هي اڳئين اڀياسن جي سڃاڻپ هئي، پر ٻيو نتيجو اهم هو جن تي ست هفتن واري پروگرام جو سڀ کان وڌيڪ اثر ٿيو، اهي ساڳيا ماڻهو هئا جن وٽ ننڍڙو قسم موجود هو. 
هي تجربو وري هڪ ٻئي اڀياس ۾ بہ ڪيو ويو، جيڪو يتيم ٻارن تي ڪيو ويو، ۽ نتيجو ساڳيو آيو، جيڪي ماڻهو سڀ کان وڌيڪ ڪاج ٿيندا هئا، اهي ئي سماجي پروگرام مان سڀ کان وڌيڪ فائدو وٺندا هئا، ٻنهي اڀياسن مان لڳي ٿو تہ ننڍڙو قسم هڪ نفسياتي حساسيت وارو “اسٽريس سينسر” بڻائي ٿو، جنهن جو مالڪ ماحول مان جلدي اثر وٺي ٿو، ڀلي اهو اثر مثبت هجي يا منفي، جيڪي ماڻهو حساس هوندا آهن، انهن تي آسانيءَ سان اثرانداز ٿي سگهجي ٿو. 

لچڪ (ريزِلئنس) جي بُنياد بہ جينيٽڪ آهي، ڪي ماڻهو ڏکيائيون برداشت ڪرڻ جي گھڻي صلاحيت رکندا آهن، پر انهن تي مداخلت جو اثر گهٽ پوندو آهي، جڏهن تہ جيڪي حساس آهن، اهي ماحول موجب جلدي بدلجي ويندا آهن۔لچڪ واري جين جو تصور هاڻي سوشيل انجنيئرنگ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، 2014ع ۾ نفسيات دان (جي بلسڪي) لکي ٿو:
“سماجي پروگرام وٽ گھڻا محدود وسيلا هوندا آهن، ڇا اسان کي اهي ٻار نشانو نہ ڪرڻ گهرجن جن لاءِ اهي پروگرام وڌيڪ فائديمند هجن؟ منهنجي لاءِ تہ جواب ها ۾ آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجا سماجي پروگرام وڌيڪ اثرائتا ڪرڻ چاهيون ٿا، ۽ وڌ کان وڌ ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا، تہ صحيح چونڊ ڪرڻي پوندي، انهن ننڍڙن گلن جي حفاظت ڪرڻي پوندي جن کي وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي۔”
جي بلسڪي جو خيال سٺو آهي ۽ ان جي مدد سان اثرائتا پروگرام تيار ڪري سگهجن ٿا۔ ان تي عمل ڪري وڌيڪ ٻارن جي مدد ٿي سگهجي ٿي، ننڍڙا گل بچائي سگهجن ٿا، پر سوال آهي، ان جو مطلب ڇا ٿيندو؟ ٻارن جي جينوٽائپنگ؟ جين جي بنياد تي روين ۾ فرق ڪرڻ؟ ۽ جينوٽائپ جي بنياد تي سماجي انجنيئرنگ؟ جيڪڏهن اسان جين جي مدد سان حساس ماڻهن کي سڃاڻي سگهون ٿا، تہ ڇا اسان ڏوهن، تشدد يا ٻين روين جي رجحانن کي بہ سڃاڻي سگهنداسين؟ يوني پولر ڊپريشن ۽ بائي پولر شخصيت کي؟ پوءِ اخلاقي مثلث ۾ “غيرمعمولي تڪليف” جي تعريف ڇا هوندي؟ ۽ ڪهڙي مداخلت صحيح هوندي؟
۽ سڀ کان وڏو سوال، “نارمل” ڇا آهي؟ ڇا پيءُ ماءُ نارمل جي چونڊ ڪري سگهندا؟ ۽ پوءِ، نفسيات جي “هايزنبرگ اصول” وانگر، مداخلت نارمل جي تعريف جي حد کي گهٽائيندي ويندي؟ ان جو مطلب ڇا ٿيندو؟
اسان جي نظر بچائڻ واري اوجهل هڪ حقيقت آهي، اسان پنهنجي جهڙوڪ جينز کي ترجيح ڏيون ٿا، جيڪي اسان جهڙا نہ هوندا، انهن سان وڙهندا آهيون، گروهي ورهاست ڪندا آهيون: “گورا اهڙا آهن، ڪارا اهڙا آهن، پٺاڻ اهڙا آهن، پنجابي اهڙا آهن، اسان جا اباڻا انهن کان سٺا آهن، دنيا ۾ اسان جهڙو ڪو ناهي” هي ئي قوم پرستي، نسل پرستي آهي “هو ننڍي قد وارو آهي، هن جون اکيون ننڍيون آهن، ڪيترو شرميلو آهي، گھڻو ڪاوڙ وارو آهي، هو تہ ديوانو آهي” اسان سڀ ۾ فرق گھڻو گهٽ آهي، پر اسان ٻين کي انهن ٿورڙي فرقن جي نظر سان ڏسون ٿا، اسان “ايبنارمل” جي تعريف “نارمل” سان ڪندا آهيون، ۽ ايبنارمل کي ڄاڻڻ نارمل جي تعريف کي وڌيڪ تنگ ڪري ٿو. 
ظاهر تي ئي نہ، مزاج، خيال، ۽ سوچ ۾ قسم برداشت ڪرڻ اسان لاءِ سولو ناهي، گروهي ورهاست ۽ قبائليت اسان جي فطرت ۾ گهري ويٺي آهي.
گذريل صدي جي تاريخ اسان کي جينيٽڪ فٽنيس جي جانچ ڪرڻ جي خطرن جو سبق ڏئي چڪي آهي، اسان طئي ڪندا آهيون تہ ڪير اسان جي مثلث ۾ فٽ ٿئي ٿو ۽ ڪير ٻاهر آهي، هاڻي ايندڙ سوال آهي جيڪڏهن اها چونڊ فرد جي هٿ ۾ اچي وڃي تہ ڇا ٿيندو؟ خوفناڪ بيمارين ۽ معذورين جو خاتمو، فردي ۽ اجتماعي خواهشون، ۽ پس منظر ۾ ٽيون وڏو خاموش ڪردار اسان جون جينز هونديون، جيڪي پاڻ اسان جي خواهشن کي ڪنٽرول ڪن ٿيون. 
جڏهن جيمس واٽسن کان پڇيو ويو تہ جڏهن اسان جينوم پڙهي سگهنداسين ۽ ان ۾ ترميم ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين تہ ڇا ٿيندو، تہ ان چيو:
“مون کي اميد آهي تہ اسان ٿورو سٺو انسان بڻجي وينداسين”۔

هاڻي اسان جينوم پڙهي ورتو آهي، اڳڪٿي جي بنياد تي چونڊ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جين ٿراپي جو استعمال نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪيو ويو هو، ۽ هاڻي ان ٽيڪنالاجي جون ايندڙ ٻہ جنريشنون اچي ويون آهن، هاڻي انساني جرم لائن ۾ ايڊٽنگ ڪري صحيح ترميم ڪرڻ جي ٽيڪنالاجي بہ موجود آهي
هن ترقيءَ ۾ هڪ اهم موڙ کير ۽ ڏهي ٺاهيندڙ اداري ۾ ڪم ڪندڙ محققن جي ايڪويهين صديءَ جي هڪ اهم دريافت هئي، اهي هٿيار جيڪي جراثيم پاڻ ۾ جنگين دوران استعمال ڪندا آهن. 
هلندڙ... 
جين جي چونڊ  - جين (28)

https://www.facebook.com/share/p/1Fta65rE2j/ 

جين جي چونڊ - جين (28)


جين جي چونڊ  - جين (28)

”دريا خان سنڌي“
اپريل 1990ع ۾ هڪ نئين ٽيڪنڪ جو اعلان جينيات جي سائنس ۾ هڪ ڌماڪيدار ڏيک جيان هو. هي ٽيڪنالاجي پيٽ ٿيڻ کان اڳ ئي جينياتي سڃاڻپ ڪرڻ جي هئي. جڏهن ٽيسٽ ٽيوب وسيلي ٻار جي پيداواري ڪئي ويندي آهي تہ ان جو ايمبريو عام طور تي ڪجھ ڏينهن لاءِ انڪيوبيٽر ۾ رکيو ويندو آهي، پوءِ ماءُ جي جسم ۾ ڇڏيو ويندو آهي. هي طريقو غيرمتنازعو آهي، ڪو بہ ان کي ماڻي سگهي ٿو ۽ سڄي دنيا ۾ رائج آهي. گذريل چاليھ سالن ۾ سڄي دنيا ۾ اٺ لک کان وڌيڪ ٻار ان طريقي سان ڄاوا آهن.
ڇا انهن ڏينهن جي وچ ۾ ان جو جينياتي ٽيسٽ ٿي سگهي ٿو؟
هي ٽيڪنالاجي انساني ايمبريالاجي جي هڪ حيرت انگيز مظاهري کي استعمال ڪري ٿي. هڪ خليو ورهائجي ٿو، ٽن ڏينهن ۾ اٺ خليا، پوءِ سورهن. حيرت جي ڳالھ آهي تہ جيڪڏهن ان مان ڪو خليو ڪڍي بہ ڇڏجي تہ باقي خليا وري ورهائجي ان جاءِ کي ڀري ڇڏين ٿا ۽ جيئن ڪجھ بہ نہ ٿيو هجي، سادي نموني وڌندا رهن ٿا. پنهنجي تاريخ جي شروعاتي حصي ۾ اسان ائين هوندا آهيون جيئن ڪرڙي جو پڇ، جيڪڏهن ان جو چوٿون حصو بہ ڪٽي ڇڏجي تہ اهو وري صحيح ٿي وڃي ٿو.
ان شروعاتي مرحلي ۾ هي مظاهرو ايمبريو جي بائيوپسي ممڪن بڻائي ٿو. ان مان ڪجھ خليا ڪڍي، انهن جو جينياتي ٽيسٽ پڻ ڪري سگهجي ٿو. ٽيسٽ پورو ٿيڻ کان پوءِ فيصلو ٿي سگهي ٿو تہ اهو ايمبريو ماءُ جي جسم ۾ داخل ڪيو وڃي يا نہ.
برطانيہ ۾ ٻہ جوڙا پهريون ڀيرو ان طريقي کي استعمال ڪيو. هڪ جي خاندان ۾ گھڻي دماغي ڪمزوريءَ جي تاريخ هئي، ٻئي ۾ هڪ دفاعي اميونالاجيڪل سنڊروم جي. ٻئي لاعلاج بيماريون هيون، جيڪي خالي ڇوڪرن ۾ ظاهر ٿي سگهنديون هيون. انهن کي ڇوڪريءَ جي چونڊ ڪرڻي هئي تہ جيئن صحت مند ٻار ڄمن. ٻنھي جوڙن هي طريقو چونڊ ڪيو ۽ ٻنهي وٽ جڙوا ڇوڪريون ڄايون، جيڪي صحتمند هيون.
ان جا اخلاقي اثر ايترا حيران ڪندڙ هئا جو ٿوري ئي عرصي ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن طريقي تي پابنديون لڳي ويون. اهڙو ڪرڻ وارا ملڪ سڀ کان پهرين جرمني ۽ آسٽريا هئا، جيڪي ويهين صديءَ ۾ جين جي نالي تي قتل عام جو ڪارو دور ڏسي چڪا هئا. منفي يو جينيڪس جو منصوبو انساني تاريخ جو هڪ شرمناڪ باب آهي، جيڪو اسان کي رُڪائي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. پر نازي جرمني کان بہ وڏا زخم ٻئي هنڌ بہ نظر اچن ٿا. يو جينيڪس لاءِ ڪنهن ظالم آمر جي ضرورت ناهي، انڊيا ۽ چين ۾ هڪ ڪروڙ ڇوڪريون گم آهن، جيڪي جواني تائين پهتيون ئي نہ. ننڍي عمر ۾ ئي قتل، پيٽ ٿيل ڪيرائڻ، ڇوڪريءَ سان لاپرواهي جيڪا بہ هجي، حقيقت اها آهي تہ قدرت تہ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي نسبت ۾ ڪا فرق نٿي رکي، پر جيڪڏهن آزاد شهرين کي پنهنجي مرضي تي ڇڏي ڏجي تہ اهي بدترين يو جينيڪس پاڻ ڪري سگهن ٿا. ۽ جيڪڏهن چونڊ جي ٽيڪنالاجي ملي وڃي؟
هن وقت هي طريقو ڪيترين ئي مونو جينيٽڪ بيمارين لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي، اهڙيون بيماريون جيڪي هڪ جين جي ڪري ٿين ۽ جن جو ٿيڻ لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو پڪ هجي. پر اهڙي ڪا ٽيڪنيڪل روڪ ناهي تہ ان جو دائرو وڌائي نہ سگهجي. پيداواري کان اڳ، پيٽ ٿيڻ کان بہ اڳ، اسان جينياتي ڄاڻ حاصل ڪري سگهون. ۽ جيڪڏهن ڄاڻي وٺون تہ پوءِ فيصلو ڪهڙي بنياد تي ۽ ڪيئن ڪنداسين؟
ڪڏهن نہ ڪڏهن، مرضي هجي يا نہ هجي، اسان کي جين مينيجمينٽ جي دنيا ۾ گهليو ويندو. ۽ اتي سوال ۽ چونڊ ڪرڻ سولا نہ هوندا. اڃا تائين ٽن اڻ لکيل اصولن جينياتي سڃاڻپ ۽ فيصلن ۾ رهنمائي ڪندا آيا آهن
 پھريون: جينياتي تبديليءَ جي ڪري بيماري ٿيڻ جو امڪان لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو هجي، جهڙوڪ ڊائون سنڊروم يا سسٽڪ فائبروسس. ٻيون: ان سان ٿيندڙ بيماريءَ جي تڪليف غيرمعمولي هجي. جيڪو طريقو اپنايو وڃي، اهو قبوليت جوڳيو هجي. ٽيون: معذور ٻار کي ڄمڻ کانپوءِ گهٽو ڏئي ڪري مارڻ قبول نہ ڪيو ويندو، پر سيني جي ڪينسر واري جين جي خبر پوڻ کانپوءِ دوا يا سرجري تي ڪنهن کي بہ اختلاف ناهي.
ٽڪنڊي جون هي ٽي ليڪون اخلاقي حدون آهن، جيڪي ڪو بہ ڪلچر ٽوڙڻ لاءِ تيار نہ هوندو. مستقبل ۾ ڪينسر ٿيڻ جو خالي 10 سيڪڙو امڪان هئڻ تي ايمبريو ختم ڪرڻ يا رياست پاران جينياتي ٽيسٽ جي نتيجي ۾ ڪنهن ميڊيڪل عمل لاءِ ماڻهن کي مجبور ڪرڻ، انهن حدن کي ٽوڙڻ جون مثالون آهن، جن تي هر ڪو راضي ٿي سگهي ٿو.
هن حدن جي ٽڪنڊي واري مثال هڪ سٺي رهنمائي ٿي سگهجي ٿو، وڌيڪ پينيٽرنس واريون جينون، غيرمعمولي تڪليف، ۽ جبر کان سواءِ مڃڻ وارو حل. پر "ٿورڙي تڪليف" ڇا آهي؟ نارمل ۽ اڻنارمل جي حد ڪهڙي آهي؟ ڪهڙو طريقو ڪهڙي حالت ۾ قبولڻ جوڳو آهي؟ ياد رهي تہ اهي پٿر جون ليڪون نہ آهن.
هلندڙ... 
شيزوفرينيا  - جين (27)

https://www.facebook.com/share/p/18mxUGPJT1/ 

شيزوفرينيا - جين (27)


شيزوفرينيا  - جين (27)

”دريا خان سنڌي“
اندران آوازون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ايئن لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن شيءِ جو حڪم ڏنو پيو وڃي. ڪڏهن ڪجھ نظر اچي ٿو تہ ڪڏهن وري اوچتو گم ٿي وڃي ٿو. معلومات کي ترتيب ڏيڻ جي صلاحيت آهستي آهستي ختم ٿيڻ لڳي ٿي. ڪم ڪرڻ جي سگھ وڃائجي ۽ ويهجي وڃي ٿي. سوچڻ جو عمل ٽٽي پوي ٿو. ذهن ڄڻ تہ بار جو ڍير بڻجي وڃي ٿو. نوان لفظ، خوف ۽ پريشانين جا طوفان جنم وٺن ٿا.
شيزوفرينيا جنهن کي اڳئي "ايڊوانس سطح جو چريائپ پن" يعني ڊيمنشيا پريڪوڪس چيو ويندو هو، اها هڪ خطرناڪ ذهني بيماري آهي. ٻين جيني بيمارين وانگر، هي بہ اهڙو مرض آهي جيڪو ڪجھ خاندانن ۾ عام ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جڏهن تہ ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ماڻهن ۾ بہ ظاهر ٿئي ٿو جن جي خاندان ۾ ان جي ڪا بہ تاريخ ناهي هوندي. جينياتي ماهر اهڙي ڏانچي مان معنيٰ ڪڍڻ جي ڪوشش تہ ڪندا رهيا، پر ان جو واضح ماڊل تيار نہ ڪري سگهيا. آخر ڇو؟ ڇو تہ اها ساڳي بيماري ڪڏهن خاندانن تائين محدود رهي ٿي تہ ڪڏهن خاندان کان ٻاهر بہ ڏسڻ ۾ اچي ٿي؟
جڙوائن تي ٿيندڙ مطالعي مان پهريون ثبوت، جيڪڏهن ڪنهن جو آئيڊنٽيڪل ٽوئن (ساڳين جينس وارو جڙوا ڀاءُ يا ڀيڻ) شيزوفرينيا ۾ ورتل آهي تہ ٻئي جڙوا کي بہ ان بيماري جو خطرو 30 کان 50 سيڪڙو تائين آهي. جڏهن تہ فرٽرنل ٽوئن (مختلف جينس وارا جڙوا) لاءِ اهو خطرو 10 کان 20 سيڪڙو تائين آهي. جيڪڏهن ان تعريف ۾ شيزوفرينيا سان لاڳاپيل هلڪي نوعيت وارا ڊس آرڊر شامل ڪجن تہ آئيڊنٽيڪل جڙوائن لاءِ اهو خطرو 80 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿو.
جينياتي واسطي جا ايترا واضح ثبوت هئڻ باوجود، 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪن ۾ نفسيات جا ماهر ان جي ذميواري جنسي فرسٽريشن ۽ ڌڪ هڻندڙن مائرن تي وجھندا رهيا. مشهور نفسياتدان سلوانو آريٽي 1974ع ۾ چيو تہ:
 "اها بيماري ان ماءُ جي ڪري ٿئي ٿي جيڪا ٻارن کي ٽوڪيندي رهي ٿي ۽ سندن تڏهن شخصيت ٺهي نہ ٿي سگهي."
اُن نظرئي جي پويان ڪوبہ سائنسي ثبوت نہ هيو، پر ان جي باوجود سندس ڪتاب ان وقت جي ماحول ۾ مشھور ٿي ۽ نيشنل بڪ ايوارڊ جهڙا انعام بہ ماڻيا. جينيات جي مطالعي سان سائنس جو چريائپ پن ختم ٿيڻ لڳو، انسان جي جينياتي تحقيق شيزوفرينيا ۽ بائي پولر ڊس آرڊر وانگر ذهني بيمارين جي بنيادي سببن تي روشني وجهي رهي هئي. سوال اهو هو تہ، ڪهڙا جين؟ ۽ ڪٿي آهن اهي جين؟ ويهين صدي جي آخر تائين ڊي اين اي ترتيب ڪرڻ جا نوان طريقا اچي چڪا هئا، جن کي Next Generation Sequencing (NGS) ترتيب چيو ويندو هو. ان طريقي سان ڊي اين اي کي ننڍن ٽڪڙن ۾ ورهائي، انهن کي الڳ الڳ ترتيب ڪري، ڪمپيوٽر جي مدد سان وري هڪ گڏيل تصوير بڻائي سگهجي پئي. هي طريقو سڄي جينوم يا رڳو پروٽين ٺاهڻ وارن جينس جي پڙهائي لاءِ استعمال ٿيندو هو.
جيڪڏهن ڪنهن خاندان ۾ رڳو هڪ ئي فرد کي بيماري آهي، ته پوءِ مٽا سٽا ٿيل جين (ميٽيندڙ جين) سڃاڻڻ ڏکيو نہ آهي. انهن رشتيدارن جي مقابلي ۾، جن کي اها بيماري ناهي، مريض جي ڊي اين اي ۾ مخالفت ڪندڙ نظر اچي ٿي. 2013ع جي اهم جانچ ۾ 623 اهڙن نوجوانن جي ڊيٽا گڏ ڪئي وئي، جن کي شيزوفرينيا تہ هئي، پر انهن جي پيءُ ماءُ يا ڀيڻ ڀائرن مان ڪنهن کي بہ اها بيماري نہ هئي. انهن مان ڪجھ نمونا سامهون اچڻ لڳا.
سراسري طور، هر ٻار ۾ هڪ اهڙي ڦير گهير هئي جيڪا پيءُ ماءُ ۾ نہ هئي. انهن مان اسي سيڪڙو ڦيرگھير پيءُ پاران آندل حصن ۾ هيون. اهو ظاهر ڪري ٿو تہ ڦيرگهير جي وڏي ذميواري پيءُ جي عمر تي هئي، وڌيڪ عمر وارن پيءُ ماءُ مان اهڙا جين منتقل ٿيڻ جو امڪان وڌيڪ هو. اها ڦير گهيري بي ترتيبي سان ورهايل هيون، پر گهڻيون انهن جينس ۾ هيون جيڪي نيورونن جي وچ وارن رابطن تي اثر وجھن ٿيون. ڪيترا جين اهڙا بہ هئا جيڪي اڳ ۾ آٽزم يا بائي پولر ڊس آرڊر سان لاڳاپيل ملي چڪا هئا.
خاندانن ۾ هلندڙ شيزوفرينيا  وڌيڪ ڳجهائن وارو رستو جيڪو ڪيس خاندانن تائين محدود آهن، انهن جي جانچ وڌيڪ ڏکي هئي. اڳئين حالت ۾ تہ اسان کي "ڀوهن" مان سوئي ڳولڻي هئي، پر هتي "ڀوهن" ۾ ئي ڀوھ ڳولڻو هو.اتي سائنسدانن کي ان خاص حصي جي ڳولا ڪرڻي هئي، جيڪو وري وري هڪ ئي خاندان ۾ ظاهر ٿي رهيو هو. ان لاءِ نوان جينياتي طريقا ملائي ڪري استعمال ڪيا ويا. اڄ تائين جي تحقيق مان خبر پئي آهي تہ گهٽ ۾ گهٽ 108 اهڙا جيني علائقا آهن، جن جو شيزوفرينيا سان لاڳاپو آهي. انهن مان ڪجھ جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.
هڪئي جين ڪم جو ناهي، شيزوفرينيا لاءِ ڪا بہ واحد جين ناهي جيڪا اڪيلي ان بيماري جو سبب بڻجي سگهي. مثال طور، ڇاتي جي ڪينسر لاءِ هڪ جين آهي جنهن سان 70-80 سيڪڙو امڪانن جو پتو پوي ٿو، پر شيزوفرينيا لاءِ ڳالھ الڳ آهي هتي ڳالھ آهي تہ ڪيترائي ننڍڙا، عام، ۽ جينوم ۾ وکريل قسمون گڏ ٿي، انهي بيماري جو خطرو پيدا ڪن ٿا.
شيزوفرينيا هڪ وراثت ذريعي اڳتي وڌندڙ بيماري آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي جينس ۾ اها خاص ملاپ موجود آهي تہ بيماري ٿيڻ جو امڪان وڌي وڃي ٿو. جڙوائن جي مطالعي مان پتو پئي ٿو تہ اهو امڪان پنجاھ سيڪڙو تائين بہ ٿي سگهجي ٿو. پر ٻي پاسي، اها بيماري سولائي سان اڳئي نسل تائين وڌي نٿي. ڇو تہ پيءُ ۽ ماءُ جي جينس جو ملاپ انهي خاص ترتيب کي اڳتي وڃڻ کان روڪي سگهي ٿو.
جيڪڏهن ڪنهن خاندان ۾ جين جي تبديلي گهٽ هجي، تہ وري انجي ورجائي جو امڪان وڌي وڃي ٿو.جيڪڏهن شيزوفرينيا لاءِ جينياتي سچائپ جو ٽيسٽ ٺاهڻو پوي؟. ان لاءِ سڀني جينس جو مڪمل ڪتبخانو ٺاهڻو پوندو. خالي اهو گهڻو نہ هوندو، ڇو تہ ڪيترن جينس جي گڏيل ميلاپ بيماري پيدا ڪندي آهي. اسان کي سڀني ممڪن ميلاپن جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي. پینیٽرینس ۽ فینوٹائپ وڌيڪ ڳجهائي آهي ان جو مسئلو خالي جين سڃاڻڻ جو نہ آهي، پر پينيٽرينس جو آهي، يعني اها جين هجي بہ تہ اهو لازمي نہ آهي تہ بيماري ظاهر بہ ٿئي. ۽ جيڪڏهن ظاهر ٿئي بہ تہ، ان جي گھڻائي مختلف ٿي سگهي ٿي.
هڪ ئي جين ڪنهن هڪ ۾ شيزوفرينيا، ٻئي ۾ بائي پولر، ۽ ٽئين ۾ هلڪي نوعيت جو هائيپو مينيا پيدا ڪري سگهي ٿو. ڪن قسمن کي trigger ٽرگر جي بہ ضرورت هوندي آهي، ڪا ٻاهرين شيءِ جيڪا بيماري کي ظاهر ڪري. پر سڀ کان اهم سوال؟ جنهن سوال سڄي بحث کي وڏي پيماني تي اخلاقيات سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، چريائپ پن يا غيرمعمولي تخليقيت؟ ريڊفيلڊ جيميسن تاريخ جي اهڙن ماڻهن جي لسٽ ٺاهي جن ۾ ذهني بيماريون هيون، پر انهن دنيا کي غيرمعمولي فن، سائنس، يا موسيقي ڏني، جيئن بائرن، وين گو، ورجينيا وولف، جان نيش، نيوٽن، موزارٽ، بيٿوون، رابن وليمز وغيرھ. هينس ايسپرجر آٽزم وارن ٻارن کي "ننڍا پروفيسر" چيو، معاشرتي طور ڌار، پر ذهني طور تي اعليٰ قابليت وارا. جان نيش ڪير هئا؟ نوبل انعام ماڻيندڙ رياضي دان؟ يا شيزوفرينيا جو مريض؟ جڏهن اسان فِينَوٽائپ (ظاهر ٿيل انسان) کي نٿا ڌار ڪري سگهون تہ جين کي ڪيئن ڌار ڪنداسين؟ جيڪي جينون بيماري جو سبب بڻجن ٿيون، اهي ئي جينون ڪنهن ٻئي ۾ اعليٰ تخليقيت جو سرچشمو بہ بڻجن ٿيون.
جيئن ايڊورڊ ميچ چيو
 "منهنجون تڪليفون مون ۽ منهنجي فن جو حصو آهن. جيڪڏهن اهي هلي ويون تہ منهنجو آرٽ بہ ختم ٿي ويندو."
نتيجن هڪ اخلاقي سوال شيزوفرينيا ۽ بائي پولر جهڙيون بيماريون فرد ۽ سندس سنڀاليندڙن لاءِ وڏيون مصيبتون آهن. اسان مان ڪو بہ نہ گھرندو تہ پاڻ يا اسان جي پيارن مان ڪنهن کي اها تڪليف ملي. پر، جينياتي سڃاڻپ جي ترقي اسان کي اهڙي جاءِ تي آڻي بيهاريو آهي جتي غيريقيني، خطرو، ۽ چونڊ جا سوال سامهون آهن.اسان ڏکيائيون ختم ڪرڻ تہ گھرون ٿا، پر ڇا روشني ۽ اونداهيءَ جي وچ ۾ حد ڪڍي سگهجي ٿي؟ ڇا شام جي حد مقرر ڪري سگهجي ٿي جنهن صفت کي هڪ حالت ۾ بيماري چيو وڃي ٿو، سا ٻي حالت ۾ تخليقي عروج ٿي سگهي ٿي.زمين جي هڪ حصي ۾ اونڌائي ٻئي حصي ۾ صبحو جي روشني آهي.
ان ئي پس منظر ۾، آگسٽ 1990ع ۾ ڇپيندڙ نيچر ميگزين جي هڪ مقالي ۾ هڪ نئين ٽيڪنالاجيءَ جي پيدائش جو اعلان ٿيو، جنهن جينياتي سڃاڻپ بابت اخلاقي سوالن کي اڳي کان بہ وڌيڪ اڀاري ڇڏيو.
هلندڙ... 

جينياتي سڃاڻپ ڇاتيءَ جو ڪينسر - جين (26) https://www.facebook.com/share/p/1CM4DjpqNj/ 

جينياتي سڃاڻپ ڇاتيءَ جو ڪينسر - جين (26)


جينياتي سڃاڻپ ڇاتيءَ جو ڪينسر - جين (26)

”دريا خان سنڌي“
ڄاڻڻ کان اڳ اهو فيصلو ڪري وٺو تہ ڇا اوهان ان علم جو بار کڻي بہ سگھندا يا نہ؟ پڙهڻ ۽ لکڻ ميڊيڪل سائنس ۾ جين جا هي ٻہ پاسا حقيقتون آهن. جينز کي پڙهي مستقبل ۾ ٿيندڙ بيمارين جي اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي، ۽ جينز ۾ لکڻ  يعني انهن ۾ تبديلي ڪري انهن بيمارين کي روڪي بہ سگهجي ٿو. سري لنڪا جي آشي ڊي سلوا ۽ پوءِ سنٿيا ڪٽشال اهو پهريون ٻار هئو، جن کي ADA نالي موذي مرض جي علاج لاءِ جين ٿراپي جو تجربو ڪيو ويو. جينز ۾ تبديلي آڻي علاج ڪرڻ جي اها پهرين ڪوشش هئي.17 سيپٽمبر 1999ع تي جڏهن 18 ورهين جي جيسي گلسنگر جي جگر جي علاج جي ڪوشش کانپوءِ سندس فوتگي ٿي، ۽ ان کانپوءِ ان تجرباتي عمل جي جلدبازي ۽ لاپرواهيءَ جا تفصيل سامهون آيا، تہ جين ٿراپي جو هي خوبصورت خيال هڪ بدنما تجربو بڻجي ويو. ان سان ڪيترن ماڻهن جا ڪيريئر ختم ٿي ويا. ۽ هڪ ڏهاڪي تائين ان شعبي ۾ خاموشي ڇانيل رهي. ٻئي طرف، جينز کي "پڙهڻ" واري سائنس تيزيءَ سان اڳتي وڌندي رهي. اهو "جينيياتي سڃاڻپ“جو شعبو هو. ايڪويھ صدي جي شروعات ۾ جينيٽڪ ماهر نتنيون دريافتون ڪري رهيا هئا. ڳجهائي ۽ اسرار ڀرين بيمارين جا سبب ڳوليا پئي ويا، اهي بہ جن کي اڳ ۾ جين سان جوڙڻ ممڪن نہ سمجهيو ويندو هو. اهي دريافتون تہ سٺيون ۽ نيون ٽيڪنالاجيون پيدا ڪري سگهن ٿيون، پر ساڳئي وقت انن ماهرن جي اڳيان طب ۽ اخلاق جي تاريخ جي ڏکين سوالن کي پڻ روشن ڪري ڇڏيو. جيئن تہ جينيٽڪ ماهر ايرڪ ٽوپول چون ٿا:
"جينيياتي ٽيسٽ دراصل اخلاقي ٽيسٽ بہ آهن. جڏهن توهان مستقبل جي خطري جو ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪندا آهيو، تڏهن توهان پاڻ کان اهو سوال بہ پڇندا آهيو تہ : مان پنهنجي مستقبل لاءِ ڪهڙي قسم جو خطرو وٺڻ لاءِ تيار آهيان؟"
مسئلو ڇا آهي؟ اچو تہ ٽن مثالن سان سمجهيون. ڇاتيءَ جو ڪينسر ڇو ٿيندو آهي؟ 1978ع ۾ جڏهن ڪينسر انسٽيٽيوٽ ان بيماريءَ تي سروي ڪرائي، تڏهن ڪا واضح راءِ موجود نہ هئي. ڪينسر جي ماهرن مان ڪجھ جو خيال هو تہ اهو وائرس جي ڪري ٿيندو آهي، جيڪو مانع حمل گورين جي وڌندڙ استعمال سان سرگرم ٿيندو آهي.ڪجھ ماهرن ان لاءِ دٻاءُ (اسٽريس) ۽ کاڌ خوراڪ کي ذميوار قرار ڏيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ميري ڪلئير ڪنگ (Mary-Claire King) ان موضوع تي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳل هئي. 1988ع تائين هن ڪيترن ئي خاندانن جو ڊيٽا گڏ ڪيو، تجزيي مان اهو ظاهر ٿيو تہ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو واسطو جينيات سان آهي. پر سوال اهو هو تہ ڪهڙي جين سان؟ رياضيءَ واري ٽيڪنيڪ استعمال ڪندي ڪنگ 1988ع ۾ آخرڪار ان جين تائين پهچي وئي. اهو جين ڪروموسوم 17 سان  لاڳاپيل هو. ڇاتيءَ جي ڪينسر سان واسطو هجڻ ڪري ان جو نالو رکيو ويو BRCA1. هاڻي اهو جين الڳ ڪرڻو هو تہ جيئن ان جو تفصيلي مطالعو ڪري سگهون. پوليمريز چين رياڪشن" نالي ٽيڪنيڪ جي ذريعي ان جين جون لکين ڪاپيون ٽيسٽ ٽيوب ۾ تيار ڪيون ويون.ان جو مطالعو ممڪن ٿي ويو. 1994ع ۾ "Myriad Genetics" نالي ڪمپني ان جين کي الڳ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. 1996ع ۾ ان جو جينيٽڪ ٽيسٽ بہ تيار ٿي ويو. هن ٽيسٽ ذريعي اها سڃاڻپ ممڪن ٿي تہ ڇا ڪنهن عورت ۾ BRCA1 جين جي اهڙي تبديلي (ڦيرگهير) آهي، جيڪا ڇاتيءَ جي ڪينسر جو سبب بڻجي سگهجي ٿي؟
ٽيسٽ سادو آهي: عورت ڪنهن جينيٽڪ ڪائونسلر وٽ وڃي ٿي. جيڪڏهن سندس خانداني تاريخ کي ڏسندي ڪائونسلر ٽيسٽ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي، تہ سندس وات مان سيل وٺي ليبارٽري موڪليا ويندا. ليبارٽري PCR ذريعي ان جون ڪاپيون ٺاهي، جين جي ترتيب ذريعي نتيجو ٻڌائيندي. نتيجو ٽي قسم جا ٿي سگهن ٿا، "نارمل"، "ميئوٽيڊ"، يا "نامعلوم" (نامعلوم ان لاءِ، جو سڀني مييوٽيشنز کي واضح طور درجهبندي نہ ڪري سگهيو آهي).
اهو سڀ پڙهڻ سولو لڳو؟ هاڻي ايندڙ سوال، ڄاڻڻ کان پوءِ، ڇا ڪرڻو آهي؟ جن عورتن ۾ هي ميوٽيشن يعني ڦيرگهير موجود آهي، انهن ۾ زندگيءَ رهندي ڇاتيءَ جي ڪينسر ٿيڻ جو امڪان ستر کان اسي سيڪڙو تائين هوندو آهي.اهو مڪمل پڪ وارو نہ آهي، تنهن ڪري ان کي نامڪمل دخل چئبو آهي. پر اها ڄاڻ نہ ٿي ملي تہ ڪينسر ڪڏهن ٿيندو؟ ڪيئن ٿيندو؟ ڇا اهو 30 ورهين جي عمر ۾ ايترو جارحاڻو ٿيندو جو آپريشن بہ ممڪن نہ هوندو؟ يا 50 ورهين ۾، اهڙو، جيڪو ٿراپي سان ٺيڪ ٿي سگهي؟ يا وري 75 ورهين ۾ هلڪو سلگندو رهندڙ قسم؟ يا وري ڪڏهن بہ نہ ٿيندو؟ جيڪا عورت ان جي ڄاڻ حاصل ڪري ٿي، ان لاءِ اخلاقي سوال بہ پيدا ٿين ٿا: ڇا کيس پنهنجي ڀينرن کي بہ ٻڌائڻ گهرجي تہ هوءَ ٽيسٽ ڪرائين؟ ڇا کيس پنهنجي پڦي يا ويجھڙائيءَ رشتو رکندڙ سئوٽ کي بہ اطلاع ڏيڻ گهرجي؟ ۽ ان کان بہ وڏو مسئلو: علاج جو ڪهڙو رستو چونڊجي؟ آپريشن ڪرايو وڃي (مثال، ماسٽيڪٽومي) تہ جيئن خطرو گھڻو گهٽجي وڃي؟ يا انتظار ڪيو وڃي؟ يا باقاعدي اسڪريننگ ٽيسٽ ڪرايا وڃن؟ يا هارمونل دوا (جهڙوڪ Tamoxifen) وٺڻ شروع ڪجي، جيڪا ڪجھ قسمن جي ڪينسر جو خطرو گهٽائي ٿي؟ اهو سڀ ڪجھ ايترو پيچيدھ ڇو آهي؟ ان جو هڪ سبب BRCA1 جين جي حياتياتي فطرت آهي. هي جين هڪ اهڙو پروٽين پيدا ڪري ٿي، جيڪا ڊي اين اي جي مرمت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪنهن سيل ۾ ڊي اين اي جو تارو ٽُٽي پوي، تہ اهو گھڻو خطرناڪ هوندو آهي، زندگيءَ وڃائجي سگهي ٿي، جيڪا ان لاءِ بحران جي برابر هوندي. ان حالت ۾ BRCA1 پروٽين کي گھرايو ويندو آهي تہ جيئن اهو ٽٽل حصو مرمت ڪري. جيڪي ماڻهو BRCA1 جين جو صحيح نسخو نارمل رکندا آهن، انهن ۾ هي پروٽين ٻين درجنين مرمتي پروٽينز کي سڏ ڪري گڏ ڪري ڇڏيندي آهي، تہ جيئن انهي مهل ٽٽل جڳھ ٺيڪ ٿئي. پر جن ماڻهن ۾ هي جين ميوٽيشن يعني ڦيرگهير وارو آهي، انهن ۾ اها پروٽين صحيح طريقي سان ڪم ناهي ڪندي. ان نتيجي ۾ ڊي اين اي جي مرمت نہ ٿي سگهندي آهي. اڳين ڦيرگهير لاءِ زمين تيار ٿي ويندي آهي، جيئن باھ تي تيل هاريو وڃي. جيڪڏهن سيل اندر واڌ جي ڪنٽرول ۽ توانائيءَ جي نظامن تي بہ اثر پوي، تہ نتيجو ڇاتيءَ جي ڪينسر جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.
ڪينسر ٿيڻ لاءِ صرف هڪ ڌڳ نہ، پر ڪيترائي عمل گهربل هوندا آهن، ماحولياتي اثر، مثال طور: ايڪسري جيڪو ڊي اين اي کي نقصان پهچائڻ وارو ايجنٽ آهي، ان جي موجودگي ڦيرگهير جا انگ اکر وڌائي سگهي ٿي."چانس" جو ڪردار، ڇاڪاڻ تہ ڦيرگهير آزاد هوندي آهي ٻيون جينز جيڪي مرمت ۾ حصو وٺن ٿيون يا BRCA1 کي سگنل ڏين ٿيون اهي ان عمل تي اثرانداز ٿين ٿيون. ڇاتيءَ جي ڪينسر جي جيني ويئرئيشن جي سڃاڻپ مستقبل جي اڳڪٿي تہ ڪري ٿي، پر هي سسٽڪ فائبروسس يا هٽنگٽن بيماريءَ وانگر ناهي، جتي هڪ جين ئي مڪمل فيصلي جي طاقت رکي ٿي.BRCA1 جي ڦيرگهير جي ڄاڻ عورت جي زندگي بدلائي سگھي ٿي، پر اهو مستقبل اڃا بہ غير يقيني، اڻڄاتل ۽ ڏکيو آهي. ڪجھ عورتن لاءِ هي سڃاڻپ سندن زندگيءَ جو رخ بدلائيندڙ واقعو هوندي آهي، اهي جذباتي طور ڪمزور ٿي پونديون آهن. ڇا اهي عورتون ان ڄاڻ سان زندگي گذارڻ چاهينديون؟ اهڙي بيماريءَ جي موجودگيءَ سان، جيڪا اڃا لڳي ئي ناهي؟ تلوار جيان مٿي لٽڪندڙ خطري کي زندگيءَ جو حصو ڪيئن بڻائينديون؟ اهي سڀ سوال، ان ڄاڻ کان اڳ پڇجڻ وارا آهن.
"جينيياتي ٽيسٽ اخلاقي ٽيسٽ بہ آهن جڏهن توهان مستقبل جي خطري جو اندازو لڳائڻ جو فيصلو ڪندا آهيو، تڏهن پاڻ کان اهو بہ پڇڻو پوندو تہ، مان پنهنجي مستقبل لاءِ ڪهڙي قسم جو خطرو وٺڻ لاءِ تيار آهيان؟"هي مثال ان علم جو پهريون ڌڳ آهي.
هلندڙ...
بائيولوجي ۽ ٽيڪنالوجي - جين (25)

https://www.facebook.com/share/p/178b7xjyw8/ 

بائیولوجي ۽ ٽیڪنالوجي ۔ جین (25)


بائیولوجي ۽ ٽیڪنالوجي ۔ جین (25)
”دريا خان سنڌي“
هر جاندار پنهنجي زندگي هڪ گهرڙي کان شروع ڪندو آهي، جين ۽ ايپي جينيات جو تال ميل انکان جاندار بڻائي ڇڏيندو آهي، انسان ۾ فرٽيلائزيشن ٿي وڃڻ جي ڪجھ سيڪنڊ کانپوءِ ايمبريو ۾ پروٽين نيوڪلئِس تائين پهچي رهيا هوندا آهن، هي جينياتي سوئچ کولڻ ۽ بند ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، هڪ خاموش اسپيس شپ زندھ ٿي ويندو آهي، جين فعال هوندا آهن، خاموش هوندا آهن، هي ٻئي پروٽين جو ڪوڊ ڏيندا آهن جن مان نيا پروٽين پيدا ٿيندا آهن جيڪي وري نئي جين کي فعال ڪرڻ لڳندا آهن ۽ ڪجھ کي خاموش ڪرائي ڇڏيندا آهن، هڪ گهرڙو ٻئي ۾ ورڇ ٿيندو آهي، ٻہ چار ۾، چار اٺ ۾، گهرڙن جي هڪ پوري تھ بڻجي ويندي آهي، پوءِ هي بال وچ کان خالي هوندي آهي ۽ جلدي بڻجڻ لڳندي آهي، جين ان ۾ ميٽابولزم کي، حرڪت کي، گهرڙن جي قسمت کي ۽ سڃاڻپ کي آن ڪندا آهن، جيئن بوائلر روم ۾ باھ لڳي وڃي، راهداري روشن ٿي وئي هجي، انٽرڪام مان آوازون اچڻ لڳيون هجن 

هاڻي هڪ ٻيو ڪوڊ اٺ بيٺل رهندو آهي، ان شي کي يقيني بڻائيندو آهي تہ جين ايڪسپريشن هر گهرڙي ۾ پنھنجي جڳھ تي لاڪ ٿي وڃي، هي گهرڙو پنهنجي سڃاڻپ حاصل ڪري وٺي ۽ پنهنجي ڪم ۾ فڪس ٿي وڃي، ڪجھ جينز تي ڪيميائي نشانن جو اضافو ٿيندو آهي ڪٿان کان هي نشان مٽايا ويندا آهن، گهرڙو اسپيشلائز ٿيڻ لڳندو آهي ميٿائيل گروپس جو اضافو ٿيندو آهي، هٽايا ويندا آهن، هسٽون استعمال ٿيندا آهن ۽ طئي ڪندا آهن تہ ڪهڙي جين ڪڏهن فعال ٿي 
 
ايمبريو هاڻي هڪ هڪ قديم وک وٺي ڪري ڦهلجڻ لڳندو آهي، کيڏڻ لڳندو آهي، ۽ پوءِ نيا جينز حرڪت ۾ ايندا آهن، انھن وٽ اهو سڀ روٽين هلائڻ جا حڪمناما آهن جيڪو عضون، ٽنگن ۽ ٻانهن کي شڪل ڏين، انفرادي گهرڙن تي وڌيڪ ڪيميائي نشان لڳايا وڃي رهيا هوندا آهن، عضون ۽ ماڊل ۾ گهرڙن جو واڌارو ٿيندو آهي، پٺو، گڙدا، هڏيون، اکيون، ڪجھ گهرڙا پروگرام موجب مري ويندا آهن، انھن کي برقرار رکڻ واري، فنڪشن ڪرڻ واري، ميٽابولزم ڪنٽرول ڪرڻ واري، مرمت ڪرڻ واري جينز آن ٿينديون آهن، هڪ گهرڙن مان جاندار ظاهر ٿيندو آهي 

هن کي پڙهي ڪري اهو نہ سوچيو، اڀول، ڪنھن ڀاڳي ڳجهو عمل آهي، ۽ هي ڀروسي لائق احسان نہ هجي جو ڪو انکي ڪڏهن سمجھي ڪري ان عمل سان گڏ ڇيڙ ڇاڙ نہ ڪري سگهندو 

جڏهن سائنسدان ڳجهائي جو اندازو ضرورت کان گهٽ لڳائيندا آهن تہ اهوئي غيرارادي نتيجن جي خطري جو شڪار ٿي ويندا آهن، ۽ انهن جون ڪيتريون مشهور مثالون آهن، ڪنھن جڳھ تي غيرمقامي جانور جو اضافي جي نقصانڪار جانور کي ختم ڪري ۽ رت نقصانڪار بڻجي ويو، دونهي جون لهرون مٿي ڪرڻ جو آلودگي گهٽ ٿي جيڪو دونهون ٻاهرين فضا ۾ وڃڻ سان آلودگي جو نقصان وڌيڪ ٿيندو، هارٽ اٽيڪ روڪڻ جي لاءِ رت بنائڻ جو عمل تيز ڪرڻ جي دوا جنهن مان رت پاڻ وڌيڪ ڳهاٽو ٿيڻ ۽ ڄمي وڃڻ سان هي خطرو وڌي ويو 

جڏهن غيرسائنسدان ڳجهائي جو اندازو ضرورت کان وڌيڪ لڳائيندا آهن،”ڪو بہ ان ڪوڊ کي ڪريڪ نٿو ڪري سگهي“ اهو غيرمتوقع نتيجن جي ڦاهي ۾ ڦاسي ويندو آهي، 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيترائي بائيولوجسٽ بہ هي سمجهندا هيا تہ جينياتي ڪوڊ ان ڀاڳي ڳجهو ھوندو، هر جاندار ۽ گهرڙي جو الڳ هوندو جو انکي سمجهڻ ناممڪن هوندو، حقيقت ان کان ابتڙ نڪتي، خالي هڪ ماليڪيول سڀني بائيولوجيڪل دنيا جي وضاحت ڪندو آهي 

ان طرح 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيترن ماڻهن کي شڪ هو تہ جين ڪلوننگ ممڪن ٿي سگهندي، 1980ع ۾ بيڪٽيريا جي اندر مماليا جي پروٽين بنائڻ ايترو مشڪل نہ نڪتو 

جينياتي هدايتن سان انسان جو بڻجڻ بلڪل گهڻو ڳجهو آهي، پر ان ۾ ڪجھ اهڙو ناهي جنهن کي تبديل نہ ڪري سگهجي، جڏهن ڪو سوشل سائنٽسٽ هي چوندو آهي تہ جين ۽ ماحول جو ملاپ فنڪشن، فارم ۽ قسمت طئي ڪندو آهي، تہ انکي اندازو ناهي تہ ماسٽر ريگوليٽري جينز جي تبديلي ڪنهن ڀاڳي وڏيون تبديلين وٺي ڪري اچي سگهي ٿي، ۽ انجي تبديلين جو ڪنهن ٻئي شيءِ سان واسطو ناهي، ۽ جڏهن ڪو انساني ماهر جينيات هي چوندو آهي تہ ڳجهو رويو ۽ حالتن کي چهڙي نٿو سگهجي ڇوجو درجنن جينز انکي ڪنٽرول ڪندا آهن تہ اهو انکي هڪ ماسٽر ريگوليٽر جين جي طاقت جو صحيح اندازو ناهي، هڪ تبديلي جنس بدلي سگهي ٿي، چار جينز هڪ کل جي گهرڙي کي اسٽيم سيل ۾ بدلي سگهن ٿا جنهن سان ڪجھ بہ ٻيو بڻايو وڃي سگهجي ٿو، هڪ دوا دماغ مان سڃاڻپ بدلي سگهن ٿا، اسان ان مان گهڻو سولائي سان تبديل ڪري وڃي سگهون ٿا، جيترو اسان پاڻ بابت تصور ڪندا رهيا آهيون 

سائنس سڀ کان وڌيڪ طاقتور ان وقت ٿيندي آهي جڏهن هي تنظيم جا اصول ٻڌائي سگهن، اهوئي قائدا جيڪي دنيا کي ترتيب ڏيندا آهن، ٽيڪنالوجي جي پابندين کان آزاد ڪرائي سگهن، اها ئي وجھ جو ٽيڪنالوجي جي سڀ کان وڏين جدتن جا نالا ان دنيا تي اسانجي ڪنٽرول جو دعوي ڪندا آهيون، انجن جو لفظ Ingenuity مان نڪتو آهي، ڪمپويٽر جو computare مان (جنهن جو مطلب گڏ ملي ڪري حساب ڪرڻ آهي) جڏهن تہ انجي ابتڙ سائنس ۾ آهي جتي انساني علم جي حد کي” غيريقينيت، اضافيت ،غيرتڪمليت“ جهڙا نالا ملندا آهن 

سائنس جي شعبن ۾ بائيولوجي قائدن کان خالي لڳندو آهي، گهڻو ئي گھٽ اصول ۽ اهڙا جيڪي يونيورسل هجن، اهوئي تہ نہ هجن جي برابر، زندھ شين کي، ظاهر آهي، تہ فزڪس ۽ ڪيمسٽري جي سڀ کان بنيادي اصولن جي پاسداري ڪرڻ آهي پر زندگي عام طور تي انهن اصولن جي مارجن تي پاتي ويندي آهي، ٽوڙڻي ناهي پر مروڙڻي، ڪائنات ايڪويلبرئم جي کوجائي آهي، پنهنجي توانائي پکڙيندا آهن، تنظيم کي ٽوڙڻيندا آهن، ڪياوس وڌائيندا آهن، زندگي انهن قائدن جو مقابلو ڪندي آهي، اسان ري ايڪشن سست ڪندا آهيون، مادي کي منظم ڏيندا آهيون، ڪيميڪلز کي خانن ۾ ورڇ ڪندا آهيون، روز صبحو جو ڏند صاف ڪندا آهيون، هر اربع جو ڪپڙا ڌوئيندا آهيون، اسان فطرت جي قائدن جي لوپ هول ۾ وڌيڪ آهيو، ايڪسٽينشن جا کوجائي، عتراض ڳولهيندي، فطري قائدا ان جي حد طئي ڪندا آهن پر زندگي پنهجي انوکي ۽ عجيب مزاج سان گڏ جيئن ڪو ماهر وڪيل انهن قائدن ۾  انٽر لائين جي خرابي ڳولهي ڪري پنھنجي هجڻ جو سبب کوٽيندو رهيو هجي، ان بابت هيٺان واري لنڪ تان، هڪ هاٿي بہ ٿرموڊائنمڪس جي قائدن جي خلاف ورزي نٿو ڪري سگهي، ڀلي اهو انجي سونڍ توانائي جي مدد سان مادي کي حرڪت ڏيڻ جو ڪيترو ئي طاقتور ذريعو ڇو نہ هجي 

بائيولوجي ۾ انفارميشن فلو گڏ لڳل تصوير جنهن کي دائري جي شڪل آهي، هي بائيولوجي کي نظم ڏيڻ وارن ڪجھ قائدن مان آهي، ان ۾ بہ عتراض آهن (مثال، ريٽرو وائرس جيڪو آر اين اي کي ڊي اين اي ۾ داخل ڪندا آهن) هاڻي بائيولوجي دنيا ۾ اهڙا مڪينزم ٿي سگهن ٿا جيڪي دريافت ناهين ٿيا، جيڪي ان آرڊر ۾ ترميم ڪري ڏين يا ان انفارميشن فلو جي شين ۾ (مثال، آر اين اي جو هاڻي علم ٿيو آهي تہ جين ريگوليشن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو 

پر هي دائرو وڏي حد تائين بائيولوجيڪل دنيا کي نظم ڏيڻ وارو دائرو آهي، جڏهن ان قانون کي قابو ڪرڻ واري ٽيڪنالوجي حاصل ڪئي وئي تہ هي اسانجي تاريخ ۾ ٽيڪنالوجي جي سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان اهم ٽرانزيشن هوندا، اسان پنهنجي پاڻکي پڙهڻ ۽ لکڻ سکهي وٺنداسين 

ان ۾ شامل ٽيڪنيڪل رنڊڪون ڪري رهيون آهن، اسان قسمت ۽ مستقبل جي جينيات جي دروازي تي بيٺل آهيون

هلندڙ....
قسمت ۔ جین (24)
https://www.facebook.com/share/p/1Dv4JD3hK2/

زندگي جي ڪيمسٽري
https://m.facebook.com/groups/1896424147306334?view=permalink&id=2368719813410096

#ScienceJeDuniya 

قسمت ۔ جین (24)


قسمت ۔ جین (24)

قسمت آزمائي بامقابلو محتاط۔ نیوفائل اهوئي ماڻهو آهن جيڪي تجربات ڪندا آهن، جلدي جوش ۾ اچي ويندا آهن، ٽڪي ڪري ناهين ويهندا، جلدي فيصلو وٺندا آهن، نيوفوب اهوئي ماڻهون آهن جيڪي وفادار آهن، محتاط آهن، فيصلي ۾ وقت وٺندا آهن، سوچ ويچار ڪندا آهن، ان خاصيت جي جينياتي بنياد ڇا آهي؟ 

ٽي سال ۾ ايب اشٽائن جن 124 مرد ۽ عورتون ڳولهڻ جي لاءِ انتها جي سرگرمي شخصيت رکندا هيا، انھن تي ماليڪيولر ۽ جينياتي تڪنيڪ جي استعمال سان انن معلوم ڪيو تہ انن ۾ هڪ شيءِ جو فرق آهي جيڪا D4DR آهي، ان طريقي کي ايسوسي ايشن اڀياس چئبو آهي 

ڊوپامين هڪ نيوروٽرانسميٽر  آهي، هڪ اهڙو ماليڪيول جيڪي ڪيميڪل سگنل جي مٽا سٽا ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ دماغ انهي انعام کي سڃاڻڻ ۾ استعمال ڪندو آهي، D4DR ڊوپامين جي روڪجڻ جي جڳھ آهي، اتان کان ڊوپامين کي ريسپو ڏيڻ واري سسٽم کي پيغام ويندو آهي، انجو هڪ ويري انٽ D4DR رپيٽ آهي، جيڪو انجو ريسپانس هلڪو ڪري ڇڏيندو آهي، ان ويري انٽ واري فرد کي انعام جي ليول تائين پهچائڻ جي لاءِ وڌيڪ ٻاهرين اسٽيموليشن گهربل آهي، جيئن ڪنهن تيز ٻڌڻ واري کي گهڻي آواز جي ضرورت هجي، اسٽيموليشن گهربل آهي، جنھن کي تيز ٻڌڻ واري کي وڏي آواز جي ضرورت هجي، ايئن ئي ماڻهون گهڻي کان گهڻو خطرو کڻندا آهن 

ايبس شٽائن جي اڀياس جي تصديق ڪئي ٻيا گروپ ڪري چڪا آهن اتي دلچسپ ڳالھ ڇا آهي؟ D4DR ڪنهن هڪ خاص رويي جي وجھ ناهي بڻبي پر هي هڪ خاص”مزاج“ جي طرف ڌڪيندا آهن جيڪو نئي شين جو کوجندڙ بڻجي ويندو آهي، اهوئي هڪ ويري انٽ انسان جي هڪ گهڻي ئي خوبصورت خاصيت ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جيڪو سرگرمي، جوش ۽ تخليق جي آهي، ۽ بلڪل اهوئي ويري انٽ انکي نشي، تشدد ۽ ڊپريشن جي طرف بہ وٺندي ويندو آهي، هي ان وقت تائين تضاد لڳندو آهي جڏهن اوهان اهو نہ سمجهي وٺو تہ الڳ نتيجن جو سبب هڪئي خواهش ٿي سگهي ٿي 
ان ويري انٽ جي حامل فردن کي دماغ جي ريسپٽر کان اڀرڻ وارو هي سنگل اڌ سيڪنڊ وڌيڪ رهندو آهي، اها ئي تبديلي هڪ محتاط فرد ۽ خطرن سان کيڏڻ واري جي وچ آهي، هڪئي خاصيت نيا جهان آباد ڪندي آهي، نئي شيون تخليق ڪندي آهي ۽ ٻئي پاسي ڪنهن کي ڊپريشن ۽ بي وفائي جي طرف ڌڪي ڇڏيندي آهي، ڪنھن لاءِ اڻ خوشي، ڪنھن جي زندگي جو جادو 

ايستائين تہ سولو آهي، پر هڪ فرد جي چونڊ، مزاج ۽ فارم جو ارادو ڪيئن ٿئي؟ جين کان جاندار تائين جي ان مسئلي کي جينيات ۾”آخري ميل جو مسئلو“ چيو ويندو آهي، ها، ٻہ جاڙا ڀائر گهڻو ڪجھ هڪ جهڙو رکندا آهن، پر گهڻو ڪجھ مختلف بہ، نيسا ڪيري لکنديون آهن” آيئڊيٽيڪل جاڙا بلڪل هڪئي جينوم ڄڻوٺو رکندا آهن، هڪئي ماءُ جي پيٽ ۾ پلجندا آهن، هڪئي ماحول ۾ رهندا آهن، جيڪڏهن هڪ کي شيزوفرينيا ٿي وڃي تہ گهڻو امڪان آهي تہ ٻئي کي بہ ٿي وڃي، هي پريشاني واري ڳالھ ناهي، اسانکي هاڻي ان شيءِ جي ڳولها شروع ڪري ڇڏڻ گهرجي تہ هي مماثلت انکان وڌيڪ ڇو ناهي، هي امڪان سو سيڪڙو ڇو ناهي؟ بلڪل هڪئي جينوم ڄڻوٺو کان ايترو مختلف جاندار ڪيئن؟ 

ڪيترن ڏهاڪن کان وڌيڪ هئڻ واري اڀياسن ۾ سائيڪولوجسٽ ۽ جينيٽسٽ انتي ڪم ڪري رهيا آهن ڪا پڪي، ڪا منظم فيڪٽر، ڪجھ بہ اهڙو، جنھن جي پيمائش جي جاءِ، هٿ نہ آيو 

ڪنهن وجھ سان فرق آهي؟ پوئين ويهن سال ۾ ڪيون ويندڙ 43 اڀياسن مان هڪ طاقتور ۽ هر هر جواب اڀري ڪري سامهون اچي رهيو آهي

اهو حادثو، اهو ڌڪ، اها بيماري، ريل جيڪا هلي وئي، چاٻي جيڪا گم ٿي وئي، اها ڳالھ جيڪا ڪن ۾ پئجي وئي، اها سوچ جيڪا بيهجي وئي، مڪمل نہ ٿي سگهي، ماليڪيول جي فلڪچوئيشن مان جين جي فلڪچوئيشن مان فارم جي تبديلي، موڙ ڪٽيندڙ سائيڪل مان لچڪڻ، شاخ ۾ وڃي ڪريا، انھن تي نظر پئجي وئي، محبت ۾ گرفتار ٿي ويا، جيڪو ٿي ويو، جيڪو نہ ٿيو، فطرت جو گهرو ترين اصول، رينڊم نس، امڪان 

ڇا هي طيش ڏيارڻ وارو جواب آهي؟ شايد، ڇا ڏهاڪن جي غور ۽ فڪر کانپوءِ ڇا اسان ان نتيجي تي پهچي رهيا آهيون تہ قسمت ، بس قسمت هي آهي؟ يا پوءِ شايد، اهو هي خوبصورت ترين جواب آهي

ٽيمپسٽ ۾ پروسپيرو جو مقابلو ڪاليبان جي ڪردار سان هيو”خوفناڪ راڪاس جنهن جي فطرت نٿي بدلجي سگهي“ڪاليبان جي سڀ کان وڏي خامي هي هئي تہ انجي نيچر ۾ بدلڻ جو پروگرام نہ هيو، ٻاهرين معلومات ان ۾ اندروني تبديلي نہ وٺي ڪري ايندي هئي، تربيت ان سان گڏ چنبڙندي نہ هئي، ڪاليبان هڪ جينياتي روبوٽ هيو، چاٻي ڀريل راڪاس، هي انجي انسان نہ هئڻ جي سڀ کان وڏي ٽريجڊي هئي 

هي جينوم جڻوٺو جي چڪر ڏيڻ واري خوبصورتي آهي، ٻاهر جي دنيا سان گڏ چنبڙي سگهي ٿي، جينز جڻوٺو ماحول موجب بس هڪ اسٽيريوٽائپ ناهين اڳليندا رهندا، جيڪڏهن هي ايئن ڪن ها تہ اسان بس چاپی ڀريل روبوٽ هجون ها، ڪاليبان جي طرح 

قديم فلسفي ۾ زندگي کي هڪ ڄار چيو ويندو آهي، جينز انجا ڌاڳا آهن، اهڙو ميٽيرئل جيڪو فرد کي وجود ڏيندو آهي، چريائپ جي حد تائين پريسائز، بناوت ڏيندو آهي، شخصيت ڏيندو آهي، ڪردار ڏيندو آهي، ان جينياتي ڪوڊ کي عين پنهنجي پروگرام موجب ريسپانس ڏيندو آهي، نہ تہ فارم برقرار نہ رهي سگھي ها، پر ايتري جڳھ ڇڏي ڏيندو آهي تہ انتي ٻاهرين دنيا جي بہ ۽ وري امڪان جي چادر بہ چنبڙي سگهي، اسان ان سڀ جي ملاپ کي”قمست“ چوندا آهيون، اسان انجي موجب پنهنجا ريسپانس کي”چونڊ“چوندا آهيون، ٻن ڄنگهن تي هلڻ وارو، آڱوٺا رکڻ وارو جاندار جيڪو هر لحاظ کان عين پنهنجي اسڪرپٽ موجب بڻيو آهي، ۽ پنھنجي اسڪرپٽ هٽي وڃڻ جي لاءِ بڻيو آهي، ان جاندار جي هڪ الڳ ويري انٽ کي اسان”شخص“ چوندا آهيون 

هلندڙ...
فطرت ۽ تربیت ۔ جین (23) 
https://www.facebook.com/share/p/1FbM3JY2LD/

#ScienceJeDuniya 

فطرت ۽ تربیت ۔ جین (23)


فطرت ۽ تربیت ۔ جین (23)
”دريا خان سنڌي“
جين ۽ شخصيت جو واسطو جو مطالعو ڪيئن ڪريون؟ انجي لاءِ اسانکي جيڪا فطري تجربي گاھ گهربل آهي، اها آئيڊنٽيڪل جاڙا آهن، انھن جو جينياتي ڪوڊ بلڪل هڪ هي هوندو آهي، ڇا ان جي شخصيت بہ بلڪل هڪ هي آهي انجي اڀياس ڪيئن ڪئي وڃي؟ ڇوجو انجي پرورش بہ تہ هڪ هي آهي، اهو ئي والدين، اهو ئي اسڪول، اهو ئي دوست، اهو ئي ماحول، هڪ خيال هي هيو تہ انجو موازنو فريٽرنل جاڙن سان گڏ ڪيو وڃي جيڪي مڪمل ناهين بلڪي اڌ جين شيئر ڪندا آهن، پر ان ۾ بہ مسئلو هيو، ممڪن آهي تہ والدين انن سان گڏ سلوڪ ۾ ڪجھ فرق ڪندا هجن، جيڪڏهن ٻہ ڀاءُ يا ڀيڻون بلڪل هڪجهڙا آهن تہ انهن سان فرق هڪئي رکيو ويندو هجي پر جيڪڏهن  مختلف آهن تہ نہ، ان مسئلي جو حل 1979ع ۾ هڪ سائنسدان ٿامس بوشارڊ ڳولها ڪيو 

بوشارڊ بي بيورئل سائيڪولوجسٽ هيا، انھن هڪ خبر پڙهي هئي جنهن ۾ ٻہ آئيڊينٽيڪل جاڙا ڀاءُ پيدائش جي وقت الڳ ٿي ويا هيا، انن جي الڳ خاندانن پرورش ڪئي هئي، انهن جي اتفاقي ملاقات ٽيھ سال جي عمر ۾ ٿي هئي، جين ۽ شخصيت جي واسطي جو مطالعو ڪرڻ جو انکان بهتر طريقو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي پيو، بلڪل هڪ هي جين ۽ بلڪل مختلف ماحول، اهڙا جاڙا گهڻا ناهين پر جيڪڏهن پيدائش جي وقت الڳ ٿي وڃڻ وارا ۽ الڳ خاندانن ۾ پرورش ڪرڻ وارن جي اڀياس ڪئي وڃي تہ جين جي اثرن جي گٿي هلي ڪري سگهجي ٿي، فطرت ۽ ترتيب جي اثرن کي الڳ ڪري سگهجي ٿو 

بوشارڊ اهڙا جاڙا ڳولهڻ ۾ لڳي ويا، پنهنجي طرز جي سڀ کان وڏي اڀياس انجي ٽيم پاران 1990ع ۾”سائنس“ ميگزين ۾ پنھنجو مضمون پڌرو ڪيو، 56 اهڙا آئيڊينٽيڪل جاڙا جوڙا جن جي الڳ گهراڻي ۾ پرورش ٿي، 30 اهڙا فريٽرنل جاڙا جوڙا جن جي الڳ گھراڻي ۾ پرورش ٿي، 331 اهڙا جن جي هڪ هي گهر ۾ پرورش ٿي، ان ۾ سوشيو اڪنامڪ ڪلاس جي وڏي رينج هئي، پاڻ ۾ فرق هيو، (هڪ ڀاءُ غريب گهرائڻي ۾، ٻيو امير ۾) انهن جا گهر، اسڪول، آفيس، خوراڪ، چونڊ، زندگيءَ جي رهڻ جو طريقو تجربا سڀ جو تفصيلي ريڪارڊ بڻايو ويو هيو، ايستائين جو جنهن خاندان ۾ انهن جي پرورش ٿي، انھن وٽ ٽيلي اسڪوپ هئي يا نہ، آرٽ ورڪ خريدار ڪندا هيا يا نہ وغيرھ، انجي فزيولوجيڪل آئي ڪيو ۽ نفسياتي ٽيسٽ ڪيا ويا 

نتيجو جاڙن ۾ پاڻ ۾ مماثلت گهڻي وڌيڪ هئي، مزاج، ترجيحات، رويا، پسند ۽ شخصيت جي حوالي سان هي 0.5 کان 0.6 جي وچ هئي،(0 جو مطلب هي انھن جو ڪو واسطو ناهي، 1 جو مطلب هي تہ بلڪل ئي هڪجهڙا) ٻيو حصو جيڪو وڌيڪ حيران ڪندڙ هيو، اهو هي تہ هڪ گهر پرورش پائڻ وارن ۾ بہ هي ان کان گهڻو وڌيڪ نہ هيو، ٽيون حصو تجسس اڀارڻ وارو ۽ غيرمتوقع هيو، هي انھن جي سياسي ۽ سماجي رويي جي باري ۾ هو، جيڪڏھن هڪ ڀاءُ لبرل آهي تہ ٻيو بہ، هڪ آرٿوڊوڪس آهي تہ ٻيو بہ، هڪ مذهبي آهي تہ ٻيو بہ، روايت پسند هئڻ، فرمانبردار هئڻ، توجھ جو طالب هئڻ، همدردي، ايثار، محبت، ڀروسو، موسيقي، معاشي رويو، سياست، هي سڀ ڪجھ ڪنهن حد تائين اسانجي جينز ۾ هارڊ وائر ٿيو آهي، بلڪل الڳ ماحول ۾ رهڻ وارا جاڙا ڀائر جن رات جو چوپن جي موسيقي ٻڌي تہ ٻهي هي ڏک ۾ ٿي ويا، انهن جي جينوم انن ۾ ڪا سنهڙي کن تار لوڏي ڇڏيو هيو 

ڊيفني ۽ باربرا جو واسطو برطانيا کان هيو، انھن جي ماءُ پيدائش کانپوءِ انهن کي ڇڏي ڏنو هيو، هڪ جي پروش هڪ مالي جي گهر ٿي هئي، ٻئي جي هڪ صنعتڪار جي گهر، بوشارڊ جو اسٽاف انهن جي مماثلت ڏسي ڪري هر هر حيران ٿيندو هيو، ٻهي ئي ننڍي ڳالھ تي ٽهڪ ڏئي کلي پونديون هيون، اسٽاف سان گڏ شرارتون ڪنديون هيون، ٻنهي کي رقص جو شوق هيو ۽ انهن جي پنهنجن مڙسن سان ملاقات رقص جي ڪلاس ۾ ٿي هئي 

جم نالي جا ٻہ جاڙا ڀاءُ اوهائيو سان واسطو رکندا هيا، ٻنهي کي اسڪول ۾ مشڪلاتون پيش رهيو هيون، ٻهي سگريٽ جو هڪئي برائڊ پسند ڪندا هيا، ٻنهي وٽ هڪئي ماڊل جي شيورليٽ گاڏي هئي، ٻنهي کي کيڏڻ ۾ گهڻي دلچسپي هئي پر بيس بال ناپسند هئي، ٻنهي کي بلڊ پريشر جي شڪايت هئي، ٻنهي کي مٿي جي سور جي شڪايت هئي، ٻهي انجي دوا نہ وٺندا هيا 

ٻهي ڀائر هيا جن مان هڪ جي پرورش جرمني ۾ هڪ ڪيٿولڪ گهراڻي ۾ جڏهن تہ ٻئي جي ٽريني ڊاڊ ۾ يهودي گهر ۾ ٿي هئي ٻهي جڏھن اڀياس جي لاءِ آيا تہ هڪ جهڙا ڪپڙا پهريل هيا، چار قيصن واري نيري قميض جنهن ۾ هڪ قيصي ۾ ٽشو پيپر رکيا هيا، ٻنهي ڀاٿروم کان پهريان بہ فلش ڪندا هيا ۽ پوءِ بہ، ٻنهي کي ڪاوڙ جلدي اچي ويندي هئي، ماحول ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي”جعلي نڇ“ ڪرڻ جو طريقو ايجاد ڪيو هيو، ٻنهي کي ننڍپڻ ۾ خوفناڪ خواب پريشان ڪندا رهندا هيا 

تہ ڇا جين اسانجي تار آهن، جن تي هر گهڻي عمر ڪٺ پتلي جيان نچندا رهندا آهن؟ نہ، ڪيترا فيچر گهڻا مختلف هيا، ڪيترا ڀيرا مخالف بہ، ڊيفني ۽ باربرا جي وزن ۾ ويھ پائونڊ جو فرق هيو، ڪيٿولڪ ۽ يهودي جاڙن مان هڪ قومپرست ھيو، ٻيو مذهبي بنياد پرست، يعني پنهنجي نظري سان گهڻي واسطيداري گڏيل هئي، جيتوڻيڪ نظريو گهڻو مختلف هيو 

ان اڀياس مان جيڪا تصوير اڀري وئي، اها هي تہ رويو هڪ طرز جو آهي، جيڪو شي گڏيل آهي، اها سڃاڻپ ناهي بلڪي رياضي جي زبان ۾ انجو پهريون مشتق آهي 

بوشارڊ جي جاڙن تي اڀياس ايب شٽائن جن گهڻي توجھ سان پڙهي، انھن کي هڪ ٻئي شيءِ دريافت ڪرڻ ۾ دلچسپي هئي، انجو سوال مهم جوئي جي فطرت تي هيو 

هلندڙ....

جنسي سڃاڻپ - جين (22)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2739826286299445/

#ScienceJeDuniya 

جنسي سڃاڻپ ۔ جین (22)


جنسي سڃاڻپ ۔ جین (22)
”دريا خان سنڌي“
سائنس جو سياسي يا سماجي نظريات سان ملاپ ڌمڪائيندڙ رهيو آهي، ڳالھ جڏهن تائين پکين، گرهن، جبلن، ڌاتن، پد، حرڪت، عنصر وغیرھ جي ڳالھ ٿيندي آھي، گهٽ ئي گھٽ مسئلو پيدا ٿيندو آهي پر جڏهن سائنس جو رخ پاڻ اسانجي طرف ٿي وڃي تہ معاملو فرق ٿيڻ لڳندو آهي، ڪن بيٺل لگندا آهن جيڪڏهن سائنس اسانجي خيالن سان اختلاف ڪرڻ شروع ڪري تہ ڳالھ وڌڻ لڳندي آھي 

مرد ۽ عورت ۾ نفسياتي فرق پرورش جو نتيجو آهي، انجي وجھ فطرت ناهي ۽ ڪلچر آهي، صحيح تربيت ۽ پرورش جنسي فرق مٽائي ڇڏيندي، ڪو بہ ڪجھ بہ بڻجي سگهي ٿو، خرابي مردن جي معاشري جي آهي”انساني فطرت جو انڪار ڪرڻ واري سماجي انصاف جي علمبردارن جو هي نعرو 1960ع جي ڏهائي ۾ اونچو ٿيو، ايستائين جو مين اسٽريم نفسيات تي اثرانداز ٿيڻ لڳو 

ڊيوڊ رائمر جن 2004ع ۾ خودڪشي ڪئي، انجي پيدائش ميل جي طور تي ٿي هئي، انھن جو نالو بروس رکيو ويو، اهو نااهل سرجن جي لاءِ ڪئي ويندڙ ختني جي هڪ خوفناڪ ڪوشش جو شڪار بڻيا جنهن کي صحيح نہ پئي ڪري سگهجو، جان هاپڪنز يونيورسٽي جي جان مني”پرورش“ واري اسڪول آف ٿاٽ کان واسطو رکندا هيا، مني جن تجويز ڪيو تہ هارمونل ۽ بيهيوريل ٿراپي جي مدد سان جنسي تبديلي ڪري وٺجي، انھن کي ڇوڪرين وارا ڪپڙا پرايا وڃن، هويئن پرورش ڪئي وڃي، گڏين ۽ سلائي مشينن جا رانديڪا ڏنا وڃن، اناٽومي جي سرجري ڪرائي وڃجي، ٻار سميت ڪنهن کي انجو ٻڌايو ئي نہ وڃي، بروس جو نالو برينڊا رکيو ويو 

مني انهن سان وقتن بہ وقتن ملاقات ڪندا هيا، باقدگي سان پيپر پڌرو ڪندا هيا جيڪو گهڻو وڌيڪ سائٽ ڪيا ويندا رهيا ”هي هڪ بي مثال ڪاميابي آهي، ان ڳالھ جو واضح ثبوت تہ ميل يا فيميل سوشل ڪنسٽرڪٽ آهن”مني جو هي دعوي سچ کان گهڻو پري هيو“

برينڊا گڏين سان کيڏڻ کان انڪار ڪندي هئي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي رانديڪن ۾ دلچسپي وٺندي هئي، چار سال جي عمر ۾ هڪ ڏينهن پنهنجا سڀ ڪپڙا ڪينچي سان ڦاڙي ڇڏيا، ڪردار ۾ ڊپريشن، ڏکائي ۽ ڪاوڙ ظاهر هيا، چوڏھ سال جي عمر ۾ پاڻ سان ٿيڻ واري ان خوفناڪ سلوڪ جو خاتمو ڪري ڇڏيو، هارمون جون ٽڪيون کائڻ بند ڪري ڏنيون، پنهنجو نالو برينڊا مان ڊيوڊ رکي ورتو، زندگيءَ ۾ ڪاوڙ، انڪار ۽ ڊپريشن نہ ختم ٿيو ۽ پوءِ هڪ جهڙي کانپوءِ بروس مان برينڊا، برينڊا مان ڊيوڊ بڻجڻ واري ڇوڪري خودڪشي ڪري ورتي، انھن جي هڪ آئيڊنٽيڪل جاڙو ڀاءُ برائن هيا، جن ساڌي زندگيءَ بسر ڪئي 

جنس جي تبديلي جي انهن تجربات جو نشانو ڪيترا ٻيا ماڻهون بہ بڻيا، جنسي عضوا نامڪمل هئڻ جهڙن مسئلن جي وجھ سان جنسي تبديلي جو آپريشن جهڙي پروسيچر ڪرايا ويندا رهيا، ان تي 2005ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي پاران تفصيلي تجزياتي اڀياس ڪئي، جيتوڻيڪ سڀ گيس ڊيوڊ جي طرح جا انتها جا نہ هيا پر جنھن ڪيس ۾ بہ جين جي مخالف جنس اسائن ڪئي وئي، اتي وڌيڪ تر جنسي ڊسفوريا جي مسئلا رهيا، جڏهن تہ جتي جين جي مُطابق جنس اسائن ٿي انهن مان ڪو هڪ ڪيس بہ اهڙو نہ نڪتو 

انھن رپورٽن انن مفروضن کي دفن ڪري ڇڏيو ( جيتوڻيڪ ڪجھ ماڻهو اڃان بہ ان مان پاسي ٿيڻ جي لاءِ تيار ناهين) تہ جنسي سڃاڻپ پروگرام ڪري سگهجي ٿي يا سوشل ۽ ڪلچرل طريقي سان اثرانداز ٿي سگهجي ٿو، ڪجھ ٿورن ئي گھٽ ڪيسز جي، جينياتي جي صحيح چونڊ آهي 

فطرت جي اهم ترين دوا خالي هڪ سوئچ سان؟ پر پوءِ ٽرانس جينڊر؟ هي ڪيئن؟ ۽ هر ڪلچر ان مان واقف آهي تہ جينياتي سڃاڻپ پاڻ هڪ تسلسل ۾ آهي، مثال، هڪ جنس ۾ جيڪڏهن هڪ طرح جو رويو وڌيڪ آهي تہ هي ان جنس جي هر فرد ۾ هڪ طرح جو ناهي، ڪنھن فرد ۾ ٻئي جنس کان بہ وڌيڪ آهي، گڏين سان کيڏڻ وارو ڇوڪرو ۽ گاڏين سان کيڏڻ واريون ڇوڪريون عام آهن، جينياتي لحاظ سان ان ۾ ڪو تضاد ناهي، ماسٽر سوئچ ۽ جينز جي هائيرارڪي ۾ تنظيم جينياتي ڊيزائن جو حصو آهي، SRY جين آن ڪريون تہ نر بڻجي ويو، آف ڪريون تہ مادي، پر جنس جو ارادو ۽ جنسي سڃاڻپ جي وچ ٻيو گهڻو ڪجھ آهي، درجنن ٽارگيٽ آهن جنهن کي ان جين پاران فعال ڪرڻو آهي، انن کي آن يا آف ڪرڻو آهي، جيئن ڪنھن ريلي ريس ۾ ڀڄندي وقت ڏنڊي اڳئي ڀڄڻ واري جي حوالي ٿيندا آهن، اڳيان جين وڌيڪ شين کي ريگوليٽ ڪندا آهن، هارمون، رويي، سوشل، پرفارمنس، ياداشت، ڪلچرل رول، ايڪسپوزر، جنهن کي اسان جنس چوندا آهيون هي هڪ جينياتي ۽ ڊولپمينٽ جي وهندڙ جھرڻو جو هڪ وڏو سلسلو آهي، هي جين انجي منڊ تي آهي،”ان ڪيڪ کي بنائڻ جي لاءِ پهريان چار ڪوپ اٽو ورتو وڃي،” جيڪڏهن هي نہ ڪندا تہ پوءِ جيڪي بڻبو، اهو ڪيڪ نہ هوندو پر ان پهرين وک کان اڳتي ڪيترائي ويري ايشنز بڻائي وڃي سگهجن ٿا 
  
۽ جنهن طرح سوائر سنڊروم ۾ Y وائي ڪروموزوم جي هوندي بہ جينز عورت ئي بڻائيندي آهي ڇوجو هڪ سوئچ فعال ٿيڻ کان رهجي ويندو آهي، انهي طرح انجي فعال ٿيڻ جي باوجود اڳيون ڪاسڪيڊ ۾ ڪنهن جو غيرفعال رهجي وڃڻ جو پنهنجو مطلب نڪرندو آهي، ڪنھن ٻئي جين جو ڪو ٻيو ويري انٽ جو ڪنهن هارمون جي نيڪال کي ئي بدل ڇڏيندو آهي، دماغ جي لاءِ سنگل تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، انجي سڃاڻپ جو سوائر سنڊروم چئي سگهجي ٿو 

ان تنظيم کي هائيرارڪي اسانکي جينياتي ڪاسڪيڊ جي تنظيم جي وڏي اهم اصول جو ٻڌائيندي آهي، فطرت ۽ ترتيب جي پراڻي بحث جي جنگ وڏي آهي ۽ تکو آهي، ان ۾ ڪجھ ماڻهو وچ جي راھ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن تہ سڃاڻپ ۾ فطرت ۽ ترتيب ٻهي آهن، جين ۽ ماحول، اندروني ۽ ٻاهرين ان پٽ سان ملي ڪري سڃاڻپ بڻجندي آهي، انکي”بيوقوفون جي صلح“ چئي سگهجي ٿو، ڇوجو انجي ڪا بنياد ناهي، ان سوال جو جواب ڏيڻ کان پهريان هي ڄاڻڻ جي ضرورت آهي تہ اسان هائيرارڪي ۾ ڪهڙي سطح جي ڳالھ ڪري رهيا آهن، انطرح جا ڪاسڪيڊ جينوم ۾ جڳھ جڳھ تي نظر ايندا آهن 

شخصيت ۾جنس جي ڏيکاءُ ۾ SRY جو سوئچ مٿي لڳل آهي ۽ شخصيت جي آبشار جي هزارين شاخن تائين انن جو پاڻي پهچندو آهي، ان ڪاسڪيڊ جي مٿان واري سطح تي فطرت پنهنجو ڪم قوت سان ڪندي آهي جيڪا هڪ طرفو آهي، ان جڳھ تي جنس جو تصور ساڌو آهي، آن يا آف جيڪڏهن اسان انجي پوزيشن تبديل ڪرڻ سکهي وٺون، ڪنھن ڊرگ يا جينياتي طريقي سان، تہ اسان عورتن ۽ مرد جي پروڊڪشن کي ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا، ۽ اها مڪمل طور تي عورت يا مرد جي تقريبن سڀهي سڃاڻپ وٺي ڪري نڪرندا، ان نيٽ ورڪ ۾ اسان جيترو هيٺ هلندا وينداسين، مڪمل جينياتي ويو جو ڪم گهٽ ٿيندو ويندو آهي، انجي ميدانن ۾ انفارميشن ڪيترين جڳهن کان اچي رهي آهي، تاريخ معاشرو، ڪلچر جي ڇوليون اچي ڪري جين سان ٽڪرائبون آهن، ڪجھ هڪ ٻئي کي ڪينسل ڪري ڇڏيندا آهن، ڪجھ هڪٻئي کي وڌيڪ طاقتور، خالي ڪو هڪ زور طاقتور ناهي، پر انهن سڀني جي ملي ڪري بڻڻ وارا اثرات هڪ الڳ ۽ هيٺ مٿان وارو منظر بڻائيندا آهن، ان منظر کي اسان فرد جي شخصيت چوندا آهيون 

جين جو ارادو رنگت - جين (21)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2734348193513921/

هلندڙ... 

#ScienceJeDuniya 

جين جو ارادو رنگت - جين (21)


جين جو ارادو رنگت - جين (21)
”دريا خان سنڌي“
ڇوڪرو يا ڇوڪري، بائيولوجي جو هي سوال اوترو هي پراڻو آهي جيترو انسان، هي ٿيندو ڪيئن آهي؟ ٿامس مورگن جيڪو جينيات جي بانين مان هيا، انھن جنس جي ارادي ۾ جينيات جي ڪردار کي نيڪال مان امڪان ڪوٺيو هيو” نر يا مادي ۾ هي ڪيئن ريڪور ٿيندو آهي؟ انجو واسطو انهن حالتن سان آهي جنھن ۾ هي وڌنڌو آهي، نر يا مادي جي وچ فرق کي جين مان ڳولها ڪرڻ بي ڪار آهي ڇوجو بيضو هڪ متوازن حالت ۾ هوندو آهي،”مورگن جو خيال غلط هيو 

نيٽي اسٽيونز جي والد هڪ ڊکڻ هيا، نيٽي جن تعليم ڪئي هئي ۽ اسڪول ۾ ٽيچر بڻجي ويون هيون، اسڪول جي پگهار ۽ ٽيوشن مان پيسا گڏ ڪري اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ بائيولوجي ۾ داخلا ورتي جيڪو ان وقت ڪنهن عورت جي لاءِ عجيب چونڊ سمجهو ويندو هيو، زولوجي ۾ پنهنجي ڪم جي لاءِ اٽلي ۾ 1903ع ۾ ملاحن جي رهائش جي چونڊ ان مان بہ عجيب ٿي ويو، اتي انهن سان ڪم ڪرڻ واري ٿيورڊور بووري هيا، بووري ملاحن سان سمنڊي ارچن sea urchin جا آنا حاصل ڪري انهن تي ڪروموزوم جي سڃاڻپ جي تڪنيڪ بڻائي هئي 

ڇا ڪروموزوم جنس جو ارادو ڪري سگهي ٿي؟ ان سوال جي لاءِ اسٽيونز هڪ سادي جاندار جي چونڊ ڪئي جيڪو mealybug هيو (جنهن کي اٽي جو ڪيڙو بہ چيو ويندو آهي) اسٽيونز جن جڏهن بووري جو طريقو انهن ۾ نر ۽ مادي تي استعمال ڪيو تہ ان سوال جو جواب جيئن پاڻ هي ٽپو لڳائي ڪري خوردبين هيٺ نظر اچي ويو، mealbug ۾ ويھ ڪروموزوم ٿيندا آهن، هي ڏھ جوڙڻ جي صورت ۾ هوندا آهن، مادي ڪيڙن ۾ هي ڏھ جوڙا ميچ ٿيندا هيا، جڏهن تہ نر ڪيڙي ۾ نو جوڙا تہ هوئين ئي هيا، پر ٻن ڪروموزوم - اسٽيونز جن تجويز ڪيو تہ هي ننڍو ڪروموزوم جنس جو ارادو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي، انکي” جنس جو ڪروموزوم“ چيو. 

جنس جي ارادي جي هاڻي سادي کن ٿيوري ملي وئي هئي، نر وٽ هي ٻهي ڪروموزوم 
آهن، هڪ نارمل سائز جو جيڪو مادي بڻائيندو آهي ۽ هڪ ننڍي سائز جو جيڪو نر بڻائيندو آهي، جڏهن اسپرم مان هي ننڍو وارو ڪروموزوم حاصل ٿيندو آهي تہ اڳيون ڪيڙو نر ۽ جيڪڏهن نارمل سائز جو تہ اڳيون ڪيڙو مادي 

انجي تصديق ايڊمنڊ ولسن جي ڪم سان ٿي وئي، انھن ان جي اصطلاحات کي ساڌو ڪري ڇڏيو، ننڍن کي Y چيو، نارمل سائز واري کي X، نر جا خليا XY وارا هيا جڏهن تہ مادي جي خليا XX وارا، آني ۾ مادي جي طرف کان X ڪروموزوم ايندو آهي، جيڪڏهن Y ڪروموزوم وارو اسپرم انکي فرٽيلائز ڪري ڇڏي تہ ملي ڪري XY بڻجي ويندا ۽ نر بڻبو، جيڪڏهن X وارو ڪري ڇڏي تہ XX ۽ نتيجو مادي جي صورت ۾ نڪرندو، هي جنس جي ارادي جو عمل آهي، جيڪو رينڊم آهي ۽ پهريون اسپرم جيڪو جينياتي تي لوڊ داخل ڪندو آهي، ان وقت جنس جو فيصلو ٿي ويندو آهي 

اسان ڄاڻون ٿا تہ هر قسم ۾ نر ۽ مادي ۾ گهڻا فرق هوندا آهن، هي انفارمیشن ڪٿي آهي؟ ان هڪ مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو هيو 

اسٽيونز ۽ ولسن جن جيڪو سسٽم دريافت ڪيو هيو، انجو هڪ اهم نتيجو نڪرندو هيو، جيڪڏهن Y ڪروموزوم ۾ نر بڻجڻ جي سڄي انفارميشن آهي تہ ان ڪروموزوم ۾ اهوئي سڀ هدايتون هونديون جيڪي نر ۽ مادي کي جدا ڪندا آهن، ماهرن جينيات جو خيال هيو تہ انھن ۾ درجن اهڙيون جينز هونديون جيڪي اناٽوميڪل، فزيولوجيڪل ۽ سائيڪو لوجيڪل نمو ڪوآرڊينيٽ ڪندا آهن، هي تصور ڪرڻ مشڪل هيو تہ هي ڪم هڪ ئي جين ڪري سگهندي هئي، پر ٻيو پاسو هي آهي تہ Y ڪروموزوم جينز جي رهڻ جي لاءِ سٺي جڳھ ناهي انجي وجھ هي آهي تہ هي جوڙي جي صورت ۾ ناهي هوندو انجو ڪو ڊپليڪيٽ ۽ بيڪ اپ نہ آهي، ان ڪروموزوم جي هر جين کي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻي آهي، خراب ٿيڻ تي مرمت نٿي ڪري سگهجي، ڪجھ بہ ٻئي جڳھ مان ڪاپي نٿو ڪري سگهجي (جيڪو ٻين ڪروموزوم جو طريقو آهي) جيڪڏهن اتي ميوٽيشن ڦير گهير جو حملو ٿي وڃي تہ ريڪوري جو طريقو نہ آهي، Y ڪروموزوم ماضي جي انهن زخمن جا نشان رکندو آهي جيڪي ان وجھ سان انساني جينوم ڄڻوٺو جو سڀ کان نازڪ حصو آهي 
 
ان جينياتي بمباري جو حل هي ڪڍيو تہ انھن ڪيترا ملين سال کان پاڻ کي مختصر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهڙا جين جيڪي اسان هياسين، انھن ٻين ڪروموزوم جي تابع ڪري ڇڏيو، جتي اهو باحفاظت گڏ ٿي سگهن، اهڙا جين جيڪي غير اهم هيا، اهوئي ريٽائر ڪيا ويا يا ترڪ ٿي ويا، ان ۾ انفارميشن گهٽ هئڻ سان گڏوگڏ ان جو پنهنجو سائز ننڍو ٿيندو ويو، هڪ هڪ ٽڪڙا ڪري ڪري، ميوٽيشن ڦير گھير ۽ جين جي ختم ٿي وڃڻ جي بي ڪيف سائيڪل ۾، Y ڪروموزوم جو سڀ کان ننڍو ٿيڻ محض اتفاق ناهي، انکي planned obsolescence چوندا آهن، مرداڻو ريٽائرمينٽ گهر ۾ سگريٽ جو ڪش وٺندي ڌوئين ۾ ختم ٿيندڙ ماڻهون جيان 

جينياتي لحاظ سان هي هڪ وڏو دلچسپ پيراڊوڪس پيش ڪندو آهي، جنس انساني جي ڳجهائي ترين خاصيتن مان آهي، هي ڪروموزوم سان ٻڌائيندا آهن تہ انهن جي ڪوڊنگ ڪيترن جينز سان ملي ڪري نٿي ٿي سگهي، هڪ جين جيڪو ان نازڪ ڪروموزوم ۾ دٻيل آهي اها ان خاصيت جو ماسٽر ريگوليٽر آهي 

ڪروموزوم جي اندر ان جين جي ڳولها لنڊن ۾ هڪ ماهر جينيات پيٽر گڊفيلو جن 1980ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ڪئي، انھن هڪ برطانوي اينڊوڪرائينولوجسٽ جيرالڊ سوائر جو اڀياس پڙهيو هيو، سوائر جن گهڻو ئي گھٽ پاتو ويندڙ سوائر سنڊروم Sawyer syndrome دريافت ڪيو هيو، ان ۾ XY ڪروموزوم جي هوندي بہ هڪ فرد عورت هوندو آهي، نفسياتي، جسماني ۽ هر لحاظ سان، سوائر سنڊروم واري عورت ۾ Y ڪروموزوم تہ موجود هوندو آهي پر ڪنهن وجھ سان هي پنهنجي هئڻ جو اعلان ناهي ڪري سگهندو، اهڙين عورتون کي ڳولهڻ، انجي Y ڪروموزوم جو هڪ هڪ ڪري ڪري مطالعو ڪرڻ، ان ۾ اها ڦير گهير ڳولهڻ جنهن جي وجھ سان هي پنهنجو ڪم نہ ڪري سگهيو، هي جنس جي جين ڳولها هئي (۽ هي سولي نہ هئي) 

ڊيوڊ پيج جن ايم آئي ٽي ۾ پنهنجي ٽيم سان گڏ ان طريقي سان Y ڪروموزوم جو هڪ علاقو دريافت ڪري ورتو هيو، هي سڀ محنت گهربل هيو، هڪ هڪ ڪري ڪري ان علائقي مان جين کي پڙهڻو هيو، گڊفيلو اڳتي وڌي رهيا هيا جڏهن انهن کي 1989ع جي گرم موسم ۾ انهن کي خبر ملي تہ پيج جن جين دريافت ڪري ورتي آهي، انکي ZFY جين چيو ويو، صحيح جڳھ تي موجود جين شروعات ۾ سٺو اميدوار لڳي رهي هئي پر جڏهن گڊفيلو جن انجو احتياط سان گڏ تجزيو ڪيو تہ هي فٽ نہ ٿي رهي هئي، سوائر سنڊروم واري عورتن جا سيڪونس ۾ ان جين جي ڪا اهڙي ڦير گهير دريافت نہ ٿي جيڪا سگنلنگ روڪيندي هجي، گڊفيلو واپس پنهنجي ڳولها ۾ لڳي ويا 

پيج جي ٽيم صحيح جڳھ تائين تہ پهچي وئي هئي پر صحيح جين کي مس ڪري ڇڏيو هيو، انهي سال ان مان ويجهو هڪ ٻئي جين ملي، ننڍي جين، سواءِ ڪنهن انٽرون جي، ٽائٽ پيڪنگ ۾، غير دلچسپ لڳڻ واري، انجو نالو SRY رکيو ويو، هي SRY پروٽين بڻائيندي هئي، ان پروٽين جي نر جانورن ۾ موجودگي بہ ان خيال سان صحيح ٿيڻ جي طرف اشارو هئي، سوائر سنڊروم واري عورت جي تجزي ان جين جي هڪ ڦير گهير کي ظاهر ڪري ڇڏيو هيو جيڪو ان خاندان جي ٻين فردن ۾ نہ هئي، پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ڏيڻ جي لاءِ هڪ آخري ڊرامائي تجربو رهجي ويو هيو 

جيڪڏهن هي جنس جو ارادو ڪندي آهي تہ جيڪڏھن مادي ۾ ان جين کي فعال ڪري ڇڏجي؟ ڇا مادي کي نر بڻائي سگهجي ٿو؟ گڊفيلو جن مادي ڪوئن ۾ ان جين جي اضافي ڪاپي داخل ڪئي، انجي اڳئي نسل ۾ جيڪي ٻچا XX سان گڏ پيدا ٿيا هيا ( جينياتي لحاظ سان مادي) اها جسماني لحاظ کان ۽ عادتن جي حساب سان نر هئي، گڊفيلو جن ابتي سوائر سنڊروم هڪ جين کي تبديل ڪري پيدا ڪري ڇڏيو هيو

تہ ڇا جنس خالي هڪ جين آهي؟ تقريبن، سواءِ ايسٽروجن جي ليول جي سطح گهٽ هئڻ جهڙي ڪجھ هڪ شين جي ان جين جي غيرفعال ٿيڻ جي وجھ سان XY هئڻ جي باوجود جنسي سڃاڻپ هر لحاظ کان عورت جي هئي، SRY جين ۾ هڪ تبديلي پوري ماڻهون کي بدلي ڇڏيندي آهي، هي گهڻو ئي ساڌو آهي، جيئن هڪ سوئچ آن يا آف ٿي وڃي، آنم ڪنھن بہ طرح جو ڪو شڪ ناهي 

پر جيڪڏهن هي هڪ آن يا آف سوئچ آهي تہ مرد ۽ عورت جي وچ جا ڪيترا رنگ؟ انجو پس منظر جينومڪ ڪوڊ جي جينياتي ڪاسڪيڊ - آبشار آهن 

هلندڙ....

اسان سڀ هڪجهڙا آهيون؟ جين (20)

https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2732613217020752/

#ScienceJeDuniya 

اسان سڀ هڪ جهڙا آهيون؟ جين (20)


اسان سڀ هڪ جهڙا آهيون؟ جين (20)
”دريا خان سنڌي“
ميڊيڪل سائنس دنيا کي ابتي نظر سان ڏسندي آهي، صحتمند هئڻ جو مطلب بيماري نہ ٿيڻ آهي، هڪ ارٿوپيڊسٽ جي لاءِ هڏي اها شيءِ آهي جتي فريڪچر ٿيندا آهن، نيورلوجسٽ جي لاءِ دماغ اها شيءِ آهي جتي يادداشت وڃائجي ويندي آهي، بائيولوجي ۾ جين جي نالن سان گڏ گهڻو عرصو هي سلوڪ ٿيندو رهيو”ڇاتي جي ڪينسر جي جين“،”هنٽنگٽن بيماري جي جين“ مکين ۾”پر غائب ٿيڻ جي جين“ اهوئي پروٽين بڻائيندا آهن جيڪي پر بنائڻ جي هدايت ڏيندا آهن، هي خراب هجن تہ پر ناهين بڻجندا، هي نالا ايئن هيا جيئن اسانجي عضون ۾ دماغ جو نالو ويسر، معدي جو نالو السر، دل جو نالو هارٽ اٽيڪ يا هڏي جو نالو فريڪچر رکي ڇڏجي 

انساني جينوم ڄڻوٺو پراجيڪٽ ان تصوير کي بدلي ڇڏيو ۽ هي جين جي باري ۾ سوچ جي بنيادي تبديلي هئي، جينيات جو علم پيٿالوجي يا بيمارين جو نہ رهڻ هيو، جين جي نئي سائنس تاريخ، زبان، يادداشت، ڪلچر، سڃاڻپ ۽ نسل جي هئي، هي نارمل انسان جي سائنس هئي، صحت، سڃاڻپ ۽ قمست جي، هي جين جي ڪھائي جو ٽرننگ پوائنٽ هيو، جين، زندگيءَ ۽ معاشري جي سائنس جنھن تاريخ جي ڳجهائي ترين سائنس جي، فلسفي جي ۽ اخلاقيات جي سوال اسانجي سامهون وٺي کڻي گڏ ڪيا 

جين نسل جي باري ۾ ڇا ٻڌائيندي آهي؟ گهڻو ڪجھ، سڀ کان پهريان تہ هي تہ ڪنھن بہ جاندار جي مقابلي ۾ انسانن ۾ قسم جي گهٽتائي آهي، اسان هڪ گهٽ عمر قسم آهيون، اسانجي هڪٻئي سان فرق گهڻو گهٽ آهن، پر جڏهن اسان غور سان جينوم ڄڻوٺو کي ڏسون تہ انجي ڦير گهير تبديلي اسانکي جغرافيائي علائقن ۽ کنڊن ۾ ڏيکاربي آهي، هر فرد جو جينوم ڄڻوٺو پنهنجي وڏن جا نشان رکندو آهي، ڪنھن ھڪ فرد جي جينيات انجو تاريخي علاقو، قوميت، رياست ۽ ايستائين تائين جو قبيلي کي بہ حيرت انگيز ايڪوريسي سان بيان ڪري ڇڏيندا آهن 

نسل پرستي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪجھ ماڻهو نسل جي هئڻ جو انڪار ڪري ڇڏيندا آهن، جڏهن ڪو فرد پنهنجي باري ۾ پتو لڳائيندو آهي تہ انجا وڏا ڪٿان ڪٿان کان آيا، تہ حيران ڪرڻ وارو تجربو هوندو آهي، نسل جي تعريف جي حدون ايتري واضح ناهين، هي  منجهيل ۽ دهندلي ليڪون آهن، پر پوءِ ڪنهن کي ڏسندي ئي اندازو لڳائي وٺڻ تہ فلاڻو ماڻهون فلاڻي نسل يا قوم سان واسطو رکندو آهي، ڪنھن جي لاءِ بہ سولو آهي، حقيقت هي آهي تہ جينوم ڄڻوٺو جي دور ۾ نسل جو تصور گهٽ نہ ٿيو، پر، نسل پرستي جو اصل سوال هي نہ آهي 

”عادتون نسل جو پتو ڏينديون آهن“ ”منھنجي قوم جهڙو ڪو ناهي“ ” ماءُ ۽ پيءُ مان نسل “ ”اصل نسل“، اعلانيل يا پوءِ غير شعوري طور تي اسان هي تصور رکندا آهيون تہ نسل ڪيتريون ۽ شيون ٻڌائي سگهن ٿا، هي قومپرستي ۽ نسل پرستي ۽ جين پرستي جي بنياد آهي“
هڪ نسل پرست جي لاءِ سوال اتي هي ناهي هوندو تہ ڪنھن ماڻهو جو رنگ، وار، اک، زبان وغيرھ سان انجي وڏن جي باري ۾ ٻڌائي سگهون ٿا يا نہ، جينوم جڻوٺو هاڻ اسانکي ان مان بہ گهري معلومات ڏيندو آهي، نسل پرستي جو اصل سوال ان کان ابتو هوندو آهي، ڇا نسلي سڃاڻپ ( ڪاري رنگي آفريڪي، پٺاڻ، انگريز وغيرھ) جي مدد سان اسان وڌيڪ ڳجهائي فيچرز جو ڄاڻي سگهون ٿا؟ ذهانت، عادتون، شخصيت، قابليت، مزاج؟ جين نسل ٻڌائي ڇڏيندي پر ڇا نسل جين جي باري ۾ ٻڌائيندي آهي؟ 

انجو جواب ڄاڻن جي لاءِ اسان نسلي ڪيٽگري جي وچ ڊسٽريبيوشن ورڇ جا اڀياس ڪري سگهون ٿا، ڇا آفريقي ۽ يورپي جينياتي ڪوڊ جي وجھ سان ذاتي، جسماني ۽ ذهني خاصيتن ۾ ڪا معني خيز فرق ايندو آهي؟ ۽ هاڻي اسان انطرح جي سوالن جا جواب عددن ۽ شمارن جي مدد سان ڄاڻيندا آهيون، جيڪو ڪنھن بہ طرح جي نسل پرست جي لاءِ مايوس ڪندڙ آهن 

هر شمار ڪئي وڃڻ واري ڳجهائي خاصيت ۾ جواب هڪ ئي نڪرندو آهي، هڪ نسل جي اندر ماڻهن ۾ فرق هڪ نسل ۽ ٻئي نسل جي فرق جي مقابلي ۾ گهڻو وڌيڪ آهن، يعني انسان هڪ جهڙا ناهين ۽ انسانن جي صلاحيتن ۾ فرق آهن( هي عام مشاهدا آهن) پر انجو ڪنهن نسل سان واسطو گهڻو گهٽ آهي، انجي وجھ پاڻ جين ۾ ڏسجي سگهجي ٿي، جينياتي وير ايشن ڦير گهير تبديلي هڪ گروپ جي فردن جي اندر اندر، ٻئي گروپس جي مقابلي ۾ گهڻي وڌيڪ هوندو آهي، فردن ۾ تہ فرق آهي، قومن ۾ ناهي 

جڏهن اسان ڪنھن خاصيت جي تعريف جو فوڪس وڌايندا وڃون تہ هي فرق ظاهر نظر اچن لڳندا، سڪل سيل انيما جي بيماري غرب الھند جي ڪاري رنگ جي آبادي ۾ وڌيڪ هوندي، ٽي سيڪس جي بيماري آشڪيناري يهودين ۾، ڇوجو انجو واسطو هڪ جين سان آهي، پر جينوم ڄڻوٺو ون وي اسٽريٽ آهي، جينوم ڄڻوٺو ۾ فرد جي تاريخ جو دستخط آهي پر تاريخ جو دستخط فرد جي باري ۾ گهڻو گهٽ معلومات ڏيندو آهي، ڊي اين اي ڏسي ڪري هي ٻڌائجي سگهجي ٿو تہ ان ماڻهو جا ڏاڏا اباڻا نائيجيريا کان هيا پر هي نہ تہ ان وجھ سان هي فرد ڪيئن هوندو 

ماهر جينيات هي ٻڌائي ڪري خوشي خوشي گهر هليو ويندو آهي، نسل پرست خالي هٿ رهجي ويندو آهي 

جينز خاصيتون ڏيندا آهن، انھن کي ڪيٽگري ۾ ورڇ ڪرڻ ناهين ٻڌائيندا، هي ماحول، ڪلچر، جغرافیا ۽ تاريخ ڪندي آهي، جيڪا جينياتي ويري ايشن ڦير گهير تبديلي ڪنهن هڪ جڳھ تي وڌيڪ هجي، انکي نارمل چيو ويندو آهي، ( ڪيترا ڀيرا قدرتي، ذهني ۽ جسماني لحاظ سان صحت مند بہ) جيڪي ويري ايشن ڦير گهير گهٽ هجي، انکي ميوٽنٽ چئي ڇڏيندا آهن، ۽ هي لساني تفريق جينياتي ڦير گهير سان گڏ گڙبڙ ٿي ويندي آهي، جڏهن هڪ جينياتي ويري انٽ ڪنهن جاندار جي هڪ ماحول ۾ ڦٽنس متاثر ڪري تہ اسان انکي جينياتي بيماري چوندا آهيون، جڏهن اها ئي ويري انٽ ان ڦٽنس کي وڌائي ڇڏي تہ انکي جينياتي بهتري 

ارتقائي بائيولوجي ٻڌائيندي آهي تہ هي لفظ پاڻ ۾ بي معني آهن، انجو واسطو ماحول سان آهي، ماهر نفسيات ايليسن گوپنگ موجب،”جڏهن ڪو پڙهڻ نہ ڄاڻيندو هيو تہ ڊسليڪسيا ( لکڻ پڙهڻ ۾ مشڪل) مسئلا نہ هيو، هڪ تعليم يافتا معاشري ۾ جين جي هي ويري ايشن ڦير گهير زندگيءَ بدلي ڇڏڻ واري بيماري بڻجي وئي“. 

جینیات کان نسلي پرستي جو خوفناڪ پاڇو يوجينڪس ۽ پوءِ نازي ازم جي صورت ۾ ريڪور ٿيو هيو، جينومڪس جن انکي واپس بوتل ۾ بند ڪري ڇڏيو” اسان سڀ هڪ هي تہ آهيون، خالي رنگ جو ئي فرق آهي

هلندڙ...

انسان جي ڪتاب - جين (19)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2723927594555981/

#ScienceJeDuniya