Saturday 2 November 2019

ننڍو بليڪ هول، ڪارونڀار

Scientists discovered a new class of black holes

ننڍو بليڪ هول، ڪارونڀار

ڪائنات جي ڏُورانيهن ديس ۾ هاڻي تائين جو سڀ کان ننڍو بليڪ هول دريافت، جنھن سان پاڻ بليڪ هول جي ٺهڻ جي هاڻوڪي نظرين تي نظر وجھڻ جي ضرورت بہ ٿي سگھجي ٿي
ماهرن ڏھ ھزار نوري سال جي پنڌ تي هاڻي تائين جو سڀ کان ننڍو ڪمزور بليڪ هول دريافت ڪيو آهي هن عڪسي تصوير ۾ ڳاڙهي تاري جي ويجھو هڪ بليڪ هول نظر اچي رهيو آهي 

ان بليڪ هول جي عراضي ويھ ڪلوميٽر آهي ۽ اهو هڪ وڏي تاري جي ويجھو چڪر لڳائي رهيو آهي پر ان کي کائڻ يا انجو مادو چوري ڪرڻ کان مجبور آهي ٽياسي ڏينهن ۾ هي بليڪ هول پنھنجو هڪ چڪر پورو ڪري وٺندو آهي ۽ اهو خيال آهي تہ اهو زمين کان ڏھ هزار نوري سال جي پنڌ تي آهي
ان بليڪ هول کي اوهايو اسٽيٽ يونيورسٽي جي ٽوڊ ٿامپسن ۽ ان جي ٽيم دريافت ڪيو آهي 

ان ننڍي بليڪ هول جي ڪميت اسانجي سج کان ساڍا ٽي سيڪڙو وڌيڪ آهي جيڪڏهن ڪو نيوٽران تارو يا بليڪ هول اسانجي سج کان ٻيڻون يا پنج سيڪڙو  وڌيڪ جسامت جو هجي تہ محقق انکي ماس گيپ چوندا آهن نيوٽران تارو يا بليڪ هول ٻہ اي گھڻي وڏي تاري جي تباھ ٿيڻ سان پيدا ٿيندا آهن ٽوڊ ٿامپسن موجب اسان انھي طرح جا ننڍا بليڪ هول جي هڪ نئي قسم دريافت ڪرڻ وڃي رهيا آهيون ۽ انھن جي صحيح انداز ۾ درجا بندي جي ضرورت آهي ان بنياد تي ننڍا بليڪ هول ۽ نيوٽران تارن تي وڌيڪ تحقيق سامھون آئي آهي

بليڪ هول... 

1 comment: