Wednesday 28 November 2018

Where do the dead cells go after dying? مرڻ کان پوءِ مئل گهرڙا ڪاڏي وڃن ٿا؟

Where do the dead cells go after dying?
مرڻ کان پوءِ مئل گهرڙا ڪاڏي وڃن ٿا؟
"دريا خان سنڌي"

انساني جسم ۾ گھري ڳاڙهي يا ڄمون رنگ جو هڪ عضوو ٿئي ٿو جنھن کي سپلين يا تري چئبو آهي انهيءَ کي عام طور تي رت جي ڳاڙهن گهرڙن جو قبرستان چئجي ٿو
رت جي ڳاڙهن گهرڙن جي عمر تقريبن هڪ سو ويھ ڏينھن هجي ٿي جنھن کان پوءِ ھي ناڪارا ٿي وڃن ٿا. ھي ناڪارا يا پنھنجي طبعي عمر پوري ڪرڻ وارا گهرڙا جڏھن اسپلين يا تري مان گذرن ٿا ڄڻ ھي گهرڙا تري ۾ قيد ٿي وڃن ٿا. اهو ان ڪري ٿيندو آهي جو تري ۾ مدافعتي نظام جو حصو وڏا اڇا گهرڙا يا "میڪرو فیج" پاتا وڃن ٿا جيڪي انهن گهرڙن کي پڪڙي کائڻ شروع ڪن ٿا. انھي عمل دوران ڳاڙهن گهرڙن جو ڪارآمد مواد يعني پرٿ (ھیموگلوبن) ۾ موجود فولاد اتي ري سائڪلنگ جي لاءِ روڪيو ويندو آهي جڏهن تہ ٻيا ناڪارا مواد جسم جي خارجي نظام جي ذريعي ٻاهر نيڪال ڪيا ويندا آهن. فولاد جي ذخيري جي ڪري جيري جيان جانورن جي تري کي بہ رت جي گهٽتائي جي صورت ۾ فولاد جي حصول جو وڏو ذريعو سمجهو ويندو آهي

Device That Generates 'Negative Mass' ڊوائيس جيڪا ڪاٽو مايو پيدا ڪري ٿي

Device That Generates 'Negative Mass'
ڊوائيس جيڪا ڪاٽو مايو پيدا ڪري ٿي 
              تحقيق ڪندڙ – واميواڪاس ۽ سندس ساٿي                          
                       ترجمو--- پروفيسر بشير احمد  سومرو                                                                                      
فزڪس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هنن پهرين ڊوائيس ايجاد ڪئي آهي جيڪا اهڙا پارٽيڪلس (ذرا) پيدا ڪرڻ جي قابل آهي جيڪي ڪاٽو مايو هجڻ وارو برتاءُ ڪن ٿا. هيءَ ڊوائيس هڪ عجيب پارٽيڪلس پيدا ڪري ٿي جيڪي اڌ-روشني/ اڌ- مادو آهن، ۽ ڄڻ ته جيڪي گهڻو ٿڌو نه ٿيندا آهن، هي پارٽيڪلس هڪ نئين قسم جي ليزر جو بڻياد پڻ ٿي سگهندا جنهن کي موجوده ٽيڪنالاجيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ توانائيءَ کان گهٽ توانائيءَ تي به هلائي سگهبو. هيءَ ڊوائيس تازي پوليٽران (ڏسڻ ۾ پارٽيڪل جيڪو اليڪٽرو ميگنيٽڪ لهرن جي ملڻ يا هڪ اليڪٽرڪ يا ميگنيٽڪ ٻه-قطبي کڻڻ وارو ايڪسائيٽيشن) جي ٿيوريٽيڪل (نظرياتي) ڪم واري برتاءَ تي ٺاهي وئي آهي، جيڪي ظاهري طور تي اهڙو برتاءُ ڪن ٿا ڄڻ ته انهن کي ڪاٽو مايو آهي--- هڪ حيرت ۾ وجهندڙ خاصيت جيڪا شين کي چرندي ڏسي ٿي پاڻ ڏانهن جڏهن انهن کي ڌڪڻ واري قوت لڳائجي ٿي. 
روچسٽر يونيورسٽيءَ ۾ فزڪس جي ماهرن هڪ ڊوائيس پيدا ڪئي آهي جيڪا انهن کي حقيقي طور تي ڪمري جي گرميءَ جي درجي تي هي پوليٽران پيدا ڪرڻ جي اجازت ٿي ڏئي. سائنسدانن هي تجربو ڦوٽان کي هٿرادو طريقي سان پڪڙي ۽ انهن کي گڏ ڪيو هڪ قسم جي  اڌ يا غير حقيقي پارٽيڪل سان جنهن کي ايڪسائيٽان (اليڪٽرانن جي ٻڌل حالت ۽ هڪ اليڪٽران جو سوراخ جيڪو ڪشش ڪري ٿو هڪ ٻئي سان اليڪٽرو اسٽيٽڪ ڪولمب فورس سان) سڏجي ٿو جيڪي اڌ-روشني/ اڌ- مادو ٺاهن ٿا جنهن کي ڪجهه سائنسدان محبت منجهان ميجڪ ڊسٽ (جادوئي مٽي) جو حوالو ڏئي ظاهر ڪن ٿا. 
ڪوانٽم فزڪس جي ماهر نڪ واميواڪاس ٻڌايو ته فزڪس جي پس منظر ۾ هي اڪيلو دلچسپيءَ وارو ۽ اتساهه ڏياريندڙ تجربو آهي پر اهو ظاهر ڪري ٿو ڊوائيس کي پڻ جنهن کي اسان ايجاد ڪيو آهي جيڪا پيش ڪري ٿي ليزر لائيٽ کي پيدا ڪرڻ جو هڪ طريقو هڪ واڌو ننڍڙي بجليءَ جي مقدار جو. ان کان اڳ جو اسان ليزرس ۾ ڦاسي پئون، اچو ته پهرين ظاهر ڪيون ته واقعي به هي *ميجڪ ڊسٽ* پوليريٽان ڇا آهي. جيئن اسان اڳ ۾ چيو، هڪ پوليريٽان پيدا ڪرڻ جيڪو شامل ٿئي ٿو هڪ ڦوٽان کي گڏڻ ڪرڻ هڪ اڌ يا غير حقيقي پارٽيڪل سان جنهن کي سڃاتو وڃي ٿو هڪ ايڪسائيٽان جي طور تي. جيڪڏهن هڪ ساز هجي پارٽيڪلس جي لاءِ ته اتي حصا هجن شين جي لاءِ جهڙوڪ اليڪٽرانَ، ڪوارڪس ۽ ڦوٽانَ.  
سڌو ڳالهائيندي، غير حقيقي پارٽيڪلس هن جي پنهنجي هڪ حصي جي لاءِ ڪامياب نه ٿيندا. اهي انهيءَ جي بدران گڏيل برتاءُ ٺاهيندا ٻين پارٽيڪلس جو، وڌيڪ بانسرين يا مرلين جهڙي هم آهنگي. جڏهن اهي عمل ڪن ٿا ڌار، پارٽيڪلس جهڙين شين جو، اهي اڪثر ڪري ساڳيو ئي ڪم ڪن ٿيون. غير حقيقي پارٽيڪل سوال ۾ سڏجي ٿو هڪ ايڪسائيٽان ۽ اهو هڪ واڌو اليڪٽران آهي هڪ قسم جي وٿي سڏجي ٿي هڪ اليڪٽران خال.
 جوڙو ڪولمب فورس جي ڪري گڏ ٻڌل آهي، اڪثر ٺهي ٿو جڏهن روشني تعلق رکي ٿي ڪجهه مٽيريل سان. هن اڀياس جي حالت ۾، جيڪو مٽيريل ائٽمي طور تي سنهو ڪجهه پسرائيندڙ ٿيڻ گهرجي جيڪو موليبڊينم ڊاءِسيلينائيڊ (هڪ غير نامياتي مرڪب جيڪو موليبڊينم ۽ سيلينم جو ٺهيل آهي) مان ٺهيل آهي. تحقيق ڪندڙن ڪجهه پسرائيندڙن کي  هڪ آپٽيڪل ننڍڙي خال سان ملائي—هڪ شيشن جو ننڍڙو ڪمرو استعمال ڪيو ويو جنهن ۾ روشنيءَ جي هڪ خاص فريڪئنسيءَ کي محفوظ ڪري هڪ بيهڻ واري لهر ڏانهن ڪيو ويو. هي ملائي ٿي شناخت ايڪسائيٽان جي شناخت کي هڪ بيهڻ واري روشنيءَ سان  هڪ پوليريٽان ٺاهڻ جي لاءِ. اهڙا غير حقيقي پارٽيڪل واقعي نوان نه هوندا آهن پر تحقيق ڪندڙن جي مطابق گهڻا پوليريٽان ڪم ڪن ٿا هاڻي تائين ٿيا آهن فقط غير حقيقي پارٽيڪلس ٺهيا جيڪي نيوٽرل (بغير ڪنهن چارج جي) ايڪسائيٽان ڦوٽان مان ٺهيا جي، ۽ نه ٻين مونجهارن تي.
هيءَ نئين ڊوائيس اجازت ڏئي ٿي تحقيق ڪندڙن کي مختلف قسمن جي پوليريٽان جي وچ ۾ تعلقاتن کي ثبوت ڏئي ظاهر ڪرڻ جو. ۽ اها ظاهر ٿئي ٿي ته اهي نه يقين ۾ ايندڙ اسرار آهن. واميواڪاس چيو ته هڪ ايڪسائيٽان جي سبب جي ڪري ڇڏڻو پوي ٿو ڪجهه انهيءَ جي پنهنجي شناخت هڪ ڦوٽان ڏانهن پوليريٽان پيدا ڪرڻ جي لاءِ، اسان ختم ڪيون ٿا هڪ شيءِ کي جنهن سان ڪاٽو مايو لاڳاپيل آهي. ڪاٽو مايو هڪ سخت تصور آهي پنهنجي مٿي کي چوڌاري ٻڌڻ جي لاءِ، پر اهو اهم آهي غور ڪرڻ واري نسبت سان.  
مايي جو اڪثر ڪري مشاهدو ڪيو ويندو آهي هڪ فورس يا هڪ مزاحمت جي رويي جي طور تي. اهو ڏکيو آهي ڌڪڻ ۽ روڪڻ هڪ بائولنگ ٿيندڙ بال کي هڪ چدي جي ڀيٽ ۾. هڪ شيءِ جيڪا برتاءُ ڪري ٿي ڄڻ ته انهيءَ کي ڪاٽو مايو آهي، جهڙيءَ طرح پوليريٽانَ هنن حالتن هيٺ، برتاءُ ڪندا توقع کان ابتڙ طريقن سان. واميواڪاس چيو ته اهو قسم آهي هڪ دماغ ڦيرائڻ واري شيءِ آهي سوچڻ جي حوالي سان، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن توهان ڪوشش ڪيو ڌڪڻ يا ڇڪڻ جي ان کي، اهو ويندو اوهان جي ادراڪ جي طرف کان مخالف طرف ڏانهن. جيڪو برتاءُ ڪري سگهندو آهي ڪنهن حد تائين اڀار وارين ايپليڪيشنس وانگر، انهن مان هڪ حرڪت ۾ آڻي اليڪٽرو ميگنيٽڪ ريڊيئيشن جي خارج ٿيڻ جي. ڪجهه شيءِ جيڪا عام طور تي گهڻو سمجه ۾ اچي ٿي جيئن شيءِ جيڪا ڦُوٽان جي قطار ٺاهي ٿي ٿا ڪن هڪ ليزر تي. واميواڪاس جي چواڻي ته پوليريٽان سان اسان پيدا ڪيو آهي هن ڊوائيس سان، هڪ ليزر کي آپريٽ ڪرڻ جي هدايت مڪمل طور تي مختلف آهي. ڏيکارين ٿا خاصيتون ڪاٽو مايي جي هجڻ جون، پوليريٽانَ ليزر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪندا گهڻي گهٽ توانائي داخل ڪرڻ سان. 
ويجهن سالن ۾ غير حقيقي پارٽيڪلس وڏي خبر آهن پارٽيڪل فزڪس جي ٻين ايريا ۾، ڏيکارين ٿا قوت ٻين ٽيڪنالاجيز ۾ جهڙيءَ طرح ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ. ايتريقدر جو فزڪس جي ماهرن غور ڪرڻ شروع ڪيو آهي جيڪڏهن هي روشنيءَ ۽ مادي جي هن ميجڪ ڊسٽ کي استعمال ڪري سگهنداسين بنياد جي طور تي ته هڪ مڪمل طور تي نئون سپر ڪمپيوٽر وجود ۾ اچي سگهندو

Immune Cells We Thought were Useless.

Immune Cells 
We Thought were Useless.
تحقيق : ڪرس گوڊ نائو۽ ساٿي
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو

هڪ جيو گهرڙن جو ڪلاس جنهن کي Self-reactive Immune جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو جنهن جي لاء ٽيهه سال اڳ ۾ هي تصور هيو ته اهي جيو گهرڙا ڪنهن به ڪم جا نه آهن يا وري اهي اسان جي پنهنجي صحت جي لاٻ وڏا هاڃيڪار آهن جيڪڏهن اهي سرگرم ٿين ته پر تازي تحقيق جي مطابق اهي جيو گهرڙا اسان جي جسم جا لڪل هٿيار آهن جيڪي اسان جي جسم جي اندر انفيڪشن پيدا ڪندڙ خوردبيني جاندارن سان مقابلو ڪري ٿا سگهن۔
آسٽريليا ۾ تحقيق ڪندڙن جي ٽيم گوڊ نائو جي اڳواڻيء ۾ ڪوئن ۾ Silenced B جيو گهرڙا ڳولي لڌا، هي رت جا ننڍڙا اڇا جزا (Lymphocytes) جيڪي ڏسڻ ۾۾ ته Dormant ٿي آيا پر جڏهن اهي سرگرم ٿين ٿا جيئن اڳ ۾ تصور هيو اهي اسان جي جسم کي نقصان ڏين ٿا Auto Immune جي صورت ۾۾۔
ڪرس گوڊ نائو وضاحت ڪئي ته هتي هي سوال هي ٿو پيدا ٿئي ٿو ته آخر ايڏي وڏي تعداد ۾ جيو گهرڙن جو موجود هجڻ سان اسان جي جسم کي ڪهڙو فائدو ٿئي ٿو جڏهن ته انهن جون اينٽي باڊيز اسان جي صحت جي لاء لڳاتار خطرو آهن جن جي لاء هڪ دفعي اهو سوچيو هيوسين ته انهن کي مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيون۔
هن تجربي ۾۾ اسان کي اهوجواب ملي ويو آهي ته Self- reactive B جيو گهرڙا اسان جي پنهنجي جيو گهرڙن کي تباه ڪرڻ جي بدران انفيڪشن پيدا ڪندڙ خوردبيني جاندارن سان مقابلو ڪن ٿا۔
هن قسم جي نئين دريافت اسان کي ايڇ آء وي ۽ ڪيميپائلوبيڪٽر جهڙين بيمارين کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي جيڪي اسان جي Immune System ۾ لڪي وڃن ٿيون ۽ اهي اسان ۾ موجود حياتياتي سامان جو نقل ڪن ٿيو۔
گوڊنائو وڌيڪ چيو ته اسان کي هاڻي خبر پئي آهي ته اسان جي جسم جو هر Immune Cell قيمتي آهي جيڪو هر وقت اسان جيجسم جو دفاع ڪندو رهي ٿو۔

Artificial photosynthesis هٿرادو روشنائي ترڪيب

Artificial photosynthesis
                                              هٿرادو روشنائي ترڪيب                                    
                                    تحقيق—پروفيسر ڊن وئي وانگ                                                                          
                             ترجمو—پروفيسر بشير احمد سومرو                                                                         
بوسٽن ڪاليج ۾ سائنسدانن جي هڪ ٽيم جيڪا پروفيسر ڊن وئي وانگ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪندي اريڊيم وارو ڪيٽالسٽ (اهڙو مادو جيڪو ريئيڪشن کي وڌائي پر پاڻ تبديل نه ٿئي) تيار ڪري ورتو جنهن ۾ صرف ٻه سرگرم ڌاتوئي مرڪز هيا. گهڻي اثر وارن، تجربن ظاهر ڪيو ته ڪيٽالسٽ جي هڪ واضع بناوت هجڻ گهرجي، جيڪو هڪ پيداواري پليٽ فارم وانگر مستقبل جي تحقيق جي ڪم ڪرڻ جي لائق هجي خاص طور تي سولر فيوئل سينٿيسز (سج مان ٻارڻ کي ترڪيب ڏيڻ).
 پروفيسر وانگ هن تحقيق جي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته اسان جي تحقيق سڌي طرح سج واري توانائي جمع ڪرڻ واري ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل آهي جيڪا سنجيده چيلينج کي ڇهي ٿي ته سج جي توانائي بي ترتيب آهي. ان جي ڪري سڌيءَ طرح سان سج جي توانائي گڏ ڪرڻ ۽ انهيءَ توانائيءَ کي ڪيميڪل بانڊز ۾ جمع ڪرڻ آهي، ساڳئي طرح سان جيئن ڦوٽو سينٿيسز (روشنائي ترڪيب) ڪم ڪري ٿو وڏي اثر سان پر گهٽ خرچ تي.    
تحقيق ڪندڙن هڪ اڪيلي ائٽم واري ڪيٽالسٽ تي گهڻو وقت خرچ ڪيو آهي جيئن
 ۽ مشڪل سان کوجنا ڪئي هڪ ائٽمي طور تي ٽڙيل پکڙيل ڪيٽالسٽ تي(SACs)
  جنهن ۾ ٻه ائٽم ظاهر ٿين. پنهنجي تحقيقي پيپر جنهن جو عنوان 
"Stable iridium dinuclear heterogeneous catalysts supported on metal-oxide substrate for solar water oxidation,"
 سائنسدانن جي ٽيم پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ اهو لکيو ته هنن هڪ اريڊيم ڊاءِ نيوڪليئر هيٽروجينيس ڪيٽلسٽ ترڪيب ڏنو آهي سادي ڦوٽو ڪيميڪل طريقي سان. هي ڪيٽالسٽ ڏيکاري ٿو حد کان وڌيڪ پائداري ۽ وڏي سرگرمي پاڻيءَ واري آڪسيڊيشن ڏانهن، جيڪو هڪ اهم عمل آهي فطري ۽ هٿرادو ڦوٽو سينٿيسز ۾. 
تحقيق ڪندڙن ڪيٽالائيسز جي هن پاسي تي ڌيان ڏنو جيڪو مقابلو ڪري ٿو خاص چيلينجز سان خاص طور تي ملاوتي ڪيٽالسٽ جي تياريءَ ۾ جيڪي وڏي پئماني تي ڪيميائي صنعت جي تبديليءَ ۾ استعمال ٿين ٿا. گهڻا سرگرم هيٽروجينيس (مختلف) ڪيٽالسٽس اڪثر ڪري سادي نموني سان وضاحت ٿيل آهن ايٽمي بناوت ۾، جيڪو ان کي ماليڪيولي سطح وڌائڻ واري تفصيلي طريقي کي ڏکيو ڪري ٿو.  
ٽيم هڪ نئين ٽيڪنڪ جو فائدو حاصل ڪرڻ جي لائق ٿي وئي خاص طور تي اڪيلي ايٽم واري ڪيٽالسٽ کي سمجهڻ جي لاءِ ۽ هڪ مٽيريل وارو پليٽ فارم تيار ڪيو خاص ۽ ڪامپليڪس ريئيڪشن (پيچيده رد عمل) جي اڀياس ڪرڻ جي لاءِ جن کي هڪ کا وڌيڪ ايڪٽوِ سائيٽ (سرگرم هنڌ) گهرجن. وينگ چيو ته اسان جي ٽيم اهو فيصلو ڪيو ته جيڪو به ننڍي کان ننڍو سرگرم هنڌ ۽ وڌيڪ پائدار ملاوتي ڪيٽالسٽ ايڪو پاڻيءَ واري آڪسيڊيشن جو ٿي سگهندو. اڳ ۾ تحيقيق ڪندڙن هي سوال پڇيو هيو ۽ جواب صرف هم جنسي ڪيٽالسٽ ۾ ڳوليو هيو جنهن جي پائداري سادي هئي. هيءُ پهريون دفعو آهي، اسان کي هڪ جهلڪ نظر آئي طاقتور ملاوتي ڪيٽالسٽس جي صاف توانائيءَ واري پيدار وار ۽ جمع ڪرڻ ۾. 
تحقيق ڪندڙن لارينس برڪلي نيشنل ليبارٽريءَ جي ايڊوانس لائيٽ سورس ۾ ايڪس ري تي تجربا پڻ ڪيا جنهن ۾ اريڊيم ڪيٽالسٽ جي بناوت کي ظاهر ڪرڻ ۾ مدد ملي. انهن ٻه طريقا استعمال ڪيا—ايڪس ري ايبسارپشن فائين اسٽرڪچر ۾ ۽ ايڪس ري ايبسارپشن نيئر ايج اسٽرڪچر پنهنجي ماپن ۾. هي تجربا نئين ڪيٽالسٽ کي بهتر سمجهڻ جي لاءِ سنجيده شاهدي مهيا ڪن ٿا. هنن تجربن سنجيده ثبوت ڏنا نئين ڪيٽالسٽ کي بهتر انداز ۾ سمجهڻ جي لاءِ.
 وانگ چيو ته اسان جي ٽيم ڪيٽالسٽ جي سادگي ۽ پائداري ڏسي ڪري حيرت ۾ آئي، گڏجي وئي وڏي سرگرمي سان گهربل ريئيڪشن پاڻيءَ واري آڪسيڊيشن ڏانهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻيو قدم تحقيق ۾ شامل ڪجي ٿو ته جيئن اڳتي جي لاءِ ڪيٽالسٽ جي عملي استعمال کي بهتر بڻائي سگهجي جاچ واري ميدان ۾ ته جيئن ڪيٽالسٽ کي نئين ڪيميائي تبديليءَ ۾ لاڳو ڪري سگهجي

سپر آئيونڪ آئيس جيڪا ساڳئي وقت سخت ۽ پاڻياٺ ٿئي ٿي۔

سپر آئيونڪ آئيس جيڪا ساڳئي وقت سخت ۽ پاڻياٺ ٿئي ٿي۔

تحقيق: ماريس ملاٽ ۽ ساٿي
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو

لارينس لور مور نيشنل ليبارٽري ڪيليفورنيا ۾ ڪم ڪندڙ فزڪس جي ماهرماريس ملاٽ ۽ ساٿين پاڻيء جو هڪ نئون قسم *سپر آئيونڪ واٽر* دريافت ڪيو آهي ۔ سپر آئيونڪ واٽر جي دريافت تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تحقيق جاري هئي ڇاڪاڻ ته سائنسدانن جو خيال هيو ته اهڙو پاڻي يورينس يا نيپچون گرهن جي تهن ۾ ٿي سگهي ٿو۔
فزڪس جي ماهرن سپر آئيونڪ واٽر کي پيدا ڪرڻ وقت وڏو دٻاء ڏئي انهيٻ کي لڳاتار طاقتور ليزر جو لهرون هنيون ويون۔ 
ماريس ملاٽ نيو يارڪ ٽائيمز کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سپر آئيوواٽر کي فطري طور تي ڌرتيء جي مٿاڇري تي پيدا نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته انهيء جي لاء تمام گهڻو گرميء جو درجو ۽ دٻاء گهرجي ۔ هن تجربي جي لاء اسان تقريبن ٻه سال ماپون ٺاهيون ۽ وڌيڪ ٻه سال انهيء طريقه ڪار تي ڪم ڪري ڊيٽا جو تجزيو ڪيو۔
ماريس ملاٽ وڌيڪ چيو ته پاڻيء جي ماليڪيول ۾ هائڊروجن ۽ آڪسيجن جي ايٽمن جو ميلاپ V واري صورت ۾۾ هوندا آهن۔ هنن ايٽمن ۾ ڪمزور قوت موجود آهي جيڪا ٿڌي ٿيڻ تي ظاهر ٿئي ٿي اها انهن کي ڌڪي ڌار ڪري ٿي جڏهن پاڻي ڄمي 
ٿو۔ 
سپر آئيونڪ واٽر شديد گرميء تي پاڻيء جو بانڊ ٽٽي پوي ٿو جنهن جي ڪري آڪسيجن ائٽم ڪرسٽل بناوت ۾ ٿي وڃي ٿو ۽ هائڊروجن نيوڪلس يا آئنس انهن جي وچ ۾ وهڪرو پيدا ڪن ٿا جنهن جي ڪري سخت ۽ پاڻياٺ هڪ ئي وقت وجود ۾ اچن۔
ماريس ملاٽ وڌيڪ ٻڌايو ته سپر آئيونڪ واٽر کي پيدا ڪرڻ جي لاء  ڌرٿيء تي موجود گرميء کان ڏه لک دفعا مٿي گرميء جو درجو ڏئي ڪري پاڻيء کي ٻن هيرن جي تهن مان گذاري هڪ خاص قسم جي برف پيدا ڪئي ٿي وڃي جنهن کي VII برف سڏجي ٿو جيڪا ڪمري جي گرميء جي درجي تي سخت رهي ٿي۔ 
هڪ ڌار ليبارٽريء ۾ برف منهنجان ليزر شاڪ گذاري وئي جنهن جون لهرون سيڪنڊ جي 10کان 20 ارب حصي ۾ رهڻ جي نتيجي ۾ سپر آئيونڪ واٽر پيدا ٿي پيو۔

ڪينسر سان جهيڙيندڙ نينو روبوٽ

ڪينسر سان جهيڙيندڙ نينو روبوٽ
                                       تحقيق—پروفيسر ملٽن گلڪ                                                         
                            ترجمو--- پروفيسر بِشير احمد سومرو                                                 
ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي ۽ نيشنل سينٽر فار نينو ٽيڪنالاجيءَ جي گڏيل سائنسدانن جي ڪوشش سان ڊي اين اي جو نينو روبوٽ ايجاد ڪيو آهي جيڪو ٽيومر ۽ ڪينسر جي ٻين قسمن جي جيو گهرڙن کي سسائي انهن جي رت جي سپلاءِ ڪٽي ٿا ڇڏين.                                                                 
سائنسدان پروفيسر ملٽن گلڪ نينو روبوٽ سان ٿيندڙ ڪينسر جي علاج جي حوالي سان ٻڌايو ته هيءَ ٽيڪنالاجي هڪ حڪمت عملي آهي جيڪا ڪيترن ئي قسمن جي ڪينسر جي خلاف استعمال ڪري سگهجي ٿي جنهن جو هڪ سبب هي به آهي ته کاڌي پهچائڻ واريون رت جون ناليون لازمي طور تي ساڳيون ئي آهن. هن قسم جي ڪامياب ٽيڪنالاجيءَ جو پهريون ڀيرو ٿڻائتن جانورن مان ڪوئن تي ڪيو ويو آهي خاص طور تي انهن ڪوئن تي جن کي بريسٽ (ٿڻ)، ميلينوما، ٻچيداني ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر هئي تي اڀياس ڪيو ويو آهي.
سائنسدان يان جيڪ هن تحقيقي جٿي جو حصو آهي جو چوڻ آهي ته ڊي اين اي جو نينو روبوٽ هڪ ايٽمي اسڪيل تي جوڙيو ويو آهي جيڪو گهڻي کان گهڻيون پيچيده بناوتن ٺاهڻ جي قابل آهي. هن نينو روبوٽ جون سرون ڊي اين اي مان ٺهن ٿيون جيڪي پنهنجو پاڻ سڀني صورتن ۽ ماپن ۾ ويڙهي سگهي ٿو. هي نينو انساني وار جي ماپ کان هڪ هزار دفعا ننڍو آهي. هي نينو روبوٽ هن اميد سان ايجاد ڪيو ويو آهي ته اهي هڪ ڏينهن ڪمپيوٽنگ، اليڪٽرانڪس ۽ ميڊيسن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيندا. هن ايجاد ساڳئي وقت تي سائنس جي هڪ برانچ (شاخ) ميڊيسن ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي يعني نينو ميڊيسن جنهن جو اهم مقصد اهڙين بيمارين جو علاج ڳولهي ڪڍڻ جن ۾ ننڍڙا ماليڪيول يا پارٽيڪلس ملوث ٿين ٿا جهڙيءَ طرح سان ڪينسر جهڙي پيچيده بيماريءَ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم اچي سگهي ٿي.
هي نينو روبوٽ هڪ سڌي ۽ مستطيل ڊي اين اي جي تبديل ٿيل شيٽ (چادر) جيڪا 90 باءِ 60 چورس نينو ميٽرن جي ماپ جي آهي ۽ انهيءَ شيٽ جي مٿاڇري کي رت کي ڄمائيندڙ انزائيم (رطوبت) ٿرامبن لڳايو ويو آهي جنهن جي ڪري ڊي اين اي جو هڪ چبوترو ٺهي وڃي ٿو ۽ علاج ڪرڻ وقت اهو هڪ سڌي شيٽ يا مختلف ماپ يا شڪل ۾ تبديل ٿي ڪري ڪينسر جي جيو گهرڙن کي ختم ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو

انسائيٽ Insight Mission

مريخ سياري تي انسائيٽ پاران لينڊنگ کانپوءِ  تازه ترين
تصوير ورتي وئي آهي

هي ڇھ سال کانپوءِ ڳاڙهي رنگ واري سياري تي ناسا جو پهريون مشن آهي 
هي تصوير انسائيٽ جي 
Instrument Deployment Camera 
جيڪو مٿان کان لڳل اٿس انجي ورتل آهي
جيڪا مريخ سياري جي ٽائيم مطابق 2:04:36 بجي ورتي وئي آهي
مريخ سياري تي سج 24 ڪلاڪ 37 منٽن جو ٿئي ٿو
جڏھن تہ ڌرتيءَ سياري تي 24 ڪلاڪن جو ٿئي ٿو

جنيٽڪلي ايڊٽ ٿيل ٻار

جنيٽڪلي ايڊٽ ٿيل ٻار 

.تحقيق  ڪندڙ: ڊاڪٽر ھي جيانڪيوئي
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو

جڏهن کان سائنسدانن ڪرسپر ( ڪلسٽرڊ ريگيولرلي انٽ اسپيسڊ شارٽ پيلنڊرامڪ رپيٽس) ھڪ طاقتور جين ايڊٽنگ ٽيڪنڪ سائنس جي تحقيقي ميدان ۾ آندي آهي تڏهن کان وٺي اھي محتاط ھيا ته ڪٿي اھو  ڏينهن نه اچي وڃي جو ڪاٽو سوچ وارا سائنسدان جنيٽيڪلي الٽرڊ (جينياتي تبديلي) انسان نه پيدا ڪري وجهن ـ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن انهيء ٽيڪنڪ  تي بندش لڳائي ڇڏي آهي ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ انهيء ٽيڪنالاجيء جو غلط استعمال ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ پيدا ٿيندڙ ھر ٻار جو ھر عضوو يا خاصيت تبديل ٿي سگهي ٿي جيئن اک جي رنگ کان وٺي ذھانت تائين ـ
اھا گھڙي جنهن جو خوف ھيو  سا نيٺ اچي وئي يعني چين جي سائنسدانن اعلان  ڪيو آهي ته انهن دنيا ۾ پھريون  دفعو جنيٽيڪلي ايڊٽ ٻار پيدا ڪيا آهن, جاڙيون ڇوڪريون جيڪي ھن مھيني ۾ ئي پيدا ٿيون آهن ـ
تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر ھي جيانڪوئي چيو ته ھن جين کي ايمڀريو ۾ الٽر ( تبديل) ڪيو ھيو, پر ماء جي ڳھڻ ۾ رکڻ کان اڳ ۾, جين الٽر ڪرڻ جو مقصد ھي ھيو  ته جيئن ٻارڙين جا جسم ھيومن اميونو ڊفيشنسي وائرس (ايڇ آء وي) جي انفيڪشنس جي مزاحمت  ڪري سگهن ـ 
ڊاڪٽر جيانڪوئيء جي ھيء نئين ريسرچ  ڪنهن به سائنسي جنرل  ۾ نه شايع ٿي آهي ۽ نه وري ڪا ڊيٽا  شيئر ڪئي اٿس ته جيئن انهيء کي ثابت ڪري سگهجي ـ پر جيڪي ڊاڪٽر جيانڪوئيء جي اڳئين ڪم مان واقف آهن اھي محسوس ڪن ٿا ته جنيٽڪلي ايڊٽنگ وارو ٻار ممڪن ٿي سگهي ٿو ـ
ڪيليفورنيا يونيورسٽيء جي جين ايڊٽنگ جي ماھر ڊاڪٽر اليگزينڊر مارس ھن تازي تحقيق  تي پنهنجي راء ڏيندي چيو ته جنيٽڪلي ايڊٽنگ وارو ٻار جو تصور به خوف وارو آهي ـ ساڳيء طرح سان چين جي سائنسدانن پڻ ڊاڪٽر جيانڪوئي جي ھن تحقيق  تي پڻ شديد تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو اٿن ته ھي ھڪ چريائپ وارو ڪم آهي جنهن سان دنيا جي اندر چين جي سائنسي ساک کي شيھو رسندو ـ

Tuesday 27 November 2018

حياتي ڇا آهي؟

حياتي ڇا آهي؟
"ڊاڪٽر محبت ٻُرڙو"

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته حياتي ”ساهه“ (”جان“، ”روح“) جي ڪري آهي. اهو ”ساهه“ ئي آهي جيڪو ڪنهن شيءِ کي جيئرو رکي ٿو يعني ان ۾ حياتيءَ ڀريو عمل پيدا ڪري ٿو ۽ جڏهن ”ساهه“ بت مان نڪري وڃي ٿو، تڏهن جسم ”مري“ وڃي ٿو  جسم فاني آهي ۽ ”روح“ (ساهه) امر آهي (”ساهه“ تي ٿوري دير کان پوءِ وڌيڪ تفصيل سان سوچينداسين).
سائنس (سڄاڻ) انهيءَ ڳالهه کي غلط ثابت ڪيو آهي.
حياتي ڪنهن به جسم ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوهه (ڀڃ-گهڙ) جو اهو عمل آهي جنهن وسيلي هر انگ، هر عضوو پنهنجو پنهنجو مخصوص ڪم ڪري ٿو (ان مخصوص ڪم ۾ گهاٽي-واڌي جو نالو آهي بيماري).
وائرس (جيتامڙي) بابت اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه ٻُڌ سڌ هوندي. وڏي ماتا، ننڍي ناتا، ارڙي، پوليو، مَلي وغيره نالي بيماريون مختلف قسمن جي جيتامڙن سبب پيدا ٿين ٿيون. سائيءَ (ڪامڻ، يرقان) جو هڪ خاص قسم به خاص قسم (حقيقت ۾ ٽن قسمن) جي جيتامڙي (وائرس) وسيلي پيدا ٿيندو آهي. ڇتي ڪُتي جي چڪ سبب پيدا ٿيندڙ بيماري (پاڻيءَ کان ڊڄ جي بيماري، ڇتڪتائي) به هڪ قسم جي وائرس سبب پيدا ٿيندي آهي، جيڪو ڇتي ڪتي جي گِگ ۾ موجود هوندو آهي ۽ چَڪ سبب ٺهيل گهاءَ (زخم) ۾ ڳڙي جذب ٿي ويندو آهي.
انهن سمورن وائرسن ۾ جيوُ، حياتيءَ، ساهه وارو عمل رڳو تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهن اهي ڪنهن مخصوص قسم جي ماحول (جيو-گهرڙي، جيو-گهرڙن جي جهڳٽي) ۾ پهچن، نه ته ٻيءَ حالت ۾ اهي ”مئل“ هوندا آهن، انهن ۾ حياتيءَ جو ڪو به عمل نه هوندو آهي، انهن ۾ ”ساهه“ نه هوندو آهي  اهي رڳو هڪ ”مئل“ مادو (بُت) هوندا آهن.
جيئن ئي اهي وائرس پنهنجي مخصوص ماحول ۾ پهچن ٿا تيئن ئي انهن ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو ۽ ڊاڪٽر انهن کي جيئرو سمجهي ٿو.
ڪيترائي ”جيئرا“ ماڻهو ”مئل“ سمجهي دفن ڪيا ويندا آهن! جيڪڏهن توهان کي اها سڌ نه هجي ته ڪنهن ڊاڪٽر کان پڇي ڏسو. خاص طرح اها ويڌن ٻُڏل، گُهٽو آيل (گهٽيل)، ٻوسٽ چڙهيل (ٻوساٽيل) ۽ دل جو دورو پيل (دوريل) ماڻهن سان ٿيندي آهي. عام ماڻهوءَ کي اهڙن ماڻهن ۾ حياتيءَ (ساهه، روح، جان، جيوَ) جي ڪا به نشاني نظر نه ايندي آهي تنهنڪري انهن کي مئل سمجهي پُوري ايندا آهن.
ٿي سگهي ٿو اهڙن مان ڪيترن ئي ماڻهن کي اوهان پاڻ ئي ”وري جيئرو“ ٿيندي ڏٺو هجي. سڪرات کان پوءِ، ڪفن ڏيڻ کان پوءِ ۽ ڪن حالتن ۾ ته دفنائڻ لاءِ نيئندي ڪيترا ئي ماڻهو جيئرا ٿي پوندا آهن. ڇو؟
ماڻهو مري ويندو آهي ته به سندس جسم عام طرح ڇهن ڪلاڪن تائين ڪوسو رهندو آهي. ڇو؟ مري ويل ماڻهو ته هڪدم ٺري وڃڻ گهرجي! مئل ماڻهو هوري هوري ڇو ٿو ٺري؟
اهو انهيءَ ئي ڀڃ-گهڙ جي عمل سبب آهي. هڪ ڊاڪٽر جسمي موت ۽ حياتياتي موت ۾ فرق ڪندو آهي. هر اهو ماڻهو جنهن جي نبض محسوس نه ٿي ٿئي، هوا (ساهه) کڻي ۽ ڪڍي ڪو نه ٿو، دل جو دڙڪو ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي، ڏسي نه ٿو، ٻڌي نه ٿو، چُري پُري ڪو نه ٿو. اهو هروڀرو مئل (بي ساهه، بي جان، بي روح) ناهي. ماڻهو (ساهوارو) مئل تڏهن آهي جڏهن ان ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل بيهجي وڃي. ٻڏل، گهٽيل، ٻوساٽيل، دوريل ماڻهو جيتوڻيڪ ساهه نه کڻندا آهن، دل نه ڌڙڪندي اٿن، چرپر نه ڪندا آهن، ڏسي، ٻڌي نه سگهندا آهن (عام معنائن ۾ مئل هوندا آهن) تڏهن به سندن جسم ۾ اهو ڀڃ-گهڙ جو عمل هلندو رهندو آهي. توهان ڏٺو هوندو ته اهڙي ”مئل“ ماڻهوءَ کي گهڻو ڪري ڊاڪٽر دل واري جاءِ تي چڱي زورائتي مڪ (ٺونشو) هڻندا آهن ۽ ٻه ٽي چار ڀيرا سٽڪو ڪڍندا يا وري سڌو دل ۾ سُئي هڻندا آهن. ڇا بيمارين جو ماهر، هڪ ڊاڪٽر ايڏو اٻوجهه، اڄاڻ، بي رحم ۽ ظالم ٿي سگهي ٿو جو ويرُ نه دشمني، اجايو، خوامخواه هڪ ”مئل“ ماڻهوءَ کي مُڪون يا سُيون هڻڻ شروع ڪري ڏي!؟
جڏهن ڊاڪٽر کي حياتياتي ڀڃ ڊاهه جي ڪا به نشاني سُجهندي آهي تڏهن ئي هو مُڪ يا سُئي هڻندو آهي  ٿي سگهي ٿو ته دل جو ڌڙڪو ۽ ساهه جو سرشتو بحال ٿي وڃي.
جڏهن حياتياتي ڀڃ گهڙ جو عمل ايترو سگهارو ٿي پوندو آهي جو دماغ، دل، ساهه-سرشتي وغيره کي پنهنجي معمول تي آڻي سگهي ته ”مئل“ ماڻهو ”وري جيئرو“ ٿي پوندو. ”لاش“ ۾ ساهه پوڻ جو حقيقي سبب اهو ئي آهي.
”موت“ کان پوءِ عام طرح ”مئل“ ماڻهو (لاش) جو جسم ڇهن ڪلاڪن ۾ ٺرندو آهي. لاش هڪدم ڇو نه ٿو ٺري؟ ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو ته موسمي اثر ڪري ٺرندو آهي، پر اها ڳالهه سچ ڀَري ناهي. موسم ڪوسي هوندي ته لوهه ڪوسو ٿيندو ۽ موسم (جاءِ) ٿڌي هوندي ته لوهه ٿڌو ٿيندو، پر لاش هر حالت ۾ ٺري ويندو آهي  ڪمرو ڪوسو هجي يا ٿڌو. 
ان ڪري، روح ”نڪري“ وڃڻ باوجود جسم ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل هلندو رهندو آهي، جيڪو هوري هوري هيڻو ٿي بيهجي ويندو آهي. اهو ڀڃ گهڙ جو عمل جيئن جيئن هيڻو ٿيندو ويندو تيئن تيئن جسم (لاش) ٺرندو ويندو.
توهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته مادي ۾ چرپر موجود آهي. چرپر جون ڌار ڌار شڪليون  طبعي، ڪيميائي، مشيني، حياتياتي، سماجي وغيره  آهن ۽ مادو چرپر کان سواءِ يا چرپر مادي کان سواءِ ٿي نه ٿي سگهي. راهه ۾ پٿر پيل آهي ته اهو جيتوڻيڪ ظاهري طرح ڪا به چرپر ڪو نه ٿو رکي، پر حقيقت اها آهي ته ان ۾ مشيني ۽ ڪيميائي چرپر جون ڪيتريون ئي حالتون موجود آهن. پٿر ڌرتيءَ تي آهي تنهنڪري اهو ڌرتيءَ واري چرپر جو حصو ٿي پوي ٿو يعني ڌرتيءَ جي پنهنجي محور (وچ) چوڌاري لاٽونءَ جهڙي چرپر ۽ ڌرتيءَ جي سج چوڌاري چرپر (۽ سج وري ڌرتيءَ ۽ پنهنجن ٻين سيارن سميت ڪائنات ۾ گس جي حصي طور ڦرندو رهي ٿو).پٿر مختلف قسمن جي ايٽمن يا ماليڪيولن جو ٺهيل آهي تنهنڪري ايٽمي، اليڪٽراني وغيره چرپر ان اندر موجود آهي ۽ ان جي ڪري پٿر ڳار، ڀور جو شڪار ٿئي ٿو. ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ساهواري ۾ اهي سڀ چرپرون ته موجود آهن پر هن ۾ ”ساهه ڀريون“ (”حياتيءَ ڀريون“، ”جيوَ ڀريون“، ”جاندار“) چرپرون به موجود آهن جن ۾ ساهه کڻڻ، دل ڌڙڪڻ، سوچڻ، انگن ۽ غدودن جا ڪم، رت جو وهڪرو، جيو-گهرڙن جو ڀڄڻ ۽ ٺهڻ، کُٽڻ ۽ وڌڻ، گئسن جو (آڪسيجن، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وغيره جي صورت) جذب ۽ نيڪال ٿيڻ وغيره شامل آهن.
توهان کي اها به خبر آهي ته آڪسيجن ۽ هئڊروجن گئسون هڪ مخصوص حالت ۾ ملي، ڪيميائي عمل (يا چرپر) ڪري پاڻي ٺاهينديون آهن. ٻنهي گئسن جي خوبين ۽ پاڻيءَ جي خوبين ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هئڊروجن گئس پاڻ ٻري ٿي، آڪسيجن ٻرڻ ۾ مدد ڏي ٿي، پر پاڻي عام حالت ۾ باهه وسائي ڇڏي ٿو. آڪسيجن جا ٻه ۽ ڪاربان جو هڪ ايٽم هڪ مخصوص ماحول ۾ ملي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ٺاهيندا آهن  هر هڪ جون خاصيتون ڌار ڌار آهن: آڪسيجن عام حالت ۾ جياپي لاءِ اهم آهي ۽ ڪاربان بي اثر، جڏهن ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ زهريلي، پر جيڪڏهن آڪسيجن جو هڪ ۽ ڪاربان جو هڪ ايٽم ملي پون ته ڪاربان مونو آڪسائيڊ گئس ٺهي پوندي، جيڪا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کان به وڌيڪ زهريلي ۽ ماريندڙ آهي.
سلفر (گندرف) ۽ آڪسيجن جا ايٽم مخصوص حالتن ۾ هڪ ٻي سان ملي گندرف جو تيزاب ٺاهيندا آهن. گندرف، آڪسيجن ۽ گندرف جي تيزاب مان ٽنهي جي خاصيتن ۾ ڪا به هڪجهڙائي ناهي. ماڻهو صاف سٿرو کائي ٿو، جنهن ۾ به ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ظاهر ٿين ٿيون جيڪي ماڻهوءَ جي بُت جي گهرج ناهن، ۽ اهي ڦوڳ جي صورت ۾ نڪري وڃن ٿيون، پر ڦوڳ سان گڏ پيٽ مان ”هوا“ (ريح) به خارج ٿئي ٿي جنهن ۾ ڏاڍي ڌپ هوندي آهي  ان گئس جو نالو آهي سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ اها پيٽ ۾ ٿيندڙ ڪيميائي عملن جو نتيجو هوندي آهي. وڏي ڳالهه اها ته سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ سلفر (گندرف) جي تيزاب جي بناوت ۾ رڳو ٻن آڪسيجن ايٽمن جو فرق آهي.
جُهــڙ (ڪڪرن) ۾ گهميل دُونهي کان سواءِ ڪجهه ناهي پر پوءِ به ان جي اڳيان پٺيان، هيٺان مٿان پکڙيل ذرڙا جڏهن هڪ ٻي سان ٽڪر يا گاٺ کائن ٿا تڏهن نه رڳو گاج، ڪڙڪو ٿئي ٿو، پاڻي ٺهي ٿو پر کنوڻ (وڄ) ۽ ڳڙو (برف) به ٺهي پون ٿا.
بنيادي عنصر 110 آهن، پر انهن جي مختلف نمونن سان مختلف حالتن ۽ ميلاپ سبب ڪروڙين قسمن جا ڪيميائي مادا ٺهيل آهن ۽ ٺهندا رهن ٿا.
ڌرتي سج جو ڇِڳل ٽڪرو آهي. سائنسي ڪاٿي موجب اهو 10-کرب سال اڳ ٽٽي ڌار ٿيو ۽ هوري هوري ٺرندو رهيو. نيٺ ان تي پاڻي، خشڪي، ڪڪر، کنوڻ، هوائون، آنڌاريون، ڪڙڪا، ڪوسايون، ٿڌايون، ڇوليون، ڇوهه... گهڻو ڪجهه موجود ٿي پيو  مختلف عنصر ملندا، ٽٽندا، جڙندا، بدلبا ۽ نيون خاصيتون وٺندا رهيا. اهڙي ئي ماحول ۾ ڪنهن زماني ۾ هڪ خاص قسم جو وڏو ڳتيل ڪيميائي مادو ٺهيو جنهن کي امائنو ايسڊ سڏجي ٿو. ان جي بنيادي بناوت ۾ ڪاربان، آڪسيجن، نائٽروجن، هئڊروجن جا ايٽم ئي آهن، جن جي ڳڻپ ۽ اڏاوت مخصوص آهي.
امائنو ايسڊ اهو پيڙهائتو پٿر آهي جنهن جو خاصيتون هڪ مخصوص ماحول ۾ حياتيءَ ڀريون ٿي پون ٿيون. وائرس پنهنجيءَ بناوت ۾ امائنو ايسڊ ئي آهي. جن حالتن ۾ اهو امائنو ايسڊ ٺهيو، سائنسدان ان جي تخليق ڪري رهيا آهن ۽ سوڀ ويجهو پهچي چڪا آهن. سائنسدان اڄ ٽيسٽ ٽيوب ٻار ٺاهي، ڄڻي، پالي چڪا آهن. مخصوص جسماني بناوت رکندڙ مردن کي عورت ۽ مخصوص بناوت رکندڙ عورتن کي مرد ٺاهي سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته اسان مان سوين جيئرا ئي هجن جو ”حياتي (جيوُ) ٺهي پوي“.
هر ساهوارو مادي جو ٺهيل آهي. ساهواري جي جسم کي ڀڃي عنصرن ۾ ورهايو ويندو ته اهو ٻيو ڪجهه نه هوندو سواءِ ڪاربان، آڪسيجن، هئڊروجن، نائٽروجن وغيره جي. انهن ئي عنصرن جي مخصوص ميلاپ نراليون خاصيتون رکندڙ نوان نوان ڪيميائي مادا ٺاهيا ۽ وري مخصوص قسمن جي ڪيميائي مادن جي مخصوص ميلاپ مخصوص ماحول ۾ هڪ نئين قسم جي وڏي ڪيميائي مادي کي جنم ڏنو جنهن ۾ نوان گڻ هئا ۽ انهن نون گڻن جو نالو آهي حياتي (جيءُ، جان، جياپو، روح). }مون کي خبر ناهي ته مُلي جي تشريح وارو روح ماڻهن کان سواءِ ٻين ساهوارن  گهوڙن، گڏهن، ڪتن، ٻلن، نانگن، وِڇن (ڀٽن)، جيوڙن، جيتامڙن ۽ وڻن، ٻوٽن، گاهن وغيره ۾ موجود آهي يا نه. البت اڄ ڏينهن تائين ڪٿي به اهو نه پڙهيو اٿم ته وڻن ۾ روح آهي، ٻوٽن ۾ روح آهي، ڪڻڪ ۽ سرنهن جي تيلي تيلي ۾ روح آهي. {سائنس جي ٻوليءَ ۾ وڻ، ٻوٽا، گاهه، اناج ۽ جيت جڻيا، جانور وغيره سڀ ساهوارا آهن.
نئين ٺهيل ڪيميائي مادي ۾ حياتياتي ڀڃ-گهڙ جو عمل موجود هو، پر ان ۾ اولڙو ڪرڻ جي خاصيت به وڌيڪ هئي. حياتياتي ڀڃ-گهڙ جي عمل وسيلي هن ردي، پراڻين، ڦوڳ ٿي ويل شين کي جسم مان خارج ڪيو پئي ۽ سٺا، نوان، کاڄ ڏيندڙ جزا جذب ڪري جسمن جو حصو بنايو پئي ۽ اولڙي ڪڍڻ جي خاصيت غير جاندار مادي جيان بي وس نه رهي، پر وس واري يا ڦڙتيلي هئي. غير جاندار مادو پنهنجي ڪيميائي ۽ طبعي جوڙجڪ جي بقا ۽ واڌاري لاءِ ماحول جي چڱن ۽ لڱن جزن ۾ فرق ڪري نه سگهندو هو، پر هاڻي چڱي ۽ لڱي جي وچ ۾ فرق ڪري سگهيو پئي.
ڀڃ-گهڙ جي عمل جيان جيوارو اولڙو به سادڙي ساهواري ۾ گهٽ معيار يا درجي جو ٿئي ٿو. جيوارو اولڙو حقيقت ۾ جيئري جيوَ پاران ڪنهن به ٻاهرين يا اندرين عمل يا اثر (جيئن ڪوساڻ، ٿڌاڻ، اوندهه، سوجهري، ڇهاءُ، سوڪ، آلاڻ، بک، اڃ وغيره) جو موٽ عمل هوندو آهي. جيوُ پنهنجي دشمن کان ڀڄي پري ٿئي ٿو ۽ کاڄ ويجهو وڃي ٿو، پر جڏهن جيوُ ڍاول آهي تڏهن ڪو به لذيذ کاڌو کيس هرکائي نه ٿو سگهي. ان عمل وسيلي جيوارو پنهنجي ماحول سان مطابقت، هڪ ڪرائي، ٺاهه، پرچاءُ ڪري ٿو ۽ ان ۾ ئي سندس بقا، بچاءُ ۽ سرجاءُ آهي.
جيوڙو، سادو ساهوارو مختلف قسمن جي اثرن ڏانهن موٽ عمل مجموعي طرح پنهنجي سڄي وجود جي چرپر، ڦڙڦوٽ يا مڇرجڻ وسيلي ظاهر ڪري ٿو. هن ۾ ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ ڏانهن ڌار ڌار قسم جو خصوصي ردعمل موجود ڪونهي.
جيئن جيئن ساهوارو وڏو، گهڻ-جيو-گهرڙو ڳتيل ٿئي ٿو (خاص طرح جيت جانور) تيئن تيئن هن ۾ هر قسم جي اثر لاءِ ڌار ۽ مخصوص قسم جو موٽ عمل ظاهر ٿئي ٿو. مثال طور ڪوساڻ، ٿڌاڻ، ڳوراڻ، ڌپ، سڳنڌ، گوڙ، سر، تيز روشني، سوجهري، اوندهه، چڀڪي وغيره ڏانهن هن جو سڄو جسم ردعمل ظاهر ڪو نه ٿو ڪري، پر جسم جو ڪو مخصوص حصو اهو ردعمل ظاهر ڪري ٿو. هن قسم جي ساهواري ۾ تنتي سرشتو ٺهيل ٿئي ٿو، جنهن جا حصا به آهن. هڪ حصو ٻاهرين عملن (اثرن) کي محسوس ڪري جانور کي آگاهه ڪري ٿو ۽ ٻيو حصو واسطيدار عضوي ڏانهن گهربل ردعمل جو حڪم موڪلي ٿو. ٻين لفظن ۾ ايئن چئون، ته هن قسم جي جانور ۾ حسون (تنتون) ٺهيل ٿين ٿيون جيڪي ”احساس“ جي صورت ۾ اولڙو ڪڍڻ جو عمل ڪن ٿيون. هر حس تيز رفتاريءَ سان احساس قبول ڪري ٿي ۽ تيز رفتاريءَ سان ئي جوابي ڪارروائي ٿئي ٿي. هيءَ هڪ پاڻ مرادي غير مشروط ڪارروائي آهي جيڪا هر جانور (ننڍي توڙي وڏي) ۾ موجود ٿئي ٿي ۽ جبلي طرح وڏن کان ننڍن ڏانهن تبديل ٿئي ٿي. ننڊ ۾ مڇر ڏنگي ٿو ته بنا جاڳڻ جي ان کي پري ڌڪڻ جو پاڻ مرادو ردعمل ٿئي ٿو يا اوچتو ڪوسيءَ شيءِ کي ڇهڻ سان ئي پاڻ مرادي ردعمل طور ڇهندڙ حصو پري ٿي وڃي ٿو.
اهڙن پاڻمرادن غير مشروط عملن جا ڪجهه ٻيا مثال هي آهن:
1) ساهه کڻڻ ۽ ڪڍڻ،
2) کنگهڻ،
3) نڇ ڏيڻ،
4) اکيون ٻوٽجي وڃڻ (اکين جي ويجهو اشاري، ڦڙڪي سبب)،
5) تيز روشنيءَ ۾ ماڻڪيءَ جو سُسڻ ۽ اکين جو ٻوٽجڻ،
6) جسم کي سنوت ۾ رکي هلڻ،
7) الٽي ڪرڻ،
8) دست ٿيڻ،
9) وات پاڻي ٿيڻ،
10) اڃ ۾ نڙي خشڪ ٿيڻ،
11) ڳيت ڏيڻ، ۽
12) جنسي عمل ڪرڻ، وغيره.
مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ جانور اوسر جي اڃا به اتاهين ڏاڪي تي ٿين ٿا. تنتي سرشتو رکندڙ جانورن ۾ تنتي جيو-گهرڙا ۽ تنتي تاندورا ٿين ٿا. اُسرندي، گهڻ پاسائون ڪم ڪندي، ماحول سان ٺهڪي هلندي تنتي جيو-گهرڙن ملي تنتي ڳوڙها ٺاهيا ۽ تنتي تاندورن ملي تنتي رڳ (تنتي ٻنڌڻ، تنتي تنجڻ، تنتي واڊ) ٺاهي. تنتي ڳوڙهن پاڻ ۾ ملي تنتي مِکُ ٺاهي. تنتي مک وڌي، ويجهي، وڏو ٿي ميڄالي (دماغ) }کوپڙيءَ ۾{ ۽ تنتي ڏوري (ڪرنگهي ۾) جنم ورتو. ميڄالي، تنتي ڏوري، تنتي رڳ، تنتي ڌاڳي (تاندوري)، تنتي ڳوڙهن، تنتي مِکُن، تنتي جيو گهرڙن جو هڪ وسيع، گهڻ-ڪرتو نظام ٺاهيو، جنهن کي مرڪزي تنتي سرشتو چئجي ٿو.
مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ جانورن ۾ حقيقتن جي اولڙي ڪڍڻ جو گڻ هزارين ڀيرا وڌيڪ اُچو آهي. نه رڳو حقيقتن جو احساس موجود ٿئي ٿو پر انهن جي حسي تصوير به ٺهي ٿي. احساس ۽ حسي تصوير ذهني سرگرميءَ جا ابتدائي اهڃاڻ آهن ۽ تصوراتي ڄاڻ ڏين ٿا. تصوراتي ڄاڻ اها آهي ته ڪنهن اڳ محسوس ڪيل ۽ هاڻي اڻ موجود (اکين ۽ ٻين حِسن تي سنئون سڌو هاڻي جو هاڻي اثر نه وجهندڙ) شيءِ جو تصور يا ياد ورجائڻ  يادگيري، ياد. اولڙي جو هيءُ قسم مشروط ناهي پر غير مشروط آهي. اڳ جانور رڳو پنهنجي ڪنهن بنيادي گهرج سان لاڳاپيل عملن، اثرن جو رد عمل ڏيکاريندا هئا پر هاڻي اهي ڪجهه نه ڪجهه ”ياد“ رکي سگهيا پئي، پر اها ياد به پنهنجن بنيادي گهرجن سان لاڳاپيل هئڻ گهرجي.
ڌار ڌار قسم جي جانورن کي ڌار ڌار قسم جون ”سوچون“ سکيا ڏئي ٺاهيون ويون آهن. واٺو ڪتو دشمن کي وٺ ڪري ٿو پر سنگتيءَ يا ٻڪريءَ، رڍ وغيره کي ڪجهه به نه ٿو چئي. تازِي ڪتي ۾ شڪار جي بوءِ پڪڙڻ جو گڻ وڌيل آهي، پيرِي ڪتو ٻي ڏينهن به پيرو کڻي سگهي ٿو، ڪي ڪتا بال سان راند کيڏي سگهن ٿا ۽ سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکارن ٿا، شينهن ڇَلي منجهان ٽپي وڃي ٿو، وغيره.
رڳو هڪ مثال بيان ڪيون ٿا.
جيڪڏهن ٻه چار مهينا لاڳيتو بُکي ڪتي کي گهنٽي وڄائڻ کان پوءِ کاڌو ڏنو وڃي، ته ڪتو پنهنجي بک جي پورائيءَ لاءِ پنهنجن حـِس کي گهنٽيءَ سان لاڳاپي وٺندو آهي. ڪتو گهنٽيءَ جي آواز سان هري ويندو، جڏهن ته جيڪو ڪتو گهنٽيءَ جي آواز کان پوءِ کاڌي تي هريل نه هجي، ان لاءِ لکين گهنٽيون به بيڪار آهن. هريل ڪتي ۾ گهنٽيءَ جو آواز ٻڌندي ئي کاڌي سان لاڳاپيل ردعمل ظاهر ٿي پوندو، وات ۾ پاڻي ڀرجي ايندس، جنهن مخصوص جاءِ تي ويهي کاڌو کائيندڙ هوندو اتي وڃي ويهندو ۽ اوسيئڙو ڪندو. ڪتي جي دماغ ۾ کاڌي ۽ گهنٽيءَ جي وچ ۾ هڪ عارضي ناتو جڙي وڃي ٿو جنهن هيٺ هو گهنٽيءَ جي آواز کي کاڌي اچڻ جو اشارو سمجهي ٿو. هيءُ مشروط ردعمل آهي. اهڙن ردعملن جي بنياد تي ئي هڪ جانور پنهنجو پاڻ کي پنهنجي مخصوص ماحول سان وڌيڪ سٺي نموني ٺهڪائي ٿو. حقيقت جي اولڙي جي هيءَ صورت پنهنجين اڳوڻين صورتن يعني سادڙي جانور جيان سڄي جسم جو ردعمل ظاهر ڪرڻ (مڇرجڻ، چڙڻ) ۽ تنتي سرشتو رکندڙ جانور جي گڻ کان مشروط حسي ردعمل کان ڌار قسم جو آهي  هن نئين صورت ۾ حقيقت جو اولڙو نفسي (نفسياتي) صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو  جانور جي دماغ ۾ مشروط ردعمل وسيلي ڪنهن مخصوص لقاءَ يا شيءِ جو عڪس، تصور، خاڪو، اولڙو ٺهي پوي ٿو جيڪو ان لقاءَ يا شيءِ جي اڻ موجوديءَ ۾ به جانور جي دماغ تي اهو ساڳيو ئي ردعمل طاري ڪري ٿو جيڪو موجوديءَ هوندي ڪري سگهيو پئي. وڌيڪ اهم ۽ بنيادي مشروط ردعمل هوري هوري عارضي (ٿوري مدي وارن) مان ڦري پڪا پختا ٿي پوندا آهن. هن عمل ۾ هڪ ڌاري شيءِ جو اولڙو به مضبوط ٿئي ٿو يعني گهنٽيءَ جو. گهنٽي کاڌي اچڻ جي اشاري سان ڳنڍيل آهي. اشارن جا اهڙا سوين نمونا ٺهن ٿا، جن کي اشارن جو سرشتو، يا اشارن جو پهريون سرشتو چئجي ٿو.
عام طرح هر جانور ۾ هٿراڌو عادتون بک ۽ اڃ ڏئي يا جنسي وهر کان پوءِ لڳ جو لوڀ ڏئي پيدا ڪيون وينديون آهن.
فطري ماحول ۾ اهڙا سوين اشارا ملن ٿا. ڪچيون ساريون جهار لاءِ نرم داڻي جو اشارو آهن، آکيري ۾ نانگ اولاد جي ۽ پنهنجي خاتمي جو اشارو آهي، تيز هوائن جو گهلڻ اجهي کي برباد ڪرڻ جو اشارو آهي، ٻوڏِ کاڌي ۽ اجهي کي تباهه ڪري ٿي، هر قدرتي آفت تباهيءَ جو اهڃاڻ ٿئي ٿي ۽ هر قدرتي کاڌ خوراڪ جي ججهائي خوشحاليءَ جو خيال ڏي ٿي. اشارن جو پهريون سرشتو مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ هر جانور ۾ موجود آهي، اوسر جي معيار سان ڪنهن ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌ، ۽ ماڻهو ٿي سگهندڙ ساهواري ۾ اهو معيار، نفس، من، ياد سڀ کان وڌيڪ اسريل هئي ڇو ته اهو اوسر جي سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي هو. ان ڪري ئي ماڻهوءَ ۾ سندس ردعمل جي ڪري سمجهه پيدا ٿي سگهي. ماڻهو ئي آهي جيڪو اشارن جي پهرين سرشتي کان ٽپي اشارن جي ٻي سرشتي ٻوليء تائين پهچي سگهيو. ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو اشارن جي پهرين سرشتي کان اشارن جي ٻي سرشتي (ٻوليءَ) تائين ڪيئن پهچي سگهيو؟ ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو بي سمجهه مان ڦري سمجهو ساهوارو (ماڻهو) ڪيئن ٿي سگهيو؟
بامقصد سرگرمي، بنيادي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ پورهيو، فطرت جي مليل شين کان پنهنجي پسند جو ڪم وٺڻ وارو عمل، فطرت جي ملندڙ شين کي اها شڪل ڏيڻ جنهن وسيلي پنهنجي کاڌ خوراڪ کي نسبتاً سولو ۽ گهڻو هٿ ڪري سگهجي. بي ساهه شين ۾ جيئرو پورهيو لڪائي انهن کي پنهنجو اوزار يا هٿيار بنائيندڙ ڪم ئي آهي جنهن ماڻهوءَ جهڙي ساهواري کي ماڻهو بنايو، جنهن هڪ اسريل ساهواري کي اشارن جي هڪ سرشتي کان اشارن جي ٻي سرشتي ڏانهن تبديل ڪيو ۽ ڇال ڏياريو، جنهن ماڻهوءَ ۾ سمجهه پيدا ڪئي. اهو پورهيو ئي آهي جنهن وسيلي ساهوارو سنئون سڌو فطرت سان لڳ لاڳاپي، لهه وچڙ ۾ اچي ٿو، هو فطرت کي ڏسي ٿو، جاچي ٿو، سوچي ٿو، سمجهي ٿو ۽ انهن جي بنياد تي پروڙيل پرجهيل نتيجن کي وري پرکي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح نظرياتي ڄاڻ ماڻي ٿو. هو پنهنجو پاڻ کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پنهنجن عملن، پنهنجن ارادن، مفادن، جذبن، خيالن کي، پنهنجي سماجي زندگيءَ ۽ پنهنجي مٿڀري حيثيت کي سمجهي يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ماڻهو رڳو مڇرجڻ، رڳو حسي تصوير، رڳو نفسي اولڙو ئي نه ٿو ڪڍي پر سوچي به ٿو، سمجهي به ٿو ۽ تخليق به ڪري ٿو

ڪتاب: شعور


خوردبيني جاندارن کي پاڻ ۾ ويڙهائي علاج ڪرڻ

         خوردبيني جاندارن کي پاڻ ۾ ويڙهائي علاج ڪرڻ                
                      تحقيق ڪندڙ—نينا ويل ۽ سندس ساٿي                                                        
                         ترجمو---- پروفيسر بشير احمد سومرو                                                       
سائنسدان هن وقت سخت محنت ڪري رهيا آهن ته هو اهڙو علاج تيار ڪن جيڪو وائرس جي دوا خلاف رڪاوٽ پيدا ڪرڻ کان وڌيڪ تيز هجي پر نئين تحقيق راءِ ڏئي ٿي ته ڇو نه بيماري پيدا ڪندڙن جاندارن کي هڪ ٻي سان مقابلو ڪرائجي جيڪو دوا جي مزاحمت ڪندڙ جاندارن جي خلاف هڪ اثرائتو قدم ثابت ٿيندو، ساڳيءَ طرح سان روڪيندو ان کي مستقبل ۾. مليريا کان متاثر ٿيل ڪوئن تي ٿيندڙ هڪ اڀياس ۾ تحقيق ڪندڙن روايتي دوا جي علاج سان گڏ هٿرادو طريقو گڏايو هڪ نيوٽريئينٽ (لوڻياٺ) جو جنهن تي مليريا جا مفت خور جاندار ڀاڙن ٿا. خاص طور تي رزسٽنس اسٽرين (مزاحمت ڪندڙ خوردبيني جاندار) هيءَ خاص لوڻياٺ گهڻي گهرن ٿا ڊرگ رزسٽنس پيٿوجن (دوا جي حساسيت رکندڙ بيمارين ڦهلائيندڙ جاندار) کان—تنهن ڪري بيماريون ڦهلائيندڙ جيڪي اينٽي بايوٽڪ کي نظر انداز ڪن ٿا ختم ٿيا گهڻي بک تي. لوڻياٺ جي پهچ جي روڪڻ سان، تحقيق ڪندڙ ٽيم دوا جي مزاحمت ڪندڙ مفت خور جاندارن ۽ دوا جي حساسيت رکندڙ مفت خور جاندارن تي زور وڌو هڪ ٻئي سان مقابلي جو، آخرڪار انفيڪشن ڇٽي ويو.   
تحقيق ڪندڙن جي اڳواڻ بائلاجسٽ نينا ويل چيو ته ميزبان جي اندر مفت خور جاندارن وچ ۾ مقابلي جو فائدو وٺندي اسان موجود دوا جو بندوبست ڪيو انفيڪشن جي علاج لاءِ استعمال ڪيو ڪاميابيءَ سان، ايتريقدر جو جڏهن دوا جي مزاحمت وارا مفت خور جاندار اڳ ۾ ئي انفيڪشن ۾ موجود هيا. دوا جي مزاحمت ٿئي ٿي ڇاڪاڻ ته بيماريون ڦهلائيندڙ جاندار، بيڪٽيريا کان وٺي مفت خورن تائين جينيٽڪ ميوٽيشن (جينياتي تبديلي) پيدا ڪري ورتي آهي جيڪا انهن جي لاءِ علاج کان هڪ قسم جي ڍال آهي. هڪ دفعو جيڪڏهن جينياتي تبديليءَ وارا بيماري پيدا ڪندڙ جاندار بچي ويا، اهو جلدي پاڻ جهڙا ٻيا جاندار رپليڪيٽ (پاڻ جهڙا ٻيا پيدا ڪرڻ) ڪري سگهندو ۽ پوءِ ڏنل دوا کي بي اثرائتو بڻائي ڇڏيندو.
اينٽي بايوٽڪ مزاحمت +++ جڏهن بيڪٽيريا طاقتور اينٽي بايوٽڪ جي خلاف رڪاوٽون پيدا ڪري وٺي ٿو—آهي هڪ خاص ۽ مشهور قسم دوا جي مزاحمت. پوءِ خاص حالتن ۾ ڇا ٿئي ٿو جو اهي ٻئي دوا جي مزاحمت ڪندڙ ۽ دوا جي حساسيت جي فرقن وارا بيماري پيدا ڪندڙ جاندار شروعاتي طور تي وڌندا ويجهندا رهن ٿا موجود ذريعن تي. جڏهن ته روايتي دوائون ڪم ڪن ٿيون اصلي خوردبيني جاندارن جي خلاف پر مزاحمتي جينياتي تبديليءَ وارا جاندار زنده رهن ٿا. پري ڪيو اهي لوڻياٺ ۽ ٻئي دوائن جي مزاحمت ڪندڙ جاندار ۽ دوائن جي حساسيت واريون تبديليون رکندڙ جاندار تڪليف ۾ اچي ويندا، تحقيق ڪندڙ لڌو— اهي اثرائتي نموني سان وڙهيا ٽڪرن تي، ۽ دوا جي مزاحمت وارن جاندارن کي زنده رهڻ جي لاءِ گهڻا ٽڪرا گهرجن. دوا هڪ بيماري پيدا ڪندڙ خوردبيني جاندار جو خيال ڪري ٿي، جڏهن ته ٻيو فطري طور تي مري وڃي ٿو.
هڪ ٻئي تحقيق ڪندڙ ايندريو ريڊ چيو ته دوا جي علاج جي غير موجودگيءَ ۾، فقط شيءِ جيڪا روڪي پئي مزاحمت ڪندڙ بيماريون پيدا ڪندڙ جاندار کي ڦهلاءَ کان آهي مقابلو  بيماري پيدا ڪندڙ جاندارن سان جيڪي علاج واري دوا جي لاءِ حساس آهن. اسان استعمال ڪري رهيا آهيون فطري قوت مقابلي جي مزاحمت ڪندڙ جاندارن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ ۽ استعمال ڪري رهيا آهيون روايتي دوائون حساسيت وارن جاندارن جي علاج ڪرڻ جي لاءِ. 
جڏهن مليريا جي جاندار (پلازموڊيم) کي ڪافي مقدار ۾ لوڻياٺ ڏني وئي، ته ڪوئن ۾ 40 سيڪڙو انفيڪشن رهيو. پلازموڊيم (مليريا جو مفت خود هڪ جيو گهرڙي وارو جاندار) پڻ موجود رهيا جڏهن ڪوئن کي فقط دوا جي مزاحمت ڪندڙ خوردبيني جاندار ڏنا ويا  ته بيماري شروع ٿي وئي پر جڏهن لوڻياٺ محدود هئي ۽ ڪوئن ۾ ٻئي دوا جي مزاحمت ڪندڙ ۽ دوا جي حساسيت وارا خوردبيني جاندار استعمال ڪيا ويا ته انفيڪشن وري نه ٿيو ڪنهن به جانور ۾. هيءَ پڻ حالت هئي ايتريقدر جو جڏهن دوا جي مزاحمت ڪندڙ مفت خور جاندار ظاهر ٿي پيا ٻين کان. 
هاڻي اهم مقابلي ڪم ڏيکارڻ شروع ڪيو، ٻيو قدم علاج تيار ڪرڻ هيو. تحقيق ڪندڙن خاص لوڻياٺ کي جاچڻو هيو جنهن تي بيماري پيدا ڪندڙ جاندار ڀاڙين ٿا، خاص طور تي دوا جي مزاحمت ڪندڙ خوردبيني جاندار ۽ پوءِ برابر ڪم ڪيو جڏهن انهن لوڻياٺ جي روڪ ڪئي وئي ۽ ڪيترو گهڻو. پر جيڪڏهن هي طريقو انسانن ۾ پڻ اثرائتو رهيو ساڳيءَ طرح سان ته پوءِ انهيءَ جو وڏو فائدو رسندو. دوا جي مزاحمت جي ڏکي ٿي رهي آهي ايڇ آءِ وي (هيومن اميونو ڊفيشنسي وائرس)،ٽيوبرڪيلوسسز (ٽي بي) ۽ مليريا جي علاج ڪرڻ وارين ڪوششن ۾ جنهن جي ڪري لکين ماڻهو سڄي دنيا ۾ موت جو شڪار ٿين ٿا. دوا جي مزاحمت ڪندڙ جاندار سرجري ڪيل مريضن جي ڦٽ ڇٽائڻ ۾ پڻ وڏو مسئلو پيدا ڪن ٿا خاص طور تي ڪيموٿراپيءَ جي علاج جي دوران.
ايندريو ريڊ جي چواڻي ته آخرڪار تحقيق اسان اڳتي وٺي وڃي سگهندي ته اسان دوا جي مزاحمت ڪندڙ جاندارن سان نئين انداز سان وڙهون، ساڳيءَ طرح سان زندگي بچائڻ وارين دوائن کي اثرائتو بڻايون ڇو ته بيماريون پيدا ڪندڙ جاندار انهن دوائن جي خلاف بچاءُ پيدا ڪري ورتو آهي

ورم ھول يا آئن اسٽائين - روزن برج

ورم ھول يا آئن اسٽائين - روزن برج 
تحقيق ڪندڙ : رومن ڪونوپلايا  ۽ ساٿي 
ترجمو : پروفيسر بشير احمد سومرو  ـ

ھي ترجمو ريسرچ پيپر تان جيئن جو تيئن ڪيو ويو آهي ـ

آر يو ڊي اين يونيورسٹيء ۾ فزڪس جي ماھرن ڏيکاريو ته ڪيئن *ورم ھول* جي صورت کي وضاحت ڪرڻ گهرجي مناسب يا متوازن انداز ۾ ــــ ھڪ بليڪ ھول جيڪو نظرياتي طور تي ھڪ قسم جي گذرگاھ آهي اسپيس ۽ ٽائيم جي ٻن نڪتن ۾ ----ان جي لھرن جي اسپيڪٽرم جي بنياد تي ـ تحقيق ورم ھول جي فزڪس کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندي ۽ انهيء جي طبعي خاصيتن کي سڃاڻيندي
  ڪائنات جو جديد تصور  مھيا  ڪري ٿو ورم ھولس جي وجود کي -- عام طور تي اسپيس ۽ ٽائيم جي ڪرويچرس (موڙ يا خم) ۾ ـ فزڪس جا ماھر ھڪ ورم ھول کي ائين تصور ڪن ٿا جيئن ھڪ بليڪ ھول جنهن مان ڪو ڪائنات جي ھڪ پري واري نڪتي کي چئني طرفن کان  ڏسي سگهي ـ ايسٽرو فزڪس جا ماھر اڃان تائين مختصر بليڪ ھولس جي صورت ۽ ماپ کي ماپڻ جي لائق نه ٿي سگهيا آهن, ٿيوريٽيڪل ورم ھولس کي ڇڏي ڏيوـ ھڪ فزڪس جي ماھر رومن ڪونوپلايا ھاڻي ڏيکاريو آهي ته ورم ھول جي صورت کي مشاهدي ۾ ايندڙ طبعي خاصيتن جي بنياد تي تي ڳڻي سگهجي ٿوـ
عمل ۾, فزڪس جا ماھر ورم ھول جي خاصيتن جو اڻ سڌيء  طرح سان مشاهدو ڪري سگهن ٿا , جھڙيء طرح سان ريڊ شفٽ -- ھڪ ڊائون ورڊ شفٽ ڪشش ثقل وارين لھرن جي فريڪئنسيء واري نتيجي ۾ ھڪ آبجيڪٽ کان  (شئي) پري ھٽي وڃي ٿو ـ رومن ڪونوپلايا ھن تحقيق جي لاء ڪوانٽم  مڪينيڪل ۽ جيوميٽريڪل تصورن کي استعمال ڪيو ۽ ڏيکاريو ته ھڪ ورم ھول جي صورت ۽ مايي جي ڳڻپ ڪري سگهجي ٿي ريڊ شفٽ جي بنياد واري قيمت ۽ ڪشش ثقل وارين لھرن جي حد وڏي فريڪئنسيز ۾ ـ
اڄ, فزڪس جا ماھر سڌيء طرح سان ڪم سان تعلق رکن ٿا اھي محدود آبجيڪٽ جي جاميٽري وٺن ٿا , انهن جي حد ڳولين ٿا (فريڪئنسيز جو سيٽ جنهن تي ورم ھول خارج ڪري ٿو ڪشش ثقل  واريون لھرون) , ۽ پوء  ڊيٽا  کي ڀيٽيو ٿو وري تجربي نتيجن سان ـ انهيء کان پوء اھي فيصلو ڪن ٿا مشاهدي ھيٺ ايندڙ ويليوز ساڳيا آهن جيڪي ٿيوريٽيڪلي طور تي اڳڪٿي ڪيا ويا ھياـ ڪونوپلايا راء ڏني ھڪ مخالف مسئلي جي حل جي : ھن بندوبست ڪيو ھڪ شيء جي صورت کي ڏيکارڻ جو پنهنجي نظر ايندڙ اسپيڪٽرم جي بنياد تي ـ
ڪونوپلايا مورس - ٿارني ورم ھول وارو گول دائري وارو ڊولائتو ھڪ مئٿميٽيڪس جو ماڊل کنيو-- بليڪ  ھول جو ھڪ قسم جيڪو اسپيس ۽ ٽائيم ۾ ٻن نڪتن کي ملائي ٿو ۽ ٿيوريٽيڪلي انهن جي وچ ۾ حرڪت پڻ مھيا  ڪري ٿوـ پوء ھن ورم ھول جي باٽل نيڪ (بوتل جي ڳچي) کي بيان ڪرڻ جي لاء مئٿميٽڪس جي ھڪ موجوده ماڊل تي عمل ڪرايو  +-- ورم ھول ۾ داخل ٿيڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جي لاء تمام  سوڙهي جڳهه ـ پھريان, ھن ميٿميٽڪس جي ذريعي وضاحت ڪئي ته ڪنهن ڊولائتي ورم ھول جي شڪل ڪيئن ھجڻ گھرجي ۽ انهيء کي لھرن  جي حد جي بنياد تي واضع  ڪيو, ۽ ائين ئي سڏيو ويندڙ مخالف پرابلم کي حل ڪيو جنرل  ٽرمس (عام شرط) ۾ ـ پوء لڳ ڀڳ ڪوانٽم  مڪينيڪل ايپراڪسيميشن (ڪوانٽم مڪينيڪس جي لڳ ڀڳ) کي استعمال ڪندي , ھن ھڪ مساوات جوڙي ته جيئن  جيوميٽريڪل شڪل کي ھڪ  خاص حالت ۾ ڳڻي سگهجي --- ھڪ  ورم ھول جي  ـ
ڪونوپلايا ٻڌايو ته عام حالتن ۾ ھڪ  ڪوانٽم مڪينيڪل ايپروچ جيوميٽريڪل شڪل واري ھڪ  ورم ھول جي ڪيترن ئي حلن ڏانهن وٺي وڃي ٿي ـ اسان جو ڪم ڪيترن ئي طريقن سان وڌي سگهي ٿو ـ پھريون ته وڏن فارمولن کان لنوائڻ , اسان صرف اليڪٽرو ميگنيٽڪ ميدانن کي غور ھيٺ آڻيون ـ اسان جي مستقبل واري ڪم وارن ٻين ميدانن ۾ اسان ساڳي ئي ايپروچ جي ماتحت ڪم ڪيون ـ اسان جا نتيجا گول ڦرندڙ ورم ھول تي پڻ لاڳو ٿئي ساڳي طرح سان, اھو  مھيا  ڪيو ته اھي ڪافي ڊولائتا آهن ـ



Calcium ڪيلشم

”ڪيلشم                Calcium“
"اصغر ساگر"

ڪيلشم اسان جي ھڏين جي صحت لاء ضروري جز آھي. اسان جي جسم ۾ رت جي رواني ۔ ھارمون تي ضابطي ۽ اعصابي تسلسل لاء ڪاگر آھي. جسم کي ڪيلشم نہ ملڻ جي صورت ۾ ھڏيون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون ۔ چمڙي ۾ خشڪي اچي وڃي ٿي ۽ مختلف ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا. ھڏي جي مضبوطي ۽ بناوٽ لاء ڪيلشم ضروري آھي. جسم ۾ پاتي ويندڙ 99 سيڪڙو ڪيلشم ھڏين ۾ پاتي وڃي ٿي. جسم ۾ ڪيلشم جي مختلف ھنڌن تي ضرورت پوي ٿي مثال پٺن جي ڪم ڪرڻ لاء، اعصابي نظام وغيرھ . جيڪڏھن رت ۾ ڪيلشم جي کوٽ ٿي وڃي تہ انسان جي ساھ رڪجڻ جو خطرو ٿئي ٿو ۽ جيڪڏھن ڪيلشم وڌي وڃي تہ دل پنھنجو ڪم ڇڏي ڏئي ٿو. قدرتي طور تي رت پاڻ ۾ ڪئلشم جي مقدار کي ضابطي ۾ رکندو آھي. جيڪڏھن رت ۾ ڪيلشم زيادھ ٿي وڃي تہ اھا ھڏين ۾ ڪٺي ٿيڻ شروع ٿي ويندو ۽ جيڪڏھن رت ۾ ڪئلشم جي کوٽ ٿي وڃي تہ ھڏين کان ڪيلشم رت ۾ اچڻ شروع ٿي ويندي آھي. اھڙي صورت ۾ ڪنھن بہ سبب کان ھڏي جا مادا گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ Bone mineral density ھڏي جي معدنياتي گهاٽاڻ گهٽ ٿي وڃي ٿي.

ڪيلشم ڇا آھي :-
نشاني Ca ۽ ايٽمي نمبر 20 سان ڪيلشم ڪيميائي عنصر آھي. الڪلائيني ڌاتو ڪيلشم ردعملي ڌاتو آھي جيڪو آڪسائيڊ۔نٽرائيڊ جو ڪارو تھ ٺاھي ٿو جڏھن ھوا ۾ اچي ٿو. انهي جو طبيعاتي ۽ ڪيميائي خاصيتون پنھنجي ڳرن ھومولوگس اسٽرونيم Homologues strontium ۽ بيريم Barium سان گهڻو ڪري ساڳائپ رکن ٿيون.

ڪيلشم جي ماھيت :-
دريا خان سنڌي مطابق ”ڪيلشم هڪ اڇي رنگ جي چمڪدار ۽ نرم ڌات آهي، جيڪا دنيا ۾ آزاد حالت ۾ نہ ٿي ملي پر هميشہ مرڪبن جي شڪل ۾ ملي ٿي. هي اسان جي جسماني بناوت جو هڪ اهم جزو آهي، ۽ مناسب جسم واري ماڻهوءَ ۾ تقريبن 1200 گرام مقدار ۾ موجود هوندي آهي. هڏن جي بناوت  ۾ ڪيلشيم هڪ لازمي جزو آهي، جيڪو هڏن کي ان جي سختي ڏئي ٿو. هڏي جي بناوت ۾ پروٽين جي سخت ڌاڳن جي وچ ۾ ڪيلشم جا مرڪب پيوند هوندا آهن، جيڪي رت ذريعي هڏي تائين پهچن ٿا، ائين هڏي ۾ مستقل ٽوڙ ڦوڙ ۽ نشونما جو مناسب عمل جاري رهندو آهي.“

ڪيلشم ۽ وٽامن سي جو تعلق :-
وٽامن سي ۽ ڪيلشم پاڻ ۾ لازم ملزوم آھن جيڪي جسم کي کي مختلف مرحلن مان گذارين ٿا. وٽامن سي تاندورن Tissues کي واڌ ويجھ ڏئي ٿي ۽ انهن جي مرمت ڪري ٿي جنھن جي ڪري تاندورا ھڏن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪن ٿا. وٽامن سي ڪيلشم کي تحليل ڪري ڪئلشم کي ھڏن جي موافق بنائي ٿي ۽ پروٽين کي گهٽ ڪري ۽ وائرسن کي ماري ھڏن جي فعاليت وڌائي ٿي. وٽامن ڊي ڪئلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي گڏوگڏ وٽامن سي ۔ وٽامن اي ۔ وٽامن ڪي ۔ ميڳنيشم ۽ بورون ڪيلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ ھڏي جي مايي کي وڌائين ٿا. وٽامن سي پھرين وٽامن ڊي کي تحليل ڪندي آھي ۽ ان کان پوء وٽامن ڊي ڪيلشم کي تحليل ڪري ڪيلشم کي ھڏين جو حصو بنائيندي آھي. وٽامن سي يا گجري جا اثر نارنگي ۔ مالٽا ۔ ليمي ۔ ڌاڻي ۽ ڪاري مرچ ۾ پاتا وڃن ٿا جيڪي آنڊن ۾ ڪيلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي جو تعلق :-
ھڏين جي ڪمزوري جو ھڪ سبب ڪيلشم سان گڏ وٽامن ڊي جي کوٽ ٿئي ٿي. ان کان پوء جسم جي ٻين عضون جو وارو اچي ٿو. وٽامن ڊي ان ڳالھ جو تعين ڪري ٿي تہ جسم  کي ڪيتري ڪيلشم ۽ وٽامن جي ضرورت آھي. اھي ٻئي عنصر ھڏين ۔ ڏندن ۽ پٺن جي صحت لاء ضروري آھن. وٽامن ڊي اسان جي جسم ۾ ھارمون وانگر ڪم ڪري ٿي ۽ جسم جي ھر گهرڙي ۾ پنھنجي پھچ کي يقيني بنائي ٿي ۽ وار ۔ اکيون ۔ دل ۔ بڪيون جيرو ۽ ھڏيون سڀ وٽامن ڊي گهرن ٿيون. ھي جسم ۾ ڪيلشم ۽ فاسفورس کي تحليل ڪري ٿي ۽ کين ترڪيب ڏئي ٿي. وٽامن ڊي ان ڳالھ جو تعين ڪري ٿي تہ جسم  کي ڪيتري ڪيلشم ۽ وٽامن جي ضرورت آھي. اھي ٻئي عنصر ھڏين ۔ ڏندن ۽ پٺن جي صحت لاء ضروري آھن. جسم ۾ ڪئلشيم جي سرشتي لاءِ وٽامن ڊي جو هئڻ بہ لازمي اهي. هن وٽامن جي گهٽتائي جي صورت ۾ ڪئلشم جو کاڌي مان رت ۾ جذب ٿيڻ ۽ هڏين ۾ پهچڻ اڻ مڪمل ٿي ويندو آهي ۽ ٻارن ۾ نرم ھڏ Rickets ۽ وڏن ۾ ڪچ ھڏ Osteomlacia جي شڪايت ٿي پوندي آهي، جنھن ۾ هڏيون نرم ٿي پونديون آهن ۔ وزن جي داٻ سان مڙي پونديون آهن ۽ معمولي داٻ يا وزن سان ڀڄي سگهن ٿيون. جيئن جيئن عمر وڌندي آهي، هڏين ۾ ڪئلشيم جو ذخيرو ٿيڻ جي ڪري انهن ۾ لچڪ گهٽجي ويندي اهي. انهيءَ ڪري پوڙهن جا هڏا آسانيءَ سان ٽٽي پوندا آهن. پوڙھائپ ۾ پوڙھن کي ڪئلشم جو استعمال ضروري ڪرڻ کپي.

ڪيلشم ۽ مئگنيشم جو تعلق :-
مئگنيشم ۽ ڪيلشم ٻئي گڏجي ڪم ڪن ٿيون. مئگنيشم وٽامن ڊي جي ڪئلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڪئلشم ۽ مئگنيشم رت جي رواني کي برقرار رکن ٿيون ۔ دل جي ڌڙڪي کي باقائدا ڪن ٿيون ۔ پٺن کي طاقت ڏين ٿيون.  ڪئلشم کي جذب ڪرڻ لاء مئگنيشم جي ضرورت پوندي آھي. ڪافي مئگنيشم کان سواء ڪئلشم نرم تاندورن ۾ ڪٺي ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌن جي سور جو سبب ٿي سگهي ٿي. ڪيلشم سان گڏ مئگنيشم جي استعمال سان جسم مان Infection ڇوت ختم ٿي سگهن ٿا ۽ زخم جلدي مڙي سگهن ٿا. ان ڪري ڪئلشم سان گڏ مئگنيشم جو استعمال ضروري آھي.

... ھلندڙ


Monday 26 November 2018

ميڊيڪل جون ڪجھ ايجادون

ميڊيڪل جون ڪجھ ايجادون
"دريا خان سنڌي" 

بي هوشي جو طريقو :
ڪنھن بہ آپریشن کان پھرين مريض کي بي هوش ڪيو ويندو آهي. ان جو سڀ کان پھريان طريقو  هوريس ويلز 1845 ۾ دريافت ڪيو. ان کان پھريان ڊاڪٽر جي مھارت جلد کان جلد آپريشن ڪرڻ ھوندي هئي. ان دوران مريض کي ٻڌي مظبوطي سان جهليو ويندو هيو يا ان جو خيال ٻئي طرف ھٽايو ويندو ھيو يا ان کي نشي ۾ ڌت ڪيو ويندو ھو. هڪ ٻيو طريقو مريض جي مٿي تي زور سان ڌڪ ھڻڻ ھوندو هيو. نائٽرس آڪسائيڊ گيس کلائڻ واري گيس آهي يعني ان کي سنگھڻ وارو کلڻ شروع ٿي ويندو آهي انڪري ان کي پارٽين ۾ کلڻ کلائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. وليم هوريس هڪ ڊينٽسٽ هو. ھڪ پارٽي ۾ ھن جي هڪ دوست گهڻي سنگھي ورتي، ان دوران ان جي دوست کي ڄنگھ ۾ وڏو زخم ٿي ويو جنھن جو ھن جي دوست کي پتو بہ نہ لڳو. وليم هوريس ڏند ڪڍڻ وقت مريضن جي وڏين وڏين رڙين ٻڌڻ جو عادي هيو. ھن اهو ڏٺو تہ هن اھو ڪم مريضن تي شروع ڪيو جنھن کان پوءِ ھي ڪامياب ٿي ويو ۽ مريضن کي پتو بہ نہ پئي لڳو. ان جو پيٽنٽ وليم هوريس وٽ هو جيڪو نائٽرس آڪسائيڊ پھريون اينسٿيٽڪ هيو.

اسٽيٿوسڪوپ :
هي فرانسيسي ڊاڪٽر ريني لائنچ جي ايجاد آهي جيڪو پيرس جي اسپتال ۾ ڪم ڪندو هيو. ڊاڪٽر کي جڏهن مريضن جي حالت ڏسڻي هوندي هئي تہ ان جو هڪ طريقو مريض جي ڇاتي کي آڱرين سان وڄائي چيڪ ڪرڻ ھيو. ڊاڪٽر ريني کي هڪ نوجوان مريضا کي چيڪ ڪرڻو هو.
معائني دوران ان ڇوڪري کي شرمندگي کان بچائڻ لاءِ ڊاڪٽر پنهنجي آڱرين کي وڄائڻ بجاء پنهنجي سامهون پيل ڪاغذ کي گول ڪري ٻڌو. آواز بھتر آيو. ان سان تشخيص ۾ آساني لڳي، اتان پوءِ اسٽيٿوسڪوپ جو خيال آيو، پھرين اسٽيٿوسڪوپ ڪاٺي جي ٽيوب جي هئي.

پٽي :
گهرن ۾ عام استعمال ٿيندڙ بينڊ ايڊ 1920 ۾ ارل ڊڪسن ايجاد ڪئي ارل جانسان اينڊ جانسن جي لاءِ روئي وٺڻ ڏيڻ جو ڪاروبار ڪندو هيو. ان جي زال جوزفين کي گهڻو ڪري ڌڪ لگندا هئا. علاج مھانگو هو. ارل ڊڪسن انفيڪشن کان بچڻ لاءِ ترڪيب سوچي ڪپڙي جي ڄاري جي ٻنهي طرفن جي حصن تي چنبڙندڙ شي لڳائي ڪري زخم تي لڳائي ڇڏيو. هي پهرين بينڊ ايڊ هئا. ڪجھ ئي عرصي کان پوءِ شروع ٿيندڙ جنگ عظيم ۾ ھن پٽي ڪافي زخمين جي زندگيءَ بچائي. اڄ ڪلھ ميڊيڪل ۾ انهن عام استعمال ٿيندڙ ايجادن کي هلڪين ڦلڪين ڪھاڻين ۾ بيان ڪرڻ هڪ گڏيل شي، باني جو مشاهدو ۽ ان مشاهدي کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش آهي.


زلزلا Earthquakes

Earthquakes                                                       زلزلا

"دريا خان سنڌي"

دنيا ۾ هر وقت  ڪٿي نہ ڪٿي زلزلا اچن ٿا جن مان گهڻو ڪري شدت ۽ گهٽتائي وارا هجن ٿا. شدت وارا زمين کي نقصان پھچائن ٿا جنھن سان تباهي جا منظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
سوال اُهو آهي آخر زلزلا اچن ڇو ٿا؟
هاڻي اچو تہ انهن جو جواب حاصل ڪريون. اوھان ڏٺو هوندو 2 گاڏيون جڏهن هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ جي صورت ۾ اڳتي پوئتي ٿي وينديون آهن. جيڪا گاڏي مضبوط هوندي اها ڪمزور گاڏي کي گهڻو نقصان پهچائي ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن تہ هڪ ٻئي جي مٿان بہ چڙهي وينديون آهن بلڪل ائين ئي زمين هيٺ مسلسل ٿيندو رهندو آهي. ھتي گاڏي نہ پر زمين جا حصا هڪ ٻئي کي ڌڪن ٿا.
زمين سياري جي جنھن حصي ۾ پاڻ رهون ٿا انکي اڙدو ۾ قشر ارض انگريزي ۾ Crust سنڌي ۾ زمين جو تھ چئبو آهي جيڪا زمين جي مٿاڇري جي هيٺان سنھي هجي ٿي
جيئن هيٺ تصوير ۾ ڄاڻايل آهي 
جيڪا ٽڪڙن ۾ ٿئي ٿي ان کي سائنس ۾ ٽيڪٽونڪ پليٽ چيو ويندو آهي.
زمين هيٺ جيڪي
( ٽيڪٽونڪ پليٽون Tectonic plates) هڪ ٻئي سان گڏوگڏ آهن ان مقام کي پليٽ بائونڊري چئبو آهي.
ڇا اوهانکي خبر آهي؟ هي ٽيڪٽونڪ پليٽون وڏيون هجن ٿيون ايتريون جو هڪ پليٽ لکن ڪلوميٽر تائين هجي ٿي. جيڪي ساڪن نظر ۾ اينديون آهن دراصل اهيئي حرڪتن ۾ هجن ٿيون جن جو اندازو اسان نٿا لڳائي سگهون. جنھن پليٽ تي انڊيا ۽ پاڪستان موجود آهي انکي انڊين پليٽ چئبو آهي.
اهڙي طرح ٻين پليٽن جا مختلف نالا رکيل آهن جيڪي سست رفتاري سان هڪ ٻئي سان ٽڪرائبيون آهن. جڏهن هڪ ڪمزور ٿي وڃي ٿي تہ پوءِ اهائي ٽٽي پوي ٿي ۽ هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ وقت زمين جو مٿانھون حصو متاثر ٿي هيٺ هليو ويندو آهي. ڪٿي اهيئي پليٽون هڪ ٻئي مٿان بہ اچن ٿيون
انهن لھرن کي ماهر سيسموگراف ذريعي ريڪارڊ ڪندا آهن.

زلزلا ڪيئن ۽ ڇو ايندا آهن
زمين جي ٻاهرين چادر اندروني طور مختلف پليٽن تي مشتمل آهن جڏهن زمين جي اندروني جڳھ ۾ موجود ڳريل مادو جنھن کي جيولوجي جي زبان ۾ ميڳما Magma چئبو آهي، ميڳما ۾ ڪرنٽ پيدا ٿيندو آهي تہ هي پليٽون بہ ان جي جهٽڪي سان حرڪت ۾ اچي وينديون آهن ڄڻ تہ ڪنويئر بيلٽ تي رکيل هجن. ميڳما انهن پليٽن کي گسڪائڻ ۾ اينڌن جو ڪم ڪندو آهي. هي پليٽون هڪ ٻئي ڏي سرڪن ٿيون، مٿي، هيٺ يا جهولي ڀر اچي وڃن ٿيون يا انهن جو درمياني فاصلو وڌي ويندو آهي. زلزلا يا آتش فشاني عمل انهن علائقن ۾ ٿيندو آهي جتي پليٽن جا جوڙو Joint تي ھجي. ارضي پليٽن جي حالت ۾ فوري تبديليءَ سان سطح ۾ ڏار يا فالٽ Fault پيدا ٿي وڃن ٿا جن ۾ پيدا ٿيندڙ لرزش سان زلزلا اچن ٿا. اندورني زمين جتي ميڳما جي مقام تي دٻاء جا نشان ٺھن ٿا. ان محور Focus ۽ انجي مٿئين مقام کي جتي ان جهٽڪي جا فوري اثر پون ٿا، ان کي زلزلي جو مرڪز Epicenter چيو ويندو آهي. زلزلي جون لھرون پاڻي ۾ ڪرندڙ پٿرن جي لھرن وانگر دائري جي شڪل ۾ چئني پاسن ڪاھ ڪنديون آهن. انهن سان ٿيندڙ تباھي جو تعلق جهٽڪن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت، فالٽ يا ڏارن جي نوعيت، زمين جي ساخت ۽ تعميرن جي معيار تي هجي ٿو.
جيڪڏهن زلزلو زمين جي تھ ۾ اچي تہ ان سان پيدا ٿيندڙ وڏيون لھرون پوري رفتار سان چئني طرف هلنديون آهن ۽ ساحلي علائقن ۾ گهڻي تباهيءَ آڻينديون آهن. زلزلا ٻن قسمن جا ٿين ٿا. قدرتي سبب ڪري ايندڙ زلزلن کي ٽيڪٽونڪ  Tectonic earthquakes زلزلا چئبو آهي ۽ انساني سرگرمين ڪري ايندڙ زلزلن کي نان ٽيڪٽونڪ   Non Tectonic earthquakes چئبو آهي. ٽيڪٽونڪ زلزلا گهڻي شدت وارا ٿي سگهجن ٿا، جڏهن تہ نان ٽيڪٽونڪ عام طور تي معمولي شدت جا هجن ٿا. ھڪ ئي زلزلي جو مختلف علائقن ۾ اثر مختلف ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن علائقي ۾ گهڻي تباهي اچي ٿي گڏوگڏ ٻيا علائقا محفوظ رهن ٿا ۽ زلزلي جو لھرون 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان وڌن ٿيون جنھن سان نرم مٽي ۽ ريتي وارن علائقن ۾ گهڻي تباهي آڻيندڙ ڪارڻ ٿين ٿيون.
زلزلن جي شدت جو اندازو ريڪٽر اسڪيل سان معلوم ڪيو ويندو آهي جڏهن تہ ظاهر ٿيندڙ تباهي جي شدت جو پتو مرڪلي اسڪيل Mercally Intensity Scale سان ماپيو وڃي ٿو. زلزلا سمنڊ جي تھ ۾ توڙي موجود زميني سطح تي بہ پيدا ٿيندا آهن ۽ حقيقتن سڀ کان گهڻا زلزلا سمنڊ جي تھ ۾ ئي پيدا ٿين ٿا. هوائي زلزلن يعني سونامي سان سمنڊ ۾ وڏيون لھرون پيدا ٿين ٿيون 
انهيءَ مان گهڻا هڪ 100 ميل کان وٺي 200 ميل ڊگهائي تائين پکڙجي ويندا آهن، جڏهن تہ انهن جي اوچائي 40 فٽ تائين هجي ٿي. هي لھرون ساحل تائين پھچنديون آهن تہ ساحل کان گذر ڪري خشڪي ڏي سيلاب وانگر داخل ٿين ٿيون ۽ وڏي تباهي بربادي آڻينديون آهن.
دنيا جا اھي خطا جتي زلزلا گهڻو پيدا ٿيندا آهن بنيادي طور تي اھي 3 پٽين Belts تي مشتمل آهن.
 پھرين پٽي جيڪا مشرق کان هماليا جي پھاڙن سان مليل آهي، انڊيا ۽ پاڪستان جي شمالي علائقن ۾ هماليا جي پهاڙن کان ٿيندي افغانستان، ايران ۽ ترڪي کان گذرندي براعظم يورپ ۽ يوگوسلاويا کان فرانس تائين يعني ڪوھ ايلپس تائين پھچي وڃي ٿي. 
ٻي پٽي براعظم شمالي آمريڪا جي مغربي ڪناري تي واقع الاسڪا جي پھاڙي سلسلن کان شروع ٿيندي ميڪسيڪو کان گذر ڪندي براعظم جنوبي آمريڪا جي مغربي حصي ۾ واقع مالڪن ڪولمبيا، ايڪواڊور ۽ پيرو کان ٿيندي چلي تائين پهچي ٿي.
جڏھن تہ ٽين پٽي براعظم ايشيا جي مشرق تي موجود جاپان کان شروع ٿيندي تائيوان کان گذرندي جنوب ۾ واقع جزائر فلپائن، برونائي، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تائين پھچي ٿي.
دنيا ۾ 50 فيصد زلزلا ڪوه هماليا، روڪيز ماونٽين ۽ ڪوه اينڊيز ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ هي ٽئين پھاڙي سلسلن جي مٿان بيان ڪيل پٽين ۾ ئي واقع آهن.
تقريبن 40 سيڪڙو زلزلا، براعظمن جي ساحلي علائقن ۽ ان جي ويجهڙ ۾ پيدا ٿين ٿا.
۽ جڏهن تہ ٻيا 10 فيصد زلزلا دنيا جي انهن علائقن ۾ اچن
ٿا جيڪي نہ تہ پهاڙي آهن نہ ئي ساحلي آهن

Thursday 22 November 2018

حياتيات بائيولاجي Biology

حياتيات بائيولاجي Biology 
"زاهد آرائين" 

زندگيءَ يا حياتيءَ جي علم کي چئجي ٿو
هيءُ هڪ وسيع ۽ گهڻ رخو علم آهي، جيڪو ڪائنات جي سمورن ساهوارن سان لاڳاپيل آهي. علم حياتيات، زندگيءَ جي بنيادي ايڪي، جيوگهرڙي ۽ زندگيءَ جي ارتقا کان وٺي هن دور جي جديد ڄاڻ تائين ڦهليل آهي، جنهن ۾ جاندارن جي قسمن، واڌ ويجهه، کاڌ خوراڪ ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا سمورا عنصر شامل آهن. زندگيءَ جي ابتدا جو جديد نظريو اصل ۾ ڪيميائي ارتقا تي زور ڏئي ٿو، ۽ اُها ارتقا زمين جي تاريخ ۽ شروعاتي ماحول جو ڏس ڏئي ٿي.

۔۔۔۔۔۔ مذهبي نظريو ۔۔۔۔۔۔۔
قرآن شريف ۾ به ان ڳالهه جون شاهديون ۽ گواهيون ملن ٿيون: وَجَعَلنَا مِنَ المَآءِ کُلَّ شَيءِ حَيٍّ اَفَلَا يُؤمِنُونَ (سورة الانبياء- آيت 30) ’۽ سڀ ڪنهن جيئري شيءِ کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيو سون، ۽ پوءِ ڇو نه ايمان آڻيندا آهن.‘ زندگيءَ جي شروعات، مادي ۾ تبديليءَ جو مظهر آهي ۽ زندگي ڪيميائي تبديليءَ ۽ ارتقا جي عمل وسيلي ظاهر ٿي. وجود بعد حياتي مختلف قسمن جي جاندارن ۾ ورهائجي وئي ۽ انسان ذات جي صورت تائين وڃي پهتي. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته: (سورة النور- آيت 45) ترجمو: ۽ الله تبارڪ و تعاليٰ سڀڪو جاندار پاڻيءَ مان بڻايو آهي، پوءِ انهن مان ڪجهه ٻن پيرن تي هلندا آهن، ۽ منجهانئن ڪي چئن پيرن تي هلندا آهن. الله تعاليٰ جيڪو گهُرندو آهي، سو پيدا ڪندو آهي، ڇو ته الله تعاليٰ سڀ ڪنهن شيءِ تي وس وارو آهي. هيءَ ڪائنات ’ڪُن فيڪون‘ جو ازلي عمل آهي، هيءُ اهو دور آهي، جڏهن ’الست بربڪم‘ جو ناد عالمِ ارواح ۾ گونجيو، ۽ ’قالو بَليٰ قلب سين‘ چئي لکين ڪروڙين اربين ڪهاڻين جنم ورتو، ڪائنات ۽ ان جي ڪهاڻي جو خالق الله تعاليٰ آهي. جنهن کي اشرف المخلوقات انسان ڪجھ سمجھيو آھي ۽ ڪجھ کي قيامت تائين سمجھبو پيو۔

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔حياتيات۔Biology۔ جي تاريخ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
لکن سالن کان وٺي حياتيءَ جي ارتقا يا جيوت جي اوسر ۾ بقاءِ اصلاح (Survival of Fittest) وارو اصول عمل ۾ رهيو، ان ئي اصول تحت هر جاندار زنده رهيو ۽ ان پاڻ کي حالتن ۽ ماحول آڌار هيرائي ڇڏيو. علم حياتيات ۾ سڀ کان پهرين يونان ۾ تحقيق ٿي. علم حياتيات جو نالو بائيولاجي (Biology) به يوناني ٻوليءَ جو مشتق آهي، جيڪو بائيوز (Bios) ۽ لوگاس (Logos) مان گڏي ٺاهيو ويو آهي. بائيوز جو مطلب حياتي يا زندگي، ۽ لوگاس جو مطلب سمجهه، دليل بازي يا علم آهي. مطلب ته ساهوارن جي علم کي حياتيات يا بائيولاجي سڏيو وڃي ٿو.

۔۔۔ يوناني نظريا۔۔۔
يونان جي گهڻن رُخي شخصيتن ارسطو ۽ ٻين جا علم حياتيات ۾ ڪيل ڪارناما اڄ سوڌو ياد ڪيا وڃن ٿا. ان کانسواءِ ٿيوفراسٽس پڻ حيوانات ۽ نباتات متعلق وڏي ڄاڻ مهيا ڪئي. يونان، علم حياتيات ۾ جيڪا شروعاتي ڄاڻ مهيا ڪئي، سا 287 ق. م کان 380 ق. م تائين آهي. ان کان سواءِ يونانين پنهنجي ملڪ سان گڏ ڏورانهن ملڪن ۾ رهندڙ جاندار جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪري، سندن بناوت تي تفصيل سان لکيو. يونانين جي ڏنل ڄاڻ جي روشنيءَ ۾ مسلمانن جي دور تائين ڪم هلندو رهيو، پر اسلامي دور ۾ علم حياتيات سان سائنس جي ٻين علمن تي به تمام گهڻو ڪم ٿيو. نه صرف ايترو پر تجربن جو استعمال به اسلامي دور ۾ شروع ٿيو، جنهن سان علم ۽ ڄاڻ جا نوان رُخ سامهون آيا. اٺين کان پندرهين صديءَ تائين مسلمانن سائنس ۾ بي پناهه ترقي ڪئي، انهن يوناني ادب ۽ علم جو مطالعو ڪيو، ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل ڪتابن کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪرايو.

۔۔۔ دور جديد ۔۔۔
ارڙهين صديءَ عيسويءَ ۾ جڏهن يورپ جي واپارين تجارتي مرڪز ڳولڻ لاءِ نوان نوان ملڪ ڏٺا، تڏهن اهي نين قومن، جانورن ۽ ٻوٽن سان روشناس ٿيا، جنهنڪري هن علم تي وڌيڪ تحقيق ٿي ۽ نتيجا سامهون آيا، يورپ جي سائنسدانن مختلف ٻوٽن ۽ جانورن جون درجه بنديون (نسلي ورهاستون) ڪيون، جانورن جا گروهه ٺاهيا ويا. انهيءَ حوالي سان چارلس ڊاروِن ويهه سال ان نظريي تي ڪم ڪيو ۽ پنهنجي ارتقائي نظريي جي حق ۾ ثابتين سان ڀرپور مشاهدا پيش ڪيا. ڊاروِن جي مشاهدن، علم حياتيات ۾ اضافو ڪيو ۽ پنهنجا گهَرا اثر مرتب ڪيا. سندس مشاهدا ٻين سائنسدانن جيان ساڳي نوعيت جا هئا ته نوان جاندار تبديلين جي مرحلن مان گذرڻ بعد پراڻن جاندارن مان ئي پيدا ٿيل آهن. انهن تبديلين جو سبب ورهاست جو عمل آهي. سندس مشاهدن موجب انسان کي به جانور قرار ڏيندي چيو ويو ته انسان به جانور جي سُڌريل شڪل آهي ۽ اهو پهرين بن مانس/ گوريلو يا لُنڊي پڇ وارو ڀولڙو هو.

۔۔۔چارلس ڊارون۔۔
چارلس ڊاروِن جي انهيءَ نظريي کي اوڻويهين صديءَ ۾ رڳو يهودي يا مشرقي قدامت پرست ڪليسا جي روايتي مذهبي رسمن جي آڌار تي رد ڪيو ويو ۽ قدامت پرست عقيدن چارلس ڊارون جي نظريي کي ائين چئي رد ڪري ڇڏيو ته انسان جي تخليق لاءِ دنيا جي تخليق کي مد نظر رکيو وڃي ته هيءَ دنيا ۽ روح ڪيئن خلقيا ويا. جنهن کانپوءِ خوردبين ايجاد ڪئي وئي، جنهن بعد ۾ ڏسڻ ۾ نه ايندڙ جاندارن، جيوگهرڙي بابت وڌيڪ کوجنا جو ڪم شروع ٿي ويو، جنهن تمام گهڻا لاڀائتا نتيجا ڏنا. علم حياتيات سبب انسان کي طب کان وٺي جراحت تائين ڄاڻ ملي، جنهن انساني توڙي حيواني ۽ نباتاتي جيوت جي بقا لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو

۔۔۔ سائنسي نظريو ۔۔۔
ابتدا ۾ ڪائنات جي ڪنهن به مادي ۽ ان جي توانائيءَ جي ڪا ڄاڻ نه هئي پوءِ سائنسدانن اندازو لڳايو ته 15 بلين سال اڳ هڪڙو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن کي ’بگ بئنگ‘ (Big Bang) چئجي ٿو، ان بعد ڌرتيءَ جو گولو ٻين گرهن کان الڳ ٿي، ٿڌو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ شمسي نظام جا ٻيا گرهه به هڪ سرشتي جي صورت ۾ ظاهر ٿيا. ان کي اڳتي هلي ’پرِي ڪيمبرين‘ دور سڏيو ويو، جڏهن ڌرتيءَ ٻين گرهن کان الڳ ٿي، هڪ شڪل اختيار ڪئي. ان کانپوءِ ڪيترن ورهين تائين ڌرتيءَ جي گولي تي هائڊروجن گئس جا تهن مٿان تهه موجود هئا ۽ پوءِ زميني سخت مٿاڇري تي گئسن جا رد عمل ٿيا ۽ ٻيا ڪيترا عنصر وجود ۾ آيا. اُن وقت زميني ماحول، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ڪاربان مونو آڪسائيڊ، نائٽروجن ۽ هائڊروجن تي مشتمل هو ۽ آڪسيجن کليل ماحول ۾ نه هئي، ڌرتيءَ تي گرمي پد جڏهن گهَٽيو ته انهن گئسن ڄمي ڪڪرن جو روپ اختيار ڪيو. ڌرتيءَ جي گولي تي شديد بارشن جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنهنڪري سمنڊ وجود ۾ آيا. هن دور کي انٿراپالاجيءَ جا ماهر ’پاليئوزاڪ‘ دور چون ٿا، هيءُ اهو ئي زمانو آهي، جنهن ۾ بارشن سبب گجگوڙ/ کنوڻ ۽ الٽرا وايوليٽ ريڊيئيشن جي ڪري گئسن جو پاڻ ۾ ردعمل شروع ٿيو، جنهن سان هڪڙو سادو نامياتي ماليڪيول (Simple Organic Molecule) وجود ۾ آيو، جيڪو برساتي ڦڙين وسيلي سمنڊن، درياهن ۽ مٽيءَ ۾ وڃي ڪِريو ۽ ساڳيءَ حالت ۾ سالن تائين موجود رهيو، شايد اُهو ئي دور آهي، جڏهن حياتيءَ جا درخشان اهڃاڻ نمودار ٿيا، جن جي ڪري زندگيءَ جي ڏسڻ ۾ نه ايندڙ مادن ’الجي‘ ۽ ’پروٽوزُئا‘ سرجڻ شروع ڪيو يا وري اُنهن نامياتي ماليڪيولن ڪافي عرصي کان پوءِ امائينو ايسڊس (Amino Acids) ۽ پروٽين (Protein) کي وجود ۾ آندو، جيڪي زندگيءَ جي شروعات جو ذريعو بڻيا. ميٿين (Methane)، امونيا (Amonia)، هائڊروجن (Hydrogen) ۽ پاڻي (H2O) جي مرڪبن بجليءَ جي شعاعن گذرڻ سان، امائينو ايسڊس سان مِلي کنڊ (Sugar)، سڻڀ ۽ ڊي. اين. اي (D.N.A) کي جنم ڏنو، جيڪي زندگيءَ جا بنيادي ايڪا آهن. زندگيءَ جي شروعاتي حالت کليل يا آزاد پروٽين جي دائري يا رائبو نيوڪلڪ ايسڊ (R.N.A) وانگر هئي، جنهن کان پوءِ ان جي چوڌاري هڪڙو پردو وجود ۾ آيو، جنهن سان Cell يعني جيوگهرڙو ٺهي پيو. ان وقت زمين جي کليل ماحول ۾ آڪسيجن ڪا نه هئي، پر جيوگهرڙي، آڪسيجن کانسواءِ Anaerobic ساهه کنيو پئي ۽ ٻين نامياتي مادن کي جذب ڪري، توانائي حاصل ڪئي ۽ گڏوگڏ جيوگهرڙو غير جنسي پيدائشي عمل واري طريقي سان پنهنجو نسل به وڌائيندو رهيو.

اهو جيوگهرڙو ( Cell ) جيڪو زندگيءَ جو بنيادي ايڪو ۽ جاندار آهي، اڳتي هلي خود رو (Autotrophic) جاندار بڻجي ويو، جنهن سج جي روشنيءَ مان پنهنجو کاڌو تيار ڪرڻ شروع ڪيو. سج جي روشنيءَ مان کاڌي تيار ڪرڻ واري روشنائي ترڪيب (Photosynthesis) واري عمل ۾ گهڻي انداز ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ٿيندي ۽ آڪسيجن خارج ٿيندي آهي، جنهنڪري ان عمل جاندارن لاءِ جياپي جا رستا کولي ڇڏيا. زندگيءَ جي ارتقائي عمل ۾ وڌيڪ تيزي تڏهن آئي، جڏهن ڪجهه جاندار جيوگهرڙن جنسي پيدائش جو سلسلو شروع ڪيو، پاليئوزاڪ دور ۾ ئي سمنڊن، مڇين، وڻن، ٻيلن ۽ ڪوئلي جو وجود پيو. لکين سال گذرڻ کان پوءِ ڌرتيءَ جي گولي تي ميووزائڪ دور آيو، جنهن ۾ريڙهيون پائيندڙ جانور، ڊائنوسار ۽ وڏا اُڏامندڙ پکي منظر عام تي آيا، اهي جاندار زندگيءَ جي ارتقائي مرحلن ۽ حياتيات جي اصولن مان گذري، عروج تي رسيا هئا. لکن سالن جي ان دور کان پوءِ ڪينوزاڪ دور شروع ٿيو، جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل هو، هن دور جو هڪ حصو ’ٽيٽائيري‘ هو، جنهن ۾ نوان ٻوٽا ۽ کير پياريندڙ جانور نمودار ٿيا، ۽ ٻئي حصي ’ڪواٽرنري دور‘ ۾ جيوگهرڙي هڪ نئين ارتقا ڪري، ماڻهوءَ جي غير واضح شڪل اختيار ڪئي. زندگيءَ جي ابتدا کان وٺي علم حياتيات ارتقا جو سفر شروع ڪيو. قديم انسان کان وٺي هاڻوڪي جديد ۽ سُلجهيل انسان، علم حياتيات تي پنهنجا مفروضا مڙهڻ ۽ مشاهدا ڪرڻ شروع ڪيا. وقت گذرڻ سان هن علم ۾ واڌارو ۽ ترقي ٿي، جنهن انساني بقا ۽ بهبود لاءِ تمام گهڻي ڄاڻ مهيا ڪئي.

شروعاتي شاخون
شروع ۾ علم حياتيات کي ٻن شاخن ۾ ورهايو ويو هو، جن ۾ حيوانن/ جانورن جي علم کي علم حيوانات (Zoology) ۽ ٻوٽن يا نباتات جي علم کي علم نباتات (Botany) چيو ويندو هو.

۔۔۔Zoology حيوانات۔۔۔
زولاجي يوناني ٻوليءَ جو آهي، جيڪو ٻن لفظن مان ٺهيل آهي. زو (Zoo) مطلب جانورن ۽ لوگاس (Logos) معنيٰ علم آهي. علم حيوانات يا زولاجيءَ جي معنيٰ جانورن جي علم واري آهي. علم حيوانات ۾ Animal Kingdom يعني (حيوانن جي راڄ) جو ارتقا کان جديد دؤر تائين جو علم ۽ فلسفو سمايل آهي. علم حيوانات، علم حياتيات جي هڪڙي وسيع شاخ آهي، جنهن ۾ مڙني جاندارن جهڙوڪ: انسانن، حيوانن (جانورن)، پکين پکڻن، جيتن جڻين جي بناوت، ارتقا، رهڻي ڪهڻي، پيدائشي عمل، سڀاءُ، بيماريون وغيره مطلب ته هر اُهو عنصر، جيڪو سندن جياپي سان وابسته آهي، اچي وڃي ٿو.

۔۔۔۔Botany علم نباتات۔۔۔
علم نباتات Botany يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو اصل ۾ بوٽين (Botane) هو. باٽني (نباتات) جو علم ٻوٽن جي بناوت (ساخت) جي ڄاڻ مهيا ڪري ٿو. حياتيات جي هيءَ شاخ تمام وسيع آهي، جنهن ٻوٽن جي بيمارين کان وٺي جينيٽڪس ۾ وڏي ڪمائتي ڄاڻ مهيا ڪئي آهي. پيوندڪاريءَ کان وٺي نين جنسن جي دريافت ۽ وڌيڪ ميون توڙي اناج جي اپت حاصل ڪرڻ جا نت نوان رستا کولي ڇڏيا آهن. جديد تجربن ۽ کوجنائن جي آڌار تي علم حياتيات ’بايولاجي‘ ۾ جاندارن سان لاڳاپيل مختلف علمن کي هن جو حصو بڻائي، انهن کي هن علم جون شاخون قرار ڏنو ويو، جڏهن ته علم حياتيات جو بنياد پنجن اصولن تي جوڙيو ويو، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:

1. سيل ٿيوري (Cell Theory)
هن اصول موجب، جيوگهرڙي کي زندگيءَ جو بنيادي ايڪو سمجهي، ان جي بناوت، ورهاست ۽ ارتقا تي گهرائيءَ سان مطالعو ۽ کوجنا ڪئي وئي، جيڪو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي ۽ نت نوان نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

2. ارتقا (Evolution) 
حياتيات جي اصولن موجب زندگيءَ يا جيوت جي ارتقا پڻ حياتيات جو بنيادي اصول آهي، جنهن ۾ جاندارن جون بنيادي خاصيتون ۽ واڌويجهه وارو سلسلو شامل آهي. هن اصول موجب جاندارن جا گروهه ۽ قسم هڪ ئي مادي مان پيدا ٿيل آهن، جيڪو سلسلو ساڍا ٽي بلين سال پراڻو آهي.

3. موروثيت (Genetics) 
سڀني جاندارن ۾ پنهنجي ابن ڏاڏن جي عادتن وارو سلسلو هلندو رهي ٿي، جيڪو گيميٽس (Gamets)، آر. اين. اي (R.N.A) ۽ ڊي. اين. اي (D.N.A) ذريعي نسل درنسل منتقل ٿيندو رهي ٿو.

4. هيميوٽيسسز (Homeostasis)
هر جاندار ۾ غدودن جي رس ڪري توازن برقرار رهڻ وارو سلسلو جاري آهي ۽ هي اصول جاندارن جي زندگيءَ ۾ اندرين توڙي ٻاهرين ماحول سان توازن برقرار رکڻ واري نظام کي هلائي ٿو.

5. توانائي (Energy)
هر جاندار کي زندگي گذارڻ ۽ جيوگهرڙن جي بقا لاءِ توانائيءَ جي ضرورت هوندي آهي ۽ اهو سلسلو لکن سالن کان هلندڙ آهي. هي اصول علم حياتيات جو اهم اصول آهي.

انهن اصولن تحت حياتيات کي وڌيڪ شاخن ۾ ورهايو ويو۔


 حياتيات ۔ بائيولاجي ( Biology ) 

۔ علم حياتيا Biology جون شاخون۔

آرنٿالاجي (Ornithology): حياتيات جي هن شاخ ۾ پکين جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

اٿالاجي (Ethology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جانورن جي هڪٻئي سان رويي ۽ سڀاءُ جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

اڪٿايولاجي (Ichthyology): حياتيات جي هن شاخ ۾ مڇين جو تفصيلي مطالعو ڪيو ويندو آهي.

انٽامولاجي (Entomology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جيتن جو تفصيلي مطالعو ڪيو ويندو آهي.

ايڪولاجي (Ecology): جاندارن جي رهڻي ڪهڻي ۽ وايومنڊل ۾ هڪٻئي سان واسطيداري کاڌخوراڪ جي حاصلات ۽ پنهنجي بچاءُ ڪرڻ واري مطالعي کي ايڪولاجي چئبو آهي.

ايمبريولاجي (Embryology): حياتيات جي هن شاخ ۾ ’ٻچوي ڳڀ‘ يعني هڪ جيوگهرڙي کان مڪمل شڪل صورت يا بيضي مان ٻچي بڻجڻ واري مطالعي کي ايمبريولاجي چئبو آهي.

ايناٽامي (Anatomy): جاندارن جي نظر ايندڙ حصن/ عضون (اندريان توڙي ٻاهريان حصا/ عضوا) جي مطالعي کي ايناٽامي چئبو آهي.

بائيوٽيڪنالاجي (Biotechnology): حياتيات جي هن شاخ ۾ حيوانن ۽ نباتات جي استعمال سان انساني ڀلائيءَ ۽ بهبود جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو.

ٽئگزانامي (Taxonomy): جاندارن کي خاندان، ڪٽنب ۽ جنس وغيره جي بنياد تي ورهائڻ واري علم جي مطالعي کي ٽئگزانامي چيو ويندو آهي.

پروٽوزولاجي (Protozology): حياتيات جي هن شاخ ۾ هڪ جيوگهرڙي وارن جاندارن جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو.

پئراسائٽالاجي (Parasitology): حياتيات جي هن شاخ ۾ اهڙن جاندارن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي، جيڪي ٻين تي گذران ڪندا آهن، (جئين پيٽ جا ڪيڙا) جن کي مفت خور پڻ چيو ويندو آهي.

پيلنٽولاجي (Paleontology): پنڊ پهڻ ٿي ويل جاندارن جي زندگي گذارڻ جي خبر هن علم ذريعي پوي ٿي، ته اهي ارتقائي دور ۾ ڪيئن هئا، ۽ ڪهڙي زندگي گذاريندا هئا، سندن رهڻي ڪهڻي ڪهڙي هئي.

زوجيوگرافي (Zoogeography): زمين جي مٿاڇري تي جاندارن جي ورڇ واري مطالعي کي زوجيوگرافي چئبو آهي. مثال طور: ڪي جانور صرف دنيا جي ڪنهن خاص خِطي ۾ رهندا آهن، جيئن: ڪِيوي (Kiwi) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ ملي ٿي.

سائٽالاجي (Cytology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جيوگهرڙن ۽ انهن جي اندرين حصن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

فريش واٽر بائيولاجي (Fresh Water Biology): حياتيات جي هن شاخ ۾ تازي يا وهندڙ پاڻيءَ ۾ رهندڙ جيوت جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

فزيالاجي (Physiology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جاندارن جي عضون/ حصن ۽ انهن جي ڪم ڪار ڪرڻ جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

مارفالاجي (Morphology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جاندارن جي ٻاهرين شڪل شبيهه ۽ عضون جي بناوت ۽ جوڙجڪ جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

مائڪالاجي (Mycology): حياتيات جي هن شاخ ۾ فنجي (Fungi) جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

مائڪروبائيولاجي (Microbiology): خوردبين وسيلي ڏسڻ ۾ ايندڙ جاندارن جهڙوڪ: بيڪٽريا،وائرس، فنگس ۽ پروٽوزُئا
 وغيره جي مطالعي کي مائيڪروبائيولاجي چئبو آهي.

مئمالاجي (Mammology): کير پياريندڙ جاندارن جي مطالعي (جنهن ۾ انسان به شامل آهي) واري علم کي مئمالاجي چئجي ٿو.

ميرين بائيولاجي (Marine Biology): حياتيات جي هن شاخ ۾ سمنڊ ۾ رهندڙ جاندارن ۽ ٻوٽن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

وائرولاجي (Virology): حياتيات جي هن شاخ ۾ وائرس ۽ ان مان ڦهلندڙ عنصرن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

هرپيٽولاجي (Herpetology): حياتيات جي هن شاخ ۾ reptiles رهڙيون پائيندڙ جانور ڏيڏرن، سانڊن، ڪرڙين ۽ نانگن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

هسٽالاجي (Histology): حياتيات جي هن شاخ ۾ جاندارن جي تاندورن (Tissues) جو خوردبينيءَ وسيلي مطالعو ڪيو ويندو آهي.

هيلمنٿالاجي (Helminthology): حياتيات جي هن شاخ ۾ پيٽ جي ڪينئن/ ڪيڙن جو مطالعو ڪيو ويندو آهي.

تحرير ۽ ترتيب ۔۔۔۔ زاهد آرائين

حوالو
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

رت جا گروپ Blood groups

رت جا گروپ   Blood groups

"دريا خان سنڌي"

ھن وقت انساني رت جون 30 مختلف درجہ بنديون ٿي سگھن ٿيون جنھن ۾ روزانو زندگي ۾ ABO ۽ Rh يعني Rehsus سرشتا سڀ کان گهڻو استعمال ٿين ٿا. ABO سرشتي ۾ رت جا چار گروپ ٿين ٿا جنھن ۾ AB, B, A ۽ O آھن جڏھن تہ آر ايڇ اجسا Rh antiboy سرشتو انهن چارن گروپ کي Positive ۽ Negative ۾ ورهائي ڇڏي ٿو جنهن سان هي 8 گروپ ٺهن ٿا.

اي بي او ABO سرشتو :
بلڊ گروپ جو دارومدار رت جي ڳاڙهن خلين A ۽ B اڄڻن antigen جي موجودگي يا غير موجودگي تي ٿيندو آهي. اينٽي جن antigen لاءِ لفظ اميونوجن immunogen بہ استعمال ٿيندو آهي. اميونوجن immunogen سان مراد ڪو بہ اهڙو سالمو آهي جيڪو جسم ۾ داخل يا پيدا ٿئي تہ اهو جاندار جي جسم ۾ هڪ غير هجڻ جو احساس اجاڳر ڪندو آهي ۽ ان کي غير ۽ خطرناڪ سمجهندي جسم جو مدافعتي نظام متحرڪ ٿي ڪري ان خلاف وڙهڻ ۽ انکي ختم ڪرڻ لاءِ اهڙا جسم ٺاهي ٿو جن کي اجسا antibodies چئبو آهي.
*جن ماڻهن جو رت گروپ اي A هجي ٿو انهن جي رت جي ڳاڙهن گهرڙن RBC تي A اڄڻا antigen موجود ٿين ٿا جڏهين تہ انهن جي پلازما ۾ اينٽي بي anti-B اجسا  antibody پاتا وڃن ٿا جيڪي حاملا ماءُ کان انجي ٻار تائين نٿا پهچن.
*جن ماڻهن جو جو بلڊ گروپ B هجي ٿو انجو رت جي ڳاڙهن خلين RBC ۾ anti-B اينٽي جن اڄڻا antigen پاتا وڃن ٿا جڏهن تہ انهن جي پلازم ۾ اينٽي anti-A اينٽي باڊي antibody پاتا وڃن ٿا  جيڪي حاملا ماءُ انجي ٻار تائين نٿا پهچي سگھن.
٭جن ماڻهن جو بلڊ گروپ AB هجي ٿو انھن جي رت جي ڳاڙهن خلين RBC تي A ۽ B ٻئي اڄڻا antigen پاتا وڃن ٿا جڏهن تہ انهن جي پلازما ۾ ٻئي اجسا antibody نٿا پاتا وڃن.
٭جن ماڻهن جو بلڊ گروپ O هجي ٿو انهن جي رت جي ڳاڙهن خلين RBC تي ٻئي اڄڻا antigen نٿا پاتا وڃن
جڏھن تہ انهن جي Plasma پرٿ ۾ ٻئي اجسا antibody جسم روڪ پاتا وڃن ٿا.

اینٽيA :
اجسا Antibody رت جي انهن ڳاڙهن خلين  RBC تي عمل ڪندا آهن جن تي A اڄڻا antigen پاتا وڃن ٿا ۽ انهن جي باهمي چپڪ Agglutinate ڌار ٿيڻ جو سبب بنجي ٿي، انهي طرح اجسا بي Antibody B بلڊ گروپ B جي ڳاڙهن خلين جا دشمن هجن ٿا.

سرشتو آر ايڇ روڪ اجسا Rh  يا Rhesus :
*جن ماڻهن جو بلڊ گروپ Positive هجي ٿو انهن جي رت
جي ڳاڙهن خلين RBC تي Rhesus اينٽي جن antigen پاتا وڃن ٿا جڏهن تہ انهن جي پرٿ Plasma ۾ اينٽي Rhesus اجسا antibody نٿا پاتا وڃن
*جن ماڻهن جا بلڊ گروپ negative هجن ٿا انهن جي رت جي ڳاڙهن خلين RBC تي Rhesus اڄڻو Antigen نٿو هجي ۽ انهن جي پلازما ۾ بہ اينٽي Rhesus اينٽي باڊي antibody نٿا پاتا وڃن يعني اينٽي Rhesus اينٽي باڊي قدرتي Natural اينٽي باڊي نٿا هجن
انهي ڪري جيڪڏهن ڪنھن negative ماڻهو کي پھرين دفعو Positive رت جي لڳي وڃي رت جو ري ايڪشن نٿو ٿئي پر ان شخص ۾ اينٽي Rhesus اينٽي باڊي Antibody ٺھي وڃن ٿا جيڪي آئيندي واڌو خون لڳائڻ سان موت مار ري ايڪشن ڪري سگهن ٿا
سسٽم ۽ حمليا Rh antiboy آر ايڇ اجسا يا Rhesus :
هڪ Positive بلڊ گروپ جي عورت جي حمل ۾ ٻار کي ڪو خطرو نٿو هجي.
هڪ Negative بلڊ گروپ جي عورت جي پھرئين حمل ۾ ٻار کي ڪو خطرو نٿو ٿئي چاھي اھو Positive بلڊ گروپ جو ٻار هجي يا Negative جو پر جڏهن هڪ Negative بلڊ گروپ جي حاملا عورت Positive بلڊ گروپ جي ٻار کي جنم ڏئي ٿي تہ زچگي دوران ٻار جا ڪجھ ڳاڙها خليا ماءُ جي رت جي دوري ۾ شامل ٿي ڪري ماءُ ۾ اينٽي Rhesus اجسي antibody ٺاهڻ جو سبب ٿين ٿا جيڪي حاملا ماءُ کان ان جي ٻار تائين پهچي سگھجن ٿا ۽ مستقبل ۾ ٿيندڙ حمل جي دوران ماءُ جي جسم ۾ پرورش پائيندڙ ٻار جي ڳاڙهن گهرڙن کي ٽوڙڻ ۽ حمل ضائع ٿيڻ جو ڪارڻ بڻجڻ ٿا.
انهي ڪري negative بلڊ گروپ جي عورت جيڪڏهن  Positive بلڊ گروپ جي ٻار کي جنم ڏئي تہ انهيءَ کي جلد کان جلد اينٽي Rhesus اجسي Antibody جو انجيڪشن مثلن RHEOGRAM لڳايو ويندو آهي جيڪو ماءُ جي رت ۾ داخل ٿيندڙ ٻار جي ڳاڙهن خلين کي تباھ ڪري ٿو ڇڏي ۽ ماءُ جي جسم ۾ پاڻ اينٽي Rhesus اجسي Antibody ٺاهڻ جي ضرورت نٿي رهي اھڙي طرح مستقبل ۾ ٿيندڙ حمل جي دوران ان ماءُ جي جسم ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار کي خطرو نٿو رهي.
جيڪڏهن positive بلڊ گروپ جي ٻار جي پيدائش کانپوءِ negative بلڊ گروپ جي عورت کي هي اينٽي Rhesus اجسي Antibody جو انجيڪشن نہ لڳي تہ ان جي هر اڳئين Positive بلڊ گروپ جي ٻار جو حمل دوران مرڻ جو خطرو وڌندو ويندو.
ڪاٽو بلڊ گروپ جي عورتن جي لاءِ بھتر آھي تہ اھي ڪاٽو Negative بلڊ گروپ جي ڪنھن مرد سان شاديءَ ڪن، انهيءَ طرح ٻار بہ Negative بلڊ گروپ جا ٿيندا ۽ حمل جي خطرن کان محفوظ رهندا

خون جي منتقلي   Transfusion :
جڏھن ڪنھن مريض کي رت ڏنو ويندو آهي تہ مريض جي پنهنجي اينٽي باڊي ۽ منتقل ٿيل ڳاڙهن خلين جي درميان
ري ايڪشن جو خطرو وڌي وڃي ٿو جڏهن تہ مريض جي پنهنجي ڳاڙهن خلين ۽ منتقل ٿيل اجسن جي وچ ري ايڪشن جو خطرو گهڻو گهٽ ٿي ٿو. ائين تہ هر مريض کي اُهو ماڻهو رت ڏيندو آهي جھڙو ان جو پنهنجو رت ھوندو آھي پر ڪڏھن ڪڏھن ان مريض جي گروپ جو رت دستياب نہ هجي تہ ٻئي گروپ جو رت بہ احتياطن سان ڏئي سگهجي ٿو پر ان جا ڪجھ قائدا آهن.
                   
اي                          A :
گروپ جا ماڻھو گروپ B بي کي ۽ B بي گروپ جا ماڻھو گروپ A اي کي رت نٿو ڏئي سگهي ۽ نہ ئي وٺي سگهن ٿا.

ڪاٽو         Negative :
  گروپ جي مريض کي positive گروپ جو رت ناهي ڏنو ويندو پر  positive کي نيگيٽو جو رت ڏيئي سگهجي ٿو.

اي بي                  AB :
گروپ جو مریض ٻئي گروپ جي ماڻهن کان رت وٺي سگهجي ٿو پر انهن کي پاڻ رت ڏيئي نٿو سگهي.

او                         O :
گروپ جا ماڻهوءَ ٻئي گروپ وارن کي رت پنهنجو ڏئي سگهن ٿا پر پاڻ ٻئي ڪنهن گروپ جو رت قبول نٿا ڪري سگهن يعني O او گروپ جي مريض کي صرف O گروپ جو ئي رت لڳي سگهي ٿو.
Anti   مخالف ۔ روڪ ۔ ا
Body   جسو ۔ جسم
Antibody  اجسو ۔ جسم روڪ

Anti      مخالف ۔ روڪ ۔ ا
Gen      ڄڻڻ ۔ ڄمڻ
Antigen اڄڻا ۔ اڄما ۔ ڄم روڪ ۔ ڄم روڪيندڙ