Sunday 17 November 2019

پاڻي تي ترندڙ پوک

پاڻي تي ترندڙ پوک
:- دريا خان

پاڻي تي ترندڙ پوک جنھن کي Floating Farms چئبو آهي، هوئين تہ اها اسانکي بنگلاديش ۾ عام ڏسڻ لاءِ ملندي، پر ماهرن موجب ٻہ هزار پنجاھ ۾ دنيا جي آبادي ۾ وڌيڪ ٻہ ارب جو اضافو ٿي چڪو هوندو، جنھن سبب غذائي کپت جي بہ گھڻي گھرجي هوندي، پر گڏوگڏ آبادي جي واڌاري سبب سندن کي گھر اڏائڻ لاءِ کين زمين بہ کپندي، ۽ گڏوگڏ شھرن ۾ اسي سيڪڙو ماڻھون آباد ٿي چڪا هوندا. جيئن تہ اسانجي روز مرھ جي ضرورت جو گھڻو حصو غذائي شيون آهن جيڪي شهرن ۾ تہ ناهين پوکيو وينديون اهوئي سڀ زرعي ملڪن ۽ ڳوٺن کان اينديون آهن. جنھن کي نظر ۾ رکندي ماهرن سمنڊي سطح تي ترڻ وارن اهڙين فارمن جو تصور پيش ڪيو آهي، جيڪي شھرن جي ويجھو ئي هوندا جتان کان کڻي اچڻ بہ سولو هوندو. پر سوال اهوئي فارم ڪهڙي ريت ڪم ڪندا، فارورڊ ٿنڪنگ آرڪيٽيڪچر نالي اداري جي هڪ آرڪٽيڪٽ، جيويئر چونس ان ڪم لاءِ هڪ اهڙو ڊيزائن ماڊل پيش ڪيو هئو. جيڪو چوويھ مٽر مٿي ۽ انجي مٿان توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ شمسي پينل بہ لڳل هوندا، جنھن جي ڍانچي جي ڊيگھ پنج هزار ميٽر چوڌاري هوندي جتي مختلف قسمن جو سبزيون پوک ڪيون وينديون، جيڪي مٽي تہ نہ هونديون بلڪ پاڻياٺ Nutrients جي مدد سان پوکيون وينديون، انھن سبزن جا بچي ويل حصا هيٺين حصي ۾ موجود مڇين لاءِ ڪرائيا ويندا. تہ جيئن انھن کي بہ غذا ملي سگھي، جيڪي بہ انھي بند فارم ۾ واڌ ويجھ ڪنديون، ماهرن موجب هڪ وڏي فارم جي مدد سان جيڪو ٽي سئو ميٽر وڏو ۽ ٻہ سئو ميٽر ويڪرو ٿي سگھي ٿو تنھن مان ساليانو اٺ ٽن سبزيون ۽ ٻہ ٽن مڇين جو گوشت حاصل ڪري سگھجي ٿو. اهڙا ڪيترائي ئي يونٽ جوڙي سگھجن ٿا جيڪي ويجھي وارن علائقن جي غذائي ضرورت پوري ڪري سگھن ٿا. مثال دبئي جي وٺجي جيڪو ساليانو يارهن هزار فروٽ ۽ سبزيون ٻين ملڪن کان وٺندو آهي، ڇوجو اتان جي زمين پوک ڪرڻ جھڙي ناهي، جيڪي سمنڊ ۾ اهڙا فارم جوڙي مستقبل ۾ پنھنجي غذائي ضرورتون پوريون ڪري سگھن ٿا. 
Floating Farms Bangladesh


#ScienceJeDunya #FloatingFarms

No comments:

Post a Comment