Friday, 10 October 2025

جين سان سڌارو؟ - جين (29)


جين سان سڌارو؟ - جين (29)

”دريا خان سنڌي” 
ويھين صدي جي آخر ۾ 5HTTLRP نالي هڪ جين تي هڪ اڀياس ٿيو. هي جين اهڙو ماليڪيول ٺاهي ٿي جيڪو ڪجھ اهم نيورونز جي وچ ۾ سگنلنگ کي قابو ڪري ٿو، ۽ ان جو واسطو ذهني دٻاءُ (اسٽريس) جي ردعمل سان آهي. هي جين ٻن قسمن ۾ ملي ٿي: ننڍڙي (شارٽ) ۽ ڊگهي (لانگ) قسم. لڳ ڀڳ چاليھ سيڪڙو آبادي ۾ ان جو ننڍڙو قسم موجود آهي، جنهن جي ڪري جسم ۾ هي پروٽين گهٽ ڀاڳيواري پيدا ٿئي ٿو. جن ماڻهن وٽ هي ننڍڙو قسم هوندو آهي، انهن ۾ ڊپريشن، لت (نشو)، بيچيني، ٽراما، ۽ خطري وارن روين جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي، ۽ خودڪشي جو خطرو بہ وڌيل هوندو آهي. 2010ع ۾ آمريڪا جي رياست جارجيا جي هڪ گھڻي غريب علائقي ۾، جيڪو غربت، ڏوهن، نشي ۽ تعليم جي کوٽ جي ڪري مشهور هو، “پراجڪٽ ساف” جي نالي سان هڪ اڀياس ڪيو ويو، ڇھ سئو خاندانن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو، هڪ گروپ لاءِ ست هفتن تائين آگاهي ڪائونسلنگ، ۽ نشو ڇڏائڻ لاءِ سماجي پروگرام ڪيا ويا، ٻيو گروپ قابو ڪرڻ وارو گروپ هو سڀني جي جين جو ميلاپ ڪيو ويو
پهريون نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو اڳواٽ اندازو هو، جن ٻارن وٽ ننڍڙو قسم هو، انهن ۾ هاءِ رسڪ رويا (شراب نوشي، منشيات جو استعمال وغيرھ) ٻيڻا گھڻا هئا، هي اڳئين اڀياسن جي سڃاڻپ هئي، پر ٻيو نتيجو اهم هو جن تي ست هفتن واري پروگرام جو سڀ کان وڌيڪ اثر ٿيو، اهي ساڳيا ماڻهو هئا جن وٽ ننڍڙو قسم موجود هو. 
هي تجربو وري هڪ ٻئي اڀياس ۾ بہ ڪيو ويو، جيڪو يتيم ٻارن تي ڪيو ويو، ۽ نتيجو ساڳيو آيو، جيڪي ماڻهو سڀ کان وڌيڪ ڪاج ٿيندا هئا، اهي ئي سماجي پروگرام مان سڀ کان وڌيڪ فائدو وٺندا هئا، ٻنهي اڀياسن مان لڳي ٿو تہ ننڍڙو قسم هڪ نفسياتي حساسيت وارو “اسٽريس سينسر” بڻائي ٿو، جنهن جو مالڪ ماحول مان جلدي اثر وٺي ٿو، ڀلي اهو اثر مثبت هجي يا منفي، جيڪي ماڻهو حساس هوندا آهن، انهن تي آسانيءَ سان اثرانداز ٿي سگهجي ٿو. 

لچڪ (ريزِلئنس) جي بُنياد بہ جينيٽڪ آهي، ڪي ماڻهو ڏکيائيون برداشت ڪرڻ جي گھڻي صلاحيت رکندا آهن، پر انهن تي مداخلت جو اثر گهٽ پوندو آهي، جڏهن تہ جيڪي حساس آهن، اهي ماحول موجب جلدي بدلجي ويندا آهن۔لچڪ واري جين جو تصور هاڻي سوشيل انجنيئرنگ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، 2014ع ۾ نفسيات دان (جي بلسڪي) لکي ٿو:
“سماجي پروگرام وٽ گھڻا محدود وسيلا هوندا آهن، ڇا اسان کي اهي ٻار نشانو نہ ڪرڻ گهرجن جن لاءِ اهي پروگرام وڌيڪ فائديمند هجن؟ منهنجي لاءِ تہ جواب ها ۾ آهي، جيڪڏهن اسان پنهنجا سماجي پروگرام وڌيڪ اثرائتا ڪرڻ چاهيون ٿا، ۽ وڌ کان وڌ ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيون ٿا، تہ صحيح چونڊ ڪرڻي پوندي، انهن ننڍڙن گلن جي حفاظت ڪرڻي پوندي جن کي وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي۔”
جي بلسڪي جو خيال سٺو آهي ۽ ان جي مدد سان اثرائتا پروگرام تيار ڪري سگهجن ٿا۔ ان تي عمل ڪري وڌيڪ ٻارن جي مدد ٿي سگهجي ٿي، ننڍڙا گل بچائي سگهجن ٿا، پر سوال آهي، ان جو مطلب ڇا ٿيندو؟ ٻارن جي جينوٽائپنگ؟ جين جي بنياد تي روين ۾ فرق ڪرڻ؟ ۽ جينوٽائپ جي بنياد تي سماجي انجنيئرنگ؟ جيڪڏهن اسان جين جي مدد سان حساس ماڻهن کي سڃاڻي سگهون ٿا، تہ ڇا اسان ڏوهن، تشدد يا ٻين روين جي رجحانن کي بہ سڃاڻي سگهنداسين؟ يوني پولر ڊپريشن ۽ بائي پولر شخصيت کي؟ پوءِ اخلاقي مثلث ۾ “غيرمعمولي تڪليف” جي تعريف ڇا هوندي؟ ۽ ڪهڙي مداخلت صحيح هوندي؟
۽ سڀ کان وڏو سوال، “نارمل” ڇا آهي؟ ڇا پيءُ ماءُ نارمل جي چونڊ ڪري سگهندا؟ ۽ پوءِ، نفسيات جي “هايزنبرگ اصول” وانگر، مداخلت نارمل جي تعريف جي حد کي گهٽائيندي ويندي؟ ان جو مطلب ڇا ٿيندو؟
اسان جي نظر بچائڻ واري اوجهل هڪ حقيقت آهي، اسان پنهنجي جهڙوڪ جينز کي ترجيح ڏيون ٿا، جيڪي اسان جهڙا نہ هوندا، انهن سان وڙهندا آهيون، گروهي ورهاست ڪندا آهيون: “گورا اهڙا آهن، ڪارا اهڙا آهن، پٺاڻ اهڙا آهن، پنجابي اهڙا آهن، اسان جا اباڻا انهن کان سٺا آهن، دنيا ۾ اسان جهڙو ڪو ناهي” هي ئي قوم پرستي، نسل پرستي آهي “هو ننڍي قد وارو آهي، هن جون اکيون ننڍيون آهن، ڪيترو شرميلو آهي، گھڻو ڪاوڙ وارو آهي، هو تہ ديوانو آهي” اسان سڀ ۾ فرق گھڻو گهٽ آهي، پر اسان ٻين کي انهن ٿورڙي فرقن جي نظر سان ڏسون ٿا، اسان “ايبنارمل” جي تعريف “نارمل” سان ڪندا آهيون، ۽ ايبنارمل کي ڄاڻڻ نارمل جي تعريف کي وڌيڪ تنگ ڪري ٿو. 
ظاهر تي ئي نہ، مزاج، خيال، ۽ سوچ ۾ قسم برداشت ڪرڻ اسان لاءِ سولو ناهي، گروهي ورهاست ۽ قبائليت اسان جي فطرت ۾ گهري ويٺي آهي.
گذريل صدي جي تاريخ اسان کي جينيٽڪ فٽنيس جي جانچ ڪرڻ جي خطرن جو سبق ڏئي چڪي آهي، اسان طئي ڪندا آهيون تہ ڪير اسان جي مثلث ۾ فٽ ٿئي ٿو ۽ ڪير ٻاهر آهي، هاڻي ايندڙ سوال آهي جيڪڏهن اها چونڊ فرد جي هٿ ۾ اچي وڃي تہ ڇا ٿيندو؟ خوفناڪ بيمارين ۽ معذورين جو خاتمو، فردي ۽ اجتماعي خواهشون، ۽ پس منظر ۾ ٽيون وڏو خاموش ڪردار اسان جون جينز هونديون، جيڪي پاڻ اسان جي خواهشن کي ڪنٽرول ڪن ٿيون. 
جڏهن جيمس واٽسن کان پڇيو ويو تہ جڏهن اسان جينوم پڙهي سگهنداسين ۽ ان ۾ ترميم ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين تہ ڇا ٿيندو، تہ ان چيو:
“مون کي اميد آهي تہ اسان ٿورو سٺو انسان بڻجي وينداسين”۔

هاڻي اسان جينوم پڙهي ورتو آهي، اڳڪٿي جي بنياد تي چونڊ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جين ٿراپي جو استعمال نوي جي ڏهاڪي ۾ ڪيو ويو هو، ۽ هاڻي ان ٽيڪنالاجي جون ايندڙ ٻہ جنريشنون اچي ويون آهن، هاڻي انساني جرم لائن ۾ ايڊٽنگ ڪري صحيح ترميم ڪرڻ جي ٽيڪنالاجي بہ موجود آهي
هن ترقيءَ ۾ هڪ اهم موڙ کير ۽ ڏهي ٺاهيندڙ اداري ۾ ڪم ڪندڙ محققن جي ايڪويهين صديءَ جي هڪ اهم دريافت هئي، اهي هٿيار جيڪي جراثيم پاڻ ۾ جنگين دوران استعمال ڪندا آهن. 
هلندڙ... 
جين جي چونڊ  - جين (28)

https://www.facebook.com/share/p/1Fta65rE2j/ 

No comments:

Post a Comment