جين جي چونڊ - جين (28)
”دريا خان سنڌي“
اپريل 1990ع ۾ هڪ نئين ٽيڪنڪ جو اعلان جينيات جي سائنس ۾ هڪ ڌماڪيدار ڏيک جيان هو. هي ٽيڪنالاجي پيٽ ٿيڻ کان اڳ ئي جينياتي سڃاڻپ ڪرڻ جي هئي. جڏهن ٽيسٽ ٽيوب وسيلي ٻار جي پيداواري ڪئي ويندي آهي تہ ان جو ايمبريو عام طور تي ڪجھ ڏينهن لاءِ انڪيوبيٽر ۾ رکيو ويندو آهي، پوءِ ماءُ جي جسم ۾ ڇڏيو ويندو آهي. هي طريقو غيرمتنازعو آهي، ڪو بہ ان کي ماڻي سگهي ٿو ۽ سڄي دنيا ۾ رائج آهي. گذريل چاليھ سالن ۾ سڄي دنيا ۾ اٺ لک کان وڌيڪ ٻار ان طريقي سان ڄاوا آهن.
ڇا انهن ڏينهن جي وچ ۾ ان جو جينياتي ٽيسٽ ٿي سگهي ٿو؟
هي ٽيڪنالاجي انساني ايمبريالاجي جي هڪ حيرت انگيز مظاهري کي استعمال ڪري ٿي. هڪ خليو ورهائجي ٿو، ٽن ڏينهن ۾ اٺ خليا، پوءِ سورهن. حيرت جي ڳالھ آهي تہ جيڪڏهن ان مان ڪو خليو ڪڍي بہ ڇڏجي تہ باقي خليا وري ورهائجي ان جاءِ کي ڀري ڇڏين ٿا ۽ جيئن ڪجھ بہ نہ ٿيو هجي، سادي نموني وڌندا رهن ٿا. پنهنجي تاريخ جي شروعاتي حصي ۾ اسان ائين هوندا آهيون جيئن ڪرڙي جو پڇ، جيڪڏهن ان جو چوٿون حصو بہ ڪٽي ڇڏجي تہ اهو وري صحيح ٿي وڃي ٿو.
ان شروعاتي مرحلي ۾ هي مظاهرو ايمبريو جي بائيوپسي ممڪن بڻائي ٿو. ان مان ڪجھ خليا ڪڍي، انهن جو جينياتي ٽيسٽ پڻ ڪري سگهجي ٿو. ٽيسٽ پورو ٿيڻ کان پوءِ فيصلو ٿي سگهي ٿو تہ اهو ايمبريو ماءُ جي جسم ۾ داخل ڪيو وڃي يا نہ.
برطانيہ ۾ ٻہ جوڙا پهريون ڀيرو ان طريقي کي استعمال ڪيو. هڪ جي خاندان ۾ گھڻي دماغي ڪمزوريءَ جي تاريخ هئي، ٻئي ۾ هڪ دفاعي اميونالاجيڪل سنڊروم جي. ٻئي لاعلاج بيماريون هيون، جيڪي خالي ڇوڪرن ۾ ظاهر ٿي سگهنديون هيون. انهن کي ڇوڪريءَ جي چونڊ ڪرڻي هئي تہ جيئن صحت مند ٻار ڄمن. ٻنھي جوڙن هي طريقو چونڊ ڪيو ۽ ٻنهي وٽ جڙوا ڇوڪريون ڄايون، جيڪي صحتمند هيون.
ان جا اخلاقي اثر ايترا حيران ڪندڙ هئا جو ٿوري ئي عرصي ۾ ڪيترن ئي ملڪن ۾ هن طريقي تي پابنديون لڳي ويون. اهڙو ڪرڻ وارا ملڪ سڀ کان پهرين جرمني ۽ آسٽريا هئا، جيڪي ويهين صديءَ ۾ جين جي نالي تي قتل عام جو ڪارو دور ڏسي چڪا هئا. منفي يو جينيڪس جو منصوبو انساني تاريخ جو هڪ شرمناڪ باب آهي، جيڪو اسان کي رُڪائي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. پر نازي جرمني کان بہ وڏا زخم ٻئي هنڌ بہ نظر اچن ٿا. يو جينيڪس لاءِ ڪنهن ظالم آمر جي ضرورت ناهي، انڊيا ۽ چين ۾ هڪ ڪروڙ ڇوڪريون گم آهن، جيڪي جواني تائين پهتيون ئي نہ. ننڍي عمر ۾ ئي قتل، پيٽ ٿيل ڪيرائڻ، ڇوڪريءَ سان لاپرواهي جيڪا بہ هجي، حقيقت اها آهي تہ قدرت تہ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي نسبت ۾ ڪا فرق نٿي رکي، پر جيڪڏهن آزاد شهرين کي پنهنجي مرضي تي ڇڏي ڏجي تہ اهي بدترين يو جينيڪس پاڻ ڪري سگهن ٿا. ۽ جيڪڏهن چونڊ جي ٽيڪنالاجي ملي وڃي؟
هن وقت هي طريقو ڪيترين ئي مونو جينيٽڪ بيمارين لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي، اهڙيون بيماريون جيڪي هڪ جين جي ڪري ٿين ۽ جن جو ٿيڻ لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو پڪ هجي. پر اهڙي ڪا ٽيڪنيڪل روڪ ناهي تہ ان جو دائرو وڌائي نہ سگهجي. پيداواري کان اڳ، پيٽ ٿيڻ کان بہ اڳ، اسان جينياتي ڄاڻ حاصل ڪري سگهون. ۽ جيڪڏهن ڄاڻي وٺون تہ پوءِ فيصلو ڪهڙي بنياد تي ۽ ڪيئن ڪنداسين؟
ڪڏهن نہ ڪڏهن، مرضي هجي يا نہ هجي، اسان کي جين مينيجمينٽ جي دنيا ۾ گهليو ويندو. ۽ اتي سوال ۽ چونڊ ڪرڻ سولا نہ هوندا. اڃا تائين ٽن اڻ لکيل اصولن جينياتي سڃاڻپ ۽ فيصلن ۾ رهنمائي ڪندا آيا آهن
پھريون: جينياتي تبديليءَ جي ڪري بيماري ٿيڻ جو امڪان لڳ ڀڳ 100 سيڪڙو هجي، جهڙوڪ ڊائون سنڊروم يا سسٽڪ فائبروسس. ٻيون: ان سان ٿيندڙ بيماريءَ جي تڪليف غيرمعمولي هجي. جيڪو طريقو اپنايو وڃي، اهو قبوليت جوڳيو هجي. ٽيون: معذور ٻار کي ڄمڻ کانپوءِ گهٽو ڏئي ڪري مارڻ قبول نہ ڪيو ويندو، پر سيني جي ڪينسر واري جين جي خبر پوڻ کانپوءِ دوا يا سرجري تي ڪنهن کي بہ اختلاف ناهي.
ٽڪنڊي جون هي ٽي ليڪون اخلاقي حدون آهن، جيڪي ڪو بہ ڪلچر ٽوڙڻ لاءِ تيار نہ هوندو. مستقبل ۾ ڪينسر ٿيڻ جو خالي 10 سيڪڙو امڪان هئڻ تي ايمبريو ختم ڪرڻ يا رياست پاران جينياتي ٽيسٽ جي نتيجي ۾ ڪنهن ميڊيڪل عمل لاءِ ماڻهن کي مجبور ڪرڻ، انهن حدن کي ٽوڙڻ جون مثالون آهن، جن تي هر ڪو راضي ٿي سگهي ٿو.
هن حدن جي ٽڪنڊي واري مثال هڪ سٺي رهنمائي ٿي سگهجي ٿو، وڌيڪ پينيٽرنس واريون جينون، غيرمعمولي تڪليف، ۽ جبر کان سواءِ مڃڻ وارو حل. پر "ٿورڙي تڪليف" ڇا آهي؟ نارمل ۽ اڻنارمل جي حد ڪهڙي آهي؟ ڪهڙو طريقو ڪهڙي حالت ۾ قبولڻ جوڳو آهي؟ ياد رهي تہ اهي پٿر جون ليڪون نہ آهن.
هلندڙ...
شيزوفرينيا - جين (27)
https://www.facebook.com/share/p/18mxUGPJT1/
No comments:
Post a Comment