Tuesday 12 November 2019

اسپيس ايڪس جي خلائي ديوانگي

اسپيس ايڪس جي خلائي ديوانگي
”دريا خان“

آمريڪي خلائي ايجنسي اسپيس ايڪس ڪمپني خلا ۾ 30 هزار سيٽلائيٽون موڪلڻ لاءِ تيار, ڪجھ ماڻھن جو خيال آهي تہ مستقبل ۾ اسپيس ايڪس چنڊ تي يا خلا ۾ سولر پینلز سسٽم جو ڄار وڇائي سگھي ٿي، اهو خيال انڪري بہ مشھور آھي جو خلا ۾ سج چوويھ ڪلاڪ روشن رهندو آهي جنھن سبب سولر پینلز گھڻي ڀاڳي بجليءَ پيدا ڪري زمين تي اماڻي سگھن ٿا، هوئين تہ اسانکي اسپيس ايڪس ڪمپني جا علان پريشان ڪري وجھندا آهن پر حقيقتن اها انساني خلائي ديوانگي ئي آهي جيڪو خلا کي پنھنجو گھر ڪرڻ گھري ٿو. ڪيترين ئي ڪمپنين جي مالڪ”ايلون مسڪ“ جو چوڻ آهي تہ اهوئي خلا ۾ 30 ٽيھ هزار کان وڌيڪ سيٽلائيٽون موڪلڻ جو ارادو رکن ٿا، جيڪو انساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ايتري وڏي تعداد ۾ ننڍيون سيٽلائيٽون موڪلڻ جو ڪو منصوبو پيش ڪيو هجي، تازو ايلون مسڪ پاران”انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين ITU“ ۾ هڪ درخواست پڻ ان بابت جمع ڪرائي هئي تہ اسانکي اجازت نامو ڏنو وڃي. آئي ٽي يو گڏيل قومن جي هڪ ايجنسي آهي جيڪا هٿرادو سيارچن کي خلا ۾ موڪلڻ جا سڀ معاملا ڏسندي رهندي آهي، اسپيس ايڪس ڪمپني پاران پندرهن سئو سيٽلائيٽ جي 20 گروپ زميني مدار ۾ موڪليندي پر آئي ٽي يو کان سواءِ بہ اسپيس ايڪس کي ٻين ايجنسين کان منظوري وٺڻي پوندي. تازو اسپيس ايڪس ڪمپني پھريان ئي 60 سيٽلائيٽون خلا ۾ موڪلڻ جي منظوري وٺي چڪي هئي جنھن کان پوءِ 11 نومبر 2019ع جو ان ڪاميابي سان اسٽار لنڪ نالي وائرليس انٽرنيٽ نظام جون سڀ سيٽلائيٽون هڪ هڪ ڪري خلا ۾ اماڻيون جنھن جا منظر پوري دنيا ۾ ميداني علائقن ۾ پڻ ڏٺا ويا، ڪيترن ئي ماڻھن ان منظر کي پنھنجي موبائل جي ڪيمرا ۾ پڻ محفوظ ڪيو، اهو منظر سنڌ ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ رهندڙن ماڻھن پڻ ڏٺو. ڪمپني جو چوڻ آهي انھن هٿرادو سيارچن سان زميني مشاهدو بہ ممڪن آهي، هر سيٽلائيٽ جو وزن 330 کان 580 ڪلو گرام ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي سڀ زمين جون صاف ۽ چٽيون تصويرون وٺڻ جي قابل بہ آهن. ٻئي پاسي ماهرن جو خيال آهي تہ ايتري وڏي تعداد ۾ سيٽلائيٽون موڪلڻ سان خلا ۾ موجود سيٽلائيٽن جي هڪٻئي سان ٽڪرائجڻ جو خطرو بہ وڌي سگهي ٿو، پر اسپيس ايڪس ڪمپني جو چوڻ آھي تہ ائين نہ ٿيندو، ياد رهي تہ اسپيس ايڪس وٽ فالڪن نالي اهڙو راڪٽ بہ موجود آهي جيڪو چار ڀيرا خلا ۾ سيٽلائيٽون ڇڏي واپس زمين تي ڪاميابي سان لٿو آهي،

No comments:

Post a Comment