Friday, 10 October 2025

جين جو منشور، تيرهن نقطن ۾ جين - (31)


جين جو منشور، تيرهن نقطن ۾ جين - (31)

”دريا خان سنڌي“
جينوم تي قابو ٿيڻ کانپوءِ جي دنيا ڪهڙي هوندي؟
هي اسان جي ڪمزورين ۽ خواهشن جو هڪ امتحان آهي.
جيڪو ڪجھ اسين جينوم ۾ پڙهون ٿا ۽ جيڪو اسين ان ۾ لکنداسين  اهي ئي اسان جون ڪمزورين، اميدون ۽ خواهشون آهن.
جينوم کي پڙهڻ انساني فطرت آهي. ۽ جينوم پاڻ بہ انساني فطرت جو حصو آهي.
ان سان ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نہ ڪرڻ گهرجي ان جو مڪمل آئين گھڻو ڪري ايندڙ ڪنهن نسل جو ڪم هوندو، پر تاريخ مان سائنسي، فلسفياتي ۽ اخلاقي سبق ڏسي، اسين شروعات ڪري سگهون ٿا.

1. جين وراثت جو بنيادي يونٽ آهي.
ان ۾ اها ڄاڻ هوندي آهي جيڪا حياتين کي ٺاهي ٿي، سنڀالي ٿي ۽ مرمت ڪري ٿي.
جين هڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪن ٿا، ماحول کان اِن پُٽ وٺن ٿا. ٽرگر ۽ امڪان وڌڻ سان حياتي جي شڪل ۽ ڪم جو ارادو ٿئي ٿو.

2. جينيٽڪ ڪوڊ آفاقي آهي.
نيري وهيل کان وٺي خوردبيني بيڪٽيريا تائين سڀني جو ڪوڊ ساڳيو آهي.
اهو بلڪل صحيح طريقي سان معلوم ڪري سگهجي ٿو. انساني جين جي ڪوڊ ۾ ڪا الڳ "خاص" شيءِ ناهي.

3.جين شڪل، ڪم ۽ قسمت تي اثرانداز ٿين ٿا، پر اهو هڪ-مقابلي هڪ رشتو نہ هوندو.
گهڻين خوبيّن ۾ ڪيترن جينن جو گڏيل اثر هوندو آهي. ڪيتري ۾ جين، ماحول ۽ امڪان گڏجي اثر ڪن ٿا.
گهڻا لاڳاپا ڪنهن منظم طريقي سان نہ هوندا، يعني جينوم جو ميل اهڙن واقعن سان هوندو آهي، جيڪي بنيادي طور غير يقيني هوندا آهن.
ڪجھ جين خالي رجحان تي اثر ڪن ٿا. هڪ جين جي تبديليءَ جي نتيجي ۾ جاندار تي ڪهڙو صحيح اثر ٿيندو  اها اڳڪٿي خالي ٿورين ئي حالتن ۾ ٿي سگهي ٿي.

4. جينن ۾ قسم جو مطلب خوبي، شڪل ۽ روين ۾ قسم آهي.
جڏهن اسين چوندا آهيون "قد جي جين" يا "اکين جي رنگ جي جين"، تہ اسين اصل ۾ هڪ تبديلي جي ڳالھ ڪري رهيا هوندا آهيون، جيڪا جينوم جو تمام ننڍڙو حصو هوندي آهي.
اسان ماڻهو ٻين جي وچ ۾ فرق ڏسي سڃاڻون ٿا، تنهنڪري اسان کي لڳندو آهي تہ هي فرق وڏو هوندو، پر حقيقت ۾ نہ.
ڊينمارڪ جي ڇھ فوٽ قد واري ماڻهو ۽ ڊيمبا جي چار فوٽ قد واري ماڻهو ۾ هڪجهڙي اناٽومي، فزيولوجي ۽ بايوڪيمسٽري آهي.
انسان جي ٻن انتهائي مختلف صورتن - نر ۽ مادي - جي جينن ۾ بہ 99.688 سيڪڙو هڪجهڙائي آهي.

5. جڏهن چيو وڃي ٿو تہ "فلاڻي شيءِ جي جين ملي وئي"، تہ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن ان جي تعريف تمام تنگ هجي.
جهڙوڪ رت جي قسم جي جين ٻڌائي سگهجي ٿي، ڇو تہ ان جي تعريف صاف آهي.
پر حياتيات ۾ هڪ پراڻي غلطي آهي  تعريف ۽ خوبي کي گڏي ڇڏڻ.
مثال طور، جيڪڏهن "خوبصورتي" جي تعريف صرف اها ڪئي وڃي تہ "نيريون اکيون خوبصورت آهن"، تہ ها، پوءِ خوبصورتي جي جين  بہ ملي ويندي.
جيڪڏهن ذهانت کي هڪ خاص ٽيسٽ جي اسڪور سان ناپيو وڃي، تہ ها، پوءِ ذهانت جي جين بہ ملي ويندي.
جينوم انساني تصور جو آئينو آهي.

6. بغير تناظي جي طئي ڪرڻ، فطرت ۽ تربيت جو مقابلو ڪرڻ بي معنيٰ آهي.
فطرت جو اثر وڌيڪ آهي يا ماحول جو  اهو ان ڳالھ تي دارومدار رکي ٿو تہ ڪهڙي خوبي يا ڪم جي ڳالھ ٿي رهي آهي.
مثال طور، خالي هڪ جين ڪنهن جي جنس جو ارادو ڪري ٿي، پر مرداڻين يا زَناني خوبيّن ۾ جين ۽ ماحول گڏجي اثر ڪن ٿا.
۽ ڪنهن سماج ۾ مردانگي يا نسوانيت کي ڪهڙي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو، اهو سماجي ياداشت، تاريخ ۽ ڪلچر سان جڙيل آهي.

7. انسان جي هر نسل ۾ تبديليون، نيون شڪليون ۽ "غير معمولي" ماڻهو هوندا.
اهو اسان جي حياتيات جو لازمي حصو آهي.
ڪو بہ تبديليءَ وارو جين مڪمل طور "خراب" ناهي  خالي شمارياتي طور عام نہ هوندو آهي.
سڀ کي هڪجهڙو ڪرڻ ۽ "نارمل" بڻائڻ جي خواهش جو توازن ان حياتياتي حقيقت سان رکڻو پوندو، تہ جيئن  قسم برقرار رهي.
جيڪڏهن سڀ هڪجهڙا ٿي ويا، تہ ارتقاء ختم ٿي ويندو، قدرتي نيون جدتون ختم ٿي وينديون.

8. ڪيترين ئي بيماريون جيڪي آڳين خوراڪ، حالتن، ماحول يا اتفاق سان لاڳاپيل سمجهيون وينديون هيون، جو گهڻو واسطو جينن سان آهي.
ڪيتريون بيماريون پوليجينڪ هونديون آهن، يعني ڪيترن جينن جو گڏيل اثر.
اهي جينز ۾ لکيل هونديون آهن، پر سڌيءَ طرح منتقل نہ ٿينديون، ڇو تہ ماءُ ۽ پيءُ جا جين ملي وڃن ٿا.
اهڙيون جين واريون بيماريون گهٽ هونديون آهن، پر گڏجي ڏسجي تہ عام هونديون آهن.
اڄ تائين اهڙيون ڏھ هزار بيماريون سڃاتيون ويون آهن. هر 100 کان 200 ٻارن مان هڪ اهڙي بيماريءَ سان پيدا ٿئي ٿو.

9.هر جينيٽڪ بيماري جينوم ۽ ماحول جي وچ ۾ غير مطابقت هجڻ جو نتيجو آهي .
ڪڏهن بهترين علاج طبي نہ، پر ماحول کي جسماني صورت مطابق ٺهڪائڻ هوندو آهي.
مثال طور، ڊوارفزم ۾ گهر جو ڊزائين، يا ايسپرگر سنڊروم ۾ تعليم جا طريقا بدلائڻ.
جيتوڻيڪ، ڪڏهن اهڙو ممڪن نہ هوندو آهي.

10. ڪڏهن جينيٽڪ غيرمطابقت ايتري گھڻي هوندي آهي جو غير معمولي وک بہ کڻڻا پوندا آهن، ۽ جينيٽڪ چونڊ يا مداخلت جو جواز هوندو آهي.
جيستائين اسان کي جينيٽڪ مرمت جي غير ارادي نتيجن جي پوري سمجھ  نہ هجي، تيستائين اهڙن ڪيسن ۾ احتياط سان چونڊ ڪرڻ گهرجي، تہ جيئن وڏي تڪليف کان بچي سگهجي.

11. جينوم يا جين ۾ ڪجھ بہ اهڙو ناهي جيڪو انهن جي ڪيميڪل يا حياتياتي مرمت کي روڪي.
عام طور چيو وڃي ٿو تہ گهڻيون انساني خوبيون ماحول ۽ جين جي پيچيدھ ميل جو نتيجو آهن، ۽ اهو سچ آهي.
پر اها پيچيدگي جين کي مڪمل طور تي قابو ڪرڻ کان روڪي ٿي، پر وڏي پيماني تي جينيٽڪ مداخلت کي ناممڪن نہ ٿي ڪري.
ڪي ماسٽر ريگيوليٽر اهڙا هوندا آهن، جيڪي درجنين جينن کي قابو ڪن ٿا.
هڪ ايپي جينيٽڪ موڊي فائر سوئچ جيان سئنڪڙين جينن جي حالت بدلائي سگهي ٿو. جينوم اهڙن هنڌن سان ڀريل آهي.

12. احتياط جي ٽڪنڊي- وڏي تڪليف، جين جو يقيني اثر، ۽ منطق مداخلت اڃا تائين اسان کي حد ۾ رکي ٿي.
جيئن جيئن اسان ان ٽڪنڊي جي تعريف طئي ڪنداسين، اسان کي نوان حياتياتي، ثقافتي ۽ سماجي اصول ٺاهڻا پوندا، تہ جيئن فيصلو ٿي سگهي تہ ڇا محفوظ آهي ۽ ڪڏهن ڪرڻ جو جواز آهي.

13. تاريخ پاڻ کي ورجائي ٿي، ڇو تہ جينوم پاڻ کي ورجائي ٿو  ۽ جينوم پاڻ کي ورجائي ٿو، ڇو تہ تاريخ پاڻ کي ورجائي ٿي.
اسان جون خواهشون، اميدون ۽ خواب انساني تاريخ کي هدايت ڏين ٿا، ۽ گهٽ ۾ گهٽ انهن جو ڪجھ حصو اسان جي جينوم ۾ لکيل آهي.
انساني تاريخ اهڙي جينوم جي چوندو ڪئي، جنهن ۾ اهي خواهشون ۽ اميدون موجود هيون.
هي منطق جو دائرو پاڻ کي مڪمل ڪري ٿو، ۽ اسان جي قسم جي بي مثال ڪاميابي ۽ طاقت جو سبب بہ آهي، ۽ اسان جي ڪردار جي اونڌاهي پاسو بہ.
اها اميد رکڻ تہ اسين هن منطق جي دائري کان ٻاهر نڪري، پنهنجي فطرت ۾ ڪا بنيادي تبديلي آڻيندا سين، بنيادي طور ناممڪن ۽ نقصانڪار آهي.
پر ان ڳالھ کي سڃاڻڻ ۽ پاڻ تي شڪ رکڻ، اهو ڪمزور کي طاقتور جي مرضي کان بچائي ٿو.
"غير معمولي" ماڻهن کي عام ماڻهن جي هٿان ختم ٿيڻ کان محفوظ رکي ٿو.
۽ گھڻو ڪري اهو ئي شڪ، سوچ، مختلف سان همدردي، ۽ پنهنجي فطرت سان بغاوت اسان جي اخلاقي خوبصورتي آهي، جيڪا ايڪويھ هزار جينن تي لاڳاپيل اسان جي جينوم ۾ اڻمٽ اکرن ۾ لکيل آهي.
گھڻو ڪري اهو ئي اسان کي انسان بڻائي ٿو.
هلندڙ... 
جين ۾ مرمت ڪرڻ - جين (30)

https://www.facebook.com/share/p/14N1UhcCEo6/ 

No comments:

Post a Comment