Friday, 10 October 2025

جين ۾ مرمت ڪرڻ - جين (30)


جين ۾ مرمت ڪرڻ - جين (30)

”دريا خان سنڌي“
اسان جي ڌرتيءَ تي اربين ورهين کان هڪ اهڙي جنگ جاري آهي، جنهن ۾ هر ڏينهن کربين موتون ٿين ٿيون. هيءَ قديم رت واري جنگ ٻن ڌرين ۾ آهي، ۽ انن ٻنهي ڌرين پنهنجي بچاءَ لاءِ جديد هٿيار ايجاد ڪيا آهن. جيڪڏهن اهي ائين نہ ڪن ها تہ زندھ  نہ بچي سگهن ها. هيءَ دشمني هاڻي سندن جينز ۾ ڇپجي چڪي آهي. هيءَ جنگ وائرس ۽ بيڪٽيريا جي وچ ۾ آهي. وائرس بيڪٽيريا تي حملو ڪري انهن کي قابو ڪرڻ چاهين ٿا، ۽ بيڪٽيريا پنهنجي زندگيءَ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. وائرس اهڙا جينيياتي طريقا ٺاهيا آهن، جن سان بيڪٽيريا تي ڪامياب حملو ڪري سگهن. بيڪٽيريا اهڙا جين ٺاهيا آهن، جيڪي انهن جو مقابلو ڪري سگهن. جڏهن ڪو وائرس بيڪٽيريا ۾ داخل ٿئي ٿو تہ بيڪٽيريا وٽ مقابلي لاءِ رڳو ڪجھ منٽ هوندا آهن.
فرانس جا سائنسدان فلپ هورواتھ ۽ روڊولف برانگو، جيڪي ڊينمارڪ جي فوڊ ڪمپني ڊينسڪو ۾ ڪم ڪندا هئا، ڏهي ۽ مکڻ ٺاهيندڙ بيڪٽيريا تي تحقيق ڪري رهيا هئا. 2006ع ۾ انهن دريافت ڪيو تہ ڪجھ بيڪٽيريا اهڙو سسٽم ٺاهي چڪا آهن، جيڪو حملو ڪندڙ وائرس جي جينوم کي صحيح جڳھ تان ڪٽي ان کي معذور ڪري ڇڏي ٿو. هي سسٽم مالڪيولر تلوار وانگر آهي، جيڪا وائرس کي سڃاڻي، صحيح جڳھ تي ڪٽ لڳائي ٿي.
بيڪٽيريا جي هن دفاعي نظام جا ٻہ اهم حصا هئا: پهريون  ڳولڻ وارو، جيڪو هڪ آر اين اي آهي، جيڪو وائرل ڊي اين اي کي سڃاڻي ٿو. اهو دشمن جي ڊي اين اي جي ابتي ڪاپي وانگر هوندو آهي، ڄڻ تہ اوهان وٽ ھميشہ پنهنجي دشمن جي تصوير هجي ۽ اها تصوير بيڪٽيريا جي جينوم ۾ محفوظ هجي. جيڪڏهن اها تصوير وائرس جي ڊي اين اي سان ٺهڪي اچي، تہ انکي اهو جلدي سڃاڻي وڃي ٿو تہ هي  حملو ڪندڙ آهي.
ٻيو حصو: مارڻ وارو پروٽين، جيڪو Cas9 آهي. ڳولڻ وارو ۽ مارڻ وارو گڏجي ڪم ڪن ٿا. هي پروٽين رڳو تڏهن حملو ڪري ٿو جڏهن سڃاڻپ ٿي وڃي. جاسوس ۽ قاتل جي هيءَ ٽيم بيڪٽيريا جو دفاع ڪندي آهي.
ايمانوئل شارپينٽيئر، هڪ بيڪٽيريلوجسٽ، 2011ع ۾ مائڪروبائيولوجي جي ڪانفرنس ۾ جينيفر ڊاوڊنا سان ملي. ٻنهي جي دلچسپي بيڪٽيريا جي دفاعي نظام ۾ هئي. انهن گڏجي ان تي ڪم شروع ڪيو. 2012ع ۾ انهن کي احساس ٿيو تہ هي سسٽم پروگرام ٿي سگهي ٿو. بيڪٽيريا وٽ وائرس جي تصوير هوندي آهي، جيڪڏهن اها تصوير بدلجي وڃي تہ پوءِ ڪنهن بہ ٻئي جينوم کي ڪٽي سگهجي ٿو، لازمي ناهي تہ اهو وائرس جو ئي هجي. صحيح جڳھ تان جين کي ڳولي ڪٽي سگهجي ٿو.
جين ۾ پنهنجي مرضي جي جڳھ تي ڪٽ؟ اهو تہ ڪنهن بہ جينياتي ماهر جو خواب هوندو آهي. ميوٽيشن ڦير گهير ھميشہ بي ترتيب ٿيندي آهي. توهان ايڪسري يا ڪاسمڪ ري کي نٿا چئي سگهو تہ ”سِسٽڪ فائبروسس“ واري جين ۾ تبديلي آڻي. پر ڊاوڊنا ۽ شارپينٽيئر اهو طريقو دريافت ڪري ورتو هو، پنهنجي مرضي جي جڳھ تان جين کي ڪٽڻ جو.
هي سسٽم اڳتي بہ وڌائي سگهجي ٿو. جڏهن ڪو جين ڪٽجي ٿو تہ ڊي اين اي جا ڇيڙا کلي وڃن ٿا، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ڌاڳو ڪٽجي. ان جو مطلب آهي تہ جين کي مرمت ڪرڻي آهي تہ جيئن معلومات ضايع نہ ٿئي. جينوم پنهنجي معلومات کي بچائڻ ۾ گھڻو حساس هوندو آهي. عام طور تي، جين پنهنجي بیڪ اپ ڪاپي مان مرمت ڪري ٿو. پر جيڪڏهن انهي وقت سيل ۾ گهڻو سڄاڻا ٻاهرين ڊي اين اي داخل ڪيو وڃي تہ جين غلطيءَ سان انهيءَ کي ڪاپي ڪري ڇيڙي کي بند ڪري ڇڏيندو، ۽ اهڙيءَ طرح، ڌوڪي سان پنهنجي مرضي جو ڊي اين اي سيل جو مستقل حصو بڻجي ويندو. ڄڻ ڪنهن ڪتاب مان هڪ حصو مٽائي پنهنجي مرضي جو مضمون لکي ڇڏيو وڃي.

مائڪروب جي ان دفاعي نظام تي هڪ پيپر 2012ع ۾ ”سائنس“ ميگزين ۾ پڌرو ٿيو، جنهن فوري طور بائيولاجي جي ماهرن جي ڌيان کي ڇڪي ورتو. ٽن سالن کانپوءِ ٻنهي کي نوبل انعام مليو، ۽ ان تي ٿيندڙ ڪم هاڻي گھڻو اڳتي وڌي چڪو آهي.
جهڙي ريت 1939ع ۾ آئن اسٽائن پرنسٽن يونيورسٽي ۾ ويهي سوچيو تہ ايٽمي بم ٺاهڻ لاءِ سڀ جزا موجود آهن يورينيم کي ڌار ڪرڻ، نيوڪليئر فِشن، چين ريئڪشن، ان کي ڪنٽرول ڪرڻ، رڳو صحيح ترتيب ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. 1972ع ۾ اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ پال برگ پاڻ کي اهڙي موڙ تي ڏٺو - جين ڪٽڻ، مختلف جاندارن جا جين گڏ ڪرڻ، ۽ پوءِ انهن کي واپس بيڪٽيريا يا زمين تي هلندڙ ۾ داخل ڪرڻ. رڳو صحيح ترتيب ڏيڻ جي ضرورت هئي، ۽ هن بايو ٽيڪنالاجي ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو.
ڊاوڊنا ۽ شارپينٽيئر جو پيپر بہ اهڙي تاريخي لمحي وانگر هو انساني اسٽيم سيل حاصل ڪرڻ (جيڪي اسپرم ۽ بيضو ٺاهڻ جي صلاحيت رکندا آهن)، صحيح جڳھ تي ڀروسي واري طريقي سان جيني تبديلي آڻڻ، تبديل ٿيل اسٽيم سيل مان اسپرم ۽ بيضو ٺاهڻ، ۽ پوءِ انهن کي ٽيسٽ ٽيوب وسيلي گڏ ڪري انسان پيدا ڪرڻ. اهڙيءَ طرح، توهان وٽ جيني طور تبديل ٿيل انسان اچي ويندو.
هتي ڪو جادو ناهي، هي سڀ ٽيڪنالاجي آهي. هر وک تي سخت قانون ۽ پابنديون آهن. پهريون اهڙو تجربو 2015ع ۾ چين جي سن ياٽ سن يونيورسٽي ۾ ڪيو ويو. اهو ناڪام ٿيو، پر ان تي اهڙو منفي ردعمل آيو جو ”نيچر“، ”سيل“ ۽ ”سائنس“ جهڙن وڏن جريدن نتيجا ڇاپڻ کان انڪار ڪيو، ڇو تہ ان ۾ حفاظت ۽ اخلاقي اصولن جو خيال نہ رکيو ويو هو. (اهي نتيجا هڪ غير مشهور آن لائين جرنل ۾ پڌرا ٿيا.) پهرين ڪامياب ڪوشش جو اعلان 2018ع ۾ چين مان ٿيو.
هاڻي ڪنهن کي اهو شڪ ناهي تہ جينياتي طور تبديل ٿيل انسان ٺاهڻ جي ٽيڪنالاجي تيار نہ آهي. هاڻي سوال اخلاقي، سياسي، سماجي ۽ قانوني آهن. سوال ذميواري جا آهن.
هلندڙ... 
جين سان سڌارو؟ - جين (29)
https://www.facebook.com/share/p/15xTnHJ9dJ/

No comments:

Post a Comment