Friday 31 January 2020

ڪوانٽم فزڪس سج کان سيلفي تائين

ڪوانٽم فزڪس سج کان سيلفي تائين
ترجمو: دريا خان 


ڪوانٽم فزڪس ڪائنات جي سڀ کان ننڍي اسڪيل پيماني جي وضاحت ڪندي آهي جيڪر اسان ننڍي کان ننڍي شيءِ کي ڏسندا وڃون تہ، خلين تائين پهچي وڃون، انکان پوءِ ماليڪيول تائين، پوءِ ايٽم تائين ۽ وري انھن شين کان جن مان ايٽم ٺھيا آهن، يعني پروٽون، نيوٽرون ۽ اليڪٽران، اتي ڪوانٽم جا اثر واضع ٿيندا ويندا، ڪوانٽم فزڪس مان اسانکي پتو لڳندو آهي تہ هي سڀ ڪيئن ڪم ڪندا آهن، روشني سان گڏ پتو پوندو آهي تہ هي سڀ ڪيئن ڪم ڪندا آهن، روشني سان گڏ انٽرايڪٽ هڪ ٻئي تي اثر ڪندا آهن، هي ان ڪائنات جا سڀ کان بنيادي اصول آهن، پر ان پيماني تي ظاهري اسانجي سمجھ موجب گھڻا عجب ٿي ويندا آهن انجي وجھ هي آهي، ڇوجو ننڍي پيماني جي ظاهري اسانجي رواني زندگي جو حصو ناهين، انڪري اهوئي اسانجي عام وجدان سان گڏ مطابقت ناهين رکندا
هڪ نظر ان اسڪيل- پيماني جي ڪجھ ظاهري تي
لھر ۽ ذري جو رويو
پروٽون، نيوٽرون، اليڪٽرون، ايٽم ڪيئن آهن، اهڙا بلڪل بہ ناهين، جيئن ڪا بہ شيءِ اسانجي مشاهدي ۾ ڪڏهن آئي هجي، ان جي لاءِ Metaphor ڀيٽ ڪرڻ جي طرز ۽ مثالون گڏ ڇڏيون وينديون آهن، اڇلايل بالن جي طرح؟ ها پر ڪڏهن انھن کي ڦهليل لھرن جيان استعمال ڪرڻو پوندو آهي، ان لاءِ نہ تہ ھي حالت بدلي وٺندا آهن، بلڪي ان جي لاءِ تہ هي آهن ئي اهڙا، تصور ڪريو تہ اوهان هڪ بال کي هڪ پاڻي جي شاخ تلا ۾ اڇلائي رهيا آهيو، بال غائب ٿي ويندي آهي ۽ اوهان تھ تي لهرون بڻيل ڏسندا آهيو، ان لهر ۾ هڪ حصو پاڻي ۾ لڳل هڪ ڪاٺي سان ٽڪرائبو آهي ۽ گڏ ئي سڀ جون سڀ لهرون گم ٿي وينديون آهن ان ڪاٺي جي ويجھو کان هڪ بال واپس نڪري ايندو آهي، سوچڻ ۾ ڪجھ عجيب لڳندو، پر سڀ ايٽامڪ اسڪيل- پيماني ۾ اهو اي هر وقت ٿي رهيو آهي
ڪوانٽم ٽنلنگ
فرض ڪريو تہ اوهان هڪ کڙڪي، دري تي بال کي ٽڪرائي رهيا آهيو، بال کي اڇلايو، اها اڇلندي واپس آئي، اوهان انکي پڪڙي ڇڏيو، اڇلايو، اڇلندي، پڪڙي ورتو، اڇلايو، اڇلندي، پڪڙي ورتو، اڇلايو ۽ اها کڙڪي جي ٻئي پاسي کان نڪري وئي، ان کڙڪي کي ٽوڙيو نہ، انکي ڪجھ بہ نہ چيو، بس ٻئي پاسي پهچي وئي، ۽ اوهان انکي کڙڪي مان ٻئي پاسي کان اڇلندي ۽ پري ويندي ڏسي رهيا آهيو
اھو ڀلي ڪيترو بہ حيرت انگيز لڳي، سڀ ايٽامڪ اسڪيل- پيماني تي نہ صرف اهو ٿيندو رهندو آهي بلڪي اهو نہ ٿئي ها تہ اسان بہ نہ هجون ها، ڇوجو سج روشن نہ ٿي سگهي ها، سج جي توانائي نيوڪليئر فيوزن- جوهري ردعمل جو نتيجو آهي، جڏهن ٻہ هائيڊروجن ايٽم هڪٻئي جي ويجھو ايندا آهن تہ ٽپو کائي ڪري پاسيرو ٿي ويندا آهن، جيڪڏهن ٽنلنگ جو منظر نہ هجي ها تہ هميشہ ئي پاسيرو وڃن ھا، ڪڏهن بہ نہ ملي سگهن ها ۽ ڪجھ بہ نہ ٿي ها، پر ڪيترائي ڀيرا هي ٽنل ڪري هڪ ٻئي سان گڏ ضم ٿي ويندا آهن، هڪ نيوڪلئيس بڻائي ڇڏيندا آهن، نڪرڻ واري توانائي سج جي روشني آهي، انکان سواءِ ڪاري ڪائنات هجي ها، ان طرح ٻئي پاسي ٻوٽا جڏهن ان سج جي روشني کان توانائي حاصل ڪندا آهن تہ فوٽوسنٿيسز ۾ ان منظر جو استعمال هوندو آهي، فوٽوسنٿيسز کانسواءِ نہ ٻوٽا هجن ها نہ ئي جانور.
سپرپوزیشن
انجو مطلب هي آهي تہ ڪا شيءِ هڪئي وقت مخالف ڪم رهي هجي، مثال اوهان هڪ وقت ۾ هڪ  Direction طرف ۾ گھمي سگھو ٿا يا پوءِ انجي مخالف طرف ۾، هڪ ئي وقت ۾ ٻنھي طرفن ۾ نہ، هي بہ تصور ڪرڻ ڏکيو آهي پر سڀ ايٽامڪ پارٽيڪل هر وقت ان حالت ۾ رهندا آهن،
۽ ائين اسان بہ ڪري سگھون ٿا يا هيئن چئجي اسانجي اندر جا پارٽيڪل ائين ڪندا رهندا آهن، هڪ ايم آر آئي مشين انھيء اصول تحت ڪم ڪندي آهي، هي جسم جي هائيڊروجن جي ايٽمن کي هڪئي وقت ٻنھي طرف ڦيرو ڪرائيندي آهي، انکي سپر پوزيشن جي وجھ سان اسان ٻين جي جسم جي اندر پرکي وٺندا آهيون
۽ ڪوانٽم فزڪس جو فائدو اسان صرف ايم آر آئي مشين ۾ ئي نہ کڻندا، گھڻين ئي ٽيڪنالوجيز انهي بنياد تي آهن، سليڪون مان ٺهندڙ سيلڪون چپ دنيا جي هر ڪمپيوٽنگ مشين ۾ آهي، دنيا جو ڪمپيوٽنگ جو بنيادي ڍانچو ان بنياد تي آهي ۽ هي ڪوانٽم فزڪس جي سمجھ جي وجھ سان ممڪن ٿيو، انھي طرح ليزر، نيوڪلئير پاور پلانٽس جي بنياد بہ ڪوانٽم فزڪس تي آهي
هتي هڪ ٻئي ڳالھ دلچسپ آهي، اها هي تہ اهڙي فزڪس جو ان قدر خلاصي لڳندي آهي، ۽ رواني جي مشاهدن کان ان قدر مختلف آهي، اسانجي پنھنجي اندر بہ ھر وقت جاري آهي، ڇوجو اسان بہ آخرڪار ڪوانٽم ميٽيريل سان بڻيل آهيون، ڪجھ ڏهاڪن تائين ان ۾ ٿيڻ وارين دريافتن کي قبول ڪرڻ تي بہ ڪجھ مزاحمت جي وجھ اسانجي پنھنجي انا رهي پر عجيب لڳڻ اسانجي پنھنجي ذهن جو مسئلو آهي، زندگي فزڪس جي هر خاصيت کان فائدو وٺندي رهي آهي، اسانجو سمجھ اچڻ يا نہ اچڻ انجي لاءِ رڪاوٽ ناهي رهيو، ڪوانٽم فزڪس ان ڳالھ جو هڪ ٻيو ثبوت آهي تہ ذهن جو ڊيزائن زندھ رهڻ جي لاءِ گدو آهي، نہ ڪي دنيا کي سمجھڻ جي لاءِ،
شايد اوهان ٻڌو هجي تہ”دنيا ۾ ڪو ڪوانٽم فزڪس کي ناهي سمجھندو“ ائين ناهي، اسان نہ صرف انکي سمجھندا آهيون بلڪ انجي بنياد تي وڏي عرصي کان ٽيڪنالوجيز تيار ڪري رهيا آهيون، ان فقري جو مطلب هي آهي تہ جڏهن اسان ان مظاهرن جو تصور پنھنجي ذهن ۾ بنائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون تہ اهو ڪم ڪرڻ اسان لاءِ ناممڪن جھڙو ٿي ويندو آهي پر جڏهن اسان انکي رياضي جي زبان ۾ بيان ڪندا آهيون تہ گھڻي سولائي سان ان مظاھر جي ۽ ان مان نڪرندڙ نتيجن پيشنگوئي ڪري سگھجي ٿي، ۽ انجي بنياد تي هر طرح جي شيءِ بڻائي وڃي سگھجي ٿي، ڪوانٽم فزڪس سائنس جي ڪامياب ٿيوري آهي، جڏهن اوهان هڪ سيلفي وٺي ڪري پنھنجي ڪنھن دوست کي اماڻي رهيا آهيو تہ ڪائنات جي ان پراسرار لڳڻ واري مظاهر کي پنھنجي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهيو، يعني اوهان جو هي کلندڙ، سندرتا ۽ وڻندڙ منھن سڄي دنيا سان گڏ ونڊ ڪرڻ جي پٺيان ڪوانٽم فزڪس جو ڪارنامو آهي

No comments:

Post a Comment