Thursday 31 October 2019

پيرياڊڪ ٽيبل Periodic table

پيرياڊڪ ٽيبل Periodic table
دريا خان 

ڪيمسٽري جي شاگردن جو واسطو پيرياڊڪ ٽيبل سان ٿيندو آهي گهٽ ئي اها ڪا ڪيمسٽري ليب ڪيميائي تجربي گاھ اهڙي هوندي جنھن جي ڀت تي پيرياڊڪ ٽيبل موجود نہ هجي، اهو هڪ چارٽ هوندو آهي جنھن ۾ ڪيترا ئي چار ڪنڊن وارن خانن جي وچ ۾ هڪ يا ٻہ انگريزي لفظ لکيل هوندا آهن جڏهن تہ انھن جي مٿان عدد ۽ نالو بہ ڏسڻ لاءِ ملندو آهي. ڪيمسٽري ۾ پيرياڊڪ ٽيبل کي خاص رطبو حاصل آهي، جيڪڏهن اوهان اسڪول پڙهي رهيا آهيو تہ اهو هرگز نہ سمجھو تہ انجو مقصد شاگردن کي مشڪل ۾ وجھڻ هوندو آهي، اها گھڻي فائمندي شيء آهي جيڪا اسڪول کان وٺي ڪري سائنسدان بڻجڻ تائين اوهانجي ڪم ايندي آهي. پيرياڊڪ ٽيبل جي مدد سان اسان اهو سولائي سان ٻڌائي سگهو ٿا تہ ڪھڙي (عنصر Element) ۾ ڪيترو پروٽين ۽ ڪيترو اليڪٽرون آهي،انجي ڪيميائي علامت ڇا آهي ۽ انجي ڪيتري هڪجهڙائي جاء ۾ isotopes پاتو ويندو آهي وغيرھ. انکان سواءِ جيڪڏهن اسان پيرياڊڪ ٽيبل سمجھڻ جي لائق ٿي وڃون تہ اسان لاءِ مختلف عنصر elements جي ڪيميائي خصوصيتون بابت ڄاڻڻ بہ سولو ٿي ويندو آهي، هتي اسان پيرياڊڪ ٽيبل بابت ڄاڻن جي ڪوشش ڪنداسين، اڄ کان تقريبن اڍائي سئو سال اڳ تائين ڪيميادان اهو تہ ڄاڻي چڪا هئا هر عنصر ٻئي کان الڳ هوندو آهي، پر گڏوگڏ انھن کي اهو بہ پتو پئجي ويو، تہ مختلف هجڻ جي باوجود بہ، ڪجھ عنصر هڪ ٻئي سان گھڻو ملندڙ جلندڙ انداز سان ڪيميائي عمل( ڪيميڪل ري ايڪشن) ۾ حصو وٺندا آهن. 1829ع ۾ هڪ جرمن ڪيميادان، جي ذبليو دوبرائز جن انھن سان ملندڙ جلندڙ ڪيميائي خاصيت جي بنياد تي عنصرن کي ٽن ٽن جي مجموعي triads يعني ٽڪڙڻ ۾ ڌار ڪندي ترتيب ڏنو، پر ان ۾ ڪيتريون خاميون هيون. جي ذبليو دوبرائز جي چاليھن سالن کانپوءِ هڪ روسي ڪيميادان، ديميتري ميند حيف نالي 1869ع ۾ پھريون باقاعدو  فاصلو الڳ الڳ ٺاهيو، ان مقصد لاءِ ميند ليف پھرين هر عنصر جي باري ۾ اهم معلومات يعني انجي ايٽمي ڪميت ۽ ڪيميائي خصوصيت وغيرھ، هڪ الڳ ڪارڊ تي لکيون ۽ پوءِ انھن سڀني ڪارڊن کي وڌهندڙ ايٽمي ڪميت جي حساب سان ترتيب ڏيڻ شروع ڪيو. انکي اهو ڏسي ڪري حيرت ٿئي، هڪ اهڙي ڪيميائي خصوصيت رکڻ واري عنصر هڪ خاص”ساهي پيريڊ" سان ظاهر ٿي رهيا هيا. هڪجهڙائي ڪيميائي خصوصيت واري عنصرن کي گڏ رکڻ لاءِ ان ڪجھ جڳهن تي انکي وڌهندڙ ايٽمي ڪميت واري ترتيب بہ نظرانداز ڪرڻي پئي، مثال ٽيلوريم نالي هڪ عنصر جي ايٽمي ڪميت 128 آهي جڏهن تہ هڪ ٻئي عنصر، آيوڊين جي ايٽمي ڪميت 127 آهي، اصولن آيوڊين کي ٽيلوريم کان پھريان اچڻ گهرجي ها، پر ميند ليف پنھنجي اصل الڳ ۾ ٽيلوريم کي آيوڊين کان پھريان رکيو. وجھ اها ئي هئي تہ اهو آيوڊين کي ملندڙ جلندڙ ڪيميائي خصوصيتن واري ٻئي عنصر، يعني (فلورين، ڪلورين ۽ برومين) سان گڏ رکڻ گھرجي ها. ائين انھي سبب ميند ليف پھريون اصل الڳ (پيرياڊڪ ٽيبل) جوڙيو، جيتوڻيڪ ان ۾ بہ ڪيتريون ئي خاميون هيون جيڪي پوءِ حل ڪيون ويون، پر اڄ جو پيرياڊڪ ٽيبل اوهان ڏسندا آهيون، اهو اصل ۾ اهوئي مند ليف جا ئي ٺاهيل پيرڊياڪ ٽيبل جي ترقي واري شڪل آهي.

:- چار ڪنڊيا خانا
جئين تہ مٿي بيان ڪيل آهي پيرياڊڪ ٽيبل ۾ هر عنصر لاءِ هڪ الڳ چار ڪنڊن وارو خانو هوندو آهي، ۽ ان خاني ۾ ڪجھ لکيل بہ هوندو آهي پر اهو ڇو هوندو آهي، ۽ ڇو لکيو ويندو آهي. اهو پنھنجي جڳھ دلچسپ ۽ معلوماتي ڳالھ آھي، ائين تہ وڏا پيرياڊڪ ٽيبل بہ هوندا آهن جن جي هڪ خاني ۾ هر عنصر جون ڪيتريون ئي خصوصيتون لکيل هونديون آهن، پر هتي اوهانجي سهولت لاءِ اسان خالي چار بنيادي شين جو ذڪر ڪنداسين، جيڪي هر معياري پيرياڊڪ ٽيبل ۾ پاتا ويندا آهن. هتي اسان مثال طور( سون Gold) واري چار ڪنڊن واري خاني کي چونڊ ڪيو آهي پر ياد رهي تہ پيرياڊڪ ٽيبل  جا سڀ هي خانا انھي جيان هوندا آهن.
خاني ۾ سڀ کان مٿان ان عنصر جو ايٽمي نمبر (اٽامڪ نمبر) لکيل هوندو آهي، ايٽمي نمبر مان مراد ڪنھن بہ عنصر جي مرڪز ۾ پروٽونن جي تعداد هوندي آهي، سون جو ايٽمي نمبر 79 آهي جيڪو ان جي خاني ۾ سڀ کان مٿي داخل آهي،
ايٽمي نمبر جي هيٺان ان عنصر جي ڪيميائي علامت داخل ڪئي ويندي آهي اها علامت هڪ يا ٻہ انگريزي لفظن تي جوڙيل هوندي آهي هڪ لفظ تي جوڙيل علامت هميشہ وڏي انگريزي لفظ (ڪيپيٽل ليٽر) جي شڪل ۾ لکي ويندي آهي، ۽ جيڪڏهن اها علامت ٻن انگريزي لفظن تي جوڙيل هجي. تہ پوءِ پھريون لفظ وڏو ڪيپيٽل ۽ ٻيو ننڍو رکيو ويندو آهي جيئن اسانکي اسڪول ۾ ٻڌايو ويندو آهي. سون جي ڪيميائي علامت”Au“ آهي، لاطيني زبان ۾ سون کي Aurum لکيو ويندو آهي، جنھن کي گھٽ ڪندي هاڻوڪي علامت جوڙي وئي آهي.
علامت جي هيٺان ان عنصر جو پورو نالو گھڻو ڪري انگريزي ۾ لکيو ويندو آهي جيئن تہ سون کي انگريزي زبان ۾ گولڊ Gold چئبو آهي، تہ اهو نالو انجي علامت جي بلڪل هيٺان لکيو ويندو آهي.
چار ڪنڊن واري خاني ۾ سڀ کان هيٺ ڪو عدد هڪ خاص انداز سان لکيل هوندو آهي، سون جي ان مثال ۾ هي عدد (4)196.966569 آهي، اهو عدد اوهانکي عجيب لڳندو هوندو. پر ان ۾ بہ گھڻي ئي معلومات لڪيل آهي. هتي بريڪٽ جي اندر (4) ڪجھ ان طرح لکيل آهي، انجو مطلب اهو آهي سون جي چار هم جاء هڪجهڙائي هوندا آهن، بريڪٽ جي ٻاهر جيڪو 196.966569 لکيل آهي، اهو سون جو” ايٽمي وزن“ Atomic Weight آهي.
هتي ٻہ ڳالھيون پڌريون ڪرڻ لازمي آهن
پهرين اها تہ هڪجهڙائي مان مراد ڪنھن عنصر جو اهو ايٽم هوندا آهن جن ۾ نيوٽرونون جي تعداد مختلف هوندي آهي، هر عنصر جا سڀ هڪجهڙائي ۾ پروٽونون جي تعداد بلڪل هڪجهڙي رهندي آهي. ٻئي لازم ڳالھ اها آهي تہ پيرياڊڪ ٽيبل ۾ ڪنھن بہ عنصر جو ايٽمي وزن اصل ۾ ان جي مختلف ھڪجهڙائي جي ايٽمي ڪميتن ۽ قدرتي طور تي موجود مقدارن abundance گھڻائي  جي سراسري هوندو آهي، يعني اصل ۾ تہ اهو بہ ڪميت ئي هوندو آهي پر ڪيميادانن پنھنجي سولائي، ۽ هڪجهڙائي جي شخصي ايٽمي ڪميت کان مختلف رکڻ لاءِ انجو نالو”ايٽمي وزن“ رکي ڇڏيو آهي. سائنيسي تجربي گاهن ۾ لڳل پيرياڊڪ ٽيبلز جي خانن ۾ عنصرن جي ٻئي بہ وڌيڪ تفصيل لکيل هوندي آهي.

هلندڙ...

سيلامينڊر Salamandar

سيلامينڊر Salamandar
دريا خان

 سيلامينڊر اصل ۾ خشڪي ۽ پاڻي جي (ڪرڙي Lizard) جي هڪ قسم آهي جيڪا پنھنجي جسم کي اڳئين ۽ پوئين پيرن ۽ پنھنجي پڇ جي ڪٽجڻ يا ڌڪ لڳڻ کانپوءِ ٻيھر پيدا ڪرڻ واري صلاحيت رکندڙ آهي، حيرت انگيز ڳالھ اها آهي تہ پنھنجي دل، دماغ ۽ ٻين اندروني حصن کي بہ ٻيهر پيدا ڪري سگھي ٿي جنھن (ري جنريشن Regeneration) جي صلاحيت رکندڙ چئبو آهي
اهوئي گھڻي ڀاڱي آمريڪا ۽ اتر آفريڪا، ايشياء، يورپ ۽ ٻين علائقن ۾ پاتون وينديون آهن شاخن جي پٿرن، پتن هيٺان جھنگ ۾ رهنديون آهن جنھن جو سائنيسي نالو Urodela آهي، خاندان Salamandriae اها هڪ زهر رکندڙ ڪرڙي آهي جيڪا پنھنجي چمڙي تي اهو لڪائي رکندي آهي جڏهن ڪو جانور انکي کائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تہ اهو ٻاهر ڪڍيندي آهي
هي ڏيڏر ۽ ڪرڙي جيان ڏيک ڏيندڙ هجي ٿي ڪجھ سيلامينڊر جا چار پير ۽ ڪجھ جا ٻہ پير هجن ٿا
ماهرن کي هڪ تحقيق مان پتو پيو آهي تہ سيلامينڊر جا عضوا ٻيهر جنم هڪ اهڙي صلاحيت تحت وٺندا آهن جيڪا ان جي  میڪروفیجز معدافتي سيلن جي نظام تي تابع ڪندي آهي جنھن ۾ ميڪروفيج خليا ڌڪ واري جڳھ تي جواب ۾ اهم اڳڀرائي ڪندا رهندا آهن جيڪي ٻہ کان چار ڏينهن اندر هڪ زخم تي پهچي ويندا آهن ۽ انجي مرمت ڪرڻ ۾  لڳي ويندا آهن
#Salamandar

Wednesday 30 October 2019

سيرس Sirius تارا

سيرس Sirius تارا

”دريا خان“

رات جي پھر ۾ زميني مٿاڇري ڏا اوهانکي ڪروڙين روشن تارا نظر ايندا آهن جيڪي اسانجي ملڪي وي ڪهڪشان جو حصو آهن انھن مان ڪجھ هلڪا روشن ۽ ڪجھ وري گھڻا روشن ڏيکاربا آهن هوئين تہ تارن منجھان سڀ کان زمين جي ويجھو سج آهي جيڪو چٽو نظر ايندو آهي پر اسان کي جيڪو ٻيو روشن تارو ڏسڻ لاءِ ملندو آهي اهو ”سيرس Sirius“ نالي جهرمٽ يعني ٽي تارا آهن.
سيرس بابت مشھور آھي تہ قديم مصر جا ماڻھون انکي (سوپڊٽ Sopdet) نالي ديوي يعني سيرس تاري جي ديوي طور پوجا ڪندا هئا. سيرس تارا زمين کان اٺ ڏهائي ست نوري سال جي پنڌ تي موجود آهن جيڪي تقريبن سو کرب ميل جو پنڌ ٿي ٿو، يعني  ايڪانوي لک سٺ هزار ڪروڙ ميل آهي هاڻ تائين جديد ترز رفتار خلائي گاڏي اسپيس شٽل تي جيڪڏهن ان تاري ڏا اڏام ڀرجي تہ گھٽ ۾ گھٽ ٽي صديون لڳنديون جيڪڏهن ان گاڏي جي رفتار سٺ هزار ڪلوميٽر في ڪلاڪ ڪجي تہ تڏهن وڃي زمين کان گھڻو روشن ڏسجندڙ تاري سيرس تائين پهچنداسين هاڻوڪي خلائي گاڏين جي رفتار گولي جي رفتار کان ڏهوڻ وڌيڪ هجي ٿي، سٺ هزاز ڪلوميٽر في ڪلاڪ
جيڪو سندرتا ڏيک ٻين تارن کي بہ ظاهر ڪندو آهي
اها ڳالھ تہ سڀني کي خبر آهي تہ روشني پد جي سبب ئي هوندي آهي ۽ جتي گھڻي ڀاڳي روشني هوندي اتي پد بہ انھي ڀاڳي وڌيڪ هوندو اهو تارو اسانجي سج کان ٻيڻ وڌيڪ پد جو مالڪ آهي،
سج پنج هزار پنج سئو ڊگري سينٽي گريڊ پد رکندڙ آهي. جڏهن تہ سيرس تارو نو ھزار ڇھ سئو ڇاهٺ ڊگري سينٽي گريڊ پد رکندڙ آهي،
جيڪڏهن ڊائي ميٽر سان ڏٺو وڃي تہ سج چوڏهن لک ڪلوميٽر جڏهن تہ سيرس ويھ لک ڪلوميٽر خلائي جڳھ کي وڪوڙيل آهي
جيڪڏهن اسان انکي خالي اکين سان ڏسنداسين تہ هي وڏو تارو هڪڙو روشن تارو ڏيکاربو آهي پر اهو هڪ تارو ناهي بلڪ ٽن تارن جو هڪ سسٽم آهي، جنھن ۾”سيرس اي، سيرس بي، سيرس سي موجود آهن. ٻيا تارا ننڍا آهن جيڪي زمين کان طاقتور دوربين وسيلي ڏسجي سگھجن ٿا جن کي اڇو بونا تارا بہ چيو ويندو آهي.
#Sirius #ScienceJeDuniya

Tuesday 29 October 2019

شمسي نظام ۾ اورٽ ڪلائوڊ Oortcloud

شمسي نظام ۾ اورٽ ڪلائوڊ Oortcloud

اها سئو سال اڳ جي ڳالھ آھي جڏھن اسان لاءِ ڪل ڪائنات اسان جي ڪهڪشان يعين يعني (ملڪي وي) هوندي هئي، پر پوءِ ايڊون هبل جي عظيم دوربين اسان جي ڪائنات جي ڏسڻ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو اسان کي خبر پئي تہ اسان رات جو آسماني پردي تي جيڪو ڪجھ ڏسون ٿا اهو صرف اسان جي ڪهڪشان جو حصو آهي وقت گذرندو رهيو ڄاڻ گھڻي جديد ٿيندي وئي ۽ هڪ اندازي موجب هن ڪائنات ۾ اسان جي ڪهڪشان جھڙيون ٻيون 2 هزار ارب ڪهڪشائون ڪائنات ۾ موجود آهن يا انکان بہ وڌيڪ ان سان اوهان اندازو لڳايو تہ اسان جي ڄاڻ هن ڪائنات بابت ڪيتري گھٽ آهي پوءِ بہ اسان ماضي جي ڀيٽ ۾ ساگارا آهيو ان دور ۾ تہ زمين کي ئي سڀ ڪجھ سمجھو ويندو هئو تنھن جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو تہ 1932ع ۾ استونيا سان واسطو رکندڙ خلائي محقق ارنيسٽ اوپڪ دعوي ڪئي هئي تہ نظام شمسي ظاهر ٿيندڙ لقائن کي نظر ۾ رکي اهو چئجي سگهجي ٿو تہ نظام شمسي جي ڪنارن تي برف جا گھڻا وڏا وڏا ڪڪر موجود آهن ۽ انھن جي تھ اڻ ٿڪ ظاهري حد تائين ٿلھي آهي ارنيسٽ اوپڪ جي هن مفروضي تي تحقيق کان پوءِ ڊينمارڪ جي خلائي محقق جان اورٽ 1950ع ۾ اها دعوي ڪئي تہ نظام شمسي ۾ جيترا بہ پڇڙا تارا اسان کي نظر اچن ٿا، اهي اصل ۾ نظام شمسي جي هڪ اهم حصي کان اچن ٿا. جان اورٽ جي ان تحقيق جي بنياد تي شمسي نظام ۾ ان مخصوص حصي کي اورٽ ڪلائوڊ  Oortcloud اورٽ ڪڪر جو نالو ڏنو ويو اورٽ ڪلائوڊ اصل ۾ اسان جي شمسي نظام جي چوڌاري نظر نہ ايندڙ برف جي گولن تي جوڙيل هڪ ڀت آهي جيڪا اندازي موجب اسان جي شمسي نظام کان هڪ نوري سال کان وٺي ٽن نوري سالن تائين پکيڙيل آهي اورٽ ڪلائوڊ جي پٽي ۾ برف مان ٺھيل شھابيا Meteoroids موجود آهن جيڪي جڏهن سج ڏانھن وڌن ٿا تہ اسان کي پڇڙن تارن جي شڪل ۾ نظر اچن ٿا اهو چيو وڃي ٿو تہ اسان جو سج جڏهن جوڙي رهيو هئو تہ ان وقت ايتري وڏي مفاصلي تي موجود لٽ ۽  ٻيون شيون گڏجي گرھ نہ ٺاهي سگھيا تنهنڪري اهي رولاڪ برفاني پٿر جن کي ڪومٽ Comet چئبو آهي ان وقت کان وٺي سج جي چوڌاري هڪ ميڙ جي شڪل ۾ موجود آهن ۽ ٿي ماهرن موجب اهڙن برف وارن ڪومٽن ڪارڻ زمين تي زندگي جوڙي ڇوجو شمسي نظام جي ٺھڻ کانپوءِ نون جڙندڙ گرهن تي ڪروڙين سالن تائين برفاني پٿرن جو وسڪارو ٿيندو رهيو آهي ۽ انھن ئي برفاني پٿرن وسيلي زمين تي اهي عنصر پهتا جن ۾ زندگي جنم ورتو. اسان جو سج پنھنجي مقرر رستي تي هلي ٿو ان دوران اورٽ ڪلائوڊ مان ڪجھ شھابيا ڪڏهن ڪڏهن شمسي نظام کان ڌار ٻين تارن سيارن جو رستو وٺڻ ٿا ان دوران جيڪي گهڻي ڪشش ثقل رکندڙ ۽ ۽ وڏي جسماني عراضي رکندڙ تارا سيارا انھن کي پنھنجي مدار ۾ ڇڪي وٺن ٿا ۽ انھن ۾ شمال ٿي ويندا آهن يا وري پري هليا ٿا وڃن خلائي شھابين پٿرن جي اها اچن وڃ ڪروڙين سالن کان جاري ساري آهي آڪٽوبر 2017ع ۾ هڪ شھابيو جيڪو چار سئو ميٽر عراضي رکندڙ هئو، اهو تارن جي جهڳٽي Lyra مان آيو هئو سج جو چڪر لڳائيندي تارن جي ٻئي جهڳٽي Pegasus نالي ڏانهن روانو ٿي ويو اهو پھريون ڀيرو هو، جڏهن سائنسدانن ڪنھن اهڙي پٿر جي گھڻي ويجهڙائي کان واضع ڏٺو هجي تہ اورٽ ڪلائوڊ نالي ان برفاني پٽي کي اڃان تائين ڏٺو نہ ويو آهي پر اهڙيون ڪيتريون ئي نشانيون انجي هجڻ جو ويساھ ڏيارين ٿيون، اها برفاني پٽي اسان کان ڪيتري پري آهي تنهن جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائجي تہ ناسا چاليھ سال اڳ هڪ خلائي گاڏي (وائيجر ون) نالي شمسي نظام کان ٻاهرين طرف موڪلي هئي، جيڪا هيستائين لڳ ڀڳ 22 ارب ڪلوميٽرن جو مفاصلو ڪري چڪي آهي ان خلائي گاڏي 17 رهن ڪلو ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪندي 40 ليھ سال زميني گذاري چڪي آهي پر ان اورٽ ڪلائوڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اڃان وڌيڪ 3 سئو سال گھربل آهن ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ اتان نڪرڻ ۾ وري 30 هزار سال لڳندا.

حوالو: ڪاوش گئلري تان کنيل

وائيجر ون... 

مائٽوڪونڊريا ماڳوٽو Mitochondrion

ماڳوٽو  Mitochondrion
”دريا خان سنڌي“

حياتيات Biology جي هر شاگرد جو واسطو ماڳوٽي Mitochondrion واري اکر سان ضرور پوي ٿو. وڌيڪ وضاحت ۾ وڃڻ کان اڳ پھريان جمع ڇا آهي اهو ڏسنداسين. مائٽوڪونڊريا (ماڳوٽا) Mitochondria
دراصل مائٽوڪونڊريون (ماڳوٽي) Mitochondrion جو جمع آهي يعني جيڪڏهن هڪ هوندو تہ ماڳوٽو Mitochondrion ۽ هڪ کان وڌيڪ هجن تہ Mitochondria چورائبا آهن، پر سوال اهو آهي تہ آخر ماڳوٽو Mitochondion آهي ڇا؟
هي ڪا عجيب شي ناهي پر تقريبن سڀني جاندارن جي گهرڙن Cells جي اندر پاتا ويندڙ گهڱا Organelles آهن جن جو ڪم گهرڙن لاءِ توانائي پيدا ڪرڻ آهي جنھن ڪري ماڳوٽي Mitochondrion کي گهرڙن جو ”بجلي گھر ”Power House“ چئبو آهي. دراصل هي ميٺاڻ Glucose جي مدد سان ”اي ٽي پي“ ايڊ نوسين ٽرائي فاسفيٽ هڪ مرڪب تيار ڪندا آهن جنھن کي پوري جاندار ۾ ڪٿي بہ ڪنھن بہ گهرڙي ۾ توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
گهڱا حقيقتن گهرڙن جي اندر پاتو ويندڙ اهڙين شين کي چئبو آهي جيڪي پاڻ ڪنھن چادر يعني جھلي Membrane جي اندر بند هجن. گهڱن Organelles
 ۾ ماڳوٽي کان سواءِ گهرڙي جو مرڪز Nucleus ۔ ساداڻو Chloroplast، گالجي جسم Algae bodies، لاسو Lysosome ۽ منجهڳاري ڄاري Endoplasmic reticulum شامل آهن. اهو بہ ڄاڻي وٺو تہ گهڱا Organelles صرف اهڙن گهرڙن ۾ پاتا آهن جن کي اوسري (ترقي ڪندڙ) چئبو آهي ۽ حياتيات ۾ جن جو نالو يڪارو Eukaryote رکيو ويو آهي انھن جي مقابلي ۾ ساڍا يا گهٽ ترقي ڪندڙ جاندار گهرڙن کي اڳارو Prokaryote چيو ويندو آهي ۽ انھن ۾ هي گهڱا ناهن هوندا. هاڻي اڳتي ٿا هلون. سوال آهي تہ انھن کي ماڳوٽو Mitochondrion ڇو چيو ويندو آهي! انھي جو نالو خردحياتيات ”مائيڪرو بائيالوجي“ جي جرمن ماهر ڪارل بينڊا 1901ع ۾ رکيو هئو پر اهو ڪو جرمن نالو ناهي، بلڪ ٻين ڪيترن ئي سائنسي اصطلاحن جيان هي بہ يوناني لفظن کي پاڻ ۾ ملائي ڪري ٺاهيو ويو.”مائٽوس Mitos جنھن جو مطلب آهي ڌاڳو يا ريشو ۽ ڪونڊريون Chondrion معني ننڍو داڻو ذرو، اهو نالو انڪري ڏنو ويو ڇوجو هي گهڻي طاقتور خوردبين سان ڏسڻ مھل گھڻن ننڍن ننڍن ذرن جيان نظر ايندا آهن جن اندر وڌيڪ ننڍا ننڍا ڌاڳا ريشا موجود هجن ٿا، جن کي اسان ننڍا ننڍا ريشي ڌار ذرا چئي سگهون ٿا جن منجھ سڄي دنيا آباد آهي. گهرڙي لاءِ توانائي ٺاهڻ جو ڪم مان ماڳوٽي Mitochondrion جو پنھنجو ڊي اين اي بلڪل الڳ هجي ٿو، ۽ جيڪي شيون ڌاڳن جيان انجي اندر ڏيکاربون آهن ان انھي گھڻي پيچيدھ نظام جا مختلف حصا هوندا آهن.

سنڌي ترجما سائين اصغر ساگر 👇

Mitochondrion  ماڳوٽو

ماڳوٽا    Mitochondria

Eukaryotes
يَڪارا ۔ ھِڪارا ۔ جِيو ڳڀ ۔ جِيو داڻا

Eukaryotic cells
يَڪار گهرڙا ۔ ھِڪار گهرڙا ۔ ڳَڀ گهرڙا ۔ داڻ گهرڙا ۔ جِيو ڳڀ گهرڙا ۔ جِيو داڻ گهرڙا

Organisms
جِيوَ ۔ حياتيون

Nucleus مرڪز ۔ ناڀ ۔ مک ۔ نات

جهليون    Membranes
Prokaryotes
اَڳار ۔ جِيو پيش ڳڀ ۔ جِيو پيش داڻ

Chloroplast ساداڻو ۔ سامايو ۔ ساڪڻو

Algae bodies
ڪائي جسم ۔ الجي جسم ۔ ڇٻيلا جسم ۔ گالجي جسم

لاسو Lysosome 

Bacteria  جيوڙا ۔ بيڪيٽيريا

ڄِيوڙا ۔ آرڇا  Archaea

Domain Eukaryota
يَڪار حلقو ۔ يَڪار مَدور ۔ يڪار ايراضي ۔ ڳڀ جو علائقو ۔ ڳڀ جو حلقو

Domain Eukarya
ھِڪار حلقو ۔ ھِڪار مدور ۔ ھِڪار ايراضي ۔ ڳڀ جو علائقو ۔ ڳڀ جو حلقو
Organelle
گَهڱو ۔ گهنگو ۔ گهرڙ لڱو ۔ گهرڙ انگو ۔ گهڙ عضوو ۔ گهرڙي جو لڱ ۔ گهرڙي جو انگ ۔ گهرڙي جي عضوو

Organelles
گَهڱا ۔ گهنگا ۔ گهرڙ لڱا ۔ گهرڙ انگا ۔ گهڙ عضوا ۔ گهرڙي جا لڱ ۔ گهرڙي جا انگ ۔ گهرڙي جي عضوا

Membrane-bound organelles
گهڱن ٻڌل جهلي ۔ گهرڙ عضون واريون جهلي ۔ گهرڙ انگن واري جهلي ۔ گهرڙ لڱن واري جهلي ۔ گهرڙي جي عضون تي ٻڌل جهلي ۔ گهرڙي جي انگن تي ٻڌل جهلي ۔ گهرڙي جي لڱن تي ٻڌل جهلي

Mitochondrion
ماڳوٽو ۔ جِيو ڳوٽ ۔ ڳوٽ گهڱو ۔ ڳوٽ - ڳوٽ جيڪو گهرڙي جو عضوو آھي.

Mitochondria
ماڳوٽا ۔ جِيو ڳوٽا ۔ ڳوٽ گهڱا - ماڳوٽا جيڪو گهرڙي جو عضوو آھن.

Cell
گهڙڙو ۔ خليو

Ectoplasm
ٻَھريَٺ ۔ ٻاھرين پاڻيٺ ۔ ٻَھرجيل ۔ ٻاھرين جيلي ۔ ٻَھرڳار ۔ ٻاھريون ڳار ۔ ٻَھرڳر ۔ ٻاھرين ڳر.

Sunday 27 October 2019

تارن جي چمڪ ۽ وٿي

تارن جي چمڪ ۽ وٿي 
دريا خان 

فلڪياتي ماهر تارن جي چمڪ ناپڻ لاءِ (Magnitude scale مقداري پيماني) جو استعمال ڪندا آهن جيڪو هيفارڪس جي وقت کان 190ع کان 120ع اڳ مسيح کان هلندو پيو اچي قديم فلڪياتي ماهر تارن کي انھن جي چمڪ وسيلي ڇھن درجن ۾ 
ورهايو هئو
جنھن ۾ سڀ کان گھڻي چمڪ واري تارن کي first Magnitude Scale يعني پھرين مقداري پيماني واري درجي جا تارا چيو ويو جيڪي ٿورا گھٽ چمڪ وارا هئا انھن کي ٻئي ۽ انھي ريت انکان گھٽ چمڪندڙن تارن جي ٽين درجي وارن ائين ڇھ اي مقداري درجا بڻايا ويا ان اصول موجب جنھن تاري جو درجاتي نمبر جيترو ننڍو هوندو هئو اهو اوترو وڌيڪ چمڪ وارو ۽ جنھن جو جيترو وڌيڪ اهو گهٽ چمڪندڙ چورائبو هئو جديد فلڪيات ۾ بہ اهو طريقو آهي جيڪي ان کان وڌيڪ صحيح اندازن تائين تارن جي چمڪ ناپيندا آهن ڪجھ هتي اسان مثال رکنداسين تارو Theta Leonis ٽين درجي ۾ هوندي بہ انجو درجاتي نمبر 3.34 آهي جيڪو صحيح آهي ڪجھ تارا ايترا چمڪندڙ آهن جو انھن جو درجاتي نمبر گھڻو گھٽ آهي ۽ انھي ريت سيرس Sirius نالي تارو جيڪو سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ تارو آهي انجو درجاتي نمبر منفي 1.47 آهي
انھي طرح جديد فلڪياتدانن گھٽ چمڪندڙ تارن واري پاسي ۾ بہ واڌارو ڪيو آهي سڀ کان گھٽ چمڪندڙ تاري جو درجاتي نمبر ڇھ آهي پر جيڪڏهن اسان دوربين جو استعمال ڪريون تہ اسان انکان بہ گھٽ چمڪندڙ تارا ڏسي سگھون ٿا ائين اسانکي انکان بہ وڌيڪ وڏو درجاتي نمبر ڪتب ڪرڻو پوندو جيڪو ان تارن کي بيان ڪري
ان عددن کي Apparent Visual Magnitude يعني ايم وي ظاهري ڏسجڻ واري مقدار جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي ۽ هي اسانکي ٻڌائيندي آهي تہ تارا زمين کان ڪيئن ڏيکاربا آهن جيڪي تارا گھڻو وڌيڪ پري آهن اهوئي گھٽ چمڪندڙ ۽ جيڪي ويجھو اهو وڌيڪ چمڪندڙ نظر ايندو آهي ظاهري ڏسجڻ واري مقدار وٿين کي نظر انداز ڪندي آهي ۽ خالي اسانکي اهو ٻڌائيندي آهي جيڪو زمين کان ڪيئن ڏيکاربا آهن پر اڄڪلھ جديد فلڪيات ۾ اسانکي وڌيڪ صحيح طريقن سان تارن جي چمڪ ناپيون آهن ان لاءِ اسان تاري جي روشني کي توانائي جي وهڪري جو طريقو ڪتب ڪندا آهيون ان طريقي سان اسان تاري جي روشني جي وهڪري کي ناپيندا آهيون جنھن کي هڪ ميٽر اسڪوائر عراضي ۾ هڪ سيڪنڊ ۾ گذاريو ويندو آهي ۽ هي طريقو ئي اسانکي تارن جي چمڪ جي باري ۾ صحيح معلومات ڏيندي آهي

Friday 25 October 2019

اومواموا Oumuamua ڪومٽ

اومواموا Oumuamua ڪومٽ

اومواموا نظام شمسي کان ٻاهر کان ايندڙ هڪ فلڪي ڪومٽ آهي جنھن کي 19 آڪٽوبر تي کوجيو ويو جنھن جي لمبائي انجي ويڪر کان ڏهوڻ آهي جيڪو نظام شمسي جي وڏن پٿرن ۾ ڄاتو وڃي ٿو جنھن بابت آمريڪي ماهر فلڪيات ڪيرن ميچ ۽ انھن جي ساٿين اندازو لڳايو تہ ان خلائي پٿر جي لمبائي چار سو ميٽر آهي ۽ اهو تيزي سان گهمي ٿو جنھن ڪري انجي چمڪ ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿيندي رهي ٿي چمڪ ۾ ان تبديلي ڪارڻ اومواموا جي شڪل جو اندازو لڳائڻ ۾ ماهرن کي مدد ملي هئي جنھن کي چلي ۾ موجود پين اسٽار ٽيلي اسڪوپ وسيلي رابرٽ وريڪ کوجيو جنھن جي دريافت کانپوءِ نجي ٽي وي چينلن ۽ اخبارن انکي خلائي مخلوق جي جھاز سان ڀيٽ ڏئي سرخيون ڇاپيون تہ خلائي مخلوق جي جھاز اسان کي ڳولهي لڌو آهي

ڀورو بونو Brown dwarf

ڀورو بونو Brown dwarf
دريا خان 

ڀورو بونو هڪ اهڙو فلڪي جسم آهي جيڪو سج کان ننڍو ۽ هلڪو هجڻ سبب پنھنجي هائيڊروجن جي فيوزن رچاء واري عمل جي قابل نٿا هجن جنھن سبب انھن مان اوتري توانائي نيڪال ناهي ٿيندي جو اهو فلڪي ٻين جسمن جيان ڪنھن تاري جيان روشن ٿي سگھن 
سج جي ويجھو گهمڻ وارو سڀ کان وڏو سيارو مشتري Jupiter آهي ان بابت چيو ويندو آهي جيڪڏهن مشتري Jupiter جو ماس سو سيڪڙو وڌيڪ هجي تہ مشتري Jupiter پاڻ بہ هڪ تارو بڻجي وڃي ها جنھن سان هيليئم ٺھندي آهي ۽ اڻ لڀ توانائي بہ نيڪال ٿيندي آهي جيڪا تاري کي گرم ڪري روشن ڪري ڇڏيندي آهي مشتري Jupiter جو وزن اسانجي ڌرتي جي ڀيٽ ۾ 317.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي جڏهن تہ مشتري Jupiter جي مقابلي ۾ سج 1047 سيڪڙو وڌيڪ ماس رکندڙ آهي ڀورو بونا سيارن جي ھيٺائي جڳھ جو پد گھڻو ڪري 2500 سو ڊگري سينٽي گريڊ تائين ٿئي ٿو اسانجي نظام شمسي جي سج جي ھيٺائي واري جڳھ جو پد 6 هزار ڊگري سينٽي گريڊ آهي 
هڪ اندازي موجب ڀورن بونن جو ماس مشتري Jupiter جي ڀيٽ ۾ 75 کان 80 سيڪڙو وڌيڪ هجي ٿو جيڪڏھن اهڙي ڪنھن جسم جو ماس مشتري Jupiter کان خالي 13 سيڪڙو وڌيڪ هجي تہ هائيڊروجن ۾ فيوزن رچاء ممڪن نہ ھوندو پر ڊيوٽيريئم ۾ وقتن بہ وقت فيوزن ٿيندو رهندو جنھن سان ٿوري گھڻي توانائي نڪرندي رهندي جيڪڏھن ماس مشتري Jupiter کان 65 سيڪڙو وڌيڪ هجي تہ ليٿيئم ۾ بہ فيوزن رچاء ممڪن ٿي ويندو آهي پر ليٿيئم اوتري جهجهائي نٿو رکي 
نظام شمسي جي وڏن سيارن ۾ مشتري Jupiter، زحل Saturn، يورينس Uranus ۽ نيپچون Neptune آهن يورينس کان سواءِ ٻيا ٽي سيارا سج کان جيتري توانائي کڻندا آهن انکان وڌيڪ نيڪال ڪندا آهن ان سان ظاهر ٿئي ٿو تہ سيارا هاڻي بہ سڪڙجي رهيا آهن يا انھن ۾ ڪڏهن ڪڏهن فيوزن رچاء وارو عمل ٿئي ٿو پر چين ري ايڪشن ممڪن ناهي زحل ۽ مشتري هڪ اڪيلائي آهن ان ريت ڀورا بونا ڀلي گھڻي ماس جا هجن يا گھٽ انھن جي جسامت مشتري جي جسامت کان گھڻي وڏي نٿي هجي يعني مشتري جي عراضي پندرهن کان ڏھ سيڪڙو وڌيڪ هجي ٿي انجو ڪارڻ وڏن ڀورن بونن جي جسمات اڇي بوني تارن جيان اليڪٽران بگاڙ دٻاءُ سان ڪنٽرول ۾ هوندي آهي
ڀورن سيارن ۾ عام طور تي ليٿيئم پاتو ويندو آهي جيڪو روشني spectrum ڦير ۾ 670.8 نينو ميٽر تي ليٿيئم ليڪ ٺاهيندو آهي انجي ابتڙ تارا پنھنجو ليٿيئم وڏي تيزي سان ڪتب آڻيندا آهن ان لاءِ اهو خالي نئي تارن ۾ اي پاتو ويندو آهي ۽ نوجوان ۽ پوڙهن تارن ۾ ناهي پاتو ويندو اسانجي نظام شمسي جي سج ۾ بہ ليٿيئم نہ هجڻ جي برابر آهي ڇوجو ليٿيئم خالي تاري جي مرڪز ۾ اي فيوزن رچاء ۾ ڪتب ٿي سگھي ٿو ان ڪري تاري جي ھيٺائي جو ليٿيئم خرچ ناهي ٿيندو پر جڏهن تاري جو پلازما ۾ مرڪز ڏا وهڪرو موجود هجي تہ هيٺ جو ليٿيئم بہ گھٽ ٿيندو ويندو سمجھو ويندو آهي تہ جن تارن جي ويجھو سيارا هوندا آهن انھن تارن ۾ ليٿيئم جي گھڻي گھٽتائي ٿي ويندي آهي ڇوجو سيارن جي ڪشش ثقل ڪارڻ تارن جي اندر پلازما جو وهڪرو وڌي ويندو آهي 

هن تصوير ۾ ٻہ ڀورا بونا Gliese 229B ۽ Teide 1 جو مشتري ۽ سج سان تشبيو ڪيو ويو آهي

مريخ تي سج گرهن

مريخ تي سج گرهن
”دريا خان“

مريخ سياري کي ٻہ چنڊ آهن جنھن ۾ فوبس چنڊ ۽ ڊائيموس چنڊ
مريخ جا اهوئي ٻہ چنڊ مريخ تي ٿيندڙ سج گرهن جي مقادرپ کي گهٽائيندا آهن جنھن سبب سج گرهن جو نظارو پاڇي ۾ ڏسڻ لاءِ ملندو آهي مريخ تي سج گرهن جي ان منظر جو اصل ڪارڻ فوبس نالي چنڊ بڻبو آهي هاڻي تائين جي فلڪياتي تحقيق ۾ خالي اهو چنڊ اي مريخ تي سج گرهن جو ڪارڻ بڻجي ٿو جڏهن فوبس چنڊ پنھنجو چڪر لڳائيندي سج ۽ مريخ جي ويجھو اچي ويندو آهي تہ ان صورت ۾ فوبس چنڊ سج جي سامھون هڪ ننڍو ٽٻڪو جھڙي شڪل ۾ ڏيکاربو آهي تہ ان وقت سج گرهن جي شروعات ٿيندي آهي فوبس چنڊ جي سج جي سامھون اچڻ سبب ڪنھن ريت حصو سج ۾ لڪي ويندو آهي خالي ان ريت اي مريخ تي سج گرهن جو منظر ڏيکاربو آهي گهڻو ڪري اهو گول روشن ئي هوندو آهي ڪڏهن اڌ ڪڏهن پورو ڪڏهن گول روشن انھن گڏيل سبب جي ڪري سج گرهن نٿو ٿي سگھي انجو ڪارڻ فوبس چنڊ جي عراضي 18 کان 27 ڪلوميٽر جي ويجھو آهي جيڪو ننڍي هجڻ سبب ڪڏهن بہ سج کي لڪائي نٿو سگھي فوبس چنڊ خالي 7 ڪلاڪ 39 منٽن ۾ مريخ جي ويجھو پنھنجو چڪر پورو ڪري وٺندو آهي 

جڏهن تہ مريخ پنھنجي مدار ۾ محوري گردش 24 ڪلاڪ 37 منٽ ۾ پورو ڪري وٺندو آهي گول روشن سج گرهن ۾ فوبس چنڊ سج جي سڌ ۾ ظاهر ٿيندو آهي ۽ هلندي ھيٺائي ڏا اڌ سج گرهن جي شڪل ڌاري ختم ٿي ويندو آهي، جڏهن تہ ڊائيموس نالي چنڊ جي عراضي 12.39 ڪلوميٽر آهي جڏهن اهو سج جي سامھون کان مريخ ۽ سج جي ويجھو گذرندو آهي تہ هڪ ٽٻڪي جي نشان کان سواءِ نظر ناهي ايندو انکان سواءِ اهو مريخ جي مدار کان گھڻي وٿي تي گذرندو آهي جنھن سبب ڊائيموس چنڊ مريخ تي سج گرهن جو سبب نٿو بڻجي. 

مریخ تي موجود ڪيوريوسٽي روور نالي گاڏي پاران 20 آگسٽ 2013ع تي مريخ تي سج گرهن جون ورتيون ويندڙ تصويرون

Thursday 24 October 2019

اڇو بونا White dwarf

اڇو بونا White dwarf
 دريا خان :
اڇو بونا انھن تارن کي چئجي ٿو جيڪي پنھنجي عمر گذراڻ کانپوءِ بہ فيوزن واري عمل جي قابل ناهين رهندا ۽ پنھنجي ڪرندڙ پد ڪارڻ اوچتو تباھ ٿي ڪري سڪڙجي ويندا آهن هڪ سج جيترو وڏو تارو جڏهن اڇو بونو ٿيندو آهي تہ انجي جسامت سڪڙجي ڪري اسانجي زمين جي برابر رهجي ويندي آهي سائز ننڍو ۽ وزن  ماس ۾ گهٽتائي نہ ٿيڻ جي وجھ سان ان تاري جو مادو گھڻو ڳرو ٿي ويندو آهي زمين تي سڀ کان ڳري شيء  آسیمیم Osmium آهي جيڪا پاڻي کان 22.6 سيڪڙو وزني هجي ٿي 
جسامت: سج جي ڀيٽ ۾ اسانجي زمين جو Radius قطر 0.009 آهي ماس جي حساب سان سج اسانجي زمين کان 3.3 سيڪڙو وڏو آهي جڏهن تہ قطري سببن جي هڪ سو ڏھ سيڪڙو وڏو آهي اڇي بوني جو قطر 0.008 کان وٺي 0.02 تائين ڏٺو ويو آهي يعني جسامت ۾ تہ اهو اسانجي زمين جي ٿورو گهڻو برابر هوندا آهن پر ماس ۾ سج جي برابر هوندا آهن سائرس B نالي اڇي بوني جي جسامت زمين کان گھڻي گهٽ آهي پر ماس ٽي لک سيڪڙو وڌيڪ آهي
ڇا هڪ تارو اڇو بونا ٿي سگھي ٿو
هر تاري جي مرڪز ۾ هلڪي ايٽمن جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي وارو عمل هلندڙ هوندو آهي جنھن کي فيوزن ميلاپ چئبو آهي فيوزن ڪارڻ تارن جي مرڪز ۾ اڻ حد تائين پد پيدا ٿيندي آهي ۽ تاري جون گيسون گرم ٿي ڪري ڦھلبيون آهن جنھن سان تاري جي جسامت ۾ واڌارو ٿيندو آهي تاري جي ڪشش ثقل تاري جي گيسن کي ڦهلجڻ کان روڪڻ ۾ رڌل هوندي آهي ۽ انھي ٻنھي قوتون جو توازن تاري جي جسامت کي ٽيڪ ڏئي رکندو آهي 
خالي اهوئي تارا اڇا بونا ٿي سگهن ٿا جن جي ڪيمت اسانجي سج کان 1.44 سيڪڙو وڌيڪ هجي انکان وڏا تارا اڇي بوني ۾ تبديل نٿا ٿين ان حد کي چندرا شيکر جي حد چئبو آهي تاري ۾ موجود مادي جي هجڻ جي اعتبار مان انجي حد ۾ ٿوري تبديلي اچي سگھجي ٿي اسانجي ڪهڪشان ۾ پاتا ويندڙ گھڻو ڪري 97 سيڪڙو تارا سج جي وزن جيترا آهن ۽ هڪ ڏينهن اهوئي اڇي بوني ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا هن وقت تائين جيڪي اڇا بونا White dwarf ڏٺا ويا آهن انھن ۾ ڪجھ جو ماس سج کان 0.5 کان 0.7 آهي هاڻي تائين دريافت ٿيل سڀ کان ننڍو اڇو بونو سج جي 0.17 ماس رکندڙ آهي ۽ سڀ کان وڏو بونو سج جي 1.33 ماس رکندڙ آهي

هبل دوربين پاران ورتل اڇي بوني جي تصوير جنھن جي مرڪز ۾ سائرس A ۽ هيٺان کان ٽٻڪو نظر ايندڙ سائرس B آهي سائرس B هڪ اڇو بونا تارو آهي اهو تارو اسان کان 8.6 نوري سال جي وٿي تي آهي

Wednesday 23 October 2019

خلا ۾ ويندڙ مسلمان خلاباز

خلا ۾ ويندڙ مسلمان خلاباز
”دريا خان“

خلا ۾ هن مھل تائين ويندڙ خلابازن جو انگ 565 آهي جن مان هن مھل تائين ڏھ مرد ۽ هڪ عورت مسلمان خلا ۾ وڃي چڪا آهن

سڀ کان پھريان مسلمان خلاباز سعودي عرب سان واسطو رکندڙ
سلطان بن سلمان السعود 17 جون 1985ع جو ناسا جي اسپيس شٽل ڊسڪوري جي پنجي مشن جو حصو هئو 

انکان پوءِ شامي خلاباز محمد فارس 22 جولائي 1987ع ۾ سوويت خلائي شٽل مير تي ويو هئو 

خلاباز موسی ماناروف جيڪو 21 ڊسمبر 1987ع جنھن جو واسطو روس سان هئو ٻہ ڀيرا خلا ۾ وڃي چڪو آهي ۽ خلا ۾ 541 ڏينهن پڻ رهي چڪو آهي 

افغانستان سان واسطو رکندڙ عبدل احد مهمند 29 آگسٽ 1988ع
سوويت اسٽيشن مير تائين ويو هئو جيڪو افغانستان جو هوائي پائلٽ پڻ رهي چڪو آهي 

توڪتار اوباڪيروف 2 آڪٽوبر 1991ع سوويت خلاباز هئو جيڪو انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن تائين ويو هئو

قازقستان سان واسطو رکندڙ تلغات موسي 4 نومبر 1994ع کانپوءِ 27 آگسٽ 1998ع کانپوءِ آخري ڀيرو 6 مئي 2001ع تي 
ٽي ڀيرا ڌار ڌار مشنن تي خلا ۾ وڃي چڪو آهي ۽ خلا ۾341 ڏينھن پڻ رهي چڪو آهي

روسي خلاباز ساليزان شاريپو 20 جنوري 1998ع ۽ 14 آڪٽوبر 2004ع  ٻہ ڀيرا خلا ۾ ۽ 201 ڏينھن بہ رهي چڪو آهي

پھرين مسلمان عورت انوشا انصاري ايراني جيڪا آمريڪا ۾ پيدا ٿي
18 ستمبر 2006ع ۾ خلا ۾ وئي

مليشيا سان واسطو رکندڙ پھريون خلاباز ڊاڪٽر مظفر شڪور 10 آڪٽوبر 2007ع ۾ خلا ۾ ويو هئو 

قازقستان سان واسطو رکندڙ ايدن ايمبيتوف 25 سپٽمبر 2015ع ۾ خلا ۾ ويو هئو 

تازو سعودي عرب سان واسطو رکندڙ آخري مسلمان خلاباز هزاع المنصوري 25 سپٽمبر 2019ع ۾ خلا ۾ ويو هئو



ڪومٽ Comet تارو

ڪومٽ Comet تارو 
دريا خان :-

ان بابت مشھور آھي تہ قديم چيني انکي بادشاهن جي موت يا ايندڙ تباهي جو خراب دور بہ سمجھندا هئا ڪجھ تہ انکي آسماني مخلوق پڻ
ڪومٽ Comet هي هڪ قسم جا ڌوڙ جا برفيلا گولا آهن جيڪي سج جي ويجھو چڪر لڳائيندا آهن جيئن تہ اهوئي برف جا ٺھيل هجن ٿا انڪري سج کان فاصلي تي ٺھندا آهن پر جڏهن سج ڏا وڌندا آهن تہ برف ۽ ڌوڙ جي بخارات ۾ تبديل ٿيڻ سان پنھنجي پويان هڪ وڏي ليڪ يا کڻي پڇ چئجي ٺاهيندا آهن سڀني ڪومٽن جو نيوڪليس پڪو پٿريلو ۽ برفيلو هوندو آهي نيوڪليس جو سج جي ويجھو وڃڻ سان سج جي تيز حرارت ان ۾ موجود برف کي بخارات ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي آهي 
 هڪ ڪومٽ 12 ميلن تائين ٿي سگھجي ٿو ۽ ان ۾ پاڻي، ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ،امونيا ۽ ميٿين گيس جھڙا عنصر ڌوڙ ۾ شامل هوندا آهن ڪومٽ جو برفيلو مرڪز نيوڪليس گيس جي ڪڪرن ۽ ڌوڙ ۾ وڪوڙيل هوندو آهي جنھن کي ڪوما چئبو آهي ڪوما هڪ ملين ميلن تي پکڙيل هوندو آهي سج ڏا ويندڙ ڪومٽ پنھنجي پڇاڙي ٺاهي ڇڏيندو آهي هڪ گيس جي ليڪ سج جي چارجڊ ذرن ڪارڻ ٺهندا آهن جڏهن تہ ڪوما جي ڌوڙ سج جي تپش سان بخارات ۾ وکري ويندي آهي ۽ مڙيل ليڪ جي صورت ڪومٽ جي مدار ۾ بہ وڌندي نظر ايندي آهي انجي لمبائي سو ملين ميلن تائين ٿي سگھجي ٿي ڪومٽ خلا ۾ ٻن جڳھن تي ڏسڻ ۾ ملندا آهن ڪجھ تہ اسانجي نظام شمسي جي ڪنارن جن کي اورٽ ڪولڊ چئبو آهي ۽ ڪجھ نيپچون سياري کان اڳيان جي ڪومٽ جن کي ڪوئپر پٽي چئبو آهي 

سائنسدانن موجب ڪومٽ نئي ٺھندڙ سيارن جي بناوت ۾ اهم اڳڀرائي ڪندا آهن هي ٺھندڙ سياري سان ٽڪرائجي ان ۾ پاڻي ۽ جبل ٺاهيندا آهن ناسا جي سائنسدانن ڪومٽ جي نمونن جي تجزيو ڪندي زندگي کي پيدا ڪرڻ جو بنيادي عنصر glycine دريافت ڪيو آهي گلائيسن هڪ اهڙو امينو ايسڊ آهي جيڪو جاندار پروٽين کي ٺاهڻ ۾ استعمال ڪندا آهن glycine جي دريافت سائنسدانن کي ان ڳالھ جي سوڀ ڏني آهي تہ ڪائنات ۾ زندگي صرف زمين تي هجڻ ڪا نايابي واري ڳالھ ناهي بلڪ اها ڪنھن ٻئي سياري تي بہ ملي سگھي ٿي
ڪجھ ڏينھن اڳ هبل دوربين پاران انکي اسانجي سولر سسٽم ۾ بہ ڏٺو ويو وڊيو ڪڙي

بابل ۽ قديم يوناني فلڪيات

بابل ۽ قديم يوناني فلڪيات
(دريا خان )

سورهين صدي ۾ استعمال ٿيندڙ ”اسطرلاب اوزار“ جي مدد سان سج چنڊ ۽ زمين جي مقام جي گردش جو اندازو لڳايو ويندو هئو تصوير هيٺ، سلطنت بابل جا فلڪيات دان اهوئي پھريان ماڻھون هئا جن رياضي ۽ علم جي مدد سان ان ڳالھ جو اندازو لڳايو تہ چنڊ گرهن حقيقتن هڪ تڪراري واقعو آهي ۽ ان جي پيشنگوئي ممڪن آهي سيارن جي ان چڪر کي ساروس Saros چئبو آهي بابل جي انھن فلڪيات دانن کانپوءِ قديم يونان ۽ هيلينيا جي تھذيبن ۾ فلڪيات کي هٿي ملڻ لڳي يوناني فلڪيات ۾ اڳ ۾ ئي ان ڳالھ جو خيال رکيو ويو تہ ٻيا فلڪي جسم ۽ آسماني مظاهرن کي طبعي وضاحت سان پيش ڪيو وڃي ۽ علم جي مدد سان سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي آريستارخس ساموسي اهو پھريون يوناني فلڪيات دان هئو جنھن ٽين صدي اڳ مسيح ۾ زمين جي قطر جي ماڳ ڪئي سج ۽ چنڊ جي وٿي کي دريافت ڪيو ۽ نظام شمي لاءِ ”شمس مرڪزي“ نظريو پيش ڪيو 
ٻئي صدي اڳ مسيح ۾ هيپارڪس ڦيرو دريافت ڪيو ۽ چنڊ جي قطر ۽ انجي زمين کان وٿي بہ ناپيو هيپارڪس فلڪيات ماپ لاءِ اسطرلاب نالي هڪ خاص اوزار بہ ايجاد ڪيو هيپارڪس جون اهوئي ڪاوشون اتي ئي ختم نہ ٿيو بلڪ ان اتري ڪره ۾ ٽمڪندڙ 1020 تارن جا نالا بہ لکيا اها ئي وجھ آهي جو انھن ستارن کي يوناني نالن سان ئي مختلف جڳھ تي استعمال ۾  آندو ويندو آهي پھرين صدي ۾ ايجاد ٿيندڙ انتيڪيتهرا ميڪانيا دنيا ۾ سڀ کان پهريان استعمال ٿيندڙ اوزار هئو جنھن جي مدد سان سج چنڊ ۽ زمين جي مقام جو وقت اڳ صحيح اندازو ڪنھن بہ ڏني ويندڙ تاريخ موجب لڳائجي وڃي سگھجي پيو انھي ريت خاص اوزار چوڏهين صدي ۾ ئي ڏسڻ لاءِ ملندا آهن ائين انجي دريافت سائنسدانن ۽ ماهر فلڪيات لاءِ حيران ڪندڙ پڻ آهي


سپر نووا Supernova

سپر نووا Supernova
دريا خان :-

سپر نووا اسانجي سج کان ڏهوڻ وڌيڪ ماس ڪميت وارن تارن جي ڦاٽڻ جي عمل کي چئبو آهي سڀني تارن جي هڪ زوال جي عمر هوندي آهي اهوئي پيدا ٿيندا آهن آخر ۾ ختم ٿي ويندا آهن ننڍن سپر نووا تارن جي عمر گھڻي وڏي هوندي آهي جڏهن تہ وڏن تارن جي عمر گھٽ، اسانجي سج جي عمر اڃان پنج ارب سال آهي ۽ وڌيڪ پنج ارب سال کانپوءِ هي بہ ختم ٿي ويندو هڪ تاري جي ختم ٿيڻ جو مطلب آهي انجو نيوڪليئر فيوزن وارو عمل روڪجي وڃڻ ۽ ان مان توانائي روشني نيڪال ٿيڻ بند ٿي وڃڻ پنھنجي زندگي جي آخر ۾ اسانجو سج پھريان گھڻو ڦهلبو ۽ پنھنجي فضا وڃائي ويهندو خالي انجي اندر واري قلب باقي رهجي ويندي جيڪا جسامت ۾ اسانجي زمين برابر هوندي ماهرن موجب اسانجو سج سپر نووا جي موت نہ مرندو بلڪ اڇي بوني ۾ تبديل ٿي ويندو، جيڪي تارا اسانجي سج کان گھڻا وڏا هوندا آهن انھن جي پڄاڻي گھڻي خراب هجي ٿي ان عمل وقت اهو اسانجي سج کان سو ارب وڌيڪ روشني نيڪال ڪندا آهن اهڙن تارن جي موت کي سپر نووا چئبو آهي 

ماضي ۾ اڄ کان هزار سال اڳ 1054ع چين جي هيت دانن پنھنجي ڪتابن ۾ آسمان تي هڪ اهڙي نئي تاري بابت لکيو آهي جيڪو گھڻو روشن ٿيو جيڪو صبحو ٿيڻ تائين بہ کين کي نظر آيو ۽ ڪجھ هفتن تائين نظر ايندو رهيو پوءِ اهو ڏيک ختم ٿي ويو 
آسمان تي جنھن جڳھ جي انھن نشاهندي ڪئي هئي هاڻي اتي ڪريب نيبيولا Crab Nebula نظر ايندو آهي جيڪا ڪنھن مئل تاري جي پڇاڙيءَ واري نشاني آهي انجي ان مرڪز ۾ ٽيھ ڪلوميٽر وڏو هڪ مرڪز آهي جيڪو  Crab Pulsar چورائبو آهي اهو ھڪ نيوٽران تارو آهي ۽ هي اسانجي سج کان ڏيڍ سيڪڙو وڌيڪ وزني آهي

Thursday 17 October 2019

ناسا پاران انٽرنيشنل خلائي اسٽيشن کان ٻاهر وڃڻ لاءِ ٻن عورت خلابازن لاءِ نيا خلائي سوٽ تيار

ناسا پاران انٽرنيشنل خلائي اسٽيشن کان ٻاهر وڃڻ لاءِ ٻن عورت خلابازن لاءِ نيا خلائي سوٽ تيار 
دريا خان :-

انساني تاريخ ۾ پھريون دفعو فيميل خلاباز خاص اسپيس سوٽ پائي ڪري ڪجھ وقت لاءِ انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن کان ٻاهر گذارينديون ياد رهي تہ اهو ڇھ مھينا اڳ تجربو ڪرڻو هئو پر فيميل خلابازن جي سوٽ جو سائز مختلف هئو پر هاڻي ناسا پاران اها خامي حل ڪئي وئي آهي هاڻي ناسا موجب ٻھي فيميل خلاباز ايڪويھ آڪٽوبر جو انٽرنيشنل خلائي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري ڪري خلا ۾ پنھنجو پاڻ کي آزمائينديون انھن ۾ (ڪرسٽينا ڪوخ ۽ جيسيڪا مائر) تصوير هيٺ شامل آهن جيڪي مارچ کان وٺي ڪري خلائي اسٽيشن تي موجود آهن ناسا پاران انھن لاءِ وچولي سائز جا خلائي سوٽ روانا ڪيا آهن جيڪي اميد آهي تہ ٻنھي فيميل خلابازن کي پورا ايندا واضع رهي تہ فيميل خلاباز جيسيڪا موجوزھ پنجن مان چار دفعو خلائي واڪ ڪري چڪي آهي ۽ ان خلائي اسٽيشن ۾ نيون ليٿيم آئن بيٽريون بہ لڳايون هيون پر ناسا جي خواهش هئي تہ هاڻي ٻنھي فيميل خلابازن کي گڏ ٻاهر ڪڍي ڪري هڪ نئي تاريخ جوڙي ويندي پر انکان اڳ وارو خلائي سوٽ سائز ۾ وڏو هجڻ سبب پريشاني آئي جنھن کانپوءِ هاڻي انھن لاءِ نيا خلائي سوٽ اماڻيا ويا
ناسا موجب سندن جي اداري ۾ فيميل بہ گڏ ڪم ڪنديون آهن ۽ انهيءَ کي نظر ۾ رکندي خلا ۾ سٺو ڪم ڪري سگھن ٿيون

سندن جي وڊيو هن ڪڙي تان جنھن ۾ سوالن جا جواب ڏيندي 
https://www.facebook.com/54971236771/posts/10157495756161772/

#ChristinaKoch and #JessicaMeir
Group #ScienceJeDuniya Page #ScienceJeDunya

Blogger https://sciencejeduniya.blogspot.com

فاليج اڌ رنگ جي شڪار ماڻھن جي دماغ تي ضابطو پائيندڙ سينسر چپ

فاليج اڌ رنگ جي شڪار ماڻھن جي دماغ تي ضابطو پائيندڙ سينسر چپ ايڪوسڪيلٽن جي استعمال سان هڪ مريض کي ٻيھر گھمائڻ جو تجربو 

ماهرن موجب ڪلهن کان هيٺ اڌ رنگ ٿيل ماڻھون کي چار عضون واري روبورٽ نظام ايڪوسڪيلٽن جو استعمال ڪندي گهمي سگھي ٿو جيڪا انجي دماغي اشارن وسيلي روبورٽ کي ڪنٽرول ڪندي آهي
اھو تجربو ٿابالٽ نالي ٽيھ سال جي هڪ مريض تي ڪيو ويو انجو چوڻ آهي تہ هي هڪ انقلابي ڪارنامو آهي ڇوجو اهو ٻن سالن کان وٺي گھمڻ ڦرڻ کان محروم آهي
فرانسيسي سائنسدانن ان مريض جي دماغ جي ويجھو سينسر چپ جو هڪ نظام لڳايو جيڪو روبورٽ نظام کي سگنل اماڻيندو آهي جنھن سان ٽنگن ٻانهن کي اهو حرڪت ڏيندو آهي محققن موجب اهو طريقو هڪ ڏينهن مريضن جي معياري زندگي کي بھتر بڻائي سگھي ٿو فلحال ان تي تجربا هلندڙ آهن




جنگ کان وٺي عام ماڻھن جي استعمال تائين

جنگ کان وٺي عام ماڻھن جي استعمال تائين 
”ترجمو دريا خان“ 

سوويت يونين 4 آڪٽوبر 1957ع ۾ پھريون سيٽلائيٽ اسپونٽڪ خلا ۾ اماڻيو ٻئي ڏينھن صبحو جو هي اخبارن جي هيڊلائن ۽ جان هاپڪنس يونيورسٽي سان لاڳاپيل فزڪس ليب جي ڪيفي ٽيريا ۾ موضوع بحث هيٺ رهيو
هاڻي ڳالھين جي ڏي وٺ جي دوران اتان ڪنھن سوال ڪيو ”ڇا اسان ان سگنل کي ٻڌي سگھون ٿا؟، وائفن باڪ جيڪو مائيڪرويو جو ماهر هئو جن ڪجھ ڪلاڪن اندر پنھنجي آفيس ۾ هڪ اينٽينا ۽ ايمپليفائر سيٽ ڪري ورتو ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش شروع ڪئي سوويت يونين انکي لڪائڻ جي ڪوشش نہ ڪئي هئي ڇوجو انھن پاڻ تي چاهيو تہ جيڪڏهن ڪو پڪ ڪرڻ چاهي تہ ڪري سگھي، ويھ ميگا هرٽز تي انجو اماڻيل سگنل ملي ويو جيڪا بيپ بيپ جي آواز هئي


ماڻھون ان آفيس ۾ گڏ ٿيڻ شروع ٿيا هي خلا مان ايندڙ پھريون سگنل هئو هڪ ماڻھون چيو ڇونہ اسان انکي ريڪارڊ ڪري وٺون ۽ پوءِ پنھنجي ڪمري مان اهو هڪ ريڪارڊر کڻي آيو، ريڪارڊ ڪرڻ سان گڏوگڏ هر آواز جي وقت کي لکندو ويو، پوءِ ڪنھن ٻئي ماڻھون کي خيال آيو تہ انجي ذريعي تہ اسان ڊوپلر ايفيڪٽ استعمال ڪندي انجي رفتار جو بہ پتو لڳائي سگھون ٿا، انجو پتو لڳائڻ کانپوءِ ڪنھن ٻئي رايو ڏنو تہ ڊاپلر ايفيڪٽ گراف جي ذريعي اسان اينٽينا کان فاصلي جي وٿي ڪڍي ڪري انجي مدار جي جانچ ڪري سگھون ٿا، ان تي انھن ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو ۽ يونيويڪ ڪمپيوٽر جو استعمال ڪرڻ جي اجازت وٺي ڇڏي ڪجھ ئي هفتن ۾ انھن ان سيٽلائيٽ جي مدار کي بلڪل صحيح نموني جانچي ورتو هي سڀ ڪجھ انھن ماڻھن پنھنجي شوق ۽ جاکوڙ واري جذبي سان ڪيو هئو 
ان جي ٻن هفتن کانپوءِ انهن وٽان فرينڪ مڪ ڪلور ان ڪمري ۾ داخل ٿيا ۽ چيو اوهان زمين جي ھڪ جڳھ مان سيٽلائيٽ جو اڻڄاتل پتو صحيح ڄاڻي ورتو هئو ڇا انجي ابتڙ ڪري سگھجي ٿو يعني سيٽلائيٽ جي موجودا جڳھ کان زمين جي ڪنھن اڻڄاتل جڳھ جو صحيح نموني پتو لڳايو وڃي جيڪڏهن ائين ٿي سگھي تہ اهو نيوڪليئر سمنڊي جھاز جي رهنمائي ڪرڻ جي لاءِ وڏو مددگار ثابت ٿيندو، وائفن باڪ ۽ گوئير ڪجھ دير جانچ ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايو تہ هي تہ انجي مقابلي ۾ گھڻو سولو مسئلو آهي 

خيالن سان خيال ملي ڪري اڳتي وڌندي هي جي پي ايس جي پيدائش ٿي انجي شروعات آمريڪا جي سمنڊي جھاز مان سڀ کان پھريان سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڇھن سيٽلائيٽ جي نظام جي ذريعي  1978ع ۾ پھريون دفعو نيواسٽار جو سسٽم شروع ٿيو ۽ هاڻوڪي ٽيڪنالاجي واري سسٽم جنھن لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 24 سيٽلائيٽون گھربل آهن اهو 1993ع ۾ مڪمل ٿيو آمريڪي صدر بل ڪلنٽن مئي 2000ع ۾ پھريون ڀيرو انجي مڪمل سويلين استعمال جي اجازت ڏني ( پي پي ايس ان ۾ شامل ناهي) انجي مقابلي ۾ روس جي نيوي گيشن سسٽم گلوناس آهي جنھن جي ڪوريج ڏھ سال اڳ مڪمل ٿي آهي چين جو بيڊو نيويگيشن سسٽم آهي جنھن جي آپريشنل ٿيڻ جو ٽارگيٽ 2020ع آهي يورپ جي گليليو پوزيشننگ سسٽم، انڊيا جي نيوڪ ۽ جاپان جي ڪواسي زينٿ سسٽم بہ ان وقت جي چڪاس جا مختلف ڏاڪا ٿي رهيا آهن 
 آمريڪا پوئين چاليهن ورهين ۾ ان پراجيڪٽ ۾ پنج ارب ڊالر جي خرچ سان 72 سيٽلائيٽون خلا ۾ اماڻي چڪو آهي تازو هڪ ٻئي سيٽلائيٽ پڻ نيواسٽار جي جهرمٽ ۾ 31 هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي زمين کان ويھ هزار ڪلوميٽر جي مٿاڇري تي موجود آهن هن وقت دنيا جي وڏي آبادي جو انگ موبائل فون وسيلي انھن سان رابطو ڪري جڳھ جي معلومات وٺي سگھي ٿي سمارٽ فون عام ٿيڻ جي وجھ سان هاڻي دنيا ۾ چار ارب کان وڌيڪ اهڙا اوزار آهن جيڪي ان سسٽم سان رابطا ڪري چڪا آهن 
جيڪڏهن اوهان انجي استعمال سان ڪريم ۽ اوبر ڪار سروس جي جڳھ ڏسي رهيا آهيو تہ انجي پويان هي سيٽلائيٽ جو نظام آهي سوويت يونين پنھنجو پھريون سيٽلائيٽ اماڻڻ وقت، ايم آئي ٽي جي سائنسدانن پنھنجي شوقيا تجربن وسيلي يا وري آمريڪي حڪومت انجي غير فوجي استعمال جي اجازت ڏيندي وقت، شايد انجي هاڻوڪي استعمال بابت سوچيو بہ نہ هجي

#SovietSatelliteSputnik

Thursday 10 October 2019

سائنس جو وڻ

سائنس جو وڻ
دريا خان :-

ڳنڊيل ڊاياگرام کي غور سان ڏسي ڇڏيو، هي سائنس جي مختلف نظريات جي پاڻ ۾ واسطي جي تصوير جو خاڪو آهي ان وڻ جي هر منزل سائنس جو الڳ شعبو آهي جنھن جا پنھنجا قائدا، پنھنجون حقيقتون ۽ تصور آهن جنھن جو واسطو ان منزل سان آهي، جيڪر هڪ منزل جي ظابطن جي گهرائي ۾ وڃڻو آهي تہ انکان پوئين منزل ۾ وڃڻو پوندو، جيئن تہ جڏھن ڪيمسٽري پڙهندا آهيون تہ عناصر ۽ ايٽم انجي لاءِ حقيقت آهي ۽ انجي خصوصيتن ۽ انجي عملن جو علم ڪيمسٽري ۾ پڙهنداسين، هاڻ پاڻ ايٽم ڇا ۽ ڇو آهي انجو جواب انجي پوئين منزل يعني ايٽامڪ فزڪس مان ملندو 
انٽرنيٽ عام ٿيڻ تي ٻارن جي روعي ۾ ڇا فرق پئجي رهيو آهي! هي سوشيالوجي جو سوال آهي ۽ انجي اصولن مان انجو جواب ڳولها ڪنداسين، جيڪر انھن اصولن جي وجھ کوجنا ڪرڻ هجي تہ نفسيات جي مدد وٺنداسين
هن ڊاياگرام جي مٿان واري منزلن ۾ ڪجھ اپروڪسيميشن موجود آهي، يعني جيڪڏهن ڪشش کي زيرو ڪري ڇڏيون تہ جنرل ريليٽيويٽي مان اسپيشل ريليٽيويٽي تائين اچي وينداسين، جيڪر ڪوانٽم فيلڊ ٿيوري ۾ روشني جي رفتار لامحدود فرض ڪجي تہ ڪوانٽم ميڪينڪس ۾ ۽ پوءِ پلانڪ ڪانسٽنٽ کي زيرو ڪري ڇڏيون تہ ڪلاسڪ ميڪينس جي اسٽيج ۾ پهچي وينداسين 
ڳجهين حقيقتن کي پڙهڻ، سمجھڻ ۽ ڄاڻڻ جو اهو درست طريقو آهي پر انکي جيڪڏهن ٺيڪ سان سمجھو يا جوڙجڪ نہ ڪيو وڃي تہ غلط سائنس ڏسڻ ۾ ملندي آهي 

انجون ڪجھ مثالون
جيڪڏهن نفسيات پڙهي رهيا آهيو ۽ خوشي جي جذبي کي خالي ڪيميڪل ري ايڪشن چيو ۽ ائين اي انجو مطالبو ڪرڻ چاهيو تہ نفسيات سمجھڻ ممڪن نہ هوندو پوئين منزل مان اڳئين منزل جي ڳجهي حڪم نامي جي اڀياس ڪرڻ اصولي طور تي تہ ممڪن هجي پر عملي طور نٿي ڪري سگهجي، ڪوانٽم ميڪينس کي ڪلاسيڪل ميڪينس جي طور تي نٿو سمجھي سگھجي ڇوجو سائنس جي وڻ جي غلط سمعت آهي 
جڏھن اسان فزڪس جي جديد ٿيوري کي پڙهندا آهيون تہ ان اپروڪسيميشنز کي ڄاڻڻ ضروري آهي جيڪا ان منزل جي بنياد آهي جئين تہ جتي ڪشش اهم ڪردار ڪندي هجي اتي اسپيشل ريليٽيويٽي صحيح نتيجا نہ ڏيندي، 
خلاصو هي تہ هر علم جي انجي واسطي اصولن موجب سمجھو ۽ علم جي وڏي تصوير کي بہ ذهن ۾ رکو

زندگي جي ڪيمسٽري

زندگي جي ڪيمسٽري
دريا خان :-

زندگي پاڻي سان آهي، پاڻي ناهي تہ زندگي ناهي پر ائين ڇو! انجي وجھ انجو ماليڪيولر اسٽرڪچر ۽ فزيڪل خصوصيات آهن جن جي وجھ سان هن زمين جي سڀ زندگي جو هڪ چڪر آهي، هي ٻہ هائيڊروجن ۽ هڪ آڪسيجن جي ايٽمز مان ٺهيل آهي انجو ماليڪيولر اسٽرڪچر ائين آهي جو انجي آڪسيجن تي ٿورو ناڪاري چارج آهي ۽ هائيڊروجن تي ٿورو مثبت، اهوئي چارج ۽ انجي ريشي ۽ انجي نتيجن ۾ ٺهڻ وارن ايٽم جو اسٽرڪچر ان زندگي جي بنياد بڻبو آهي 
پر صرف پاڻي زندگي جي لاءِ ڪافي ناهي، زندگي جي لاءِ
ٻيا بہ ماليڪيول گھرجن، ڊي اين اي جي ڳالھ عام طور تي ڪئي ويندي آهي پر ڊي اين اي جو ڪم صرف هي آهي جو هي جسم کي ٻڌائيندو آهي تہ پروٽين ڪيئن ٺاهڻي آهي ۽ جسم جو سڀ نظام هي انهن پروٽينز وٽ آهي اوهان هلي ڦري رهيا آهيو، ساھ کڻي رهيا آهيو، هي سڀ پروٽينز جو ئي ڪم آهي، پروٽين سڀ کان وڌيڪ قسم رکڻ وارو ماليڪيول آهي هڪ اندازي موجب دنيا ۾ اٺ ڪروڙ مختلف طرح جا پروٽينز آهن، پر ان ۾ حيران ڪندڙ ڳالھ هي تہ پروٽينز پاڻ صرف ويھ طرح جي ماليڪيولز مان ٺهيل آهن جيڪي گڏ لڳل تصوير ۾ ڏنا ويا آهن، هي امينو ايسڊ آهن، اوهانجون هڏيون، گڙدا، هيموگلوبن سڀ ڪجھ هي صرف ان ويھ ماليڪيولز جو جوڙ آهن، ان ماليڪيولز کي ڏسجي تہ ان تي هڪ گڏيل اسٽرڪچر نظر ۾ ايندو، جسم ان ماليڪيولز کي ان گڏيل حصي جي مدد سان جوڙيندو آهي ۽ مختلف بلاڪس جي وڏي پوليمر زنجيرن جي مدد سان مختلف پروٽينز ٺھندا آهن، ننڍن پروٽينز ۾ سو ماليڪيولز پاڙون آهن ۽ وڏي ۾ هڪ لک ۽ جن اٺ ڪروڙ پروٽينز جو ذڪر ڪيو، اهوئي صرف انهن ويھ بلاڪس جو ئي جوڙ آهن،
جن جا لنڪ، سائز ۽ شڪلن ۾ فرق آهي ۽ هر قسم جي زندگي کي بڻائيندا آهن ڊي اين اي جو ڪم زندگي لاءِ صرف هڪ مئنيجر جو آهي جيڪو انھن کي صحيح اسٽرڪچر ۾ ٺاهڻ جي ھدايت ڏيندو آهي هاڻ انھن پروٽين جي اسٽرڪچرز کي فولڊ ٿيڻو آهي تہ جيئن هي ڪجھ ڪري سگهن، گڏ لڳل تصوير ڪائناسن نالي پروٽين جي آهي جيڪو پنھنجو ڪم ڪندي نظر اچي رهيا آهن، انھن جي حرڪت مشڪ فايبر جي مٿان ائين آهي جيئن پير اڳتي پوئتي رکي ڪري گهميو ويندو آهي، پر انھن پروٽيز کي فولڊ ڪرڻ جو جادو آهي پاڻي جو، ان لاءِ گڏ لڳل ڊاياگرام ڏسو، اوهان انکي پاڻي ۾ وجھندا تہ انھن جو ماليڪيول فولڊ ٿي ويندو ۾ ڪڊيندو تہ کلي ويندو ۽ جيڪڏهن هي فولڊ نہ هجن تہ زندگي نہ هجي 
هي تجربو ان کان اڳ آني تي ڪيو ويو، وري وري دهرائڻ تي اهو پتو پيو تہ پاڻي انھن کي شڪل ڏيندو آهي انکان پوءِ هر پروٽين  تي تجربو دهرائڻ سان اهوئي نتيجو نڪتو، جيئن انھن کي وڌو ويندو هيو تہ هي فولڊ ٿي ويندا آهن ۽ جيئن ئي پاڻي مان ڪڍيو ويندو آهي تہ ڪنھن بہ ٻئي شي ۾ وڌو ويندو آهي تہ هي سڌا ٿي ويندا آهن، ڪابہ بيماري جيڪا ڪنھن بہ هڪ امينو ايسڊ ۾ ٿيندڙ معمولي فرق جو ڪارڻ پروٽين جي صحيح فولڊ نہ هجڻ جي وجھ سان ٿيندي آهي، جيئن تہ الزائمر يا سڪل سيل انيميا، اهو علاج قابل ناهي هوندو، هاڻ هي فولڊ ڪيئن هوندا آهن، انجو واسطو آهي پاڻي جي ماليڪيول جي اسٽرڪچر سان، ڪجھ امينو ايسڊ پاڻي جي ويجھو ويندا آهن ۽ ڪجھ انکان پري، انجي وجھ پاڻي جي آڪسيجن ۽ هائيڊروجن جي ويجھو چارج جو فرق آهي ۽ هي وري انھن کي فولڊ ڪري شڪل ڏيندو آهي، اسان ان سڀني جي اسٽڊي ڪيئن ڪندا آهيون، تہ انجو جواب هي تہ نيوٽرون ڊفريڪشن مان جيڪا پاڻ سائنس جو بھترين موضوع آهي
فولڊ ٿيڻ وارا ۽ فولڊ نہ ٿيڻ وارا پروٽين جي انرجي ليول ۾ گھڻو گهٽ فرق آهي پر اوترو آهي جو انکي فولڊ ڪري ڇڏيندو آهي انڪري انکي وڏو ڪنٽرولڊ ماحول گهربل آهي
اسانجي جي رت جو پي ايڇ ليول ست ڏهائي چار آهي جيڪڏهن هي ڏهائي ٻہ پوائنٽ مٿي يا هيٺ ٿي وڃن تہ پروٽين سڌا ٿي وڃن ۽ زندگي ختم ٿي وڃي

زمين جي عمر ۽ صحيح تر ڏا سفر

زمين جي عمر ۽ صحيح تر ڏا سفر
دريا خان :-

هي زمين ڪيتري پراڻي آهي! انجو ڪنھن بہ طريقي سان سڀ کان پهريون اندازو جيمز اوشر لڳايو، انھن اولڊ ٽيسٽامنٽ کان اهم واقعات ڪڍيا، انھن جون ڪڙيون ملائيندي هو دنيا جي شروعات تائين پهچي ويا، وڏي محنت سان ڪئي ويندڙ تحقيق مان انھن دنيا جي شروعات جي تاريخ ڪڍي ڇڏي، هي ڏينهن آچر پنجويھ آڪٽوبر چار هزار اڳ مسيح جي شام ڪڍي، هي سترهين صدي هئي
پوپ ان تي مهر سڃاڻپ ثابت ڪئي ۽ دنيا جي عمر ڇھ هزار سال ڪوٺي وئي اوشر وٽ ڪو ٻيو طريقو هئو ئي نہ
دنيا ۾ هڪ طبقو هاڻ بہ زمين جي اهوائي عمر مڃيندو آهي، پوپ نہ. انھن کي ينگ ارٿ ڪري ايشنسٽ چيو ويندو آهي جيڪر ڪنھن کي هي ٻڌڻ ۾ مذاقيا لڳي ۽ اهو ينگ ارٿ ڪري انشنسثس کي ٻڌائڻ چاهي تہ انجو واسطو پاڻ بائبل سان نہ، ۽ ٿورو سخت لفظ ٻڌڻ لاءِ تيار رهندو
لارڊ ڪيلون جن هي عمر پد جي حساب سان ڪڍي، هي فزيڪل قانونن مان ڪڍيو ويندڙ پهريون اندازو هئو، زمين جي عمر ٻہ ڪروڙ سال نڪتي. هي اڄ کان ڏيڊ سو سال اڳ هئو، هي خيال بہ صحي نہ هئو ڇوجو ان وقت اسانکي ريڊيو ايڪٽيويٽي جو علم نہ هئو

پهريان ڊارون ۽ جان جالي جن ان تي اعتراض ڪيو تہ زمين جي ايتري گهٽ عمر نٿي ٿي سگهي، بيڪيٽيريا کان اڄ تائين جو سفر ايترو مختصر مدت ۾ هجڻ ناممڪن آهي انکان پوءِ هٽن جن جيولوجي جي نقطي سان، ايتري گهٽ عمر ۾ هي جبل ۽ شاخون نٿا ٺهي سگھن 
ريڊيو ايڪٽيويٽي تي علم اڳتي وڌي وڃڻ کانپوءِ رٿرفورڊ جن الفا ڊيڪي جي تفصيل معلوم ڪئي، الفا ڊيڪي ۾ هيلئم ٺھندو آهي پٿرن ۾ ڦاٿل هيلئم صرف ريڊيو ايڪٽيويٽي جي وجھ سان ٿي سگھي ٿو، رٿرفورڊ جن هيلئم جي بلبلن جي مدد سان هي عمر ڪڍي، جڏهن انجو علان انھن ڪيو تہ، ان وقت تائين پوڙهو ٿيل لارڊ ڪيلون انجي چاهيندڙن ۾ ويٺل هئا، نئي عمر پنجاھ ڪروڙ سال نڪتي، هي پهريان کان پنجويھ سيڪڙو وڌيڪ هئي، ۽ هي بہ صحي نہ هئي
انکان پوءِ بيٽرام بولٽ وڊ، آرٿر هومز ۽ گرلنگ جن مختلف جبلن جي تجربن مان انجي عمر جا اندازا لڳايا، ان وقت تائين سپيڪٽروميٽري جي تڪنيڪ بہ ايجاد ٿي چڪي هئي پر انجي گهڻي سنهڙي بيني ۽ تفصيل سان ڪم ڪلئير پيٽرسن جن ڪيو، ۽ زمين ۽ شھابين جي مدد وٺندي انجي عمر چار ارب پنجونجاھ ڪروڙ سال ڪيلڪوليٽ ڪئي

تفصیل لنڪ تان 
ستر جي اپالو مشنز مان آندا ويندڙ پٿرن جي ڊيٽنگ مان انجي عمر بہ ساڊها چار ارب سال نڪتي
هاڻي تائين جي شھابين جو تجربو ٿي چڪو آهي ۽ پيٽرسن
جي اندازي جي غلطي جي رينج گهٽ ٿي چڪي آهي پيٽرسن جي اندازي ۾ غلطي جي رينج ٽيھ ڪروڙ سال هئي،
هاڻ هي ٻہ ڪروڙ سال تائين اچي چڪي آهي، انھن ڪيترن شاهدن جي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان تصديق سان هاڻ ماهرن ارضيات زمين جي عمر جي تخمين جي باري ۾ گھڻو يقيني آهن ڇا هي اندازو غلط ٿي سگهي ٿو يا اسانکي ان تي سو سيڪڙو ڀروسو آهي! ڪيترن طريقن کانپوءِ يقيق تہ وڌيڪ آهي پر سو سيڪڙو نہ، ائين ممڪن آهي تہ ڪا اهم شي اسان مس ڪري رهيا هجون اسانکي مستقل ۾ پتو لڳندو تہ اسان ڪجھ ڪروڙ ورهين اڳ يا پوئتي آهيون، ها، اسانکي انتي سو سيڪڙو يقين آهي تہ غلطي جيڪا بہ هجي، لارڊ ڪيلون يا رٿرفورڊ جي انداز غلط هئا ۽، ها هي بہ تي زمين ڇھ هزار سال پھريان آچر جي ڏينھن نہ بڻي، ڇوجو علم جو سفر صحيح تر ڏا هوندو آهي 


مڇين جي وڏي ميڙ جي پنڊ پهڻ جي پڌرائي

مڇين جي وڏي ميڙ جي پنڊ پهڻ جي پڌرائي
دريا خان :-

سائنسدانن ڪنھن بہ جانور جي پنڊ پهڻ جي دريافت ٿيڻ کي هڪ غير معمولي دريافت سمجھندا آهن گھڻا گهٽ جانور مرڻ کانپوءِ پنڊ پهڻان هوندا آهن ٻہ يا ٽي جانورن جي پنڊ پهڻ هڪ ئي جڳھ ملي وڃڻ سائنسدانن لاءِ گھڻي خوش قسمتي سمجھيو ويندو آهي جيڪڏهن ائين آهي تہ سائنسدانن جي ان ٽيم جي خوش قسمتي ڏسو، جنھن هڪ نہ ٻہ نہ بلڪ گڏ 259 مڇين جا پنڊ پهڻ هڪ ئي پٿر ۾ دريافت ڪيا
هي پنڊ پهڻ آمريڪا جي رياست وايومنگ جي هڪ علائقي ۾ دريافت ڪيا ويا جنھن کي گرين رور فورميشن چيو ويندو آهي ان پنڊ پهڻ جي عمر پنج ڪروڙ سال کان وڌيڪ آهي، هي مڇيون هڪ ميڙ جي صورت ۾ گڏ تري رهيون هيون تہ اوچتو هڪ بجري جي ڇپ ڪرڻ سان دٻجي ڪري مري ويون ۽ ڪروڙين سالن ۾ اهوئي بجري جي ڇپ جي شڪل ماڻي ورتي هي ننڍيون ننڍيون مڇيون هڪ جھنڊي جي صورت ۾ نظر اينديون آهن جنھن طرح اڄڪلھ اسان ننڍين مڇين کي گڏ ترندي ڏسندا آهيون

پنھنجي سوچڻ جو طريقو بدليو

پنھنجي سوچڻ جو طريقو بدليو
دريا خان :-

سائنيسي سوچ، سائنس سکڻ لاءِ گھڻو ضروري آهي 
هڪ سائنسدان هر شيء کي مختلف طريقن سان ڏسندو آهي ڇوجو جڏهن اسان ڪنھن شي کي مختلف طريقن سان ڏسندا آهيون تہ اسان تي حقيقت ظاهر ٿيندي آهي اچو ڪجھ شين کي مختلف طريقن سان ڏسون ٿا
ڇا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو تہ هڪ ئي وقت ۾ اوهانجي جسم مان ڪيترائي نيوٽرينو يعني بنيادي ذرو، گذرندا آهن پر اوهانکي محسوس ئي ناهي ٿيندو، 
ڇا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو تہ جيڪڏهن اوهان چنڊ تي هجو ها تہ زمين تي رات ڏينهن ڪيئن ٿيندا آهن ڏسي رهيا هجو ها، ڇا اوهان اهو ڪڏهن سوچيو تہ جيڪڏهن اوهان مڇي هجو ها تہ پاڻي کي اي آسمان سمجھو ها، ڇا اوهان اهو ڪڏهن تصور ڪيو تہ جيڪڏهن زمين چوڪور هجي ها تہ ڇا ٿئي ها، ڇا اوهان اهو ڪڏهن سوچيو تہ جنھن شي جي ڪميت ماس جيتري وڌيڪ هوندي اوتري گهڻي انجي ڪشش ثقل هوندي، اھا ئي وجھ آهي تہ چنڊ زمين جي ويجھو ۽ زمين سج جي ويجھو گردش ڪندي آهي، ڇا اوهان ڪڏهن ان ڳالھ جو تصوير بہ ڪيو آهي تہ سج بہ پنھنجي محور جي ويجھو گردش ڪندو آهي، ڇا اوهانکي علم آهي تہ دماغ منفي ڳالهين کي جلدي قبول ڪري وٺندو آهي، اها ئي وجھ آهي تہ ڪيترا ئي ماڻھون سازشي نظرين تي يقين رکندا آهن. ڇا اوهان ڪڏهن اهو سوچيو تہ ڪائنات ۾ ڪيترا ئي اهڙا سيارا موجود آهن جيڪي ستارن کان بنا آهن يعني اهوئي سيارا جن جو پنھنجو ڪو سج يا ٻيو تارو ئي ناهي اهڙن سيارن کي رولو سيارا بہ چئبو آهي. اوهان ڪڏهن اهو سوچيو تہ ٽائٽن کي اسٽرون جو سڀ کان وڏو چنڊ آهي جتي ميٿين جو مينھن وسندو آهي، پاڻي جو نہ... انهيءَ طرح پنھنجي سوچيڻ جو طريقو بدليو ۽ ڪائنات کي مختلف طريقن سان پرکيو

ماڪڙ

ماڪڙ جنھن کي انگريزي ۾ ڊيزرٽ لوڪسٽ چئبو آهي
جنھن جو سائنسي نالو سچستوڪرڪ گریگاریا آهي ۽ ڪيڙن جي اڪريڊائڊ خاندان سان واسطو آهي

هي ماڪڙ گھڻو ڪري ريگستاني علائقن ۾ رهندا آهن ۽ جڏهن بہ ريگستاني علائقن جو پد وڌي ويندو آهي تہ هي سڀ هڪ ٿي ڪري گڏ اڏام ڀريندا آهن ۽ هڪ گروپ جي شڪل ۾ ساوڪ تي حملو ڪندا آهن ڇوجو هنن جي خوراڪ ٻوٽن ۽ وڻن جا ساوا پن هجن ٿا 
هنن جي اڏام جي طاقت ايتري هجي ٿي جو هي ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين اڏام ڀري سگھن ٿا، ۽ پنھنجي رستي ۾ ايندڙ هر ساوڪ ۽ ٻوٽن کي چٽ ڪري ڇڏيندا آهن 
هي گھڻي تعداد ۾ حملو ڪندا آهن جنھن سان زمين تي سج جي روشني بہ غائب ٿي ويندي آهي ڪيترن ئي مذهبن جا ماڻھون هن کي پڻ شوق سان کائيندا آهن ڪنھن زماني ۾ سنڌ جا ٿري لوڪ پڻ هن کي کاڌي طور ڪتب آڻيندا هيا، 
هڪ مادي ماڪڙ پندرهن کان ڏيڊ سئو کن آنا ڏيندي آهي جيڪي چار انچ زمين اندر رکندي آهي مادي ماڪڙ جي سڃاڻپ هي نر کان ٻيڻ تي وڏي هجي ٿي مختلف ماڪڙن جي نسلن جي زندگي مختلف هجي ٿي جن مان ڪيترن جي هڪ مھيني کان ڏيڊ مھينو کن هجي ٿي اهو موسم جي حساب سان آهي گھڻي گرم موسم ۾ هي جلدي مري ويندا آهن هنن جا ٻچا گھڻو تيزي سان وڌندا آهن. 

”دريا خان سنڌي“

انساني دماغ ۽ خوشي

انساني دماغ ۽ خوشي
دريا خان :-

جڏھن هڪ عام انسان کاڌو کائيندو آهي يا پنھنجي دوستن سان ملندو آهي يا وري ڪنھن پروگرام مان انعام حاصل ڪندو آهي يا پنھنجي خوشي لاءِ ڪو بہ ڪم ڪار ڪندو آهي تہ ان انسان جي دماغ مان هڪ ڊوپامين نالي ڪيميائي مادو مرڪب نيڪال ٿيندو آهي، جنھن سان هڪ انسان کي خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ مزو ايندو آهي ۽ سٺو پن محسوس ٿيندو آهي.، مطلب تہ اسان ڪو سٺو ڪم ڪندا آهيون تہ اسانکي جيڪا خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪنھن مزي دار شي کائڻ سان مزو ايندو آهي تہ اهو سڀ اسانجي دماغ مان نيڪال ٿيندڙ ڊوپامين ڪارڻ ٿيندو آهي 

ائين جڏهن ڪو ماڻھون نشو ڪندو آهي تہ انجو بہ دماغ ڊوپامين نيڪال ڪندو آهي پر اهو هڪ عام انسان کان گهڻائي ۾، ان ڪري ماڻھون منشيات جا عادي ٿي ويندا آهن ڇوجو منشيات سان سندس جو دماغ گھڻي ڀاڱي ڊوپامين نيڪال ڪندو آهي ۽ انھن کي هڪ عام انسان کان وڌيڪ خوشي ۽ مزو محسوس ٿيندو آهي 
ائين پوءِ نشي جو عادي ماڻھون عام ماڻھن جئيان عام ڪم ڪار ڪرڻ سان ايترا خوش ناهين ٿيندا جيترو نشو ڪرڻ سان خوش ٿيندا آهن 
اسانجو دماغ هڪ خاص ڀاڱي ۾ ڊوپامين نيڪال ڪندو آهي، ۽ جيڪڏهن گھڻي ڀاڱي پنھنجي دماغ کان ڊوپامين نيڪال ڪرائڻ لاءِ سندس کي مجبور ڪندا رهون تہ وقت سان گڏوگڏ اسانکي نقصان تہ ٿيندو. جھڙي ريت نشو واپرائيندڙ ماڻھن جي حالت ٿي ويندي آهي

هائڊرو اليڪٽرڪ پاور ۽ ونڊ پاور

هائڊرو اليڪٽرڪ پاور ۽ ونڊ پاور
دريا خان :-

اوھان ڊيم جي باري ۾ تہ ٻڌو هوندو بلڪل اهوئي ڊيم جنھن ۾ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو آهي ۽ ان مان بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي ڊيم مان حاصل ٿيندڙ بجلي اليڪٽرڪ اينرجي حقيقتن سج جي اينرجي آهي سج جي روشني اينرجي زمين جي سطح تي موجود پاڻي کي بخارن ۾ تبديل ڪندي آهي يعني سج جي اينرجي مان پاڻي جا ماليڪلوز گريوٽيشنل پوٽينشل اينرجي حاصل ڪندا آهن اهوئي بخارات ايٽمو سفير ۾ وڃي ڪري ڪنڊينس ٿيندا آهن ڪڪر ٺھندا آهن ۽ مينھن وسندو آهي گريوٽيشنل پوٽينشل اينرجي ڪائنيٽڪ اينرجي ۾ تبديل ٿيندي آهي ۽ مينهن جو پاڻي وهي ڪري ڊيم ۾ اچي ويندو آهي ڊيم ڇوجو مٿاڇري وارين جائين تي بڻايا ويندا آهن انڪري ڊيم جي پاڻي ۾ بہ گريوٽيشنل پوٽينشل اينرجي موجود هوندي آهي پوءِ ڊيم جي پاڻي کي وڌيڪ مٿاڇري کان گهٽ اونچائي جي رخ ڏا ڪرائيو ويندو آهي يعني ٻيهر گريوٽيشنل پوٽينشل اينرجي ڪائنيٽڪ اينرجي ۾ تبديل ٿيندي آهي ۽ ان اينرجي کي اليڪٽرڪ جنريٽرز وسيلي اليڪٽرڪ اينرجي ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي 

سج جي اينرجي جو ٻيو موضوع آهي هوا حقيقتن هوا بہ سج جي اينرجي جي ئي هڪ شڪل آهي زمين جا مختلف حصا سج جي حرارت پد کي هڪ جھڙو وصول ناهين ڪندا
ڪٿي ڏينهن آهي تہ وري ڪٿي رات ۽ وري ڪٿي ڏينھن جو چڪر وڌيڪ آهي ڪٿي گهٽ سج جي حرارت پد ۾ خشڪي وارا حصا وڌيڪ گرم هوندا آهن ۽ پاڻي وارا گهٽ گرم جڳھ جي هوا گرم ٿي ڪري ڦهلندي آهي انجي ڦھلجڻ ڪارڻ هوا هڪ جڳھ کان ٻئي جڳھ تائين حرڪت ڪندي آهي هوا جو حرڪت ڪرڻ جو مطلب آهي تہ ھوا جي ماليڪيولز ڪائنيٽڪ اينرجي حاصل ڪري چڪا آهن ان ڪائنيٽڪ اينرجي کي ونڊمل جي پرن کي گهمايو ويندو آهي ۽ ان مڪينيڪل اينرجي کي جنريٽرز وسيلي اليڪٽرڪ اينرجي ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي

بلوچستان جي علائقي آواران ۾ ٺهندڙ جزيرو ڇھ سال کانپوءِ غائب

بلوچستان جي علائقي آواران ۾ ٺهندڙ جزيرو ڇھ سال کانپوءِ غائب
”ترجمو دريا خان“

هاڻي کان ڇھ سال اڳ بلوچستان ۾ ايندڙ خطرناڪ زلزلي کانپوءِ بحيري عرب ۾ ٺهندڙ هڪ جزيرو هاڻ آهستي آهستي تقريبن غائب ٿي چڪو آهي 
چوويھ سپٽمبر ٻہ هزار تيرهن ۾ بلوچستان جي ضلع آواران ۾ ان زلزلي تباھڪاري مچائي ڇڏي ۽ مرندڙ ماڻھن جو انگ چار سئو کان ڇھ سئو ٻڌايو ويو هيو، آواران کان سواءِ بلوچستان جا ٻيا ڇھ علائقا پڻ زد ۾ آيا جنھن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت ست پوائنٽ ست هئي 
جنھن کانپوءِ گوادر لڳ هڪ جزيرو پيدا ٿيو هئو جنھن کي ڪوھ زلزلو جو نالو پڻ ڏنو ويو هيو زلزلي کانپوءِ ماڻھن جي وڏي انگ انکي ڏٺو هيو ماهرن جو خيال هئو تہ ان جزيري تي ھائيڊروڪاربنز موجود ٿي سگھجي ٿو ڇوجو ٻہ هزار ڏھ ۾ هنگول ويجھو پانيون ۾ بہ اهڙو ئي هڪ زلزلو اڀري آيو هئو جنھن مان ميٿين گيس نيڪال ٿي رهي هئي 

ھاڻ ناسا جي خلائي تصويرن ۾ پڌرو آهي تہ آهستي آهستي سمنڊ ۾ ويندڙ جزيرو هاڻ مڪمل غائب ٿي چڪو آهي ۽ ثبوتن تصويرون بہ پڌريون ڪيون ويون آهن، ناسا موجب ان جڳھ تي نرم گاڙ مٽي جو هڪ آتش فشان جبل آهي جنھن ڪارڻ اهو جزيرو ٺھيو هيو 
ناسا جي زميني مشاهدي جي سيٽلائيٽ ارٿ آبزرونگ ون ۽ لينڊ سيٽ اٺ هي تصويرون ورتيون آهن ۽ ماهرن ان تي چٽي نظر پڻ رکيون ويٺا هيا 
يوايس جيالوجيڪل سروي يو ايس جي ايس جي پروفيسر بل برنارٽ ايران ۽ پاڪستان جا زلزلي جا ماهر آهن سندن موجب بلوچستان جو سمنڊ اهڙن جزيرن جي اڀرڻ لاءِ گھڻي موزو جڳھ آهي ارضياتي طور تي گھٽ گهري پاڻي ۾ ميٿين، ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ ۽ ٻيا مائعات موجود آهن زلزلي سان هي نظام متاثر ٿيندو آهي ۽ مٿاڇري ڏا اٻُري پوندو آهي 
واضع رهي تہ مڪران ويجھو ٽي ارضياتي پليٽون گھڻيون سرگرم آهن ۽ ائين ان خطي ۾ زلزلي جا خطرا هاڻي بہ موجود آهن انھن ٽيڪٽونڪ پليٽن ۾ يورپي، عربين ۽ ايشين پليٽون شامل آهن

بدلجندڙ موسم

بدلجندڙ موسم
”دريا خان“

هر روز بدلجندڙ موسم آسمان تي چمڪندڙ تارن ڪارڻ جيڪي زمين کي پنھنجن ڪرڻن سان گرمائيندا آهن سج جي روشني مان پيدا ٿيندڙ گرمائش يا پد ۾ تبديلي زمين جي هر خطي ۾ ههڪجهري ناهي ڇوجو مختلف زميني خطن ۾ ڏينھن ۽ رات جو دورانيو مختلف آهي ۽ زميني سطح هڪجهڙي ناهي
جيئن ڪنھن سطح تي پاڻي ڪٿي جبل ۽ وري ڪٿي وڻ جي گهڻائي ۽ گهٽتائي آهي جيڪا ان سج کي روشني جي پد کي مختلف ريشي ۾ جذب ۽ گڏ ڪندي آهي ۽ پوءِ سج جي روشني جو زمين جي قطبين جي بجائي ان جي خط استوا تي سڌو سنئون پوڻ بہ آهي هي گرمائش يا پد جا اختلاف زميني خطن ۾ هوا جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ۽ گهڻائي پيدا ڪندو آهي، هوا ان دٻاءُ ۾ اعتدال لاءِ هميشہ تياري رهندي آهي

هوا جو گهڻو ۽ گهٽ دٻاءُ 
هوا ھميشہ گھڻي دٻاءُ واري علائقن کان گهٽ دٻاءُ رکندڙ علائقن ڏا گهڻو رخ ڪندي آهي خط استوا تي زمين جي سطح قطبين جي نصبت گھڻي گرم هوندي آهي جنھن ڪارڻ دٻاءُ ۾ وڏو فرق پوندو آهي هوا اُتر کان ڏکڻ ڏا گھلندي آهي تا جئيان پد مان پيدا ٿيندڙ دٻاءُ جي فرق کي ختم ڪري سگھي ٻيو زمين هوا جي هيٺ پنھنجي محور تي گھمندي آهي جيڪو هوا جي رخ کي تبديل ڪرڻ جو سبب بڻبو آهي انکي ڪوريولس ايفيڪٽ چئبو آهي
جڏهن هوا جا ماليڪيول ٿڌا ٿيندا آهن تہ هڪٻئي جي ويجھو ٿي ويندا آهن جنھن ڪارڻ هوا جي ڪثافت وڌي ويندي آهي هوا جي ڪثافت ۾ هي اضافو ان جڳھ گھڻو دٻاءُ پيدا ڪندي ۽ هي هوا ڳري ٿي ڪري هيٺ زمين جي سطح تائين ويندي آهي ۽ گهٽ دٻاءُ واري جڳھن تائين پهچي ويندي آهي اهو اي گھڻو دٻاءُ واري علائقن ۾ ٿيندو آهي زمين جي نصف ڪره اُتر ۾ زمين جي محوري گردش ان هوائن جي رخ کي گهڙي وار گردش جي وسيلي بدلندي رهندي آهي گهڻي دٻاءُ واري علائقن ۾ عام طور تي موسم سٺو رهندو آهي ۽ هوائون خوشگوار گهلنديون آهن جڏهن تہ گهٽ دٻاءُ واري علائقن ۾ جڏهن هوا گرم ٿيندي آهي تہ انجا ماليڪيول هڪٻئي کان پري هوندا آهن ۽ هي هلڪا ٿي ڪري مٿا ڏا اٿندي آهي ۽ عام طور تي انھن علائقن ۾ موسم آلودو ۽ تيز هوائن جو زور رهندو آهي 

جيٽ اسٽريم 
 گھڻيون اي تيز رفتار هوائون زمين جي گولي کان تقريبن پنج يا ڇھ ميل هر وقت گهلنديون رهندريون آهن گهڻو ڪري انھن جا رخ اولھہ کان اوڀر ڏا هوندو آهي هوائن جي ان برق رفتار کي جيٽ اسٽريم جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جيڪا گرم ۽ ٿڌي هوا جي هڪٻئي سان ملڻ ڪارڻ سرحدن تي ٺھندي آهي 
انھن هوائن جي رفتار پنجاھ کان سو ميل في ڪلاڪ هوندي آهي پر هي ٻہ سئو پنجاھ ميل في ڪلاڪ تائين پهچي وينديون آهن  
هي ڪيترا ئي دفعا بل کائي کائي ڪري هڪ ٻئي کان الڳ ٿينديون آهن ۽ هيٺ مٿي ٿينديون آهن هي تيز رفتاري سان گهلندڙ هوائون ڪنھن بہ علائقي ۾ سطح زمين ۽ فضا ۾ موجود هڪجهڙي نمي ۽ پد واري هوا جنھن کي ائير ماس چئبو آهي انکي متاثر ڪندي آهي ۽ طوفان برق وباران پيدا ڪنديون آهن

ڪرسپر ٽيڪنالوجي وسيلي انساني جينياتي بيمارين جي علاج جي شروعات

ڪرسپر ٽيڪنالوجي وسيلي انساني جينياتي بيمارين جي علاج جي شروعات 
ترجمو- دريا خان

ڪرسپر هڪ جينياتي انجنيئرنگ جي ٽيڪنالاجي آهي جنھن کي استعمال ڪري زندھ جانورن ۽ انسانن جي خلين ۾ ڊي اين اي ۾ رڌوبدل پيدا ڪري ان ٽول کي جانورن ۽ ٻوٽن ۾ جينياتي تبديليون پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي رهيو آهي پر اڃان تائين انکي انسانن تي استعمال ڪرڻ جي آزادي ناهي 

پر هاڻ تازو آمريڪا ۾ ان ٽيڪنالوجي کي انسانن تائين محدود حد تائين استعمال ڪرڻ جي آزادي ڏني وئي آهي ان ٽيڪنالوجي کي انسانن تي پهريون استعمال هڪ اهڙي عورت تي ڪيو ويو آهي جنھن کي سڪل سيل اينميا جي جينياتي جي بيماري هئي ان بيماري ڪارڻ رت جي ڳاڙهن خلين جي شڪل گول هجڻ جي بجائي درانتي جي شڪل بڻجي ويندي آهي جنھن ڪارڻ هي خليا آڪسيجن جي وهڪري وارو ڪم سٺي نموني ناهين ڏئي سگھندا. 
ڊاڪٽرن ان عورت مريض جي هڏين جي گودي مان اهوئي خليا حاصل ڪيا جيڪا رت جا ڳاڙها خليا ٺاهيندا آهن انھن خلين ۾ ڪرسپر ٽيڪنالوجي جي مدد سان ان جينياتي نقص کي پري ڪيو ويو جيڪي ان بيماري جو ڪارڻ بڻبا آهن پر ان تبديل ٿيل خلين جي ڪروڙين ڪاپيون/نقل ٺاهيون ويون ۽ انھن کي عورت جي جسم ۾ انجيڪٽ ڪيو ويو، هاڻ انھن کي ڪيتري ئي مھينن تائين مسلسل نظر هيٺ پڻ رکيو ويو ۽ اهو ڏٺو ويو تہ ان جي هڏين جو گودو هاڻ رت جي صحت مند خليا بنائڻ جي لائق ٿي ويو يا نہ! رت جا خليا ٽن کان چار مھينن تائين ڪم ڪندا رهيا ۽ انکان پوءِ پاڻ هي مري ويندا هئا ۽ انجي جڳھ نئين خلين جڳھ وٺي ڇڏي جيڪڏهن هي علاج ڪامياب رهيو تہ آهستي آهستي انجي جسم ۾ صحتمند ڳاڙهن خلين جي ريشي ۾ وڌارو ٿيڻ لڳندو ۽ ڪجھ اي مھينن ۾ سڪل سيل واري خلين جو ريشو گهڻو ئي گھٽ رهجي ويندو اهو ئي علاج گھڻن ٻين مريضن تي بہ آزمايو ويندو ۽ پوءِ ان علاج بابت معلومات گڏ ڪئي ويندي تہ جيئن پتو پئجي سگھجي تہ هي علاج ڪنھن ريت ڪارگر رهيو آهي جيڪڏهن هي ٽرائل ڪامياب ثابت ٿيا تہ حڪومت ان علاج کي آزاداني طور هيٺ استعمال ڪرڻ جي پڌرائي ڏيندي 
دنيا ۾ ڪروڙين ماڻھون سڪل سيل انيميا جو شڪار آهن هر سال هزارين ٻار ان بيماري ڪارڻ ننڌپڻ ۾ ئي زندگي مان هٿ وڃائي ويهندا آهن ائين جيڪڏهن انهيءَ بيماري جو ڪارگر علاج موجود هجي تہ سندن جي زندگي بچائي سگجهي ٿي

Wednesday 9 October 2019

ڌرتي جو مٿاڇرو ڳاڙهو ڇو ٿي ويندو آهي

ڌرتي جو مٿاڇرو ڳاڙهو ڇو ٿي ويندو آهي
دريا خان :-

جيئن تہ اڄ ڪالھ مينھن وسڻ جو موسم هلي رهيو آهي جنھن سان ڪڪر برف ۽ پاڻي سان ڀريل هوندا آهن سج جي روشني کي زمين هيٺ پهچڻ تائين گھڻي دير ۽ وقت لڳي رهيو هوندو آهي اهڙي موسم ۾ جيئن اي سج جي روشني صبحو جو روشن ٿيڻ لڳندي آهي گھاٽا ڪڪر جيڪي زميني مٿاڇري ايٽما سفئير کان جن کي گذرڻو پوندو آهي سج جي روشني ۾ گھڻا رنگ گھاٽا ايٽما سفئير مان گذري ڪري اڳتي نٿا اچي سگھن پر ڳاڙهو رنگ پنھنجي وڏي ويو لينٿ ڪارڻ اڳتي اچي ويندو آهي اهو ڳاڙهو رنگ ڪڪرن سان ٽڪرائجي ڪري اسانجي ماحول کي ڳاڙهي رنگ جي روشني ۾ رنگي ڇڏيندو آهي جنھن ڪارڻ اسانکي ڳاڙها ڪڪر ۽ خوبصورت منظر ڏسڻ ڪارڻ ملندو آهي، اهو منظر گھڻو ڪري ويران ۽ کليل جڳھن تي ڏسڻ لاءِ ملندو آهي جنھن سان سنڌي لوڪ مينھن وسڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪندا آهن، جنھن جو خون ريزي يا ٻئي ڪنھن بہ ڏندڪٿائن سان ڪو واسطو ناهي هوندو

ناسا پاران جديد ترز جي ويب خلائي دوربين مڪمل تيار جيڪا ٻہ هزار ايڪويهہ ۾ اماڻي ويندي

ناسا پاران جديد ترز جي ويب خلائي دوربين مڪمل تيار جيڪا ٻہ هزار ايڪويهہ ۾ اماڻي ويندي
دريا خان :-

ماهرن موجب اها ايتري حساس ۽ جديد آهي جو ڏھ لک ڪلوميٽر پري واري چمڪندڙ شيء جي بہ سولائي سان سڃاڻپ ڪري سگھي ٿي ان جديد ترز جي خلائي دوربين جو نالو جيمز ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ رکيو ويو آهي جيڪا ڪائنات ۾ هبل دوربين جي جڳھ سنڀالڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪائنات جي رازن کي پڌرو ڪندي
ناسا گذريل ٻن ورهين کان ان خلائي دوربين تي ڪم ڪري رهي هئي ۽ ڪيترا اي تجربا پڻ ان طرح جيمز ويب خلائي دوربين انساني تاريخ جي سڀ کان طاقتور ۽ خاص جديد طرز جي هوندي جيڪا خلائي ۾ اماڻي ويندڙ سڀ کان وڏي خلائي دوريبن جو بہ عزاز رکندي 
هي هبل دوربين کان ست سيڪڙو گهڻي روشني مجعمو ڪري اسانکي ڪائنات جي سٺي تصوير ڏيکاريندي 
جيمز ويب خلائي دوربين جو شروعاتي منصوبو اڻويهہ سو نوي ۾ بڻايو ويو هئو پر ڪجھ ٽيڪنيڪي رڪاوٽن ڪارڻ ٻہ هزار ست ۾ انجو منصوبو شرو ٿيو جنھن جي تياري ۾ هزارين ماڻهن ۽ ماهرن جي محنت شامل آهي جيڪا ناسا کان علاوه پورپي خلائي ايجنسي ڪينيڊا خلائي ايجنسي ۽ ٻين ادارن جي تعاون سان بڻائي وئي آهي

جراثیم اسانکي بيمار ڇو ڪندا آهن

جراثیم اسانکي بيمار ڇو ڪندا آهن 
”ترجمو دريا خان“

اسان بيماري کي پنھنجي نظر سان ڏسندا آهيون تہ پنھنجي پاڻ کي ڪيئن انکان بچائجي ۽ جراثيمن کي ڪيئن مارجي پر انھن جراثيم جا ارادا ڇا آهن چوندا آهن دشمن کي مات ڏيڻ لاءِ انکي سمجھڻ ضروري آهي تہ پوءِ بيمارين کي هڪ نئي نظر سان ڏسي ٿا وٺون موزي جراثيم جي نظر سان 
جراثیم اسان کي مختلف عجیب عجیب طريقن سان بيمار ڪري ڇڏڻ سان سندن کي ڇا فائدو آهي پيٽ خراب ڪري يا جسم تي داڻا پيدا ڪرڻ سان انھن کي ڇا ملندو آهي ۽ هي اسانکي ماري ڇو ڇڏيندا آهن اهڙا جراثيم جيڪي پنھنجي ساٿي کي ماري ڇڏين اهوئي تہ پاڻ بہ مري ويندا تہ پوءِ ائين ڇو ڪندا آهن اهو چڪر ڇا آهي
ڪنھن بہ ٻئي جاندار جيان جراثيم بہ پنھنجي واڌ ويجھ وڌائڻ چاهيندا آهن ۽ هي اهو اوترو سادو ناهي جيترو ڪيترائي دفعا انهن کي سمجھو ويندو آهي هي بہ اربين سالن جي راند کانپوءِ اڄ تائين پهتا آهن هڪ مريض اڳتي جيترن ماڻھن کي بيماري ڪندو هي انجي فتح آهي انجو مطلب هي تہ مريض کي گھڻي دير تائين بغير ماري ڪري بيمار رکڻ ۽ انکان مرض وڌ کان وڌ ماڻھن تائين پهچائڻ سندن جي ڪاميابي آهي ان جي لاءِ انھن طرح طرح جا مختلف طريقا هٿ ڪيا آهن تہ انسانن کان انسانن تائين ۽ ٻين جانورن ۾ شامل ٿي سگھن اسانجي بيماري جي علامتون اصل ۾ انھن جي ڪاميابي ۽ چالاڪ هٿ ڪنڊا آهن
سڀ کان گهٽ محنت وارو طريقو انتظار آهي هي حڪمت عملي اهوئي جراثيم جوڙيندا آهن جيڪي پنھنجي ساٿي جي مرڻ کانپوءِ ٻئي کان کائجي وڃڻ جو انتظار ڪندا آهن، سيلمونيلا بيڪٽريا ائين ڪندا آهن جيڪڏهن گوشت کي صحيح نموني پچائيو نہ وڃي تہ هي کائيندڙ تائين پهچي ويندا آهن سوشي کائڻ واري جاپانين تائين هي مڇين وسيلي پکڙبو آهي
ڪجھ جراثيم وري گهڻو انتظار ناهين ڪندا هي پنهنجي سواري ساٿي کي چڪ هڻندڙ جيت مان وٺندا آهن انجي لعباب وسيلي هي سواري ڏيندڙ جيتن منجھان مڇر، پسو، مکهي وغيره ٿي سگھن ٿا مليريا طاعون، ٽائفس وغيره انھن منجھان پکڙبو آهي ڪجھ وري جراثيم هڪ ٻئي خراب حرڪت ڪندا آهن جيڪي ماءُ کان ٻار ۾ شامل ٿي ويندا آهن انھن مان سفيلس، روبيلا ۽ ايڊز جهڙا مرض پکڙبا آهن 
ڪجھ جراثيم وري اهڙا ڪم پنھنجي هٿ وٺي ڇڏيندا آهن پنهنجي ساٿي جي ايناٽومي ۾ شامل ٿي تبديلي آڻيندا آهن چڪن پوڪس داڻا انهن جو هڪ طريقو آهن انھن کان پوءِ اڳتي جو سفر شروع 
۽ ڪجھ گھڻو تيزي سان پکڙجڻ وارو طريقو اپنائيندڙ فلو، زڪام، ڪاري کنگھ جھڙا جراثيم آهن هي پنهنجي ساٿي کي کنگهڻ يا ڇڪ ڏيڻ تي مجبور ڪندا آهن هر چڪ ان جراثيمن جو ڪڪر وٺي ڪري اڏامندي آهي جيڪا ڪنھن ٻئي جي مهمان ٿي سگھجي ٿي هيض جا جراثيم پنهنجي ساٿي کي ڊائيريا ان مقصد جي تحت ڪندو آهي 
پنھنجي ساٿي جي روعي کي بدلڻ ۾ ڪوبہ ريبيز جي وائرس جو مقابلو نٿو ڪري سگهي نہ صرف هي ڪتي جي لعباب ۾ پهچي ويندو آهي بلڪ ڪتي کي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي تہ اهو هر هڪ کي چڪ هڻي ان جي چڪ هڻڻ سان ان وائرس جي اڳتي شموليت جو رستو آهي ڪتي جو اهو رويعو انجي زندگي تہ ختم ڪري ڇڏيندو آهي پر ڪتي جو اهو طريقو ان وائرس جي ڪاميابي آهي
اسانجي انگ اکرن سان ڊائيريا، کنگھ، ڇڪ، بيماري جي نشاني آهي جڏهين تہ جراثيم جي نظر ۾ انھن لاءِ براڊ ڪاسٽ ٿيڻ جي اسٽريٽيجي اهڙن جراثيم جو مفاد اسانکي بيمار ڪري ڇڏڻ ۾ آهي پر ڪجھ جراثيم اسانکي ماري ڇو ڇڏيندا آهن جڏهن تہ انھن کي ان مان ڪجھ حاصل بہ ناهي ٿيندو.! 
جراثيم جي نظر ۾ هي هڪ ناخواندگي ۾ ٿيڻ وارو افسوسناڪ واقعو آهي جيڪڏهن اهوئي پنھنجي پاڻ کي اڳتي پکهڙي چڪو آهي تہ ساٿي جو مري وڃڻ بہ وڏي ناڪامي ناهي 
هاڻ جيڪڏهن اسان پنهنجي نظر سان ڏسون تہ پنھنجو خود غرض مقصد زندھ ۽ صحت مند رهڻ آهي ۽ ان لاءِ انھن کي ماري ڇڏڻ سٺو طريقو آهي انفيڪشن ٿي وڃڻ کانپوءِ جسم جو هڪ جواب بخار آهي بخار بيماري جي علامت آهي جسم جو پد جي ريگوليشن جينياتي ڪنٽرول ۾ آهي جيڪڏهن هي پد گهڻو ٿي وڃي تہ جراثيم کي وڌڻ لاءِ سٺو ماحول ناهي ملي سگهندو هڪ ٻيو هربو اميون سسٽم کي حرڪت ۾ وٺي اچڻ آهي جيڪو چوندي چوندي جراثيم کي قتل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي جسم ۾ اينٽي باڊيز ٺهڻ شروع ٿي ويندا آهن جيڪڏهن هڪ دفعو بيماري ٿي وڃي تہ پوءِ ٺيڪ ٿيڻ کانپوء انجي خلاف مدافعت پيدا ٿي ويندي آهي خسرو، ممپس، ڪاري کنگھ روبيلا وڌيڪ شڪست کائيندڙ جراثيم جي خلاف ان طرح مدافعت انجي مثال آهي ويڪسن جو بہ اهو اي اصول آهي 
 ۔
پر افسوس ڪجھ چالاڪ جراثيم اسانجي مدافعتي نظام جي قابو ناهين ايندا انھن پنھنجي ماليڪيولر ٽڪڙا بدلڻ جي ٽيڪنيڪ سکهي ورتي آهي هي اها اينٽي جن آهي جن کي اسانجي جسم ۾ اينٽي باڊيز سڃاڻپ ڪندي آهي فلو بدلجندڙ شڪلون انجي مثال آهن ۽ ان  وجھ سان فلو جي ويڪسن کي هر وقت اپڊيٽ ڪرڻو پوندو آهي مليريا ۽ سمهڻ جي بيماري بہ ان طرح جا هربا رکندا آهن جڏهن تہ سڀ کان چالاڪ ايڊز جا جراثيم آهن جيڪي هڪ مريض جي اندر اندر رهندي بہ نئي اينٽي جن بڻائي ڇڏيندا آهن جنھن سان ساٿي جو اميون سسٽم کي ناڪارو ڪري ڇڏيندي آهي
اسانجو هڪ ٻيو جواب جيڪو سڀ کان سست آهي جينياتي آهي ۽ هي نيچرل سليڪشن آهي هي بيماري جي خلاف ڪجھ ماڻھون جينياتي طور تي مدافعت رکندا آهن هڪ وابا ۾ اهڙن ماڻھن جي بچڻ جو امڪان گھڻو آهي انجو نتيجو هي نڪرندو آهي تہ تاريخ ۾ وڏي مدت ۾ انساني آبادي جيڪا ڪنھن بيمار ڪرڻ واري جراثيم کي منھن ڏيندي رهندي آهي ان آبادي ۾ بيماري جي خلاف مدافعت جينياتي طور تي اچي ويندي آهي يعني اهڙا جراثيم وارن علائقن جي آبادي ان مقامي پيٿوجن جو مقابلو بهتر طريقي سان ڪري سگهي ٿي
جينياتي دفاع ۾ ان طرح جي مثالون سڪل سيل جين آهي جيڪو ڪاري رنگ جي آفريقين کي مليريا کان بچائيندي آهي ٽي سيڪس جين آهي جيڪو آشکينازي يهودين کي تپد کان بچائيندي آهي يا سسٽڪ فائيبروسس جين آهي جيڪو اتر يورپ ۾ رهڻ وارن کي بيڪٽريل ڊائيريا کان بچائيندي آهي جراثيم ۽ انجي ساٿين ويجھو هٿيارن جي هي ڊوڙ هلندي رهندي آهي 
ڪجھ بيماريون گڏيل بيماريون چيون وينديون آهن هي صرف ان وقت پکڙبيون آهن جتي گهڻي آبادي هجي هي وڏي شهرن ۾ سولائي سان ڦهلبيون آهن ۽ انهن جي تاريخ پراڻي ناهي چڪن پوڪس سورهين سئو اڳ مسيحي، ممپس چار سئو اڳ مسيحي ۾، جذام ٻہ سئو مسيح ۾، پوليو ارڙهن سئو چاليھ ۾، ايڊز اڻويھ سئو اڻهٺ ۾، 
تاريخ هيٺ شديد اهوئي بيماريون رهيون آهن جيڪي انسانن ۾ جانورن جي وسيلي پهتيون ان جون مثالون ٽي ٻي چڪن پوڪس جيڪي پالتو جانورن مان انسانن ۾ آيون خسرو جيڪو رنڊرپسٽ مان آيو فلو جيڪو بدڪ ۽ سور مان آيو ڪاري کنگھ جيڪا ڪتن مان آئي فالڪيپرم مليريا جيڪو مرغي مان آيو اونينگ يونگ بخار ۽ ايڊز جيڪو ڀولن مان آيو 
انجي وجھ ڇا آهي گئون ۾ رهندڙ چڪن پوڪس جا جراثيم گئون جي لاءِ تہ شديد ناهي پر انسانن ۾ اچي ڪري انھن کي غلطي سان ماري ڇڏيندو آهي جيتوڻيڪ ان جراثيم جي واڌ ويجهه جو ڪارڻ مريض جو جلدي مرڻ ٺيڪ نہ هئو شديد مرض جڏهن پکڙيا تہ انھن وڏي آبادي کي ختم ڪيو قبرستان ڀري ڇڏيا پوءِ اسان ۽ انھن ڪٿي گڏ رهڻ سکهي ورتو ڪٿي اسان انھن کي ختم ڪري ڇڏيو ڪٿي انھن کي قابو ڪرڻ جو طريقو ڳولهي ورتو ڪٿي جينياتي دفاع حاصل ڪري ورتو ڪٿي هي بدلجي ويا ۽ ڪٿي انھن جون ڪاميابيون اڃان جاري آهن 
اڄ دنيا ۾ انگريزي زبان ڳالهيندڙ وارو سڀ کان وڏو خطو اتر آمريڪا آهي پر هي زبان اتان کان شروع نہ ٿئي هئي هي تہ صرف يورپ جي هڪ ننڍڙي جزيري تي ڳالهي ويندي هئي ان جو هتان تائين ڦهلجڻ ۾ يورپ ۾ فيوڊل نظام جي خاتمي ۽ جمهوريت جي شروعاتي ۽ دنيا جي تاريخ بڻائيندڙ مان موزي جراثيم وڏو ڪردار ادا ڪيو چڪن پوڪس، طاعون، خسرو، هيض ۽ ڪيتريون اي وبائيون تاريخ ۾ آبادين جي وڏي حصن کي ختم ڪندي رهي سياسي نقشو ابتو ڪنديون رهيون آهن مليريا ۽ فلو دنيا جي معاشي ۽ سياسي تاريخ تي گهڙو اثر وڌو آهي ان موزي ۽ حقير جراثيم جو حصو تاريخ اقوام عالم ۾ حقير آهي جڏهن تہ انھن جو مقصد ساڌو آهي هي تہ بس گھڻي کان گھڻو اڳتي وڌڻ چاهين ٿا اسانکي تہ بس هي ان جي لاءِ استعمال ڪندا رهندا آهن