Saturday 29 September 2018

اولاد جو نه ٿيڻ جا ڪارڻ


اولاد جو نه ٿيڻ جا ڪارڻ

 "دريا خان سنڌي"

اولاد جو نه ٿيڻ هي مسئلو صدين کان هلندو پيو اچي دنيا ۾ هڪ فيصد ماڻهن کي
 اولاد ناهي ٿيندي خاص ڪري آفريڪا ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ هي  رجهان 35 فيصد آهياولاد نه ٿيڻ جا به ڪجه سبب ۽ ڪارڻ هجن ٿا هر شيء جئيانسائنس ان مسئلي تي مختلف تحقيقون ڪري چڪي آهي جنهن مان ثابت ٿيو آهي25 ويه کان 45 سالن جي عمر رکندڙ جوڙن ۾ هي مسئلو عام آهي وڏي عمر رکندڙ مڙدن جا اسپرم جيوگهڙا اڻ پوري واڌ ويجه جو شڪار هوندا آهن جنهن سبب عورت جي ٻچي داڻي تائين انهن جا اسپرم ڪمزور يا پيداوار گهٽ هجڻ سبب ناهين پهچي سگهنداجنهن کان پوئي هو بي اولادي جو شڪار ۽ مايوس پڻ ٿي ويندا آهنمڙد ۾ ڪروموسز Y جڏهن ته عورت ۾ X هوندو آهي

اولاد نه ٿيڻ جا ڪجه سبب هيٺ بيان ڪجن ٿا
مڙد ۾ ڪروموسز سيلن جو گهٽ هئڻ
مڙد جي ڪروموسز سيلن کي ڪٽ لڳڻ
جسماني ڪمزور
نفسياتي بيماري
شگر جي بيماري
جگر جي بيماري
ٽي بي جي بيماريجهڙين بيمارين جو شڪار هجڻ آهي۽ عام ماڻهو به جيڪي ڪيميڪل وارين فيڪٽرن ۽ زمينن ۾ ڪيڙا مار زهريلن دوائون جو اسپري ڪندڙ ورزش دوران دوائون جو گهڻو استعمال ڪندڙ به شامل آهنجيڪڏهن مڙد ۽ عورت جي ميلاپ کان پوئي 12 مينهن کان پوئي عورت جو پيٽ سان نه ٿيڻ کان پوئي فورن ڊاڪٽر ڏا رجو ڪرڻ گهرجي ڪافي اهڙا خاندان آهن جيڪي اهڙين شئين کي لڪائيڻ ۽ لاوائيندا آهنهن مسئلي جو علاج هاڻي ڪافي وڏين هسپتال ۾ پڻ ٿيندو آهيخاص ڪري اسانجي سنڌي سماج ۾ بي اولادي جو ڪارڻ عورت کي سمجهو ويندو آهي ۽ کين طنا مٿان تشدد وغيره پڻ ڪيو ويندو آهي جيڪو عمل پڻ سراسر غلط ۽ جاهلپ آهيجديد سائنس ان مسئلي جو علاج دريافت ڪيو آهي اوهان بنا ڪنهن شرميندگي جي ڊاڪٽرن سان رجو ڪرائيو وڃيڪيو ۽ مڪمل علاج ٿيڻ تائين انهن سان رابطي ۾ رهي ان پنهنجي مسئلي کي حل

Wednesday 26 September 2018

الفا سينچوري ALFA CENTUARY

  "ظهور احمد"
الفا سينچوري ALFA CENTUARY
الفا سينچوري جيڪو ٽن تارن جو سسٽم آھي. اسان جي سولر سسٽم جو سڀني کان ويجھو اسٽار سسٽم پڻ آھي. ھي اسان کان 4.3 نوري سال Light years پري آھي. الفا سينچوري اسٽار سسٽم جي ٽن تارن جا نالا ھي آھن. Alfa CentuaryA , Alfa Centuary B ۽ Proxima Centuary آھن. پروڪسيما سينچوري کي Alfa Centuary C به چيو ويندو آھي. ھنن ۾ الفا سينچوري A ۽ الفا سينچوري B گڏيل Binary تارا آھن . جيڪي ھڪ ٻئي کي ڦرن ٿا. الفا سينچوري کي Rigil Kentaurus به چوندا آھن.
الفا سينچوري اي Alfa Centaury A
ھي الفا سينچوري جي سڀني تارن ۾ وڏو آھي. ھن جو ماس اسان جي سج کان ٿورو وڌيڪ آھي. ھي تارو بہ اسان جي سج وانگي وچولو تارو آھي. ھن جي اوسط ڊائيا ميٽر 17،00،000 لک ڪلو ميٽر آھي. جيڪو اسان جي سج کان ٽي لک ڪلو ميٽر وڌيڪ آھي. ھن تاري جو ڦرڻ 22 ڏينھن جو آھي جڏھن ته سج جي ڦرڻ جو ٽائيم 25 ڏينھن آھي.
الفا سينچوري بي Alfa Centaury B
الفا سينچوري بي ھن سسٽم جو ٻي نمبر تي وڏو تارو آھي. ھي تارو سج کان ٿورو ئي ننڍو آھي. ھن جي اوسط ڊائيا ميٽر 1200،000 لک ڪلو ميٽر آھي جيڪي اسان جي سج کان ٻه لک ڪلو ميٽر گھٽ آھي.
پروڪسيما سينچوري Proxima Centaury
پروڪسيما سينچوري کي الفا سينچوري C به چوندا آھيون. ھي ھڪ ڳاڙھو بونو تارو Red dwarf star آھي. ھي تارو 4.2 نوري سال پري آھي جيڪو الفا سسٽم جي ٻين تارن کان گھٽ آھي. پروڪسيما سينچوري جي کوج Robert Inner اسڪاٽش ماھر 1915ء ۾ ڪئي. ھن تاري جو ڊائيا ميٽر 200،000 ٻه لک ڪلو ميٽر آھي. جيڪو اسان جي سج جو رڳو ستو حصو آھي. Proxima Centaury جو ماس مشتري گرھ کان 129× ڀاڱا وڌيڪ آھي. ھي ماس سج جو 12 سيڪڙو وڃي ٿي ٿو. ھن تاري جي گھرائي density 40 سيڪڙو آھي. ھن تاري جي عمر لڳ ڀڳ 4.8 بلين سال آھي. جيڪو سج جي عمر کان 20 ڪروڙ سال وڌيڪ آھي. ھن جي اوسط گرمي پڌ 2760 آھي جيڪو سج جي مٿاڇري جي گرمي جي اڌ کان ٿورو وڌيڪ آھي. ماھرين جي خيال موجب ھن تاري جي گھٽ ماس ھجڻ ڪارڻ ھي تارو ايندڙ 4 ٽرلين سالن يعني چار کرب سالن تائين ھڪ تارو ئي رھندو.
ھائيڊروجن فيوجن ڪارڻ عام طور ھيليئم وڌندو رھندو. آھستي آھستي پروڪسيما سينچوري اڃان ننڍو ۽ گرم ٿيندو رھندو. وقت سان گڏ ھي ڳاڙھي کان نيري ۾ مٽجندو ۽ جڏھن ھن تاري جي ھائيڊروجن فيول پوري طرح ختم ٿيندو ته ھي ھڪ اڇو بونو تارو White Dwarf Star ٿي ويندو وقت سان گڏ ھن جي بچيل گرمي به ختم ٿي ويندي.
پروڪسيما سينچوري اسان جي سج جو 32 ھزار سالن کان وٺي ويجھو پاڙيسري آھي ۽ ايندڙ 25 ھزار سالن تائين رھندو ان کان پوء سج جو ويجھي ۾ ويجھو تارو الفا سينچوري اي ٿي ويندو.
ويجھڙائي ۾ پروڪسيما سينچوري کي ڦرندڙ ھڪ اھڙي گرھ جي کوج ڪئي وئي آھي جيڪا 1.3 سيڪڙو زمين کان وڏي آھي. ھن گرھ کي پروڪسيما سينچوري بي Proxima Centaury B پنھنجي تاري پروڪسيما سينچوري جي نسبت سان ڏنو ويو آھي. ھي گرھ پنھنجي تاري کان 75 لک ڪلو ميٽر پري آھي جيڪو زمين جي سج کان مفاصلي جو 5 سيڪڙو آھي. ھن کي پنھنجي تاري کي ڦرڻ ۾ 11.2 ڏينھن لڳن ٿا.
ڏٺو وڃي ته عطارد Mercurry سج کان 57.91 ملين ڪلو ميٽر يعني پنج ڪروڙ اڻاسي لک ڪلو ميٽر پري آھي جيڪو پروڪسيما سينچوري بي ۽ ان جي تاري کان ڪافي وڌيڪ آھي، ان جو مطلب جيڪڏھن پروڪسيما تارو سج جيترو وڏو ھجي ھا ته ان گرھ کي ساڙي راک ڪري ڇڏي ھا.
ھن گرھ تي پوندڙ ريڊيئيشن جي مقدار زمين تي پوندڙ ريڊيئيشن جي مقدار جو 65 سيڪڙو آھي. جيڪڏھن ھن گرھ جو وايو منڊل نه ٿيو ته ھن جي گرمي پڌ ڪاٽو 40 ھوندو اھو ڪافي ٿڌو آھي، جڏھن ته توھان کي اھو ڄاڻي حيرت ٿيندي ته زمين کي جيڪڏھن وايو منڊل نه ھجي ھا ته ھن جي گرمي پڌ ڏينھن جو 127 ۽ رات جو ڪاٽو 153 ھجي ھا.
جيڪڏھن ھن گرھ تي پاڻي ٿيو ته پاڻياٺ جي صورت ۾ ھن جي مٿاڇري تي موجود ھوندو. ماھرين کي ھڪ پريشاني آھي ته اھڙا گرھ جيڪي پنھنجي تاري جي ويجھي ھجن ٿا ته انھن جي جنم جي شروعات ۾ ئي گرھ جي بي انتھا گرم ھجڻ ڪارڻ پاڻي ٻاڦ ٿي اڏامي وڃي ٿو. ٿي سگھي ٿو ھن سان ايئين نه ٿيو ھجي يا پاڻي بعد ۾ ڪنھن شھابيي comet وسيلي آيو ھجي ، تڏھن ئي ھن تي پاڻي ھجڻ جا امڪان آھن. زياده تر امڪانن جي ان ڪري ڳالھ ھلي پئي ڇو ته اسان اڃان ھن گرھ بابت وڌيڪ نه ٿا ڄاڻون. ڪمپيوٽر ماڊل اسان کي ٻڌائن ٿا ته اتي پاڻي پاڻياٺ جي صورت ۾ موجود ھوندو. ھن جو وايو منڊل به آھي، ھن کي مقناطيسي ميدان به آھي جيڪو ھاڃيڪار سج جي ڪرڻن کان ھن کي بچائي ٿو. جيسين پڪي طور ڄاڻ نه ٿي ملي ماھرين ھن باري ۾ پڪي طور ڪجھ نه ٿا چئي سگھن.
ڪجھ ماھرن ڪمپيوٽر ماڊل جي آڌار تي اندازو لڳايو ته ھي گرھ پنھنجي تاري جي ڪافي ويجھي ھجڻ ڪارڻ ڳنڍيل به ٿي سگھي ٿو. ھن جو ھڪ پاسو تاري ڏانھن ۽ ٻيو پاسو تاري جي مخالف ۾ ھوندو. تاري وارو پاسو گرم جڏھن ته مخالف پاسو ٿڌو ھوندو. ھن تي زندگي ھڪ جاء تي ٿي سگھي ٿي . اھا جاء آھي ٻنھين ٿڌي ۽ گرم جاين جي وچ ۾. ان جاء تي زندگي جي اميد آھي.
جيئين ته ھن گرھ بابت ڄاڻ ڪمپيوٽر ماڊل جي آڌار تي آھي جڏھن تہ حقيقي ڄاڻ وٺڻ لاء اسان کي اتي وڃڻو پوندو. اڄوڪي طريقي وسيلي اسان کي ھزارون سال لڳندا ۽ اسان وٽ ڪو به طريقو نه آھي جو خلابازن کي ھن تي موڪلي سگھون. جيڪڏھن مشينن جي ڳالھ ڪجي ته ان لاء سائنسدان تيار ۽ پر اميد آھن. بريڪ ٿرو اسٽار شاٽ Breakthrough star shot تي اڃان ڪم ھلي پيو جنھن سان اسان خلائي مشينون پروڪسيما سينچوري تي گھٽ ۾ گھٽ ٽائيم ۾ موڪلي سگھنداسين. پروڪسيما تائين ھنن مشينن کي پڄڻ ۾ 15 سال لڳندا جڏھن ته الفا سينچوري تائين ويھ سال لڳندا.
اچو ته ڏسون ھي ڪم ڪيئن ڪندا. ڪجھ مشينن کي زمين جي وايومنڊل کان مٿي موڪليو ويندو جن ۾ ڪيئي قسم جا سينسر، ڪيميرا ۽ ڪيئي قسم جا اوزار پڻ ھوندا ته جيئن اھي ڌرتي تي پيغام موڪلي سگھن. انھن مشينن کي ھلڪو ۽ ڇٽي نموني ڊيزائن ڪيو ويندو ته جيئن زمين کان انھن ڏانھن ليزر جا شعاع ھزارن انٽينائن ذريعي ڇڏيا ويندا. ليزر جا شعاع ھنن کي ڌڪو ڏيندا جنھن سان ھو پنھنجي منزل ڏانھن روانو ٿي پوندا. ھي ڇٽي وانگي ٺھيل مشينون روشني جي 20 سيڪڙو ۽ اڄ تائين جي تيز ترين رفتار سان سفر ڪندا. جيتوڻيڪ ھن پروجيڪٽ سان به ڪجھ پريشانيون آھن. پھرين پريشاني ته ھي بي انتھا مھانگو ھوندو. ٻي پريشاني ته ھنن کي روڪڻ اسان جي وس ۾ نه ھوندو، يعني ھي پروڪسيما تائين پھچي به ويا ته اسان ھنن جي رفتار کي گھٽ نه ٿا ڪري سگھون. اسان کي انھيء تيز رفتاريءَ سان ڄاڻ گڏ ڪرڻو پوندو. ان کان علاوه انھيء نموني ٻيو پروجيڪٽ به ھلي پيو جنھن ۾ زمين کان ليزر ڇڏڻ بجاء تارن جي روشني کي استعمال ۾ آڻينداسين. اميد آھي ته ڪاميابي ملندي ۽ انسان کي ٿي سگھي ٿو ته جواب به ملي ھن سوال جو،
ڇا اسان ھن بي انتھا وڏي ڪائنات ۾ اڪيلا آھيون؟

البرٽ آئنسٽائن

البرٽ آئنسٽائن ۔۔تحرير: زاھد آراٸین۔20 صديءَ جو عظيم نوبل انعام يافته سائنسدان البرٽ آئنسٽائن 14 مارچ 1879ء ۾ جرمنيءَ جي ’اُلم (Ulm)شهر ۾ ڄائو. هو يهودي مذهب سان تعلق رکندڙ هو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم جمنازيئم اسڪول مان ورتي. هن نصابي تعليم سان گڏ موسيقيءَ جي تعليم پڻ حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 26 سالن جي عمر ۾ گورنمينٽ جي ڪنهن اداري ۾ ڪلارڪ ٿيو، پر تخليقي صلاحيتن هئڻ ڪري، اهو ڪم پسند نه آيس. سندس چوڻ موجب ”ڪلرڪيءَ ۽ موچڪي ڪم ۾ ڪو فرق نه آهي“.ملازمت دوران ئي هن فزڪس جي موضوع تي سائنس مئگزين جي مختلف ايڊيشنن ۾ مضمون لکيا ۽ فزڪس متعلق اهڙا انڪشاف ڪيا، جن سائنسي تحقيقات جو رُخ بدلائي ڇڏيو. هن روشنيءَ کي توانائيءَ جي شڪل قرار ڏنو، جيڪا ڳالهه اڳ ۾ ڪڏهن به ڪنهن ائين ثابت نه ڪئي هئي. هن اهو ثابت ڪيو ته روشني هميشه لهرن جي صورت ۾ سفر ڪندي آهي. آئنسٽائن روشنيءَ جي رفتار ۽ رُخ متعلق جيڪي نظريا پيش ڪيا، اهي ئي سندس بنيادي سڃاڻپ بنيا. 1905ء ۾ پنهنجو مشهور ”اضافت جو نظريو“ پيش ڪيائين. 1909ء ۾ آئنسٽائن کي زيورچ يونيورسٽيءَ ۾ غير معمولي پروفيسر جو عهدو ڏنو ويو. ڪجهه وقت پراگ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر رهيو. 1913ء ۾ هن کي فزيڪل انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. آئنسٽائن اهو اڪيلو سائنسدان آهي، جنهن فزڪس جو بهترين نظريو (theory) پيش ڪيو ۽ ملندڙ انعام (5000 آمريڪي ڊالر) وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آئن اسٽائن فزڪس کان سواءِ ڪيمسٽريءَ جو به ماهر هو. انهيءَ علم ۾ هن مادي کي توانائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو نظريو دريافت ڪيو. سندس خدمتن جي مڃتا طور ڪيمسٽريءَ جي دريافت ڪيل 99 عنصرن جو نالو آئن اسٽائن جي نالي تي ’آئن اسٽلائم‘ رکيو ويو. 1922ء ۾ هن کي فزڪس تي نوبل انعام مليو.آئنسٽائن يهودي هئڻ جي باوجود هڪ آزاد خيال انسان هو ۽ ٻئي طرف کيس پوري دنيا ۾ شهرت ملي رهي هئي، برلن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ئي هو ته 1923ء ۾ جرمنيءَ تي نازي پارٽيءَ جو قبضو ٿيو. جرمنيءَ جي بنياد پرست ماڻهن سندس مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. نازين هن جي جائداد ۽ يونيورسٽيءَ واري نوڪريءَ سان گڏ جرمنيءَ جي شهريت به ختم ڪري ڇڏي. آخر آئنسٽائن جرمنيءَ کي الوداع چئي، آمريڪا جي شهر نيوجرسيءَ جي شهر پرنسٽن (USA) ۾ وڃي رهيو.1939ء ۾ هن آمريڪا جي صدر روزويلٽ کي هڪ خفيه خط لکيو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ائٽم بم ڪيئن تيار ڪيو وڃي. 1940ء ۾ آئنسٽائن کي آمريڪا جي خاص قانون مطابق ’آمريڪي مڃتا‘ ڏني وئي. جلد ئي کيس مئٿميٽڪس (علم رياضيءَ) جي اداري جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. 1950ء ۾ هن unified field وارو نظريو پيش ڪيو. ”مادي جي طاقت ۾ تبديليءَ“ واري عمل جي نتيجي ۾ ائٽم بم ٺهيو. 6 آگسٽ 1945ء تي ان کي جاپان جي شهر ناگاساڪيءَ تي ڪيرايو ويو، جنهن ۾ 60 هزار ماڻهو مُئا ۽ هڪ لک انسان زخمي ٿيا. هن دردناڪ واقعي تي آئنسٽائن کي زبردست ڏک پهتو، هن کي اها توقع هئي ته ائٽمي توانائيءَ کي انساني بهتريءَ لاءِ ڪتب آندو ويندو. 1952ء ۾ آئنسٽائن کي اسرائيل جي صدارت جي پيشڪش ڪئي وئي، پر هن اها قبول نه ڪئي.آئنسٽائن ويهين صديءَ جو وڏو ذهين انسان هو. ڪيترين ئي نامور شخصيتن جي چوڻ موجب: ”سڄي دنيا وارن جا دماغ هڪ طرف ۽ آئنسٽائن جو دماغ ٻئي طرف“. بقول شيخ اياز: ”ڪروڙين هٽلر گڏ ٿين، تڏهن به آئنسٽائن جهڙو دماغ پيدا نه ڪري سگهندا.“ آئن اسٽائن جا نظريا اڄڪلهه جا سائنسدان پاڻ لاءِ مشعل راهه سمجهندا آهن ۽ انهيءَ بنياد تي ئي فزڪس ۾ نوان تجربا ڪيا پيا وڃنهن 18 اپريل 1955ء تي آمريڪا جي پرنسٽن شهر ۾

وفات ڪئي







x
x

بونا گرھ Dwarf Planets

   "ظهور احمد"


ھزارين سال پھريان قديم نجوم جي ماھرن جڏھن آسمان ڏانھن ڏٺو ته انھن کي لڳو ته ڪجھ شيون ھنن جي اميد جي خلاف ھيڏي ھوڏي وڃن ٿيون جڏھن ته تارا ھڪ جاء تي آھن. انھن کي رولو تارن Planets جو نالو ڏنائون. انھن پنج عطارد، زھرہ، مريخ، مشتري، زحل کي ڏٺائون ۽ سڃاڻپ خاطر نالا رکيائون. صدين کان جن سامان سان آسمان جو مشاھدو ٿيندو ھو اھي اوزار بھتر کان بھتر ٿيندا ويا ته ٽن نون گرھن يورينس، نيپچون ۽ پلوٽو جي کوج ٿي. ماھرن مطالعو جاري رکيو . ھنن کي ٻاھرين گرھن جي مطالعي مان جلد ئي خبر پئجي وئي ته پلوٽو اڪيلو نه آھي. نيپچون کان پري وڌ کان وڌ شيون دريافت ٿيون جيڪي پلوٽو سان گڏ ۽ ان جي ماپ جون پڻ ھيون. ماھرن جي بقول اھي سڀ گرھ ته نه ٿا ٿي سگھن. 2006 ء جي عالمي اسٽرونوميڪل يونين International Astronomical Union جي اجلاس ۾ ھڪ نئون نالو بونو گرھ Dwarf Planet متعارف ڪرايو ويو. گرھ ھجڻ لاء ٽي 3 شرط رکيا ويا.
1 اھو شيء گرھ ڳڻيو ويندو جيڪي سج کي ڦرندو ھجي.
2 گرھ لاء لازمي آھي ته ان ۾ ايتري گريوٽي ھجي جو ھو پنھنجو آڪار گول ڪري سگھي ۽ پنھنجي مدار ۾ ايندڙ شين کي ختم ڪري پنھنجو رستو صاف ڪري سگھي.
3 گرھ لاء لازمي آھي ته ھو پنھنجو مدار ڪنھن سان ونڊ نه ڪري.
ٽين شرط واضح ٿو ڪري ته بونا گرھ پنھنجي مدار شھابين ۽ ٻين گرھن سان ونڊ ڪن ٿا تڏھن انھن کي سڃاڻڻ سولو آھي.
ھينئر تائين پنج اعلانيا طور مڃيل بونا گرھ آھن. سيريز Ceres, پلوٽو Pluto, ايريز Eris, ھائوميا Haumea, ماڪي ماڪي Make make آھن.
سيريز      Ceres
سيريز 1801ء ۾ دريافت ٿيو. ڇاڪاڻ ته ھي اندرئين گرھن ۾ اڪيلو بونو گرھ ۽ شھابين جي پٽيءَ Asteroids Belt ۾ واقع آھي. ھن جي کوج سان ھن کي پنجون گرھ مڃيو ويو. ھن جي دريافت کي ھڪ سال مس گذريو تہ ھن جي ويجھي وڌيڪ شيون دريافت ٿيون . ڪجھ ڏھاڪن ۾ درزن کن جسم دريافت ٿيا. 1850ء ۾ ماھرن فيصلو ڪيو ته اھي سڀ گرھ ته نه ٿا ٿي سگھن . ان مھل ھڪ نئون نالو Asteroid متعارف ڪرايو ويو. سيريز سان گڏ تمام ملندڙ شين کي Asteroid شمار ڪيو ويو آخر ڪار 2006ء ۾ ھن کي بوني گرھ جو نالو ڏنو ويو. ھن تي 2015ء تي ڊان Dawn probe موڪليو ويو جيڪو 6 مارچ 2015 تي ھن جي مدار ۾ داخل ٿيو. ھي شھابين جي پٽيءَ Asteroids Belt جي تمام جسمن کان وڏو ۽ ٽوٽل پٽيءَ جي ٽيون حصو آھي. ھي پنھنجي مدار تي 9 ڪلاڪ ۾ ڦيرو مڪمل ڪري ٿو ۽ سج کي ڦرڻ ۾ 4.6 سال لڳائي ٿو. ھي 33 ھون نظام شمسي جو وڏو ناليوارو جسم آھي. ھن کي گھپ انڌيري ۾ ڏسي سگھجي ٿو جيڪڏھن نظر به تکي ھجي . ھن جي اسپيڊ 17.9 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ آھي. ھي اڪيلو بونو گرھ آھي جنھن کي چنڊ ڪونھي. ھن تي China space agency پنھنجو خلائي مشن 2020ء ۾ موڪلڻ جي تياري ڪري پيو.
پلوٽو      Pluto
پلوٽو سڀني کان مشھور بونو گرھ ۽ سڀني کان پڻ وڏو ۽ ٻي نمبر تي وڌيڪ ماس رکندڙ آھي. نظام شمسي جي جسمن ۾ نائون وڏو ۽ ڏھون نمبر وڌيڪ ماس رکندڙ پڻ آھي. ھن کي 1930ء ۾ دريافت ڪيو ويو ۽ ان مھل ھن کي نائون گرھ قرار ڏنو ويو. 2006ء ۾ ھن کان اھيو اسٽيٽس واپس ورتو ويو جنھن جو ڪارڻ ھي آھي ته پلوٽو نيپچون جي مدار کي ڪٽي ٿو. ھي پنھنجي مدار ۾ سست رفتاريءَ سان ڦري ٿو. 4.6 ڏينھن ۾ ھڪ چڪر پورو ڪري ٿو. سج کان تمام پري ھجڻ ڪارڻ ھي سج کي ھڪ چڪر 248 سالن ۾ پورو ڪري ٿو. نيو ھورائيزن New Horizon اسپيس ڪرافٽ ھن جو جولائي 2015 تي وزٽ ڪيو ۽ ڄاڻ ڏنائين ته ھن کي تمام پتلون وايو منڊل آھي، نائٽروجن، ميٿين۽ ڪاربن مونو آڪسائيڊ جي آھي. پلوٽو کي پنج چنڊ آھن. شيرون وڏو آھي . ڪڏھن ڪڏھن تہ ايئن لڳندو آھي ته پلوٽو۽ شيرون ٻئين بونا گرھ آھن. ھن اسپيس ڪرافٽ ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ نوان سوال پڻ اٿاريا ھن جي جوڙجڪ ٿڌ، ۽ مفاصلي جي پري ھجڻ تي. سج جي روشني کي 5.5 ڪلاڪ ھن تائين پھچڻ ۾ لڳن ٿا. ھن کي پنج چنڊ آھن. Sharon , Styx , nix , Kerberos, hydra . ھي 7 فيبروري 1979ء کان 11 فيبروري 1999 تائين نيپچون جي مقابلي سج کان ويجھو ھو.
ايريز      Eris
ھن جو نالو يونانين جي ديوتا تي رکيو ويو. ھن جي کوج 2005ء ۾ ٿي کوج سان ھن کي ڏھون گرھ مڃيو ويو. ايريز پلوٽو کان ٿورو جسامت ۾ ننڍو ۽ ماس پلوٽو کان وڌيڪ آھي . مڃيو وڃي ٿو ته ھن جو ماس گھڻو آھي جيڪو ميٿين برف سان ڍڪيل آھي.ايريز نظام شمسي جو نائون نمبر وڌيڪ ماس رکندڙ جسم آھي جيڪو سج کي ڊائيريڪٽ ڦري ٿو. جڏھن ته 16 نمبر تي وڌيڪ ماس رکندڙ جسم پڻ آھي. ڇاڪاڻ ته 7 چنڊ وڌيڪ ماس رکندڙ آھن.ھي سج کان 96 اسٽرونوميڪل يونٽ Astronomical unit AU پري آھي جيڪو پلوٽو کان ٽي ڀيرا وڌيڪ آھي. ايريز سولر سسٽم جو ٻي نمبر تي سڀني کان پر آبجيڪٽ آھي جيتوڻيڪ پھرين نمبر تي V774104 آھي جنھن کي نومبر 2015 تي دريافت ڪيو ويو. ھن جي سج کان مفاصلو 103 AU اسٽرونوميڪل يونٽ آھي.  ھن کي ھڪ چنڊ Dysnomia نالي آھي. ايريز ۽ ھن جو چنڊ پلوٽو جي مقابلي سج کان وڌيڪ پري کان ڦرن ٿا. حساب لڳايو ويو آھي ته ھي سج کي ھڪ چڪر 558 سالن ۾ پورو ڪري ٿو. ھن تي خلائي مشن موڪلڻ جو پروگرام آھي. جيڪو مشتري جي گريوٽي کي استعمال ڪندي 16 سالن کان پوء ھن وٽ پڄندو. ھي مشن 2032 يا 2044ء روانو ٿيندو
ھائوميا      Haumea
ھن جي کوج 2005 ۾ ٿي.  17 ستمبر 2008 تي ھن کي بونو گرھ مڃيو ويو.  ٻين بونن گرھن جي مقابلي ھائوميا جي شڪل رگبي جي بال وانگي آھي. ھي اسانجي سولر سسٽم جو سڀني کان تيز ڦرندڙ شين مان آھي. ھي پنھنجي مدار تي ھڪ ڦيرو فقط چار ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو. ھن جو سج کي ھڪ چڪر 284.12 سالن ۾ پورو ٿي ٿو.  ھن جو نالو ھوائي Hawaii جزيري جي ماڻھن جي پيدائش ۽ ذرخيزي جي ديوتا تي رکيو ويو.ھي Kuiper belt ۾ پلوٽو ۽ ماڪي ماڪي کان پوء ٽين نمبر تي وڌيڪ روشن جسم آھي. 2017ء ۾ ھن جو رنگ دريافت ٿيو.  ھن کي ٻه چنڊ ھائيڪا Hiaka ۽ نماڪا Namaka آھن. چنڊن جا نالا ديوتا جي ٻن ڌيئرن جي نالي تي رکيا ويا.
ماڪي ماڪي     Makemake
پنجين ۽ آخري بوني گرھ جي سڃاڻپ ماڪي ماڪي جي نالي سان آھي. ھن جي کوج پڻ 2005ء ۾ ٿي. ھن جو نالو ايسٽر لينڊ Easter Land جي راپانيو Rapa Nui ماڻھن جي پيداڪندڙ ديوتا جي نالي تي رکيو ويو. ڪائپر بيلٽ Kuiper Belt جي ٻين جسمن وانگي ھن جو مٿاڇرو به برف سان ڍڪيل آھي. ھي برف ميٿين، ايٿين ۽ نائٽروجن جو ٿي سگھي ٿو. ھن جو ڊائيا ميٽر پلوٽو جو ٽيون حصو آھي. ھن جو برف سان ڍڪيل مٿاڇرو ھن کي ڪائيپربيلٽ ۾ پلوٽو کان پوء ٻي نمبر تي روشن ترين شيء ٺاھي ٿو . ھي سج کان 52.4 AU اسٽرونوميڪل يونٽ پري آھي. ھي پنھنجي مدار تي 7.77 ڪلاڪن ۾ ھڪ چڪر ۽ جڏھن ته 309.09 سالن ۾ سج کي ھڪ چڪر پوري ڪندو آھي. 2016ء تي ھن جي ھڪ چنڊ جي کوج ٿي جنھن کي اڃان نالو نه ڏئي سگھيا آھيون. ھن جو چنڊ 175 ڪلو ميٽر جو آھي. جيڪو ڪراچي کان حيدرآباد جو مفاصلو آھي. ھي چنڊ ماڪي ماڪي کان 21،000 ڪلو ميٽر پري کان ڦري ٿو. ھن چنڊ جي کوج ھبل ٽيلي اسڪوپ ذريعي 26 اپريل 2016ء تي ٿي.
ماھرين جو چوڻ آھي ته سوين اھڙا جسم سج کي ڦرن ٿا جيڪي مستقبل ۾ کوج ۽ مطالعي ھيٺ اچڻ تي بونا گرھ ٿي سگھن ٿا. انھن جسمن جو مطالعو جاري آھي اميد آھي ته وڌ کان وڌ اسان جي فھرست ۾ شامل ڪندا

سج جي وڌندڙ تپش ۽ انسان

"دريا خان سنڌي"

ماهرن ارضيات زمينن ۾ ٿيندڙ  انسان لاء کاڌ خوراڪ سبزيون خراب ختم سڙڻ بابت پريشان 
سج جي وڌندڙ گرمي بابت اسان صدين کان پڙهندا اچون ٿا سج جي گرمائش ۾ وقت گذرڻ سان ان ۾ مسلسل تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي 
جيڪو دنيا وارن لاء ناقابل برداشت پڻ آهي ان گرمي نه صرف اسانجا گليشيئر گاري ڇڏيان صدين کان قائم برف جا تح به ايتري جلدي سان ختم ڪري ڇڏيا هاڻ ته اهيو به انديشو آهي دنيا وارن لاء پئيڻ جو صاف پاڻي به ملندو يا نه. ڪٿي ائين ته نه ٿيندو هاڻي جنگون ئي پاڻي ته ٿينديون جيڪو هاڻ پڻ نظر اچي رهيو آهي 
سج جي گرمي جتي جتي پنهنجا اثر ڏيکهاريا آهن انهن سان ماهرين مسلسل پڻ واقف آهن عام ماڻهو به ان شدت کي هاڻ محسوس ڪري رهيو آهي. 
اسانجا ارضياتي ۽ سائنسي ماهرين اسانکي وقتن به وقت آگاهي ڏيندا رهيا آهن جن جو چوڻ آهي مسلسل سج جي وڌندڙ گرمي پنهنجا هن سياري زمين ته مختلف اثر ڏيکهاريا آهن جنهن سان جنگلي جيوت وڻن کي پڻ خطرا دريش ۽ نقصان رسيا آهن   
گڏوگڏ ان ڳاله جو به خطرو آهي سج جي وڌندڙ تپش وارين شعاعين زمين ۾ ٿيندڙ سبزين وڻن کاڌ خوراڪ فصلن کي جڏهن متاثر ڪيو ته انسان کي پنهنجي روز مرھ جي کاڌ خوراڪ کي پورو ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو
دنيا کي پهريان ئي خوراڪ جي قلت جو مسئلو دريش آهي ٻئي صورت جڏهن سج جي تپش سان کاڌ خوارڪ سڙئي يا خراب ٿي ويندي ان ٽائيم جانور ۽ انسانن جو ڇا ٿيندو

ماهرين ڪافي خور ويچار ڪرڻ کان پوئي تجويز پيش ڪئي آهي جيڪڏهن اسانکي زمين کي ٿڌو رکڻ لاء سج جي گرم شعاعين کي زمين تائين اچڻ کان پهريان ڪو اهڙو رستو يا متبادل عمل ۾ آڻڻ گهرجي جنهن سان سخت گرم شعاعين کان زمين بچي سگهي جنهن سان نه صرف زمين محفوظ رهندي بلڪي جيوت جانورن ۽ وڻڻ کي به رليف ملندو گڏوگڏ انهن جي پيداوار ۾ به پڻ اضافو ٿيندو جنهن سان کاڌو خوراڪ ۾ پڻ اضافو ٿيندو
ان بابت وڌيڪ ماهرين جو چوڻ آهي سج جي تيز ٽپش کي ڪنٽرول ۾ ڪري اسان گلوبل وارمنگ جي نقصانن کان محفوظ رهي سگهو ٿا جنهن سان مختلف جيوت جانورن جي پيدائش عمل ۾ اچي سگهي ٿي جيڪي انکان اڳ نه هئا.
ٻئي طرف مختلف ماهرن ان ڳاله کي رد ڪندي چئيو آهي
ان سان زمين ۾ ٿيندڙ سبزن کي نقصان ۾ ڪمي نه ايندي
۽ ڪجه ماهرين جو چوڻ آهي بيشڪ سولر جيو انجيئرنگ زمين جي تپش ۽ هيٽ اسٽروڪ کي گهٽ ته ڪندي ليڪن گڏوگڏ انجي ڪري فوٽوسينتهيس جو عمل به پڻ گهٽجي ويندو هي برڪلي فورنيا يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ هڪ تحقيق ۾ ٻڌائيو ويو
ان موقعي ته ماڻهن کي ٻڌائيو ويو ڪجه عرصو پهريان فضائي ۽ سائنسي ماهرن زمين جي تپش کي گهٽ ڪرڻ لاء مختلف تجاويزن پيش ڪيون هيون جيڪڏهن زمين جي مٿين ماحول ۾ سلفٽ ايروسولز کي لگائيو وڃي نه صرف مٿائن ماحول بلاڪ ٿي ويندو بلڪي سج جون شعاعون لهرن جي شڪل اختيار ڪنديون جنهن سان عملي طور تپش ۾ گهٽائي ٿيندي ۽ ممڪن آهي اسانجي سبزن ۾ اضافو پڻ ٿيندو
ڪافي بحث ڪرڻ کان پوئي ماهرين زمين ۾ ٿيندڙ سبزن کي سج جي تيز تپش سان ٿيندڙ نقصان کان بچڻ لاء ان ڳاله ته متفق ٿيا سڀ کان مناسب ۽ سڌو رستو اهيو آهي اسان ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ واري اخراج کي گهٽ ڪري فصلن سبزن جي سٺي نموني محفوظ پيداوار ڪري سگهون ٿا جنهن سان جيوت جانورن کي پڻ جيڪي خطرا لاحق آهن انهن ۾ رليف پڻ ملندو اهيو دنيا جي مستقبل لاء بهتر رهندو
ڪجه ماڻهن جو چوڻ آهي دنيا کي قدرتي سسڻم تي هلڻ گهرجي ان ۾ انسان مداخلت جو ڪو ڪم ناهي ته تاثر بلڪل غلط آهي اگر ائين هي هلڻو آهي ته مستقبل وجهو انساني زندگيون وڏي مصيبت ۾ اچي وينديون جيڪو انسان کي پنهنجي وجود کي بچائيڻ لاء ناممڪن ٿي ويندو