ايندڙ وقت جا ٽي وڏا جينياتي منصوبا - جين (32)
”دريا خان سنڌي“
"ٿورو ڏيکاريو تہ اوهان گاني جا سُر ڪيئن ورهائيندو؟ ان کان اڳ اهو ڏيکارڻو پوندو تہ اوهان ان ۾ فرق ڪري سگھو ٿا تہ ڪهڙو ورهائجي سگهجي ٿو ۽ ڪهڙو نہ، هڪ ڪلاسيڪل سنسڪرت نظم مان مشتق انساني جينيات اڳيان ٽي وڏا منصوبا آهن، ۽ ٽنهي جو واسطو فرق ڪرڻ، ورهائڻ ۽ پوءِ ٻيهر جوڙڻ سان آهي
پهريون منصوبو : انساني جينوم مان صحيح معلومات معلوم ڪرڻ آهي ان لاءِ شروعاتي وک هيومن جينوم منصوبو هو، جنهن ڪيترائي دلچسپ سوال پيدا ڪيا تہ آخر ٽي ارب نيوڪليوٽائڊ ڇا ڪوڊ ڪن ٿا؟ انهن مان ڪهڙا فنڪشنل حصا آهن؟ ظاهر آهي تہ ان ۾ اهي جين آهن جيڪي پروٽين ٺاهين ٿا، جن جو انگ 21 هزار کان 24 هزار جي وچ ۾ آهي پر ان سان گڏ ان ۾ ريگوليٽري جينز جو سلسلو بہ آهي، ۽ ڊي اين اي جا ڊگها حصا (انٽرونز) آهن، جيڪي جينز کي ماڊيولز ۾ ورهائين ٿا
ان ۾ ڏهوڻ هزار اهڙي آر اين اي ماليڪيول ٺاهڻ جي ڄاڻ بہ آهي، جيڪي پروٽين نٿا ٺاهين پر لڳي ٿو تہ سيل گهرڙي جي فزيالاجي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ڊي اين اي جون ڊيگهيون ويڪر، جن کي اڳ (جنڪ) ڊي اين اي سڏيو ويندو هو، بہ ان ۾ شامل آهن، پر امڪان اهو آهي تہ اهي بہ ڪيترائي اڃا اڻ ڄاتل ڪم ڪن ٿيون، اهڙا ڦيرُ ۽ تهون بہ آهن جيڪي ڪروموزوم جي هڪ حصي کي ٽن ڊيمينشنل جڳھ ۾ ٻئي حصي سان ڳنڍين ٿا، ڇا انهن جو بہ مطلب آهي؟ ۽ جيڪڏهن آهي تہ ڇا؟ هي اڃا اڻڄاتل آهي
انهن مان هر عنصر جو ڪردار ڄاڻڻ لاءِ هڪ بين الاقوامي مدد سان ڊي اين اي انسائڪلوپيڊيا منصوبو 2013ع ۾ شروع ڪيو ويو، جنهن مان آس آهي تہ اسان جينوم کي بهتر سمجهي سگهنداسين، حقيقت اها آهي تہ هن وقت انساني جينوم بابت اسان جي ڄاڻ گھڻي گھٽ آهي ۽ ٿورڙا ئي جين سڌيءَ طرح پڙهيا ويا آهن، ميڊيڪل جينيات ۾ ان منصوبي مان وڏا فائدا نڪري سگهن ٿا، ڇو تہ جينوم کي فنڪشنل طور ڄاڻڻ بيمارين کي ختم ڪرڻ جا نوان طريقا ڏئي سگهي ٿو.
اهڙي تحقيق سان نوان جينومڪ حصا ڳوليا ويندا ۽ ڳجهائين بيمارين جي سڃاڻپ ممڪن ٿيندي مثال طور، اڃا تائين اسان کي خبر ناهي تہ هاءِ بلڊ پريشر، ڊپريشن، شيزوفرينيا، موٽاپو، ڪينسر يا دل جي بيماري ۾ جينياتي ڄاڻ، طرزِ زندگي ۽ قسمت جو ڪهڙو ڪردار آهي، جينوم مان صحيح سڃاڻپ انهن بيمارين جي حل ڏانهن پهرين وک هوندي
ٻيو منصوبو: اهو آهي تہ جڙوان تي ٿيل مطالعي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو تہ جينز جو انساني سڀني خاصيتن ۾ ڪردار آهي ميڊيڪل، ذهني، ۽ روين سان لاڳاپيل سڀني ۾ پر انهن کي جينز ۾ ڳولڻ اميد کان گهڻو ڏکيو نڪتو آهي اهي جينياتي تبديليون جيڪي فرد تي وڏو اثر وجهن، انهن کي ڳولڻ سولو آهي، پر جڏهن جين گڏجي ۽ ڪيترن ئي تبديلي جي گڏيل اثر سان نتيجو ڏين، تہ اهو سڃاڻڻ ايترو سولو ناهي رهيو
پر گھڻو ڪري هي رنڊڪ بہ جلد ختم ٿي وڃي، هڪ تصوراتي تجربي تي غور ڪريو، جيڪو پهرين نظر ۾ ڏورانهون لڳي: فرض ڪريو تہ اسان هڪ لک ٻارن جو جينوم وٺون ۽ ان جي ڊيٽابيس ٺاهيون پوءِ انهن ٻارن جي "قسمت جو نقشو" ٺاهيون هر بيماري، هر غيرمعمولي نفسياتي رويو رڪارڊ ڪري الڳ ڊيٽابيس ۾ رکون اهو انساني "فينوم" جو نقشو ٿيندو
هاڻي تصور ڪريو تہ اسان وٽ هڪ ڪمپيوٽر انجڻ هجي، جيڪو انهن هڪ لک جينومز ۽ فينومز کي پاڻ ۾ ميلاپ ڪرڻ شروع ڪري، بگ ڊيٽا انالسس جانچ وسيلي اسان جينوم ۾ لکيل انساني فطرت جو ڪوڊ پڙهڻ شروع ڪري ڇڏينداسين
ان غيرمعمولي نقشو ٺاهڻ جو مطلب اهو ٿيندو تہ ان کي خالي بيمارين تائين روڪي نہ رکڻو پوندو، پر اهو ايترو وسيع ٿي سگهي ٿو جيترو اسان چاهيون، ڄمڻ وقت وزن، پهرين درجي واري اسڪول ۾ ڪارڪردگي، جواني وقت باغي مزاج، ٻانجائھپ، وچ عمر جو بحران، ڊپريشن، اک جو موتيا، منشيات جو استعمال، دل جو دورو، ننڍي عمر ۾ ڪينسر، گنجو ٿيڻ سڀ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو ڪمپيوٽنگ ٽيڪنالاجي، ڊيٽا اسٽوريج ۽ جين ترتيب ۾ تيزي سان ٿيندڙ ترقي سبب مستقبل ۾ اهو ممڪن آهي
پر، ياد رکڻ ضروري آهي تہ اهڙو منصوبو پاڻ سڀ ڪجھ نہ ٻڌائي سگهندو بيمارين ۽ قسمت بابت اڳڪٿي ۾ ماحول جو اثر يا ميڊيڪل مداخلت جو اثر شامل نہ هوندو، پر ان قسم جي مطالعي جي وڏي طاقت اها هوندي تہ اها بيماري کي ٻين سڀني پاسن کان ڌار ڪري سگهندي، اها ٻڌائي سگهندي تہ ڪهڙي ڳالھ ۾ ماحول جو ڪردار آهي ۽ ڪهڙي ۾ ناهي، ڪهڙي ڳالھ جينز جي قابو ۾ آهي، ڪهڙي قسمت ڄمڻ وقت ئي طئي ٿي چڪي، ڪيتري حد تائين طئي ٿي، ۽ ڪهڙي اڃا طئي ٿيڻ باقي آهي اصولي طور، ڪمپيوٽنگ پاور ۽ انسان گڏجي جينوم جي اڳڪٿي جي مڪمل طاقت سمجهي سگهن ٿا ۽ انهن ۾ فرق ڪري سگهن ٿا.
ٽيون منصوبو : جينز کي بدلڻ بابت آهي، تاريخ ۾ جين پهچائڻ جا طريقا گهڻو اثرائتا نہ هئا، نقصانڪار هئا، ۽ پنهنجي مرضي جي تبديلي انساني ايمبريو ۾ وجهڻ ناممڪن هئي
هاڻي اهي رنڊڪون گهڻو تڪڙو ختم ٿي ويون آهن وڏي حد تائين درستگي حاصل ٿي وئي آهي، ايتري تائين جو ڊي اين اي مان هڪ اکر هٽائي پنهنجي مرضي جو ٻيو اکر لکي سگهجي ٿو، ۽ باقي ٽي ارب اکرن کي هٿ لاهڻ جي ضرورت ناهي
اسٽيم سيل ٽيڪنالاجي، نيوڪليئر ٽرانسفر، ايپي جينيٽڪ ماڊوليشن ۽ جين ايڊيٽنگ جي طريقن سان انساني جينوم ۾ وڏي پيماني تي تبديليون ممڪن ٿي ويون آهن ٽرانس جينڪ انسان بہ پيدا ڪري سگهجن ٿا
اڃا تائين انهن ٽيڪنالاجيز جي مڪمل ڪارڪردگي ۽ درستگي بابت ڄاڻ گهٽ آهي ڇا هڪ هنڌ تي جين ۾ تبديلي ٻين هنڌن تي غير ارادي نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿي؟ ڇا ڪجھ جينوم حصا سولائي سان ايڊيٽ ٿيندا ۽ ڪجھ ڏکيا هوندا؟ جين جي لچڪ جو بنياد ڇا آهي؟ ۽ ڇا هڪ هنڌ تبديلي سان جينوم جي ڪارڪردگي متاثر ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن جينوم ۾ بٽر فلائي ايفيڪٽ عام آهي، تہ اها جين ايڊيٽنگ لاءِ هڪ بنيادي رڪاوٽ هوندي
ممڪن آهي تہ جين کي الڳ ۽ آزاد يونٽ سمجهڻ هڪ ڌوڪو ثابت ٿئي، ۽ اهي ڊسڪريٽ يونٽ اصل ۾ هڪ ٻئي سان وڌيڪ ڳنڍيل هجن، جيترو اسان اڄ سوچيون ٿا.
ان کان اڳ، اوهانکي ڏيکارڻو پوندو تہ اوهان فرق ڪري سگهو ٿا تہ ڪهڙو ورهائجي سگهجي ٿو ۽ ڪهڙو نہ.
هلندڙ...
جين جو منشور، تيرهن نقطن ۾ جين - (31)
https://www.facebook.com/share/p/1CdCEetG3y/
No comments:
Post a Comment