Wednesday 28 November 2018

سپر آئيونڪ آئيس جيڪا ساڳئي وقت سخت ۽ پاڻياٺ ٿئي ٿي۔

سپر آئيونڪ آئيس جيڪا ساڳئي وقت سخت ۽ پاڻياٺ ٿئي ٿي۔

تحقيق: ماريس ملاٽ ۽ ساٿي
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو

لارينس لور مور نيشنل ليبارٽري ڪيليفورنيا ۾ ڪم ڪندڙ فزڪس جي ماهرماريس ملاٽ ۽ ساٿين پاڻيء جو هڪ نئون قسم *سپر آئيونڪ واٽر* دريافت ڪيو آهي ۔ سپر آئيونڪ واٽر جي دريافت تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تحقيق جاري هئي ڇاڪاڻ ته سائنسدانن جو خيال هيو ته اهڙو پاڻي يورينس يا نيپچون گرهن جي تهن ۾ ٿي سگهي ٿو۔
فزڪس جي ماهرن سپر آئيونڪ واٽر کي پيدا ڪرڻ وقت وڏو دٻاء ڏئي انهيٻ کي لڳاتار طاقتور ليزر جو لهرون هنيون ويون۔ 
ماريس ملاٽ نيو يارڪ ٽائيمز کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سپر آئيوواٽر کي فطري طور تي ڌرتيء جي مٿاڇري تي پيدا نه ٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته انهيء جي لاء تمام گهڻو گرميء جو درجو ۽ دٻاء گهرجي ۔ هن تجربي جي لاء اسان تقريبن ٻه سال ماپون ٺاهيون ۽ وڌيڪ ٻه سال انهيء طريقه ڪار تي ڪم ڪري ڊيٽا جو تجزيو ڪيو۔
ماريس ملاٽ وڌيڪ چيو ته پاڻيء جي ماليڪيول ۾ هائڊروجن ۽ آڪسيجن جي ايٽمن جو ميلاپ V واري صورت ۾۾ هوندا آهن۔ هنن ايٽمن ۾ ڪمزور قوت موجود آهي جيڪا ٿڌي ٿيڻ تي ظاهر ٿئي ٿي اها انهن کي ڌڪي ڌار ڪري ٿي جڏهن پاڻي ڄمي 
ٿو۔ 
سپر آئيونڪ واٽر شديد گرميء تي پاڻيء جو بانڊ ٽٽي پوي ٿو جنهن جي ڪري آڪسيجن ائٽم ڪرسٽل بناوت ۾ ٿي وڃي ٿو ۽ هائڊروجن نيوڪلس يا آئنس انهن جي وچ ۾ وهڪرو پيدا ڪن ٿا جنهن جي ڪري سخت ۽ پاڻياٺ هڪ ئي وقت وجود ۾ اچن۔
ماريس ملاٽ وڌيڪ ٻڌايو ته سپر آئيونڪ واٽر کي پيدا ڪرڻ جي لاء  ڌرٿيء تي موجود گرميء کان ڏه لک دفعا مٿي گرميء جو درجو ڏئي ڪري پاڻيء کي ٻن هيرن جي تهن مان گذاري هڪ خاص قسم جي برف پيدا ڪئي ٿي وڃي جنهن کي VII برف سڏجي ٿو جيڪا ڪمري جي گرميء جي درجي تي سخت رهي ٿي۔ 
هڪ ڌار ليبارٽريء ۾ برف منهنجان ليزر شاڪ گذاري وئي جنهن جون لهرون سيڪنڊ جي 10کان 20 ارب حصي ۾ رهڻ جي نتيجي ۾ سپر آئيونڪ واٽر پيدا ٿي پيو۔

No comments:

Post a Comment