Wednesday 28 November 2018

ڪينسر سان جهيڙيندڙ نينو روبوٽ

ڪينسر سان جهيڙيندڙ نينو روبوٽ
                                       تحقيق—پروفيسر ملٽن گلڪ                                                         
                            ترجمو--- پروفيسر بِشير احمد سومرو                                                 
ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي ۽ نيشنل سينٽر فار نينو ٽيڪنالاجيءَ جي گڏيل سائنسدانن جي ڪوشش سان ڊي اين اي جو نينو روبوٽ ايجاد ڪيو آهي جيڪو ٽيومر ۽ ڪينسر جي ٻين قسمن جي جيو گهرڙن کي سسائي انهن جي رت جي سپلاءِ ڪٽي ٿا ڇڏين.                                                                 
سائنسدان پروفيسر ملٽن گلڪ نينو روبوٽ سان ٿيندڙ ڪينسر جي علاج جي حوالي سان ٻڌايو ته هيءَ ٽيڪنالاجي هڪ حڪمت عملي آهي جيڪا ڪيترن ئي قسمن جي ڪينسر جي خلاف استعمال ڪري سگهجي ٿي جنهن جو هڪ سبب هي به آهي ته کاڌي پهچائڻ واريون رت جون ناليون لازمي طور تي ساڳيون ئي آهن. هن قسم جي ڪامياب ٽيڪنالاجيءَ جو پهريون ڀيرو ٿڻائتن جانورن مان ڪوئن تي ڪيو ويو آهي خاص طور تي انهن ڪوئن تي جن کي بريسٽ (ٿڻ)، ميلينوما، ٻچيداني ۽ ڦڦڙن جي ڪينسر هئي تي اڀياس ڪيو ويو آهي.
سائنسدان يان جيڪ هن تحقيقي جٿي جو حصو آهي جو چوڻ آهي ته ڊي اين اي جو نينو روبوٽ هڪ ايٽمي اسڪيل تي جوڙيو ويو آهي جيڪو گهڻي کان گهڻيون پيچيده بناوتن ٺاهڻ جي قابل آهي. هن نينو روبوٽ جون سرون ڊي اين اي مان ٺهن ٿيون جيڪي پنهنجو پاڻ سڀني صورتن ۽ ماپن ۾ ويڙهي سگهي ٿو. هي نينو انساني وار جي ماپ کان هڪ هزار دفعا ننڍو آهي. هي نينو روبوٽ هن اميد سان ايجاد ڪيو ويو آهي ته اهي هڪ ڏينهن ڪمپيوٽنگ، اليڪٽرانڪس ۽ ميڊيسن ۾ انقلاب آڻي ڇڏيندا. هن ايجاد ساڳئي وقت تي سائنس جي هڪ برانچ (شاخ) ميڊيسن ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي يعني نينو ميڊيسن جنهن جو اهم مقصد اهڙين بيمارين جو علاج ڳولهي ڪڍڻ جن ۾ ننڍڙا ماليڪيول يا پارٽيڪلس ملوث ٿين ٿا جهڙيءَ طرح سان ڪينسر جهڙي پيچيده بيماريءَ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم اچي سگهي ٿي.
هي نينو روبوٽ هڪ سڌي ۽ مستطيل ڊي اين اي جي تبديل ٿيل شيٽ (چادر) جيڪا 90 باءِ 60 چورس نينو ميٽرن جي ماپ جي آهي ۽ انهيءَ شيٽ جي مٿاڇري کي رت کي ڄمائيندڙ انزائيم (رطوبت) ٿرامبن لڳايو ويو آهي جنهن جي ڪري ڊي اين اي جو هڪ چبوترو ٺهي وڃي ٿو ۽ علاج ڪرڻ وقت اهو هڪ سڌي شيٽ يا مختلف ماپ يا شڪل ۾ تبديل ٿي ڪري ڪينسر جي جيو گهرڙن کي ختم ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو

No comments:

Post a Comment