Wednesday 28 November 2018

جنيٽڪلي ايڊٽ ٿيل ٻار

جنيٽڪلي ايڊٽ ٿيل ٻار 

.تحقيق  ڪندڙ: ڊاڪٽر ھي جيانڪيوئي
ترجمو: پروفيسر بشير احمد سومرو

جڏهن کان سائنسدانن ڪرسپر ( ڪلسٽرڊ ريگيولرلي انٽ اسپيسڊ شارٽ پيلنڊرامڪ رپيٽس) ھڪ طاقتور جين ايڊٽنگ ٽيڪنڪ سائنس جي تحقيقي ميدان ۾ آندي آهي تڏهن کان وٺي اھي محتاط ھيا ته ڪٿي اھو  ڏينهن نه اچي وڃي جو ڪاٽو سوچ وارا سائنسدان جنيٽيڪلي الٽرڊ (جينياتي تبديلي) انسان نه پيدا ڪري وجهن ـ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن انهيء ٽيڪنڪ  تي بندش لڳائي ڇڏي آهي ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ انهيء ٽيڪنالاجيء جو غلط استعمال ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ پيدا ٿيندڙ ھر ٻار جو ھر عضوو يا خاصيت تبديل ٿي سگهي ٿي جيئن اک جي رنگ کان وٺي ذھانت تائين ـ
اھا گھڙي جنهن جو خوف ھيو  سا نيٺ اچي وئي يعني چين جي سائنسدانن اعلان  ڪيو آهي ته انهن دنيا ۾ پھريون  دفعو جنيٽيڪلي ايڊٽ ٻار پيدا ڪيا آهن, جاڙيون ڇوڪريون جيڪي ھن مھيني ۾ ئي پيدا ٿيون آهن ـ
تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر ھي جيانڪوئي چيو ته ھن جين کي ايمڀريو ۾ الٽر ( تبديل) ڪيو ھيو, پر ماء جي ڳھڻ ۾ رکڻ کان اڳ ۾, جين الٽر ڪرڻ جو مقصد ھي ھيو  ته جيئن ٻارڙين جا جسم ھيومن اميونو ڊفيشنسي وائرس (ايڇ آء وي) جي انفيڪشنس جي مزاحمت  ڪري سگهن ـ 
ڊاڪٽر جيانڪوئيء جي ھيء نئين ريسرچ  ڪنهن به سائنسي جنرل  ۾ نه شايع ٿي آهي ۽ نه وري ڪا ڊيٽا  شيئر ڪئي اٿس ته جيئن انهيء کي ثابت ڪري سگهجي ـ پر جيڪي ڊاڪٽر جيانڪوئيء جي اڳئين ڪم مان واقف آهن اھي محسوس ڪن ٿا ته جنيٽڪلي ايڊٽنگ وارو ٻار ممڪن ٿي سگهي ٿو ـ
ڪيليفورنيا يونيورسٽيء جي جين ايڊٽنگ جي ماھر ڊاڪٽر اليگزينڊر مارس ھن تازي تحقيق  تي پنهنجي راء ڏيندي چيو ته جنيٽڪلي ايڊٽنگ وارو ٻار جو تصور به خوف وارو آهي ـ ساڳيء طرح سان چين جي سائنسدانن پڻ ڊاڪٽر جيانڪوئي جي ھن تحقيق  تي پڻ شديد تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو اٿن ته ھي ھڪ چريائپ وارو ڪم آهي جنهن سان دنيا جي اندر چين جي سائنسي ساک کي شيھو رسندو ـ

No comments:

Post a Comment