Monday 26 November 2018

زلزلا Earthquakes

Earthquakes                                                       زلزلا

"دريا خان سنڌي"

دنيا ۾ هر وقت  ڪٿي نہ ڪٿي زلزلا اچن ٿا جن مان گهڻو ڪري شدت ۽ گهٽتائي وارا هجن ٿا. شدت وارا زمين کي نقصان پھچائن ٿا جنھن سان تباهي جا منظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
سوال اُهو آهي آخر زلزلا اچن ڇو ٿا؟
هاڻي اچو تہ انهن جو جواب حاصل ڪريون. اوھان ڏٺو هوندو 2 گاڏيون جڏهن هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ جي صورت ۾ اڳتي پوئتي ٿي وينديون آهن. جيڪا گاڏي مضبوط هوندي اها ڪمزور گاڏي کي گهڻو نقصان پهچائي ٿي.
ڪڏهن ڪڏهن تہ هڪ ٻئي جي مٿان بہ چڙهي وينديون آهن بلڪل ائين ئي زمين هيٺ مسلسل ٿيندو رهندو آهي. ھتي گاڏي نہ پر زمين جا حصا هڪ ٻئي کي ڌڪن ٿا.
زمين سياري جي جنھن حصي ۾ پاڻ رهون ٿا انکي اڙدو ۾ قشر ارض انگريزي ۾ Crust سنڌي ۾ زمين جو تھ چئبو آهي جيڪا زمين جي مٿاڇري جي هيٺان سنھي هجي ٿي
جيئن هيٺ تصوير ۾ ڄاڻايل آهي 
جيڪا ٽڪڙن ۾ ٿئي ٿي ان کي سائنس ۾ ٽيڪٽونڪ پليٽ چيو ويندو آهي.
زمين هيٺ جيڪي
( ٽيڪٽونڪ پليٽون Tectonic plates) هڪ ٻئي سان گڏوگڏ آهن ان مقام کي پليٽ بائونڊري چئبو آهي.
ڇا اوهانکي خبر آهي؟ هي ٽيڪٽونڪ پليٽون وڏيون هجن ٿيون ايتريون جو هڪ پليٽ لکن ڪلوميٽر تائين هجي ٿي. جيڪي ساڪن نظر ۾ اينديون آهن دراصل اهيئي حرڪتن ۾ هجن ٿيون جن جو اندازو اسان نٿا لڳائي سگهون. جنھن پليٽ تي انڊيا ۽ پاڪستان موجود آهي انکي انڊين پليٽ چئبو آهي.
اهڙي طرح ٻين پليٽن جا مختلف نالا رکيل آهن جيڪي سست رفتاري سان هڪ ٻئي سان ٽڪرائبيون آهن. جڏهن هڪ ڪمزور ٿي وڃي ٿي تہ پوءِ اهائي ٽٽي پوي ٿي ۽ هڪٻئي کان ڌار ٿيڻ وقت زمين جو مٿانھون حصو متاثر ٿي هيٺ هليو ويندو آهي. ڪٿي اهيئي پليٽون هڪ ٻئي مٿان بہ اچن ٿيون
انهن لھرن کي ماهر سيسموگراف ذريعي ريڪارڊ ڪندا آهن.

زلزلا ڪيئن ۽ ڇو ايندا آهن
زمين جي ٻاهرين چادر اندروني طور مختلف پليٽن تي مشتمل آهن جڏهن زمين جي اندروني جڳھ ۾ موجود ڳريل مادو جنھن کي جيولوجي جي زبان ۾ ميڳما Magma چئبو آهي، ميڳما ۾ ڪرنٽ پيدا ٿيندو آهي تہ هي پليٽون بہ ان جي جهٽڪي سان حرڪت ۾ اچي وينديون آهن ڄڻ تہ ڪنويئر بيلٽ تي رکيل هجن. ميڳما انهن پليٽن کي گسڪائڻ ۾ اينڌن جو ڪم ڪندو آهي. هي پليٽون هڪ ٻئي ڏي سرڪن ٿيون، مٿي، هيٺ يا جهولي ڀر اچي وڃن ٿيون يا انهن جو درمياني فاصلو وڌي ويندو آهي. زلزلا يا آتش فشاني عمل انهن علائقن ۾ ٿيندو آهي جتي پليٽن جا جوڙو Joint تي ھجي. ارضي پليٽن جي حالت ۾ فوري تبديليءَ سان سطح ۾ ڏار يا فالٽ Fault پيدا ٿي وڃن ٿا جن ۾ پيدا ٿيندڙ لرزش سان زلزلا اچن ٿا. اندورني زمين جتي ميڳما جي مقام تي دٻاء جا نشان ٺھن ٿا. ان محور Focus ۽ انجي مٿئين مقام کي جتي ان جهٽڪي جا فوري اثر پون ٿا، ان کي زلزلي جو مرڪز Epicenter چيو ويندو آهي. زلزلي جون لھرون پاڻي ۾ ڪرندڙ پٿرن جي لھرن وانگر دائري جي شڪل ۾ چئني پاسن ڪاھ ڪنديون آهن. انهن سان ٿيندڙ تباھي جو تعلق جهٽڪن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت، فالٽ يا ڏارن جي نوعيت، زمين جي ساخت ۽ تعميرن جي معيار تي هجي ٿو.
جيڪڏهن زلزلو زمين جي تھ ۾ اچي تہ ان سان پيدا ٿيندڙ وڏيون لھرون پوري رفتار سان چئني طرف هلنديون آهن ۽ ساحلي علائقن ۾ گهڻي تباهيءَ آڻينديون آهن. زلزلا ٻن قسمن جا ٿين ٿا. قدرتي سبب ڪري ايندڙ زلزلن کي ٽيڪٽونڪ  Tectonic earthquakes زلزلا چئبو آهي ۽ انساني سرگرمين ڪري ايندڙ زلزلن کي نان ٽيڪٽونڪ   Non Tectonic earthquakes چئبو آهي. ٽيڪٽونڪ زلزلا گهڻي شدت وارا ٿي سگهجن ٿا، جڏهن تہ نان ٽيڪٽونڪ عام طور تي معمولي شدت جا هجن ٿا. ھڪ ئي زلزلي جو مختلف علائقن ۾ اثر مختلف ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪنھن علائقي ۾ گهڻي تباهي اچي ٿي گڏوگڏ ٻيا علائقا محفوظ رهن ٿا ۽ زلزلي جو لھرون 25 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان وڌن ٿيون جنھن سان نرم مٽي ۽ ريتي وارن علائقن ۾ گهڻي تباهي آڻيندڙ ڪارڻ ٿين ٿيون.
زلزلن جي شدت جو اندازو ريڪٽر اسڪيل سان معلوم ڪيو ويندو آهي جڏهن تہ ظاهر ٿيندڙ تباهي جي شدت جو پتو مرڪلي اسڪيل Mercally Intensity Scale سان ماپيو وڃي ٿو. زلزلا سمنڊ جي تھ ۾ توڙي موجود زميني سطح تي بہ پيدا ٿيندا آهن ۽ حقيقتن سڀ کان گهڻا زلزلا سمنڊ جي تھ ۾ ئي پيدا ٿين ٿا. هوائي زلزلن يعني سونامي سان سمنڊ ۾ وڏيون لھرون پيدا ٿين ٿيون 
انهيءَ مان گهڻا هڪ 100 ميل کان وٺي 200 ميل ڊگهائي تائين پکڙجي ويندا آهن، جڏهن تہ انهن جي اوچائي 40 فٽ تائين هجي ٿي. هي لھرون ساحل تائين پھچنديون آهن تہ ساحل کان گذر ڪري خشڪي ڏي سيلاب وانگر داخل ٿين ٿيون ۽ وڏي تباهي بربادي آڻينديون آهن.
دنيا جا اھي خطا جتي زلزلا گهڻو پيدا ٿيندا آهن بنيادي طور تي اھي 3 پٽين Belts تي مشتمل آهن.
 پھرين پٽي جيڪا مشرق کان هماليا جي پھاڙن سان مليل آهي، انڊيا ۽ پاڪستان جي شمالي علائقن ۾ هماليا جي پهاڙن کان ٿيندي افغانستان، ايران ۽ ترڪي کان گذرندي براعظم يورپ ۽ يوگوسلاويا کان فرانس تائين يعني ڪوھ ايلپس تائين پھچي وڃي ٿي. 
ٻي پٽي براعظم شمالي آمريڪا جي مغربي ڪناري تي واقع الاسڪا جي پھاڙي سلسلن کان شروع ٿيندي ميڪسيڪو کان گذر ڪندي براعظم جنوبي آمريڪا جي مغربي حصي ۾ واقع مالڪن ڪولمبيا، ايڪواڊور ۽ پيرو کان ٿيندي چلي تائين پهچي ٿي.
جڏھن تہ ٽين پٽي براعظم ايشيا جي مشرق تي موجود جاپان کان شروع ٿيندي تائيوان کان گذرندي جنوب ۾ واقع جزائر فلپائن، برونائي، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تائين پھچي ٿي.
دنيا ۾ 50 فيصد زلزلا ڪوه هماليا، روڪيز ماونٽين ۽ ڪوه اينڊيز ۾ پيدا ٿين ٿا ۽ هي ٽئين پھاڙي سلسلن جي مٿان بيان ڪيل پٽين ۾ ئي واقع آهن.
تقريبن 40 سيڪڙو زلزلا، براعظمن جي ساحلي علائقن ۽ ان جي ويجهڙ ۾ پيدا ٿين ٿا.
۽ جڏهن تہ ٻيا 10 فيصد زلزلا دنيا جي انهن علائقن ۾ اچن
ٿا جيڪي نہ تہ پهاڙي آهن نہ ئي ساحلي آهن

No comments:

Post a Comment