Tuesday 27 November 2018

حياتي ڇا آهي؟

حياتي ڇا آهي؟
"ڊاڪٽر محبت ٻُرڙو"

ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته حياتي ”ساهه“ (”جان“، ”روح“) جي ڪري آهي. اهو ”ساهه“ ئي آهي جيڪو ڪنهن شيءِ کي جيئرو رکي ٿو يعني ان ۾ حياتيءَ ڀريو عمل پيدا ڪري ٿو ۽ جڏهن ”ساهه“ بت مان نڪري وڃي ٿو، تڏهن جسم ”مري“ وڃي ٿو  جسم فاني آهي ۽ ”روح“ (ساهه) امر آهي (”ساهه“ تي ٿوري دير کان پوءِ وڌيڪ تفصيل سان سوچينداسين).
سائنس (سڄاڻ) انهيءَ ڳالهه کي غلط ثابت ڪيو آهي.
حياتي ڪنهن به جسم ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ ٺاهه ٺوهه (ڀڃ-گهڙ) جو اهو عمل آهي جنهن وسيلي هر انگ، هر عضوو پنهنجو پنهنجو مخصوص ڪم ڪري ٿو (ان مخصوص ڪم ۾ گهاٽي-واڌي جو نالو آهي بيماري).
وائرس (جيتامڙي) بابت اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه ٻُڌ سڌ هوندي. وڏي ماتا، ننڍي ناتا، ارڙي، پوليو، مَلي وغيره نالي بيماريون مختلف قسمن جي جيتامڙن سبب پيدا ٿين ٿيون. سائيءَ (ڪامڻ، يرقان) جو هڪ خاص قسم به خاص قسم (حقيقت ۾ ٽن قسمن) جي جيتامڙي (وائرس) وسيلي پيدا ٿيندو آهي. ڇتي ڪُتي جي چڪ سبب پيدا ٿيندڙ بيماري (پاڻيءَ کان ڊڄ جي بيماري، ڇتڪتائي) به هڪ قسم جي وائرس سبب پيدا ٿيندي آهي، جيڪو ڇتي ڪتي جي گِگ ۾ موجود هوندو آهي ۽ چَڪ سبب ٺهيل گهاءَ (زخم) ۾ ڳڙي جذب ٿي ويندو آهي.
انهن سمورن وائرسن ۾ جيوُ، حياتيءَ، ساهه وارو عمل رڳو تڏهن شروع ٿئي ٿو جڏهن اهي ڪنهن مخصوص قسم جي ماحول (جيو-گهرڙي، جيو-گهرڙن جي جهڳٽي) ۾ پهچن، نه ته ٻيءَ حالت ۾ اهي ”مئل“ هوندا آهن، انهن ۾ حياتيءَ جو ڪو به عمل نه هوندو آهي، انهن ۾ ”ساهه“ نه هوندو آهي  اهي رڳو هڪ ”مئل“ مادو (بُت) هوندا آهن.
جيئن ئي اهي وائرس پنهنجي مخصوص ماحول ۾ پهچن ٿا تيئن ئي انهن ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل شروع ٿي وڃي ٿو ۽ ڊاڪٽر انهن کي جيئرو سمجهي ٿو.
ڪيترائي ”جيئرا“ ماڻهو ”مئل“ سمجهي دفن ڪيا ويندا آهن! جيڪڏهن توهان کي اها سڌ نه هجي ته ڪنهن ڊاڪٽر کان پڇي ڏسو. خاص طرح اها ويڌن ٻُڏل، گُهٽو آيل (گهٽيل)، ٻوسٽ چڙهيل (ٻوساٽيل) ۽ دل جو دورو پيل (دوريل) ماڻهن سان ٿيندي آهي. عام ماڻهوءَ کي اهڙن ماڻهن ۾ حياتيءَ (ساهه، روح، جان، جيوَ) جي ڪا به نشاني نظر نه ايندي آهي تنهنڪري انهن کي مئل سمجهي پُوري ايندا آهن.
ٿي سگهي ٿو اهڙن مان ڪيترن ئي ماڻهن کي اوهان پاڻ ئي ”وري جيئرو“ ٿيندي ڏٺو هجي. سڪرات کان پوءِ، ڪفن ڏيڻ کان پوءِ ۽ ڪن حالتن ۾ ته دفنائڻ لاءِ نيئندي ڪيترا ئي ماڻهو جيئرا ٿي پوندا آهن. ڇو؟
ماڻهو مري ويندو آهي ته به سندس جسم عام طرح ڇهن ڪلاڪن تائين ڪوسو رهندو آهي. ڇو؟ مري ويل ماڻهو ته هڪدم ٺري وڃڻ گهرجي! مئل ماڻهو هوري هوري ڇو ٿو ٺري؟
اهو انهيءَ ئي ڀڃ-گهڙ جي عمل سبب آهي. هڪ ڊاڪٽر جسمي موت ۽ حياتياتي موت ۾ فرق ڪندو آهي. هر اهو ماڻهو جنهن جي نبض محسوس نه ٿي ٿئي، هوا (ساهه) کڻي ۽ ڪڍي ڪو نه ٿو، دل جو دڙڪو ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي، ڏسي نه ٿو، ٻڌي نه ٿو، چُري پُري ڪو نه ٿو. اهو هروڀرو مئل (بي ساهه، بي جان، بي روح) ناهي. ماڻهو (ساهوارو) مئل تڏهن آهي جڏهن ان ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل بيهجي وڃي. ٻڏل، گهٽيل، ٻوساٽيل، دوريل ماڻهو جيتوڻيڪ ساهه نه کڻندا آهن، دل نه ڌڙڪندي اٿن، چرپر نه ڪندا آهن، ڏسي، ٻڌي نه سگهندا آهن (عام معنائن ۾ مئل هوندا آهن) تڏهن به سندن جسم ۾ اهو ڀڃ-گهڙ جو عمل هلندو رهندو آهي. توهان ڏٺو هوندو ته اهڙي ”مئل“ ماڻهوءَ کي گهڻو ڪري ڊاڪٽر دل واري جاءِ تي چڱي زورائتي مڪ (ٺونشو) هڻندا آهن ۽ ٻه ٽي چار ڀيرا سٽڪو ڪڍندا يا وري سڌو دل ۾ سُئي هڻندا آهن. ڇا بيمارين جو ماهر، هڪ ڊاڪٽر ايڏو اٻوجهه، اڄاڻ، بي رحم ۽ ظالم ٿي سگهي ٿو جو ويرُ نه دشمني، اجايو، خوامخواه هڪ ”مئل“ ماڻهوءَ کي مُڪون يا سُيون هڻڻ شروع ڪري ڏي!؟
جڏهن ڊاڪٽر کي حياتياتي ڀڃ ڊاهه جي ڪا به نشاني سُجهندي آهي تڏهن ئي هو مُڪ يا سُئي هڻندو آهي  ٿي سگهي ٿو ته دل جو ڌڙڪو ۽ ساهه جو سرشتو بحال ٿي وڃي.
جڏهن حياتياتي ڀڃ گهڙ جو عمل ايترو سگهارو ٿي پوندو آهي جو دماغ، دل، ساهه-سرشتي وغيره کي پنهنجي معمول تي آڻي سگهي ته ”مئل“ ماڻهو ”وري جيئرو“ ٿي پوندو. ”لاش“ ۾ ساهه پوڻ جو حقيقي سبب اهو ئي آهي.
”موت“ کان پوءِ عام طرح ”مئل“ ماڻهو (لاش) جو جسم ڇهن ڪلاڪن ۾ ٺرندو آهي. لاش هڪدم ڇو نه ٿو ٺري؟ ڪو ماڻهو چئي سگهي ٿو ته موسمي اثر ڪري ٺرندو آهي، پر اها ڳالهه سچ ڀَري ناهي. موسم ڪوسي هوندي ته لوهه ڪوسو ٿيندو ۽ موسم (جاءِ) ٿڌي هوندي ته لوهه ٿڌو ٿيندو، پر لاش هر حالت ۾ ٺري ويندو آهي  ڪمرو ڪوسو هجي يا ٿڌو. 
ان ڪري، روح ”نڪري“ وڃڻ باوجود جسم ۾ ڀڃ-گهڙ جو عمل هلندو رهندو آهي، جيڪو هوري هوري هيڻو ٿي بيهجي ويندو آهي. اهو ڀڃ گهڙ جو عمل جيئن جيئن هيڻو ٿيندو ويندو تيئن تيئن جسم (لاش) ٺرندو ويندو.
توهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته مادي ۾ چرپر موجود آهي. چرپر جون ڌار ڌار شڪليون  طبعي، ڪيميائي، مشيني، حياتياتي، سماجي وغيره  آهن ۽ مادو چرپر کان سواءِ يا چرپر مادي کان سواءِ ٿي نه ٿي سگهي. راهه ۾ پٿر پيل آهي ته اهو جيتوڻيڪ ظاهري طرح ڪا به چرپر ڪو نه ٿو رکي، پر حقيقت اها آهي ته ان ۾ مشيني ۽ ڪيميائي چرپر جون ڪيتريون ئي حالتون موجود آهن. پٿر ڌرتيءَ تي آهي تنهنڪري اهو ڌرتيءَ واري چرپر جو حصو ٿي پوي ٿو يعني ڌرتيءَ جي پنهنجي محور (وچ) چوڌاري لاٽونءَ جهڙي چرپر ۽ ڌرتيءَ جي سج چوڌاري چرپر (۽ سج وري ڌرتيءَ ۽ پنهنجن ٻين سيارن سميت ڪائنات ۾ گس جي حصي طور ڦرندو رهي ٿو).پٿر مختلف قسمن جي ايٽمن يا ماليڪيولن جو ٺهيل آهي تنهنڪري ايٽمي، اليڪٽراني وغيره چرپر ان اندر موجود آهي ۽ ان جي ڪري پٿر ڳار، ڀور جو شڪار ٿئي ٿو. ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ساهواري ۾ اهي سڀ چرپرون ته موجود آهن پر هن ۾ ”ساهه ڀريون“ (”حياتيءَ ڀريون“، ”جيوَ ڀريون“، ”جاندار“) چرپرون به موجود آهن جن ۾ ساهه کڻڻ، دل ڌڙڪڻ، سوچڻ، انگن ۽ غدودن جا ڪم، رت جو وهڪرو، جيو-گهرڙن جو ڀڄڻ ۽ ٺهڻ، کُٽڻ ۽ وڌڻ، گئسن جو (آڪسيجن، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ وغيره جي صورت) جذب ۽ نيڪال ٿيڻ وغيره شامل آهن.
توهان کي اها به خبر آهي ته آڪسيجن ۽ هئڊروجن گئسون هڪ مخصوص حالت ۾ ملي، ڪيميائي عمل (يا چرپر) ڪري پاڻي ٺاهينديون آهن. ٻنهي گئسن جي خوبين ۽ پاڻيءَ جي خوبين ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. هئڊروجن گئس پاڻ ٻري ٿي، آڪسيجن ٻرڻ ۾ مدد ڏي ٿي، پر پاڻي عام حالت ۾ باهه وسائي ڇڏي ٿو. آڪسيجن جا ٻه ۽ ڪاربان جو هڪ ايٽم هڪ مخصوص ماحول ۾ ملي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ٺاهيندا آهن  هر هڪ جون خاصيتون ڌار ڌار آهن: آڪسيجن عام حالت ۾ جياپي لاءِ اهم آهي ۽ ڪاربان بي اثر، جڏهن ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ زهريلي، پر جيڪڏهن آڪسيجن جو هڪ ۽ ڪاربان جو هڪ ايٽم ملي پون ته ڪاربان مونو آڪسائيڊ گئس ٺهي پوندي، جيڪا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کان به وڌيڪ زهريلي ۽ ماريندڙ آهي.
سلفر (گندرف) ۽ آڪسيجن جا ايٽم مخصوص حالتن ۾ هڪ ٻي سان ملي گندرف جو تيزاب ٺاهيندا آهن. گندرف، آڪسيجن ۽ گندرف جي تيزاب مان ٽنهي جي خاصيتن ۾ ڪا به هڪجهڙائي ناهي. ماڻهو صاف سٿرو کائي ٿو، جنهن ۾ به ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ظاهر ٿين ٿيون جيڪي ماڻهوءَ جي بُت جي گهرج ناهن، ۽ اهي ڦوڳ جي صورت ۾ نڪري وڃن ٿيون، پر ڦوڳ سان گڏ پيٽ مان ”هوا“ (ريح) به خارج ٿئي ٿي جنهن ۾ ڏاڍي ڌپ هوندي آهي  ان گئس جو نالو آهي سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ اها پيٽ ۾ ٿيندڙ ڪيميائي عملن جو نتيجو هوندي آهي. وڏي ڳالهه اها ته سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ سلفر (گندرف) جي تيزاب جي بناوت ۾ رڳو ٻن آڪسيجن ايٽمن جو فرق آهي.
جُهــڙ (ڪڪرن) ۾ گهميل دُونهي کان سواءِ ڪجهه ناهي پر پوءِ به ان جي اڳيان پٺيان، هيٺان مٿان پکڙيل ذرڙا جڏهن هڪ ٻي سان ٽڪر يا گاٺ کائن ٿا تڏهن نه رڳو گاج، ڪڙڪو ٿئي ٿو، پاڻي ٺهي ٿو پر کنوڻ (وڄ) ۽ ڳڙو (برف) به ٺهي پون ٿا.
بنيادي عنصر 110 آهن، پر انهن جي مختلف نمونن سان مختلف حالتن ۽ ميلاپ سبب ڪروڙين قسمن جا ڪيميائي مادا ٺهيل آهن ۽ ٺهندا رهن ٿا.
ڌرتي سج جو ڇِڳل ٽڪرو آهي. سائنسي ڪاٿي موجب اهو 10-کرب سال اڳ ٽٽي ڌار ٿيو ۽ هوري هوري ٺرندو رهيو. نيٺ ان تي پاڻي، خشڪي، ڪڪر، کنوڻ، هوائون، آنڌاريون، ڪڙڪا، ڪوسايون، ٿڌايون، ڇوليون، ڇوهه... گهڻو ڪجهه موجود ٿي پيو  مختلف عنصر ملندا، ٽٽندا، جڙندا، بدلبا ۽ نيون خاصيتون وٺندا رهيا. اهڙي ئي ماحول ۾ ڪنهن زماني ۾ هڪ خاص قسم جو وڏو ڳتيل ڪيميائي مادو ٺهيو جنهن کي امائنو ايسڊ سڏجي ٿو. ان جي بنيادي بناوت ۾ ڪاربان، آڪسيجن، نائٽروجن، هئڊروجن جا ايٽم ئي آهن، جن جي ڳڻپ ۽ اڏاوت مخصوص آهي.
امائنو ايسڊ اهو پيڙهائتو پٿر آهي جنهن جو خاصيتون هڪ مخصوص ماحول ۾ حياتيءَ ڀريون ٿي پون ٿيون. وائرس پنهنجيءَ بناوت ۾ امائنو ايسڊ ئي آهي. جن حالتن ۾ اهو امائنو ايسڊ ٺهيو، سائنسدان ان جي تخليق ڪري رهيا آهن ۽ سوڀ ويجهو پهچي چڪا آهن. سائنسدان اڄ ٽيسٽ ٽيوب ٻار ٺاهي، ڄڻي، پالي چڪا آهن. مخصوص جسماني بناوت رکندڙ مردن کي عورت ۽ مخصوص بناوت رکندڙ عورتن کي مرد ٺاهي سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته اسان مان سوين جيئرا ئي هجن جو ”حياتي (جيوُ) ٺهي پوي“.
هر ساهوارو مادي جو ٺهيل آهي. ساهواري جي جسم کي ڀڃي عنصرن ۾ ورهايو ويندو ته اهو ٻيو ڪجهه نه هوندو سواءِ ڪاربان، آڪسيجن، هئڊروجن، نائٽروجن وغيره جي. انهن ئي عنصرن جي مخصوص ميلاپ نراليون خاصيتون رکندڙ نوان نوان ڪيميائي مادا ٺاهيا ۽ وري مخصوص قسمن جي ڪيميائي مادن جي مخصوص ميلاپ مخصوص ماحول ۾ هڪ نئين قسم جي وڏي ڪيميائي مادي کي جنم ڏنو جنهن ۾ نوان گڻ هئا ۽ انهن نون گڻن جو نالو آهي حياتي (جيءُ، جان، جياپو، روح). }مون کي خبر ناهي ته مُلي جي تشريح وارو روح ماڻهن کان سواءِ ٻين ساهوارن  گهوڙن، گڏهن، ڪتن، ٻلن، نانگن، وِڇن (ڀٽن)، جيوڙن، جيتامڙن ۽ وڻن، ٻوٽن، گاهن وغيره ۾ موجود آهي يا نه. البت اڄ ڏينهن تائين ڪٿي به اهو نه پڙهيو اٿم ته وڻن ۾ روح آهي، ٻوٽن ۾ روح آهي، ڪڻڪ ۽ سرنهن جي تيلي تيلي ۾ روح آهي. {سائنس جي ٻوليءَ ۾ وڻ، ٻوٽا، گاهه، اناج ۽ جيت جڻيا، جانور وغيره سڀ ساهوارا آهن.
نئين ٺهيل ڪيميائي مادي ۾ حياتياتي ڀڃ-گهڙ جو عمل موجود هو، پر ان ۾ اولڙو ڪرڻ جي خاصيت به وڌيڪ هئي. حياتياتي ڀڃ-گهڙ جي عمل وسيلي هن ردي، پراڻين، ڦوڳ ٿي ويل شين کي جسم مان خارج ڪيو پئي ۽ سٺا، نوان، کاڄ ڏيندڙ جزا جذب ڪري جسمن جو حصو بنايو پئي ۽ اولڙي ڪڍڻ جي خاصيت غير جاندار مادي جيان بي وس نه رهي، پر وس واري يا ڦڙتيلي هئي. غير جاندار مادو پنهنجي ڪيميائي ۽ طبعي جوڙجڪ جي بقا ۽ واڌاري لاءِ ماحول جي چڱن ۽ لڱن جزن ۾ فرق ڪري نه سگهندو هو، پر هاڻي چڱي ۽ لڱي جي وچ ۾ فرق ڪري سگهيو پئي.
ڀڃ-گهڙ جي عمل جيان جيوارو اولڙو به سادڙي ساهواري ۾ گهٽ معيار يا درجي جو ٿئي ٿو. جيوارو اولڙو حقيقت ۾ جيئري جيوَ پاران ڪنهن به ٻاهرين يا اندرين عمل يا اثر (جيئن ڪوساڻ، ٿڌاڻ، اوندهه، سوجهري، ڇهاءُ، سوڪ، آلاڻ، بک، اڃ وغيره) جو موٽ عمل هوندو آهي. جيوُ پنهنجي دشمن کان ڀڄي پري ٿئي ٿو ۽ کاڄ ويجهو وڃي ٿو، پر جڏهن جيوُ ڍاول آهي تڏهن ڪو به لذيذ کاڌو کيس هرکائي نه ٿو سگهي. ان عمل وسيلي جيوارو پنهنجي ماحول سان مطابقت، هڪ ڪرائي، ٺاهه، پرچاءُ ڪري ٿو ۽ ان ۾ ئي سندس بقا، بچاءُ ۽ سرجاءُ آهي.
جيوڙو، سادو ساهوارو مختلف قسمن جي اثرن ڏانهن موٽ عمل مجموعي طرح پنهنجي سڄي وجود جي چرپر، ڦڙڦوٽ يا مڇرجڻ وسيلي ظاهر ڪري ٿو. هن ۾ ڏسڻ، ٻڌڻ، سنگهڻ، چکڻ ۽ ڇهڻ ڏانهن ڌار ڌار قسم جو خصوصي ردعمل موجود ڪونهي.
جيئن جيئن ساهوارو وڏو، گهڻ-جيو-گهرڙو ڳتيل ٿئي ٿو (خاص طرح جيت جانور) تيئن تيئن هن ۾ هر قسم جي اثر لاءِ ڌار ۽ مخصوص قسم جو موٽ عمل ظاهر ٿئي ٿو. مثال طور ڪوساڻ، ٿڌاڻ، ڳوراڻ، ڌپ، سڳنڌ، گوڙ، سر، تيز روشني، سوجهري، اوندهه، چڀڪي وغيره ڏانهن هن جو سڄو جسم ردعمل ظاهر ڪو نه ٿو ڪري، پر جسم جو ڪو مخصوص حصو اهو ردعمل ظاهر ڪري ٿو. هن قسم جي ساهواري ۾ تنتي سرشتو ٺهيل ٿئي ٿو، جنهن جا حصا به آهن. هڪ حصو ٻاهرين عملن (اثرن) کي محسوس ڪري جانور کي آگاهه ڪري ٿو ۽ ٻيو حصو واسطيدار عضوي ڏانهن گهربل ردعمل جو حڪم موڪلي ٿو. ٻين لفظن ۾ ايئن چئون، ته هن قسم جي جانور ۾ حسون (تنتون) ٺهيل ٿين ٿيون جيڪي ”احساس“ جي صورت ۾ اولڙو ڪڍڻ جو عمل ڪن ٿيون. هر حس تيز رفتاريءَ سان احساس قبول ڪري ٿي ۽ تيز رفتاريءَ سان ئي جوابي ڪارروائي ٿئي ٿي. هيءَ هڪ پاڻ مرادي غير مشروط ڪارروائي آهي جيڪا هر جانور (ننڍي توڙي وڏي) ۾ موجود ٿئي ٿي ۽ جبلي طرح وڏن کان ننڍن ڏانهن تبديل ٿئي ٿي. ننڊ ۾ مڇر ڏنگي ٿو ته بنا جاڳڻ جي ان کي پري ڌڪڻ جو پاڻ مرادو ردعمل ٿئي ٿو يا اوچتو ڪوسيءَ شيءِ کي ڇهڻ سان ئي پاڻ مرادي ردعمل طور ڇهندڙ حصو پري ٿي وڃي ٿو.
اهڙن پاڻمرادن غير مشروط عملن جا ڪجهه ٻيا مثال هي آهن:
1) ساهه کڻڻ ۽ ڪڍڻ،
2) کنگهڻ،
3) نڇ ڏيڻ،
4) اکيون ٻوٽجي وڃڻ (اکين جي ويجهو اشاري، ڦڙڪي سبب)،
5) تيز روشنيءَ ۾ ماڻڪيءَ جو سُسڻ ۽ اکين جو ٻوٽجڻ،
6) جسم کي سنوت ۾ رکي هلڻ،
7) الٽي ڪرڻ،
8) دست ٿيڻ،
9) وات پاڻي ٿيڻ،
10) اڃ ۾ نڙي خشڪ ٿيڻ،
11) ڳيت ڏيڻ، ۽
12) جنسي عمل ڪرڻ، وغيره.
مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ جانور اوسر جي اڃا به اتاهين ڏاڪي تي ٿين ٿا. تنتي سرشتو رکندڙ جانورن ۾ تنتي جيو-گهرڙا ۽ تنتي تاندورا ٿين ٿا. اُسرندي، گهڻ پاسائون ڪم ڪندي، ماحول سان ٺهڪي هلندي تنتي جيو-گهرڙن ملي تنتي ڳوڙها ٺاهيا ۽ تنتي تاندورن ملي تنتي رڳ (تنتي ٻنڌڻ، تنتي تنجڻ، تنتي واڊ) ٺاهي. تنتي ڳوڙهن پاڻ ۾ ملي تنتي مِکُ ٺاهي. تنتي مک وڌي، ويجهي، وڏو ٿي ميڄالي (دماغ) }کوپڙيءَ ۾{ ۽ تنتي ڏوري (ڪرنگهي ۾) جنم ورتو. ميڄالي، تنتي ڏوري، تنتي رڳ، تنتي ڌاڳي (تاندوري)، تنتي ڳوڙهن، تنتي مِکُن، تنتي جيو گهرڙن جو هڪ وسيع، گهڻ-ڪرتو نظام ٺاهيو، جنهن کي مرڪزي تنتي سرشتو چئجي ٿو.
مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ جانورن ۾ حقيقتن جي اولڙي ڪڍڻ جو گڻ هزارين ڀيرا وڌيڪ اُچو آهي. نه رڳو حقيقتن جو احساس موجود ٿئي ٿو پر انهن جي حسي تصوير به ٺهي ٿي. احساس ۽ حسي تصوير ذهني سرگرميءَ جا ابتدائي اهڃاڻ آهن ۽ تصوراتي ڄاڻ ڏين ٿا. تصوراتي ڄاڻ اها آهي ته ڪنهن اڳ محسوس ڪيل ۽ هاڻي اڻ موجود (اکين ۽ ٻين حِسن تي سنئون سڌو هاڻي جو هاڻي اثر نه وجهندڙ) شيءِ جو تصور يا ياد ورجائڻ  يادگيري، ياد. اولڙي جو هيءُ قسم مشروط ناهي پر غير مشروط آهي. اڳ جانور رڳو پنهنجي ڪنهن بنيادي گهرج سان لاڳاپيل عملن، اثرن جو رد عمل ڏيکاريندا هئا پر هاڻي اهي ڪجهه نه ڪجهه ”ياد“ رکي سگهيا پئي، پر اها ياد به پنهنجن بنيادي گهرجن سان لاڳاپيل هئڻ گهرجي.
ڌار ڌار قسم جي جانورن کي ڌار ڌار قسم جون ”سوچون“ سکيا ڏئي ٺاهيون ويون آهن. واٺو ڪتو دشمن کي وٺ ڪري ٿو پر سنگتيءَ يا ٻڪريءَ، رڍ وغيره کي ڪجهه به نه ٿو چئي. تازِي ڪتي ۾ شڪار جي بوءِ پڪڙڻ جو گڻ وڌيل آهي، پيرِي ڪتو ٻي ڏينهن به پيرو کڻي سگهي ٿو، ڪي ڪتا بال سان راند کيڏي سگهن ٿا ۽ سرڪس ۾ ڪرتب ڏيکارن ٿا، شينهن ڇَلي منجهان ٽپي وڃي ٿو، وغيره.
رڳو هڪ مثال بيان ڪيون ٿا.
جيڪڏهن ٻه چار مهينا لاڳيتو بُکي ڪتي کي گهنٽي وڄائڻ کان پوءِ کاڌو ڏنو وڃي، ته ڪتو پنهنجي بک جي پورائيءَ لاءِ پنهنجن حـِس کي گهنٽيءَ سان لاڳاپي وٺندو آهي. ڪتو گهنٽيءَ جي آواز سان هري ويندو، جڏهن ته جيڪو ڪتو گهنٽيءَ جي آواز کان پوءِ کاڌي تي هريل نه هجي، ان لاءِ لکين گهنٽيون به بيڪار آهن. هريل ڪتي ۾ گهنٽيءَ جو آواز ٻڌندي ئي کاڌي سان لاڳاپيل ردعمل ظاهر ٿي پوندو، وات ۾ پاڻي ڀرجي ايندس، جنهن مخصوص جاءِ تي ويهي کاڌو کائيندڙ هوندو اتي وڃي ويهندو ۽ اوسيئڙو ڪندو. ڪتي جي دماغ ۾ کاڌي ۽ گهنٽيءَ جي وچ ۾ هڪ عارضي ناتو جڙي وڃي ٿو جنهن هيٺ هو گهنٽيءَ جي آواز کي کاڌي اچڻ جو اشارو سمجهي ٿو. هيءُ مشروط ردعمل آهي. اهڙن ردعملن جي بنياد تي ئي هڪ جانور پنهنجو پاڻ کي پنهنجي مخصوص ماحول سان وڌيڪ سٺي نموني ٺهڪائي ٿو. حقيقت جي اولڙي جي هيءَ صورت پنهنجين اڳوڻين صورتن يعني سادڙي جانور جيان سڄي جسم جو ردعمل ظاهر ڪرڻ (مڇرجڻ، چڙڻ) ۽ تنتي سرشتو رکندڙ جانور جي گڻ کان مشروط حسي ردعمل کان ڌار قسم جو آهي  هن نئين صورت ۾ حقيقت جو اولڙو نفسي (نفسياتي) صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو  جانور جي دماغ ۾ مشروط ردعمل وسيلي ڪنهن مخصوص لقاءَ يا شيءِ جو عڪس، تصور، خاڪو، اولڙو ٺهي پوي ٿو جيڪو ان لقاءَ يا شيءِ جي اڻ موجوديءَ ۾ به جانور جي دماغ تي اهو ساڳيو ئي ردعمل طاري ڪري ٿو جيڪو موجوديءَ هوندي ڪري سگهيو پئي. وڌيڪ اهم ۽ بنيادي مشروط ردعمل هوري هوري عارضي (ٿوري مدي وارن) مان ڦري پڪا پختا ٿي پوندا آهن. هن عمل ۾ هڪ ڌاري شيءِ جو اولڙو به مضبوط ٿئي ٿو يعني گهنٽيءَ جو. گهنٽي کاڌي اچڻ جي اشاري سان ڳنڍيل آهي. اشارن جا اهڙا سوين نمونا ٺهن ٿا، جن کي اشارن جو سرشتو، يا اشارن جو پهريون سرشتو چئجي ٿو.
عام طرح هر جانور ۾ هٿراڌو عادتون بک ۽ اڃ ڏئي يا جنسي وهر کان پوءِ لڳ جو لوڀ ڏئي پيدا ڪيون وينديون آهن.
فطري ماحول ۾ اهڙا سوين اشارا ملن ٿا. ڪچيون ساريون جهار لاءِ نرم داڻي جو اشارو آهن، آکيري ۾ نانگ اولاد جي ۽ پنهنجي خاتمي جو اشارو آهي، تيز هوائن جو گهلڻ اجهي کي برباد ڪرڻ جو اشارو آهي، ٻوڏِ کاڌي ۽ اجهي کي تباهه ڪري ٿي، هر قدرتي آفت تباهيءَ جو اهڃاڻ ٿئي ٿي ۽ هر قدرتي کاڌ خوراڪ جي ججهائي خوشحاليءَ جو خيال ڏي ٿي. اشارن جو پهريون سرشتو مرڪزي تنتي سرشتو رکندڙ هر جانور ۾ موجود آهي، اوسر جي معيار سان ڪنهن ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌ، ۽ ماڻهو ٿي سگهندڙ ساهواري ۾ اهو معيار، نفس، من، ياد سڀ کان وڌيڪ اسريل هئي ڇو ته اهو اوسر جي سڀ کان مٿاهين ڏاڪي تي هو. ان ڪري ئي ماڻهوءَ ۾ سندس ردعمل جي ڪري سمجهه پيدا ٿي سگهي. ماڻهو ئي آهي جيڪو اشارن جي پهرين سرشتي کان ٽپي اشارن جي ٻي سرشتي ٻوليء تائين پهچي سگهيو. ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو اشارن جي پهرين سرشتي کان اشارن جي ٻي سرشتي (ٻوليءَ) تائين ڪيئن پهچي سگهيو؟ ماڻهوءَ جهڙو ساهوارو بي سمجهه مان ڦري سمجهو ساهوارو (ماڻهو) ڪيئن ٿي سگهيو؟
بامقصد سرگرمي، بنيادي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ پورهيو، فطرت جي مليل شين کان پنهنجي پسند جو ڪم وٺڻ وارو عمل، فطرت جي ملندڙ شين کي اها شڪل ڏيڻ جنهن وسيلي پنهنجي کاڌ خوراڪ کي نسبتاً سولو ۽ گهڻو هٿ ڪري سگهجي. بي ساهه شين ۾ جيئرو پورهيو لڪائي انهن کي پنهنجو اوزار يا هٿيار بنائيندڙ ڪم ئي آهي جنهن ماڻهوءَ جهڙي ساهواري کي ماڻهو بنايو، جنهن هڪ اسريل ساهواري کي اشارن جي هڪ سرشتي کان اشارن جي ٻي سرشتي ڏانهن تبديل ڪيو ۽ ڇال ڏياريو، جنهن ماڻهوءَ ۾ سمجهه پيدا ڪئي. اهو پورهيو ئي آهي جنهن وسيلي ساهوارو سنئون سڌو فطرت سان لڳ لاڳاپي، لهه وچڙ ۾ اچي ٿو، هو فطرت کي ڏسي ٿو، جاچي ٿو، سوچي ٿو، سمجهي ٿو ۽ انهن جي بنياد تي پروڙيل پرجهيل نتيجن کي وري پرکي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح نظرياتي ڄاڻ ماڻي ٿو. هو پنهنجو پاڻ کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پنهنجن عملن، پنهنجن ارادن، مفادن، جذبن، خيالن کي، پنهنجي سماجي زندگيءَ ۽ پنهنجي مٿڀري حيثيت کي سمجهي يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ماڻهو رڳو مڇرجڻ، رڳو حسي تصوير، رڳو نفسي اولڙو ئي نه ٿو ڪڍي پر سوچي به ٿو، سمجهي به ٿو ۽ تخليق به ڪري ٿو

ڪتاب: شعور


No comments:

Post a Comment