Wednesday 26 September 2018

بونا گرھ Dwarf Planets

   "ظهور احمد"


ھزارين سال پھريان قديم نجوم جي ماھرن جڏھن آسمان ڏانھن ڏٺو ته انھن کي لڳو ته ڪجھ شيون ھنن جي اميد جي خلاف ھيڏي ھوڏي وڃن ٿيون جڏھن ته تارا ھڪ جاء تي آھن. انھن کي رولو تارن Planets جو نالو ڏنائون. انھن پنج عطارد، زھرہ، مريخ، مشتري، زحل کي ڏٺائون ۽ سڃاڻپ خاطر نالا رکيائون. صدين کان جن سامان سان آسمان جو مشاھدو ٿيندو ھو اھي اوزار بھتر کان بھتر ٿيندا ويا ته ٽن نون گرھن يورينس، نيپچون ۽ پلوٽو جي کوج ٿي. ماھرن مطالعو جاري رکيو . ھنن کي ٻاھرين گرھن جي مطالعي مان جلد ئي خبر پئجي وئي ته پلوٽو اڪيلو نه آھي. نيپچون کان پري وڌ کان وڌ شيون دريافت ٿيون جيڪي پلوٽو سان گڏ ۽ ان جي ماپ جون پڻ ھيون. ماھرن جي بقول اھي سڀ گرھ ته نه ٿا ٿي سگھن. 2006 ء جي عالمي اسٽرونوميڪل يونين International Astronomical Union جي اجلاس ۾ ھڪ نئون نالو بونو گرھ Dwarf Planet متعارف ڪرايو ويو. گرھ ھجڻ لاء ٽي 3 شرط رکيا ويا.
1 اھو شيء گرھ ڳڻيو ويندو جيڪي سج کي ڦرندو ھجي.
2 گرھ لاء لازمي آھي ته ان ۾ ايتري گريوٽي ھجي جو ھو پنھنجو آڪار گول ڪري سگھي ۽ پنھنجي مدار ۾ ايندڙ شين کي ختم ڪري پنھنجو رستو صاف ڪري سگھي.
3 گرھ لاء لازمي آھي ته ھو پنھنجو مدار ڪنھن سان ونڊ نه ڪري.
ٽين شرط واضح ٿو ڪري ته بونا گرھ پنھنجي مدار شھابين ۽ ٻين گرھن سان ونڊ ڪن ٿا تڏھن انھن کي سڃاڻڻ سولو آھي.
ھينئر تائين پنج اعلانيا طور مڃيل بونا گرھ آھن. سيريز Ceres, پلوٽو Pluto, ايريز Eris, ھائوميا Haumea, ماڪي ماڪي Make make آھن.
سيريز      Ceres
سيريز 1801ء ۾ دريافت ٿيو. ڇاڪاڻ ته ھي اندرئين گرھن ۾ اڪيلو بونو گرھ ۽ شھابين جي پٽيءَ Asteroids Belt ۾ واقع آھي. ھن جي کوج سان ھن کي پنجون گرھ مڃيو ويو. ھن جي دريافت کي ھڪ سال مس گذريو تہ ھن جي ويجھي وڌيڪ شيون دريافت ٿيون . ڪجھ ڏھاڪن ۾ درزن کن جسم دريافت ٿيا. 1850ء ۾ ماھرن فيصلو ڪيو ته اھي سڀ گرھ ته نه ٿا ٿي سگھن . ان مھل ھڪ نئون نالو Asteroid متعارف ڪرايو ويو. سيريز سان گڏ تمام ملندڙ شين کي Asteroid شمار ڪيو ويو آخر ڪار 2006ء ۾ ھن کي بوني گرھ جو نالو ڏنو ويو. ھن تي 2015ء تي ڊان Dawn probe موڪليو ويو جيڪو 6 مارچ 2015 تي ھن جي مدار ۾ داخل ٿيو. ھي شھابين جي پٽيءَ Asteroids Belt جي تمام جسمن کان وڏو ۽ ٽوٽل پٽيءَ جي ٽيون حصو آھي. ھي پنھنجي مدار تي 9 ڪلاڪ ۾ ڦيرو مڪمل ڪري ٿو ۽ سج کي ڦرڻ ۾ 4.6 سال لڳائي ٿو. ھي 33 ھون نظام شمسي جو وڏو ناليوارو جسم آھي. ھن کي گھپ انڌيري ۾ ڏسي سگھجي ٿو جيڪڏھن نظر به تکي ھجي . ھن جي اسپيڊ 17.9 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ آھي. ھي اڪيلو بونو گرھ آھي جنھن کي چنڊ ڪونھي. ھن تي China space agency پنھنجو خلائي مشن 2020ء ۾ موڪلڻ جي تياري ڪري پيو.
پلوٽو      Pluto
پلوٽو سڀني کان مشھور بونو گرھ ۽ سڀني کان پڻ وڏو ۽ ٻي نمبر تي وڌيڪ ماس رکندڙ آھي. نظام شمسي جي جسمن ۾ نائون وڏو ۽ ڏھون نمبر وڌيڪ ماس رکندڙ پڻ آھي. ھن کي 1930ء ۾ دريافت ڪيو ويو ۽ ان مھل ھن کي نائون گرھ قرار ڏنو ويو. 2006ء ۾ ھن کان اھيو اسٽيٽس واپس ورتو ويو جنھن جو ڪارڻ ھي آھي ته پلوٽو نيپچون جي مدار کي ڪٽي ٿو. ھي پنھنجي مدار ۾ سست رفتاريءَ سان ڦري ٿو. 4.6 ڏينھن ۾ ھڪ چڪر پورو ڪري ٿو. سج کان تمام پري ھجڻ ڪارڻ ھي سج کي ھڪ چڪر 248 سالن ۾ پورو ڪري ٿو. نيو ھورائيزن New Horizon اسپيس ڪرافٽ ھن جو جولائي 2015 تي وزٽ ڪيو ۽ ڄاڻ ڏنائين ته ھن کي تمام پتلون وايو منڊل آھي، نائٽروجن، ميٿين۽ ڪاربن مونو آڪسائيڊ جي آھي. پلوٽو کي پنج چنڊ آھن. شيرون وڏو آھي . ڪڏھن ڪڏھن تہ ايئن لڳندو آھي ته پلوٽو۽ شيرون ٻئين بونا گرھ آھن. ھن اسپيس ڪرافٽ ڪارائتي ڄاڻ سان گڏ نوان سوال پڻ اٿاريا ھن جي جوڙجڪ ٿڌ، ۽ مفاصلي جي پري ھجڻ تي. سج جي روشني کي 5.5 ڪلاڪ ھن تائين پھچڻ ۾ لڳن ٿا. ھن کي پنج چنڊ آھن. Sharon , Styx , nix , Kerberos, hydra . ھي 7 فيبروري 1979ء کان 11 فيبروري 1999 تائين نيپچون جي مقابلي سج کان ويجھو ھو.
ايريز      Eris
ھن جو نالو يونانين جي ديوتا تي رکيو ويو. ھن جي کوج 2005ء ۾ ٿي کوج سان ھن کي ڏھون گرھ مڃيو ويو. ايريز پلوٽو کان ٿورو جسامت ۾ ننڍو ۽ ماس پلوٽو کان وڌيڪ آھي . مڃيو وڃي ٿو ته ھن جو ماس گھڻو آھي جيڪو ميٿين برف سان ڍڪيل آھي.ايريز نظام شمسي جو نائون نمبر وڌيڪ ماس رکندڙ جسم آھي جيڪو سج کي ڊائيريڪٽ ڦري ٿو. جڏھن ته 16 نمبر تي وڌيڪ ماس رکندڙ جسم پڻ آھي. ڇاڪاڻ ته 7 چنڊ وڌيڪ ماس رکندڙ آھن.ھي سج کان 96 اسٽرونوميڪل يونٽ Astronomical unit AU پري آھي جيڪو پلوٽو کان ٽي ڀيرا وڌيڪ آھي. ايريز سولر سسٽم جو ٻي نمبر تي سڀني کان پر آبجيڪٽ آھي جيتوڻيڪ پھرين نمبر تي V774104 آھي جنھن کي نومبر 2015 تي دريافت ڪيو ويو. ھن جي سج کان مفاصلو 103 AU اسٽرونوميڪل يونٽ آھي.  ھن کي ھڪ چنڊ Dysnomia نالي آھي. ايريز ۽ ھن جو چنڊ پلوٽو جي مقابلي سج کان وڌيڪ پري کان ڦرن ٿا. حساب لڳايو ويو آھي ته ھي سج کي ھڪ چڪر 558 سالن ۾ پورو ڪري ٿو. ھن تي خلائي مشن موڪلڻ جو پروگرام آھي. جيڪو مشتري جي گريوٽي کي استعمال ڪندي 16 سالن کان پوء ھن وٽ پڄندو. ھي مشن 2032 يا 2044ء روانو ٿيندو
ھائوميا      Haumea
ھن جي کوج 2005 ۾ ٿي.  17 ستمبر 2008 تي ھن کي بونو گرھ مڃيو ويو.  ٻين بونن گرھن جي مقابلي ھائوميا جي شڪل رگبي جي بال وانگي آھي. ھي اسانجي سولر سسٽم جو سڀني کان تيز ڦرندڙ شين مان آھي. ھي پنھنجي مدار تي ھڪ ڦيرو فقط چار ڪلاڪن ۾ پورو ڪري ٿو. ھن جو سج کي ھڪ چڪر 284.12 سالن ۾ پورو ٿي ٿو.  ھن جو نالو ھوائي Hawaii جزيري جي ماڻھن جي پيدائش ۽ ذرخيزي جي ديوتا تي رکيو ويو.ھي Kuiper belt ۾ پلوٽو ۽ ماڪي ماڪي کان پوء ٽين نمبر تي وڌيڪ روشن جسم آھي. 2017ء ۾ ھن جو رنگ دريافت ٿيو.  ھن کي ٻه چنڊ ھائيڪا Hiaka ۽ نماڪا Namaka آھن. چنڊن جا نالا ديوتا جي ٻن ڌيئرن جي نالي تي رکيا ويا.
ماڪي ماڪي     Makemake
پنجين ۽ آخري بوني گرھ جي سڃاڻپ ماڪي ماڪي جي نالي سان آھي. ھن جي کوج پڻ 2005ء ۾ ٿي. ھن جو نالو ايسٽر لينڊ Easter Land جي راپانيو Rapa Nui ماڻھن جي پيداڪندڙ ديوتا جي نالي تي رکيو ويو. ڪائپر بيلٽ Kuiper Belt جي ٻين جسمن وانگي ھن جو مٿاڇرو به برف سان ڍڪيل آھي. ھي برف ميٿين، ايٿين ۽ نائٽروجن جو ٿي سگھي ٿو. ھن جو ڊائيا ميٽر پلوٽو جو ٽيون حصو آھي. ھن جو برف سان ڍڪيل مٿاڇرو ھن کي ڪائيپربيلٽ ۾ پلوٽو کان پوء ٻي نمبر تي روشن ترين شيء ٺاھي ٿو . ھي سج کان 52.4 AU اسٽرونوميڪل يونٽ پري آھي. ھي پنھنجي مدار تي 7.77 ڪلاڪن ۾ ھڪ چڪر ۽ جڏھن ته 309.09 سالن ۾ سج کي ھڪ چڪر پوري ڪندو آھي. 2016ء تي ھن جي ھڪ چنڊ جي کوج ٿي جنھن کي اڃان نالو نه ڏئي سگھيا آھيون. ھن جو چنڊ 175 ڪلو ميٽر جو آھي. جيڪو ڪراچي کان حيدرآباد جو مفاصلو آھي. ھي چنڊ ماڪي ماڪي کان 21،000 ڪلو ميٽر پري کان ڦري ٿو. ھن چنڊ جي کوج ھبل ٽيلي اسڪوپ ذريعي 26 اپريل 2016ء تي ٿي.
ماھرين جو چوڻ آھي ته سوين اھڙا جسم سج کي ڦرن ٿا جيڪي مستقبل ۾ کوج ۽ مطالعي ھيٺ اچڻ تي بونا گرھ ٿي سگھن ٿا. انھن جسمن جو مطالعو جاري آھي اميد آھي ته وڌ کان وڌ اسان جي فھرست ۾ شامل ڪندا

No comments:

Post a Comment