Monday 26 November 2018

ميڊيڪل جون ڪجھ ايجادون

ميڊيڪل جون ڪجھ ايجادون
"دريا خان سنڌي" 

بي هوشي جو طريقو :
ڪنھن بہ آپریشن کان پھرين مريض کي بي هوش ڪيو ويندو آهي. ان جو سڀ کان پھريان طريقو  هوريس ويلز 1845 ۾ دريافت ڪيو. ان کان پھريان ڊاڪٽر جي مھارت جلد کان جلد آپريشن ڪرڻ ھوندي هئي. ان دوران مريض کي ٻڌي مظبوطي سان جهليو ويندو هيو يا ان جو خيال ٻئي طرف ھٽايو ويندو ھيو يا ان کي نشي ۾ ڌت ڪيو ويندو ھو. هڪ ٻيو طريقو مريض جي مٿي تي زور سان ڌڪ ھڻڻ ھوندو هيو. نائٽرس آڪسائيڊ گيس کلائڻ واري گيس آهي يعني ان کي سنگھڻ وارو کلڻ شروع ٿي ويندو آهي انڪري ان کي پارٽين ۾ کلڻ کلائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. وليم هوريس هڪ ڊينٽسٽ هو. ھڪ پارٽي ۾ ھن جي هڪ دوست گهڻي سنگھي ورتي، ان دوران ان جي دوست کي ڄنگھ ۾ وڏو زخم ٿي ويو جنھن جو ھن جي دوست کي پتو بہ نہ لڳو. وليم هوريس ڏند ڪڍڻ وقت مريضن جي وڏين وڏين رڙين ٻڌڻ جو عادي هيو. ھن اهو ڏٺو تہ هن اھو ڪم مريضن تي شروع ڪيو جنھن کان پوءِ ھي ڪامياب ٿي ويو ۽ مريضن کي پتو بہ نہ پئي لڳو. ان جو پيٽنٽ وليم هوريس وٽ هو جيڪو نائٽرس آڪسائيڊ پھريون اينسٿيٽڪ هيو.

اسٽيٿوسڪوپ :
هي فرانسيسي ڊاڪٽر ريني لائنچ جي ايجاد آهي جيڪو پيرس جي اسپتال ۾ ڪم ڪندو هيو. ڊاڪٽر کي جڏهن مريضن جي حالت ڏسڻي هوندي هئي تہ ان جو هڪ طريقو مريض جي ڇاتي کي آڱرين سان وڄائي چيڪ ڪرڻ ھيو. ڊاڪٽر ريني کي هڪ نوجوان مريضا کي چيڪ ڪرڻو هو.
معائني دوران ان ڇوڪري کي شرمندگي کان بچائڻ لاءِ ڊاڪٽر پنهنجي آڱرين کي وڄائڻ بجاء پنهنجي سامهون پيل ڪاغذ کي گول ڪري ٻڌو. آواز بھتر آيو. ان سان تشخيص ۾ آساني لڳي، اتان پوءِ اسٽيٿوسڪوپ جو خيال آيو، پھرين اسٽيٿوسڪوپ ڪاٺي جي ٽيوب جي هئي.

پٽي :
گهرن ۾ عام استعمال ٿيندڙ بينڊ ايڊ 1920 ۾ ارل ڊڪسن ايجاد ڪئي ارل جانسان اينڊ جانسن جي لاءِ روئي وٺڻ ڏيڻ جو ڪاروبار ڪندو هيو. ان جي زال جوزفين کي گهڻو ڪري ڌڪ لگندا هئا. علاج مھانگو هو. ارل ڊڪسن انفيڪشن کان بچڻ لاءِ ترڪيب سوچي ڪپڙي جي ڄاري جي ٻنهي طرفن جي حصن تي چنبڙندڙ شي لڳائي ڪري زخم تي لڳائي ڇڏيو. هي پهرين بينڊ ايڊ هئا. ڪجھ ئي عرصي کان پوءِ شروع ٿيندڙ جنگ عظيم ۾ ھن پٽي ڪافي زخمين جي زندگيءَ بچائي. اڄ ڪلھ ميڊيڪل ۾ انهن عام استعمال ٿيندڙ ايجادن کي هلڪين ڦلڪين ڪھاڻين ۾ بيان ڪرڻ هڪ گڏيل شي، باني جو مشاهدو ۽ ان مشاهدي کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش آهي.


1 comment: