Tuesday 27 November 2018

Calcium ڪيلشم

”ڪيلشم                Calcium“
"اصغر ساگر"

ڪيلشم اسان جي ھڏين جي صحت لاء ضروري جز آھي. اسان جي جسم ۾ رت جي رواني ۔ ھارمون تي ضابطي ۽ اعصابي تسلسل لاء ڪاگر آھي. جسم کي ڪيلشم نہ ملڻ جي صورت ۾ ھڏيون ڪمزور ٿي وڃن ٿيون ۔ چمڙي ۾ خشڪي اچي وڃي ٿي ۽ مختلف ٻيا عارضا جنم وٺن ٿا. ھڏي جي مضبوطي ۽ بناوٽ لاء ڪيلشم ضروري آھي. جسم ۾ پاتي ويندڙ 99 سيڪڙو ڪيلشم ھڏين ۾ پاتي وڃي ٿي. جسم ۾ ڪيلشم جي مختلف ھنڌن تي ضرورت پوي ٿي مثال پٺن جي ڪم ڪرڻ لاء، اعصابي نظام وغيرھ . جيڪڏھن رت ۾ ڪيلشم جي کوٽ ٿي وڃي تہ انسان جي ساھ رڪجڻ جو خطرو ٿئي ٿو ۽ جيڪڏھن ڪيلشم وڌي وڃي تہ دل پنھنجو ڪم ڇڏي ڏئي ٿو. قدرتي طور تي رت پاڻ ۾ ڪئلشم جي مقدار کي ضابطي ۾ رکندو آھي. جيڪڏھن رت ۾ ڪيلشم زيادھ ٿي وڃي تہ اھا ھڏين ۾ ڪٺي ٿيڻ شروع ٿي ويندو ۽ جيڪڏھن رت ۾ ڪئلشم جي کوٽ ٿي وڃي تہ ھڏين کان ڪيلشم رت ۾ اچڻ شروع ٿي ويندي آھي. اھڙي صورت ۾ ڪنھن بہ سبب کان ھڏي جا مادا گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ Bone mineral density ھڏي جي معدنياتي گهاٽاڻ گهٽ ٿي وڃي ٿي.

ڪيلشم ڇا آھي :-
نشاني Ca ۽ ايٽمي نمبر 20 سان ڪيلشم ڪيميائي عنصر آھي. الڪلائيني ڌاتو ڪيلشم ردعملي ڌاتو آھي جيڪو آڪسائيڊ۔نٽرائيڊ جو ڪارو تھ ٺاھي ٿو جڏھن ھوا ۾ اچي ٿو. انهي جو طبيعاتي ۽ ڪيميائي خاصيتون پنھنجي ڳرن ھومولوگس اسٽرونيم Homologues strontium ۽ بيريم Barium سان گهڻو ڪري ساڳائپ رکن ٿيون.

ڪيلشم جي ماھيت :-
دريا خان سنڌي مطابق ”ڪيلشم هڪ اڇي رنگ جي چمڪدار ۽ نرم ڌات آهي، جيڪا دنيا ۾ آزاد حالت ۾ نہ ٿي ملي پر هميشہ مرڪبن جي شڪل ۾ ملي ٿي. هي اسان جي جسماني بناوت جو هڪ اهم جزو آهي، ۽ مناسب جسم واري ماڻهوءَ ۾ تقريبن 1200 گرام مقدار ۾ موجود هوندي آهي. هڏن جي بناوت  ۾ ڪيلشيم هڪ لازمي جزو آهي، جيڪو هڏن کي ان جي سختي ڏئي ٿو. هڏي جي بناوت ۾ پروٽين جي سخت ڌاڳن جي وچ ۾ ڪيلشم جا مرڪب پيوند هوندا آهن، جيڪي رت ذريعي هڏي تائين پهچن ٿا، ائين هڏي ۾ مستقل ٽوڙ ڦوڙ ۽ نشونما جو مناسب عمل جاري رهندو آهي.“

ڪيلشم ۽ وٽامن سي جو تعلق :-
وٽامن سي ۽ ڪيلشم پاڻ ۾ لازم ملزوم آھن جيڪي جسم کي کي مختلف مرحلن مان گذارين ٿا. وٽامن سي تاندورن Tissues کي واڌ ويجھ ڏئي ٿي ۽ انهن جي مرمت ڪري ٿي جنھن جي ڪري تاندورا ھڏن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪن ٿا. وٽامن سي ڪيلشم کي تحليل ڪري ڪئلشم کي ھڏن جي موافق بنائي ٿي ۽ پروٽين کي گهٽ ڪري ۽ وائرسن کي ماري ھڏن جي فعاليت وڌائي ٿي. وٽامن ڊي ڪئلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي گڏوگڏ وٽامن سي ۔ وٽامن اي ۔ وٽامن ڪي ۔ ميڳنيشم ۽ بورون ڪيلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ ھڏي جي مايي کي وڌائين ٿا. وٽامن سي پھرين وٽامن ڊي کي تحليل ڪندي آھي ۽ ان کان پوء وٽامن ڊي ڪيلشم کي تحليل ڪري ڪيلشم کي ھڏين جو حصو بنائيندي آھي. وٽامن سي يا گجري جا اثر نارنگي ۔ مالٽا ۔ ليمي ۔ ڌاڻي ۽ ڪاري مرچ ۾ پاتا وڃن ٿا جيڪي آنڊن ۾ ڪيلشم کي جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا.

ڪيلشم ۽ وٽامن ڊي جو تعلق :-
ھڏين جي ڪمزوري جو ھڪ سبب ڪيلشم سان گڏ وٽامن ڊي جي کوٽ ٿئي ٿي. ان کان پوء جسم جي ٻين عضون جو وارو اچي ٿو. وٽامن ڊي ان ڳالھ جو تعين ڪري ٿي تہ جسم  کي ڪيتري ڪيلشم ۽ وٽامن جي ضرورت آھي. اھي ٻئي عنصر ھڏين ۔ ڏندن ۽ پٺن جي صحت لاء ضروري آھن. وٽامن ڊي اسان جي جسم ۾ ھارمون وانگر ڪم ڪري ٿي ۽ جسم جي ھر گهرڙي ۾ پنھنجي پھچ کي يقيني بنائي ٿي ۽ وار ۔ اکيون ۔ دل ۔ بڪيون جيرو ۽ ھڏيون سڀ وٽامن ڊي گهرن ٿيون. ھي جسم ۾ ڪيلشم ۽ فاسفورس کي تحليل ڪري ٿي ۽ کين ترڪيب ڏئي ٿي. وٽامن ڊي ان ڳالھ جو تعين ڪري ٿي تہ جسم  کي ڪيتري ڪيلشم ۽ وٽامن جي ضرورت آھي. اھي ٻئي عنصر ھڏين ۔ ڏندن ۽ پٺن جي صحت لاء ضروري آھن. جسم ۾ ڪئلشيم جي سرشتي لاءِ وٽامن ڊي جو هئڻ بہ لازمي اهي. هن وٽامن جي گهٽتائي جي صورت ۾ ڪئلشم جو کاڌي مان رت ۾ جذب ٿيڻ ۽ هڏين ۾ پهچڻ اڻ مڪمل ٿي ويندو آهي ۽ ٻارن ۾ نرم ھڏ Rickets ۽ وڏن ۾ ڪچ ھڏ Osteomlacia جي شڪايت ٿي پوندي آهي، جنھن ۾ هڏيون نرم ٿي پونديون آهن ۔ وزن جي داٻ سان مڙي پونديون آهن ۽ معمولي داٻ يا وزن سان ڀڄي سگهن ٿيون. جيئن جيئن عمر وڌندي آهي، هڏين ۾ ڪئلشيم جو ذخيرو ٿيڻ جي ڪري انهن ۾ لچڪ گهٽجي ويندي اهي. انهيءَ ڪري پوڙهن جا هڏا آسانيءَ سان ٽٽي پوندا آهن. پوڙھائپ ۾ پوڙھن کي ڪئلشم جو استعمال ضروري ڪرڻ کپي.

ڪيلشم ۽ مئگنيشم جو تعلق :-
مئگنيشم ۽ ڪيلشم ٻئي گڏجي ڪم ڪن ٿيون. مئگنيشم وٽامن ڊي جي ڪئلشم جذب ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڪئلشم ۽ مئگنيشم رت جي رواني کي برقرار رکن ٿيون ۔ دل جي ڌڙڪي کي باقائدا ڪن ٿيون ۔ پٺن کي طاقت ڏين ٿيون.  ڪئلشم کي جذب ڪرڻ لاء مئگنيشم جي ضرورت پوندي آھي. ڪافي مئگنيشم کان سواء ڪئلشم نرم تاندورن ۾ ڪٺي ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌن جي سور جو سبب ٿي سگهي ٿي. ڪيلشم سان گڏ مئگنيشم جي استعمال سان جسم مان Infection ڇوت ختم ٿي سگهن ٿا ۽ زخم جلدي مڙي سگهن ٿا. ان ڪري ڪئلشم سان گڏ مئگنيشم جو استعمال ضروري آھي.

... ھلندڙ


No comments:

Post a Comment