Tuesday, 20 November 2018

حصو پھريون ”اڇا گهرڙا White blood cells“

"اصغر ساگر"

جسم جو مدافعتي نظام اڇن گهرڙن ۽ دافع جسم Antibiotics جي حوالي ھوندو آھي. اڇا گهرڙا جسم جي دفاعي نظام جو حصو آھن جن کي Leucocytes سڏجي ٿو. ھي بيڪيٽيريا ۽ ٻين ٻاھرين مادن سان وڙھن ٿا. اڇا گهرڙا White blood cells هڪ سيڪڙو هوندا آهن. رت جي گهرڙن ۾ اڇا گهرڙا فقط هڪ سيڪڙو هوندا آهن ۽ ڳاڙها گهرڙا 99 سيڪڙو هوندا آهن ۽ اسانجي جسم ۾ قوت مدافعت جي عمل ۾ مخصوص ڪردار ادا ڪندا آھن.
جيتوڻيڪ ڳاڙھن گهرڙن جو تعداد سڀ کان وڌيڪ ٿئي ٿي جن جي ڪري رت جو رنگ ڳاڙھو نظر ايندو آھي پر اڇا گهرڙا اھميت جوڳا ھوندا آھن.
سفيد گهرڙا ڳاڙھن Red blood cells، پرتن Palates ۽ پٿ Plasma جا ٺھيل ھوندا آھن. سفيد گهرڙن ۾ رتول پٿ Haemoglobin  نہ ٿئي ٿي ان ڪري انهن جو رنگ ڳاڙھو نٿو ٿئي. سفيد گهرڙا خوردبين معائني سان اڇا نظر اچن ٿا. سفيد گهرڙن کي طب ۾ leukocyte چيو وڃي ٿو ۽ جمع طور leukocytes چئبو آھي.
خون جا گهرڙا اسان جي جسم کي مختلف بيماين کان بچائڻ لاء ڪيترو اھم ۽ مفيد ڪردار ادا ڪن ٿا. اڇا گهرڙن جو بنيادي ڪم بيمارين جي خلاف تحفظ ڪرڻ آھي. انهن مان ڪجھ دافع جسم ٺاھن ٿا، ڪجھ بيڪيٽيريا ٺاھن ٿا، ڪجھ گهرڙا خوردبين جانورن ۽ ضعيف گهرڙن کي ڳھي وڃن ٿا.ڪجھ جراثيمن خلاف تحفظ فراھم ڪن ٿا. رت جا سفيد گهرڙا ليوڪيما بيماري پيدا ڪندڙ پيٿ Pathogen کي تباھ ڪن ٿا.
رت جي ھڪ مائڪرولٽر ۾ 4 ھزار کان 11000 سفيد گهرڙا ٿين ٿا. 4 ھزار مائڪرولٽر کان گهٽ ٽيسٽ ٻڌائي ٿي تہ جسم  سان وڙھڻ جي قابل ناھي. اھڙي ريت رت ۾ اڇا گهرڙا مقرر حد کان وڌڻ پڻ بيماري آھي انهي سان ڇوت ۔ تناء ۔ سوزش ۔ ٽراما ۔ ايلرڄي يا ٻيون يقيني بيماريون پيدا ٿي سگهن ٿيون.
خون ۾ سفيد گهرڙن جي کوٽ مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ جسم مختلف قسم جي مرضن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ايڊز جي مرض ۾ ايڇ آء وي جا وائرس اڇن گهرڙن تي حملو ڪن ٿا ۔ اڇا گهرڙا شديد کوٽ جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۔ جسم مان تقريبن قوت مدافعت ختم ٿي وڃي ٿي ۽ جسم بيمارين جو گهر ٿي وڃي ٿو.
ان سان گڏ رت ۾ اڇن گهرڙن جي گهڻائي اسان جي جسم لاء سٺو سنوڻ ناھي. جيڪڏھن جسم ۾ وڌيڪ مقدار ۾ اڇا گهرڙا ٺھڻ لڳن ۽ اھي جسم جي ضرورت مطابق فعال ۽ صحتمند گهرڙن ۾ تبديل ٿي نہ سگهن تہ اھي ليوڪيميا يا خون جي ڪينسر جو روپ وٺن ٿا.
سفيد گهرڙن جو مدو ڪجھ ڪلاڪ يا ھڪ ڏينھن آھي. ڪجھ اڇا گهرڙا بافتن Tissues ۾ داخل ٿي سال تائين زندھ رھن ٿا. رت ۾ ھڪ سيڪڙو اڇا گهرڙا ۽ پرت ٿين ٿا. اڇن گهرڙن پنھنجي جي آبادي ۾ سڀ کان وڌيڪ وچڻا Neutrophil  ۽ لعابڻا Lymphocyte ٿين ٿا. وچڻا Neutrophil ڪنھن ڇوت جي خلاف اول دستي جو ڪم ڪن ٿا ۽ انھن جي زندگي ھڪ ڏينھن کان گهٽ ٿئي ٿي. لعابڻا Lymphocyte دفاعي نظام ۾ خود پنھنجي طريقي سان ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ انهن جي زندگي 4 کان 5 ڏينھن ٿئي ٿي.
خون انساني جسم ۾ 75 ھزار ميل رت جي ڊگهين نالين ۾ ڊوڙي ٿو ۔ ھڪ ھڪ عضوي تائين ۔ ھڪ ھڪ تاندور تائين ۔ ھڪ ھڪ گهرڙي تائين چڪر لڳائڻ.  توھان کي آڪسيجن ۔ توانائي ۔ دفاع ۔ انجنيئرنگ سروس پھچائڻ ۔ خودڪار ۽ خود تشخيصي صلاحيت سان سرشار ڪري ٿو. رت ۾ ڳاڙھن جزن Rbc جي تعداد لکن ۾ آھي پر اڇن جزن جي تعداد ھزارن ۾ ٿئي ٿي. ھي ھڪ طرح جا نٿا ٿين پر ڪيئي طرحن جا ٿين ٿا. ھن جو بنيادي ڪم جسم جي حفاظت ۽ مدافعت ڪرڻ آھي. سفيد جزا جسم جي محافظ جو ڪم ڪن ٿا. جسم ۾ جنھن جڳھ جراثيم يا مضر صحت ڪيميائي مادا ھجن،سفيد جزا انهن تي حملي آور ٿي انهن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ھڪ بار ڪم شروع ڪرڻ سان ھڏين جي گودي ۾ وڌيڪ سفيد جزا انهن ڳاڙھن جزن جي مدد لاء خون ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. ان ڪري انفيڪشن جي حالت ۾ خون جي ٽيسٽ ڪرائڻ سان  WBC یا TLC جي مقدار نارمل کان وڌيل ھوندي آھي جيڪا ان ڳالھ جي نشاندھي ڪري ٿي تہ ڪٿي نہ ڪٿي جسم ۾ انيڪشن موجود آھي جنھن سان مقابلي ڪرڻ لاء اڇن جزن جي تعداد وڌي وئي آھي. اڇن جزن ۾ جيتوڻي رتول پٿ Hemoglobin نٿي ٿئي ان ڪري انهن جو رنگ ڳاڙھو نٿو ٿئي. مختلف اڇا جزا بيڪٽريا ۔ فنگس ۔ وائرس۔ ايلرڄي ۽ سٽيومر جي خلاف ويڙھ ڪندا رھن ٿا. ان لاء ڇوت Infection جي دوران خون جي ٽيسٽ ڪرائڻ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ ڪھڙي قسم جا جراثيم ڇوت پيدا ڪن ٿا.
جيڪڏھن جسم ۾ پيدا ٿيندڙ ڇوت ڪجھ عرصي تائين قائم رھي تہ اڇا گهرڙا ان متاثر مقام تي قدرتي طرح پھچي ازخود وڌي وڃن ٿا ۽ فوج وانگر ڪڙڪي بيماري جي جراثيمن سان جنگ ڪري انهن کي تباھ ڪن ٿا. درحقيقت اڇا گهرڙا اسان جي جسم ۾ فوج جي حيثيت رکن ٿا جتي بہ مرض جا جراثيم پائن ٿا اتي حملو ڪري ان مرض جي جراثيمن کي ختم ڪن ٿا.
رت ۾ موجود اڇا گهرڙا جراثيمن ۽ دشمن گهرڙن سان جنگ ضرور ڪن ٿا پر ڪڏھن ڪڏھن انهن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿين. ھن جنگ ۾ جتي جراثيم مرن ٿا اتي اڇا گهرڙا بہ مرن ٿا جيڪي پيپ جي شڪل ۾ ڇوت جي جڳھ تي ڪٺا ٿي وڃن ٿا. جيڪڏھن ڦڦڙن ۾ انفيڪشن ھجي تہ اتي بلغم سان گڏ پيپ اچي ٿو جيڪو ڦڦڙن کي رنگ ڏئي ٿو ۔ گردي مثاني ۾ پيشاب سان گڏ ريشيدار گند نڪري ٿو ۔ ننڍي آنڊي ۾ ھجي تہ پاخاني سان پيپ اچي ٿو ۔ جيڪڏھن چمڙي تي ڇوت ھجي تہ اڇا گهرڙا اتي ڦرڙي جي صورت وٺن ٿا ۽ ڦاٽي پون ٿا ۽ نہ ڦاٽڻ جي صورت ۾ ان ڦرڙي کي چيري گندو مادو ڪڍڻو پوندو آھي.
سفيد گهرڙن مان انٽرفيرون ۽ انٽرڪولن پروٽين حاصل ڪيا وڃن ٿا جن مان ڇوت جي بيمارين ۽ ڪينسر جو علاج ڪيو وڃي ٿو.

⏪اڇن گهرڙن جو ٺھڻ :- 
White blood cells are made inside the bone marrow and stored in blood and lymphatic tissues. Because some white blood cells have a short lifespan of one to three days, your bone marrow is constantly making them.
اڇا گهرڙا مک ۾ ٺھن ٿا ۽ رت ۽ لعابي تاندورن ۾ ڪٺا ٿين ٿا
اڇن گهرڙن جا ڪافي قسم ٿين ٿا. ڪجھ گهرڙن جي عمر جو مدو ھڪ کان ٽي ڏينھن آھي، مک انهن کي مستقل طور تي ٺاھيندي رھي ٿي.

⏪اڇا گهرڙا جوھر حيات :-
جڏھن سقراط کان پڇيو ويو تہ مني ڇاھي؟
سقراط چيو
”جوھر حيات“
اڇن گهرڙن کي ئي مني چئبو آھي. جھڙي ريت اڇا گهرڙا ڇوت ۔ مفت خورن ۔ وائرسن کان محفوظ رکن ٿا اھڙي ريت منھن تي ڏيا ۔ جسم جي مضبوطي ۔ ھمت ھمراھي ۽ مردانگي کي ظاھر ڪن ٿا. اڇا گهرڙا جيون جي ڪارج ھلائيندڙ ۔ مشقت کي فروغ ڏيندڙ ۔ جوش جذبو جولان ڏيندڙ ۽ خوابن خواھشن اميدن جو ذريعو ٿين ٿا.

⏪کلڻ اڇن گهرڙن کي وڌائي ٿو :-
کلڻ سان ارتقا جو عمل تيز ٿئي ٿو. سائندانن جي تحقيق مطابق کلڻ سان سفيد گهرڙا وڌن ٿا جنھن سان قوت مدافعت وڌي ٿي ۔ جسم ۾ اينڊروفين جي مقدار وڌي وڃي ٿي. اينڊروفن جي وڌڻ جي ڪري جسم جا عضوا سٺو محسوس ڪندا آھن ۔ سٺي نموني ڪم ڪندا آھن ۽ رڳون مضبوط ٿين ٿيون.

⏪اڇن گهرڙن جا 5 قسم ٿين ٿا.
⏩Neutrophils.    وِچڻا
⏩Lymphocyte.   لِوِڻا ۔ لَعابڻا
⏩Monocytes.     موڻا ۔ چَڪرا
⏩Eosinophils.    ايلرڄا ۔ ايلرڄي پيدا ڪندڙ
⏩Basophils.       کارا ۔ اِساسا

⏪(1) وِچڻا                                               Neutrophil

“A type of immune cell that is one of the first cell types to travel to the site of an infection. Neutrophils help fight infection by ingesting microorganisms ۔ bacteria and fungi and releasing enzymes that kill the microorganisms. A neutrophil is a type of white blood cell, a type of granulocyte, and a type of phagocyte.
A type of immune cell that is one of the first cell types to travel to the site of an infection. Neutrophils help fight infection by ingesting microorganisms and releasing enzymes that kill the microorganisms. A neutrophil is a type of white blood cell, a type of granulocyte, and a type of phagocyte.“
”مدافعتي قسم جو گهرڙو پھريون گهرڙو آھي جيڪو ڇوت ڏي پھرين پھل ڪري ٿو. وچڻا Neutrophils جراثيمن ۔ بيڪيٽيريائن ۽ سينور کي جذب ڪري ٿو ۽ خمير ڪڍي ٿو جيڪو جراثيمن کي ماري ٿو. وچڻا Neutrophils گرينولوسائيٽ جو قسم آھي ۽ فيگوسائيٽ جو قسم آھي.
مدافعتي قسم جو پھريون گهرڙو جيڪو ڇوت جي جڳھ ڏي اچي ٿو. وچڻا جراثيمن کي ھضم ڪري وڙھڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ خامرا ڪڍن ٿا جيڪي جراثيمن کي مارين ٿا. وچڻو اڇي گهرڙي جو قسم، داڻي خلين گرينولوسائيٽ جو قسم ۽ خليا کائو خلين فيگوسائيٽ جو قسم آھي.“
ھي گهرڙو ٻين کان تعداد ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو. ھي خون اندر بہ رھن ٿا ۽ ضرورت پوڻ تي رت کان ٻاھر نڪري ان جڳھ تي پھچن ٿا جتي بيماري جا جراثيم يا زخمي بافتا Tissues جمع ٿين ٿا. ڪي سفيد گهرڙا انهن جراثيمن کي پنھنجي اندر جذب ڪري انهن کي تباھ ڪن ٿا يا وري اھڙا جزا خارج ڪن ٿا جيڪي مئل بافتن کي نرم ڪري انهن کي قابل ھضم بنائن ٿا ۽ اھي مواد ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا.

⏪(2) لِوڻا ۔ لَعابڻا                                    Lymphocyte

“They create antibodies to defend against bacteria, viruses, and other potentially harmful invaders.
They create antibodies to defend against bacteria, viruses, and other potentially harmful invaders.
A lymphocyte is a type of white blood cell that is part of the immune system. There are two main types of lymphocytes: B cells and T cells. The B cells produce antibodies that are used to attack invading bacteria, viruses, and toxins. The T cells destroy the body's own cells that have themselves been taken over by viruses or become cancerous.
”اھي دافع جسم ٺاھي بيڪيٽيريائن ۔ وائرسن ۽ ٻين طاقتور قبضاخورن جي مزاحمت ڪن ٿا.
”اھي بيڪٽيريا ۔ وائرسن ۽ ٻين طاقتور نقصانڪار حملي آورن کي دفع ڪرڻ لاء دافع جسم پيدا ڪن ٿا.
لعابڻو مدافعتي سرشتي جو حصو ھوندي  اڇي گهرڙي جو قسم آھي.
⏪لعابڻي جا ٻہ قسم آھن.
⏪بي گهرا              B cells
⏪ٽي گهرڙا             T cells

⏪بي گهرڙا                                                       B cells
بي گهرڙا اڄڻا پيدا ڪن ٿا جيڪي قبضاخور بيڪٽيريائن ۔ وائرسن ۽ زھريلن مادن تي حملي ڪرڻ ۾ استعمال ٿين ٿا.                                             
  
⏪ٽي گهرڙا                                                       T cells
ٽي گهرڙا پنھنجي گهرڙن کي تباھ ڪن ٿا جن تي وائرسن جو غلبو ٿئي ٿو يا ڪينسر ۾ وٺجن ٿا.“
جڏھن رت دورو ڪري ٿي تہ نسن جي ڀتين مان ٿيندڙ ڇاڻ مان ساڳي وقت لعابڻو ٺھي ٿو. مماليا جي جسم مان رت ھميشہ لعابڻي سان گڏ توازن ۾ رھي ٿو. پٿ Plasma ٿوريسڪ ڊڪٽ ذريعي ٻيھر خون ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. لعابڻي کي رت جي برابر ٻي گردش ۽ ٽنگن ۽ ٻانھن جي عضون لاء ٻي دل قرار ڏنو ڏنو ويو آھي.“

⏪(3) موڻا ۔ چڪرا                                      Monocyte

“They have a longer lifespan than many white blood cells and help to break down bacteria.
Monocytes are a type of white blood cell that fight certain infections and help other white blood cells remove dead or damaged tissues, destroy cancer cells, and regulate immunity against foreign substances.”
”انهن جي زندگي جو مدو ڪيترن اڇن گهرڙن کان وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ بيڪيٽريا کي تباھ ڪن ٿا.
موڻا يقيني ڇوتن سان وڙھندڙ رت جا اڇا گهرڙا آھن ۽ تباھ يا ضايع ٿيل خامرن کي نيڪالي ڏين ٿا ۔ ڪينسر جي گهرڙن سان وڙھن ٿا ۽ ٻاھرئين موادن خلاف مدافعت کي باقائدي ڪن ٿا.“
ھي گهرڙا مئل گهرڙن ۽ مئل بافتن کي پاڻ ۾ جذب ڪرن ٿا ۽ اھڙي طرح جسم جي گندگي خارج ڪن ٿا. ھي گهرڙا ڌوڙ ۽ ٻين گندن مادن کي چئني پاسي گهيرين ٿا ۽ انهن کي صحتمندن بافتن سان ملڻ نٿا ڏين.

⏪(4) ايلرڄا                                            Eosinophils

“They attack and kill parasites, destroy cancer cells, and help with allergic responses.
Eosinophils are a type of white blood cell. As part of the immune system, they release poisons to fight foreign bodies, such as bacteria ...
Eosinophils play an important role in the body's response to allergic reactions, asthma, and infection with parasites. These cells have a role in the protective immunity against certain parasites but also contribute to the inflammation that occurs in allergic disorders.
Eosinophils are a type of disease-fighting white blood cell. This condition most often indicates a parasitic infection, an allergic reaction or cancer. You can have high levels of eosinophils in your blood (Blood Eosinophilia) or in tissues at the site of an infection or inflammation (tissue eosinophilia).”
”اھي حملو ڪن ٿا ۽ مفت خورا مارن ٿا ۔ ڪينسر جي گهرڙن کي تباھ ڪن ٿا ۽ ايلرڄائي موٽن ۾ مدد ڪن ٿا.
ايلرڄا اڇن گهرڙن جو قسم آھن. مدافعتي نظام جو حصو ھوندي، اھي ٻاھرين جسمن جيئن بيڪيٽريا سان وڙھي زھر خارج ڪن ٿا.
ايلرڄا ايلرڄي جي ردعملن ايسٿما ۽ گندخورن جي ڇوت جي موٽ ۾ جسم ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. يقيني گندخورن خلاف مدافعت کي بچائڻ ۾ اھي اھم ڪردار اداڪن ٿا پر سوزش جو بہ حصو بنجن ٿا جيڪا ايلرڄي جي بي ترتيبي ۾ پيدا ٿئي ٿي.
ايلرڄا بيماري جو قسم رت جي اڇن گهرڙن سان وڙھندڙ آھن. ھي حالت گهڻو ڪري مفت خورن جي ڇوت ۔ سوزشي ردعمل يا ڪينسر ڏي اشارو ڪري ٿي. توھان جي جسم ۾ وڏي سطح جا ايلرڄا رتول ايلرڄا Blood Eosinophilia  ٿي سگهن ٿا ۽ ڇوت يا سوزش جي جاء تي خامرن ۾ تاندوري ايلرڄا tissue eosinophilia ٿي سگهن ٿا.“

⏪(5) کارا ۔ اساسا                                       Basophils

Basophils. These small cells appear to sound an alarm when infectious agents invade your blood. They secrete chemicals such as histamine, a marker of allergic disease, that help control the body's immune response.
Basophils appear in many specific kinds of inflammatory reactions, particularly those that cause allergic symptoms. Basophils contain anticoagulant heparin, which prevents blood from clotting too quickly. They also contain the vasodilator histamine, which promotes blood flow to tissues.
Basophils are a type of white blood cell. Although they're produced in the bone marrow, they're found in many tissues throughout your body. They're part of your immune system and play a role in its proper function. If your basophil level is low, it may be due to a severe allergic reaction.
Basophils are most often only considered as defenders against parasitic infections. Yet, their role in the body is much more extensive. Basophils are an important element of the immune system and play a big role in allergic reactions, inflammation, and autoimmune diseases.
”اھي ننڍا گهرڙا خطري جو الارم وڄائيندي ظاھر ٿين ٿا جڏھن ڇوتدار ايجنٽ رت تي ڪاھ ڪن ٿا. اھي ھسٽامن ۔ ايلرڄائي بيماري جو نشانڻي جھڙا ڪيمياڻ لڪائن ٿا جيڪي جسم جي مدافعتي موٽ تي ضابطو پائن ٿا.
کارا سوزشي ردعملن جي ڪيترن خاص  قسمن ۾ ظاھر ٿين ٿا خاص ڪري انهن ۾ جيڪي ايلرڄي جون علامتون پيدا ڪن ٿا. کارو اينٽي سوگيولنٽ ھيپرين تي مشتمل آھي جيڪو رت کي جلدي دڳن بنجڻ کان روڪي ٿو. انهن ۾ ويسوڊيليٽر ھسٽامن اچي وڃن ٿا جيڪي رت جي اوڄن جي وھڪ کي خمير ۾ فروغ ڏين ٿا.
اھي توھان جي مدافعتي نظام جو حصو آھن ۽ پنھنجي ڪم ۾ اھم ڪردار ادا ڪن ٿا. جيڪڏھن توھان جي کارن جي سطح گهٽ آھي اھو سخت سوزشي عمل تحت رونما ٿي سگهي ٿو.
کارن کي فقط گهڻو ڪري مفت خور جيوڙن خلاف محافظ ڄاتو وڃي ٿو. ان ھوندي بہ انهن جو ڪم وڌيڪ گهڻو غيرمعمولي آھي.
کارا مدافعتي سرشتي ۾ اھم عنصر آھن ۽ ايلرڄي ردعملن ۔ سوزش ۽ خود ڪاربيمارين ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا.“

⏪اڇن گهرڙن جي پوري پني ڳڻپ جي حد ڪيتري ٿئي ٿي:-
The normal range for the white blood cell count varies between laboratories but is usually between 4,300 and 10,800 cells per cubic millimeter of blood. This can also be referred to as the leukocyte count and can be expressed in international units as 4.3 - 10.8 x 109 cells per liter.
رت ۾ اڇن گهرڙن جي پوري پني حد جي ڳڻپ ليباريٽرين جي فرق کي ڏيکاري ٿي ۽ اڪثر ڪري 4300 کان 10800 سفيد گهرڙا في ڪعب ملي ميٽر رت ٿئي ٿي. ھن کي بين الاقوامي يونٽن تحت اڪثر
4.3 - 10.8 x 109
گهرڙا في لٽر ظاھر ڪيو وڃي ٿو.

⏪اڇن گهرڙن جي پوري پني ڳڻپ جي خاص حد ڪيتري ٿئي ٿي:-
The specific number for high white blood cell count varies from one lab testing facility to another, but a general rule of thumb is that a count of more than 10,500 leukocytes in a microliter of blood in adults is generally considered to be high, while 4,500-10,500 is considered within the normalrange.
اڇن گهرڙن جي وڌيڪ ڳڻپ جي تعداد جو خاص نمبر ھڪ ليباريٽري ٽيسٽ کان ٻي تائين فرق ظاھر ڪري ٿو پر روز جو تجربو ھي آھي تہ بالغن جي مائڪرولٽر رت  10 ھزار 5 سو  کان وڌيڪ اڇن گهرڙن کي عام طور تي وڌيڪ سمجهيو وڃي ٿو جڏھن تہ 4500 کان 11000 کي پوري پني حد سمجهيو وڃي ٿو.

⏪گهٽ اڇن گهرڙن جي ڳڻپ جي حد ڳڻپ ڪيتري ٿئي ٿي :- 
Leukopenia is almost always related to a decrease in a certain type of white blood cell (neutrophil). ... In general, for adults a count lower than 4,000 white blood cells per microliter ofblood is considered a low white blood cell count.
ڇڊاڻ اڪثر طور سدائين اڇن گهرڙن ( وچڻن Neutrophil) جي يقيني نموني جي گهٽتائي سان لاڳاپو رکي ٿي. عام طور تي بالغن جي رت جي ڳڻپ جي حد کان گهٽ 4 ھزار اڇن گهرڙن في مائڪرولٽر کي گهٽ اڇن گهرڙن جي ڳڻپ سمجهيو وڃي ٿو.

⏪اڇن گهرڙن جي حد کان وڌيڪ ڳڻپ ڪيتري ٿئي ٿي :- 
The specific number for high white blood cell count varies from one lab testing facility to another, but a general rule of thumb is that a count of more than 10,500 leukocytes in a microliter of blood in adults is generally considered to be high, while 4,500-10,500 is considered within the normalrange.
اڇن گهرڙن جي وڌيڪ ڳڻپ جي تعداد جو خاص نمبر ھڪ ليباريٽري ٽيسٽ کان ٻي تائين فرق ظاھر ڪري ٿو پر روز جو تجربو ھي آھي تہ بالغن جي مائڪرولٽر رت  10 ھزار 5 سو  کان وڌيڪ اڇن گهرڙن کي عام طور تي وڌيڪ سمجهيو وڃي ٿو جڏھن تہ 4500 کان 11000 کي پوري پني حد سمجهيو وڃي ٿو.

⏪سفيد گهرڙن جي متاثر ٿيڻ جون علامتون :-

⏪پيٽ ۾ شديد درد ۔ ھروقت دل گهٻرائڻ ۔ آت اچڻ.
⏪پينڪرياز ۔ ڪولوريڪٽل يا جگر جي ڪينسر جون علامتون ٿي سگهن ٿيون.
⏪اڪثر بخار رھندو يا ڇوت رھندو. ھن ڳالھ جو مطلب جسم ۾ اڇا گهرڙا متاثر ٿي رھيا آھن يا ڪينسر جي علامت ٿي سگهي ٿي.
⏪گرھ ڳيھڻ وقت دقت ٿيڻ ڳلي يا معدي جي ڪينسر جو اشارو ٿي سگهي ٿو.
⏪جسم تي ڪثرت سان رھڙن جو ظاھر ٿيڻ خاص ڪري ھٿن ۽ آڱرين تي اھو ڪينسر جو اشارو آھي.
⏪وزن ۾ غيرمعمولي لاٿ ڪينسر جو اشارو آھي.
⏪ھميشہ ٿڪ محسوس ڪرڻ ۽ ساھ ڦلڻ کي ڪينسر جي علامت ۾ شمار نٿو ڪيو وڃي پر ان تي سنجيدگي سان سوچڻ کپي ۽ ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ کپي.
⏪جيڪڏھن عام طور تي شديد مٿي جو سور يا مڳرين جو مسئلو ناھي پر اوچتو مٿي ۾ شديد سور پوي تہ دماغ ۾ رسولي جو خدشو ٿي سگهي ٿو. 
⏪ھي عام نموني ڪينسر جون نشانيون آھن انهن جي نظر ايندي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ کپي.
ھلندڙ

No comments:

Post a Comment