Monday 22 June 2020

ڇا سج جي ٻاهرين سطح ۾ ٿيڻ وارن ڌماڪن کي ڏسڻ ممڪن آهي

ڇا سج جي ٻاهرين سطح ۾ ٿيڻ وارن ڌماڪن کي ڏسڻ ممڪن آهي

اسانجي نظام شمسي ۾ خالي زمين ئي اهو اڪيلو سيارو آهي جتي زندگي جو واضح وجود ممڪن آهي، انجي وجھ زمين جو نظام شمسي جي مرڪز ”سج“ کان مناسب فاصلو آهي جنھن سبب انسان سميت سڀني جاندارن کي اها حرارت گھربل آهي جيڪا زندگيءَ ڏيندڙ آهي 
زندگي کي زمين تي وڌڻ جي لاءِ مخصوص پد جي ضرورت هئي تہ جيئن ڄميل پاڻي مائع حالت ۾ حاصل ٿي سگهي 

اسان سڀ ڄاڻون ٿا تہ سج ايتري حرارت پنھنجي مرڪز ۾ ٿيڻ واري فيوزن ري ايڪشنز سان پيدا ڪندو آهي ۽ هي ڪيميائي عمل اربن سالن کان جاري آهي، وڌيڪ تھ ان جي ٽو وِي تاري جي سطح تي مقناطيسي قوتن جي حرڪتن سان ڌماڪا بہ ٿي رهيا آهن، ۽ انھن ڌماڪن جي آواز لکين ڊيسي بيل آهي 

پر سوال هي آهي تہ اسان انھن ڌماڪن کي ڇو نٿا ٻڌي سگهون؟ انھن ڌماڪن جي آواز اسان تائين نہ پهچڻ جي وجھ هي آهي تہ ڪائنات ۾ سڀهي فلڪياتي جسمن جي وچ جيڪي خالي جڳهون آهن، انھن ۾ هوا بہ موجود ناهي، جنھن سبب آواز کي اسانجي ڪنن تائين پهچڻ جي رسائي حاصل نہ آهي، پر ٿورو بيهو؟ پر ڇا اسان انهن ڌماڪن کي ڏسي سگهون ٿا؟ 

جي بلڪل، پنھجي اکين سان انھن ڌماڪن کي ڏسي سگهون ٿا پر خالي هڪ مسئلو موجود آهي تہ جيڪڏھن اهو حل ٿي وڃي تہ اسان بنا ڏکائي انھن ڌماڪن جو نظارو ڪري سگهون ٿا، اهو مسئلو سج جي ڪرھ روشن (روشن ڪڙھ) جي تيز روشنيءَ جو آهي، سج جي روشن ڪرھ جي گهڻائي ان ڀاڳي گهڻي آهي جيڪڏهن اسان سج کي اگهاڙي اک سان ڏسنداسين تہ انجي وجھ سان اسانجي اک ۾ موجود روشني جو قدرتي سنسر يعني”ريٽينا“ تباھ ٿي ويندو، ۽ اسان هميشہ جي لاءِ بينائي جو شڪار ٿي وينداسين 

ڇا هي سٺو هجي تہ اسان وٽ ڪا روڪاٽ هجي جنھن سان اسان سج جي ان روشن ڪرھ کي لڪائي ڪري خالي انجي”ڪرونا“ کي ڏسي سگهون؟

ڪرونا سج جي ٻاهرين سطح آهي، جيڪڏهن اسان انکي ڏسڻ جي قابل ٿي وڃون تہ اسان سج جي سطح تي انھن بنا آواز وارن ڌماڪن کي ڏسڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين 

اها رڪاوٽ آهي جنھن ڪارڻ اسان ڪرونا کي ڏسي نٿا سگهون، اها رڪاوٽ اسانجي زمين جو چنڊ آهي، جڏهن چنڊ سج جي سامهون کان گذرندو آهي تہ اهو وقت” انکي ڏسڻ جو سٺو هوندو آهي“،

جڏهن چنڊ زمين جي ويجهو پنهنجي مدار ۾ چڪر لڳائيندي سج جي سامهون ايندو آهي تہ سج جي روشني زمين تائين ناهي پهچندي ايئن چنڊ جو پاڇو زمين تي بڻجندو آهي، ان عمل کي گرهڻ لڳڻ چيو ويندو آهي، ڇوجو ڊڪيو ويو آهي ان لاءِ”سج گرهڻ“ چيو ويندو آهي، جيڪي گهڻو ڪري گرهڻ جي موسم ۾ لڳندو آهي ۽ هي موسم سال ۾ ٻہ يا ٽي ڀيرا ايندو آهي، انجي شروعات ان وقت ٿيندي آهي جڏهن چنڊ، زمين ۽ سج هڪ سڌ م اچي وڃن، ان وقت چنڊ سج گرهڻ جو سبب بڻجندو، ۽ ان طرح پورو چنڊ، چنڊ گرهڻ جو سبب بڻجي ويندو 

پر هڪ ڳالھ غور هيٺ آهي تہ اها هي تہ سج گرهڻ ”پورو سج گرهڻ“ ناهي هوندو بلڪ ڪنھن قدر سج گرهڻ ڪڙي ring جهڙا سج گرهڻ بہ هوندا آهن، اڌ سج گرهڻ ۾، سج جي سطح کي اڻپور ڪنھن ڀاڳي طور تي ڊڪيندو آهي، ۽ ڪڙي ring جهڙو سج گرهڻ ۾ چنڊ جو ٻاهريون قطر سج جي ٻاهرين قطر کان ننڍو هئڻ جي وجھ چنڊ، سج جي ڊسڪ کي وچ کان ڊڪيندو آهي، تہ سج هڪ گرم باھ جي دائري جيان نظر ايندو آهي 

پورو سج گرهڻ گهڻو ناياب آهي ڇوجو گهڻو ئي گهٽ ايئن ٿيندو آهي جو سج ۽ چنڊ پاڻ ۾ بلڪل مطابقت ۾ هجن 

اهو آمريڪا ۾ رهندڙ ماڻهون 38 سال کانپوءِ پورو سج گرهڻ جو نظارو ڪري سگهن ٿا

1979ع ۾ جيڪو پورو سج گرهڻ ٿيو هو اهو سڄي آمريڪا ۾ نظر نہ آيو هو بلڪي آمريڪا جي ڪجھ رياستن ۾ نظر آيو هو، اهڙو پورو سج گرهڻ جيڪو آمريڪا جي سڀني رياستن ۾ ڏسڻ ۾ آيو هو اهو 1918ع ۾ 

ان سال 21 آگسٽ جو هي پورو سج گرهڻ ٿيندو پر آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ رهندڙ ماڻهن وٽ هڪ سٺو موقعو آهي تہ اهوئي”ڪرونا“ کي ڏسن ۽ سج جي شعلون جون تصويرون وٺن، پر جيئن تہ هر شيءِ ۾ احتياط ضروري آهي ان طرح سج گرهڻ جي وقت سج کي ڏسڻ ۾ بہ احتياط ضروري آهي

جڏهن چنڊ سج جي سامهون کان هٽڻ لڳندو آهي تہ سج جي سطح تي ڪجھ حصو سامهون اچي ويندو آهي ۽ ٿورڙي کن جڳھ سان سج جي تيز روشني نڪرندي آهي، ۽ اها روشني ان ڀاڳي تيز هوندي آهي جو ڪنھن کي انڌو ڪرڻ ۾ گهڻو وقت ناهي لڳائيندي، ان عمل کي”ڊائمنڊ افيڪٽ“ يعني هيري جيان چمڪڻ وارو افيڪٽ چيو ويندو آهي جيڪو خالي مڪمل سج گرهڻ جي وقت ئي ٿيندو آهي

انڪري جيڪڏهن اوهانکي اهو موقعو مليو ان ناياب گرهڻ جي مشاهدي جي لاءِ ۽ شوق محسوس ڪري رهيا آهيو تہ سج گرهڻ لاءِ ڄاڻايل عينڪ استعمال ڪريو جيڪا سج کي ڏسڻ جي لاءِ خاص طور تي بڻائي وئي آهي تہ جيئن اکيون متاثر نہ ٿين ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ گرهڻ ڏسڻ جا احل رهو
#ScienceJeDuniya

No comments:

Post a Comment