Thursday 10 October 2019

بدلجندڙ موسم

بدلجندڙ موسم
”دريا خان“

هر روز بدلجندڙ موسم آسمان تي چمڪندڙ تارن ڪارڻ جيڪي زمين کي پنھنجن ڪرڻن سان گرمائيندا آهن سج جي روشني مان پيدا ٿيندڙ گرمائش يا پد ۾ تبديلي زمين جي هر خطي ۾ ههڪجهري ناهي ڇوجو مختلف زميني خطن ۾ ڏينھن ۽ رات جو دورانيو مختلف آهي ۽ زميني سطح هڪجهڙي ناهي
جيئن ڪنھن سطح تي پاڻي ڪٿي جبل ۽ وري ڪٿي وڻ جي گهڻائي ۽ گهٽتائي آهي جيڪا ان سج کي روشني جي پد کي مختلف ريشي ۾ جذب ۽ گڏ ڪندي آهي ۽ پوءِ سج جي روشني جو زمين جي قطبين جي بجائي ان جي خط استوا تي سڌو سنئون پوڻ بہ آهي هي گرمائش يا پد جا اختلاف زميني خطن ۾ هوا جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ۽ گهڻائي پيدا ڪندو آهي، هوا ان دٻاءُ ۾ اعتدال لاءِ هميشہ تياري رهندي آهي

هوا جو گهڻو ۽ گهٽ دٻاءُ 
هوا ھميشہ گھڻي دٻاءُ واري علائقن کان گهٽ دٻاءُ رکندڙ علائقن ڏا گهڻو رخ ڪندي آهي خط استوا تي زمين جي سطح قطبين جي نصبت گھڻي گرم هوندي آهي جنھن ڪارڻ دٻاءُ ۾ وڏو فرق پوندو آهي هوا اُتر کان ڏکڻ ڏا گھلندي آهي تا جئيان پد مان پيدا ٿيندڙ دٻاءُ جي فرق کي ختم ڪري سگھي ٻيو زمين هوا جي هيٺ پنھنجي محور تي گھمندي آهي جيڪو هوا جي رخ کي تبديل ڪرڻ جو سبب بڻبو آهي انکي ڪوريولس ايفيڪٽ چئبو آهي
جڏهن هوا جا ماليڪيول ٿڌا ٿيندا آهن تہ هڪٻئي جي ويجھو ٿي ويندا آهن جنھن ڪارڻ هوا جي ڪثافت وڌي ويندي آهي هوا جي ڪثافت ۾ هي اضافو ان جڳھ گھڻو دٻاءُ پيدا ڪندي ۽ هي هوا ڳري ٿي ڪري هيٺ زمين جي سطح تائين ويندي آهي ۽ گهٽ دٻاءُ واري جڳھن تائين پهچي ويندي آهي اهو اي گھڻو دٻاءُ واري علائقن ۾ ٿيندو آهي زمين جي نصف ڪره اُتر ۾ زمين جي محوري گردش ان هوائن جي رخ کي گهڙي وار گردش جي وسيلي بدلندي رهندي آهي گهڻي دٻاءُ واري علائقن ۾ عام طور تي موسم سٺو رهندو آهي ۽ هوائون خوشگوار گهلنديون آهن جڏهن تہ گهٽ دٻاءُ واري علائقن ۾ جڏهن هوا گرم ٿيندي آهي تہ انجا ماليڪيول هڪٻئي کان پري هوندا آهن ۽ هي هلڪا ٿي ڪري مٿا ڏا اٿندي آهي ۽ عام طور تي انھن علائقن ۾ موسم آلودو ۽ تيز هوائن جو زور رهندو آهي 

جيٽ اسٽريم 
 گھڻيون اي تيز رفتار هوائون زمين جي گولي کان تقريبن پنج يا ڇھ ميل هر وقت گهلنديون رهندريون آهن گهڻو ڪري انھن جا رخ اولھہ کان اوڀر ڏا هوندو آهي هوائن جي ان برق رفتار کي جيٽ اسٽريم جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جيڪا گرم ۽ ٿڌي هوا جي هڪٻئي سان ملڻ ڪارڻ سرحدن تي ٺھندي آهي 
انھن هوائن جي رفتار پنجاھ کان سو ميل في ڪلاڪ هوندي آهي پر هي ٻہ سئو پنجاھ ميل في ڪلاڪ تائين پهچي وينديون آهن  
هي ڪيترا ئي دفعا بل کائي کائي ڪري هڪ ٻئي کان الڳ ٿينديون آهن ۽ هيٺ مٿي ٿينديون آهن هي تيز رفتاري سان گهلندڙ هوائون ڪنھن بہ علائقي ۾ سطح زمين ۽ فضا ۾ موجود هڪجهڙي نمي ۽ پد واري هوا جنھن کي ائير ماس چئبو آهي انکي متاثر ڪندي آهي ۽ طوفان برق وباران پيدا ڪنديون آهن

No comments:

Post a Comment