Thursday 10 October 2019

سائنس جو وڻ

سائنس جو وڻ
دريا خان :-

ڳنڊيل ڊاياگرام کي غور سان ڏسي ڇڏيو، هي سائنس جي مختلف نظريات جي پاڻ ۾ واسطي جي تصوير جو خاڪو آهي ان وڻ جي هر منزل سائنس جو الڳ شعبو آهي جنھن جا پنھنجا قائدا، پنھنجون حقيقتون ۽ تصور آهن جنھن جو واسطو ان منزل سان آهي، جيڪر هڪ منزل جي ظابطن جي گهرائي ۾ وڃڻو آهي تہ انکان پوئين منزل ۾ وڃڻو پوندو، جيئن تہ جڏھن ڪيمسٽري پڙهندا آهيون تہ عناصر ۽ ايٽم انجي لاءِ حقيقت آهي ۽ انجي خصوصيتن ۽ انجي عملن جو علم ڪيمسٽري ۾ پڙهنداسين، هاڻ پاڻ ايٽم ڇا ۽ ڇو آهي انجو جواب انجي پوئين منزل يعني ايٽامڪ فزڪس مان ملندو 
انٽرنيٽ عام ٿيڻ تي ٻارن جي روعي ۾ ڇا فرق پئجي رهيو آهي! هي سوشيالوجي جو سوال آهي ۽ انجي اصولن مان انجو جواب ڳولها ڪنداسين، جيڪر انھن اصولن جي وجھ کوجنا ڪرڻ هجي تہ نفسيات جي مدد وٺنداسين
هن ڊاياگرام جي مٿان واري منزلن ۾ ڪجھ اپروڪسيميشن موجود آهي، يعني جيڪڏهن ڪشش کي زيرو ڪري ڇڏيون تہ جنرل ريليٽيويٽي مان اسپيشل ريليٽيويٽي تائين اچي وينداسين، جيڪر ڪوانٽم فيلڊ ٿيوري ۾ روشني جي رفتار لامحدود فرض ڪجي تہ ڪوانٽم ميڪينڪس ۾ ۽ پوءِ پلانڪ ڪانسٽنٽ کي زيرو ڪري ڇڏيون تہ ڪلاسڪ ميڪينس جي اسٽيج ۾ پهچي وينداسين 
ڳجهين حقيقتن کي پڙهڻ، سمجھڻ ۽ ڄاڻڻ جو اهو درست طريقو آهي پر انکي جيڪڏهن ٺيڪ سان سمجھو يا جوڙجڪ نہ ڪيو وڃي تہ غلط سائنس ڏسڻ ۾ ملندي آهي 

انجون ڪجھ مثالون
جيڪڏهن نفسيات پڙهي رهيا آهيو ۽ خوشي جي جذبي کي خالي ڪيميڪل ري ايڪشن چيو ۽ ائين اي انجو مطالبو ڪرڻ چاهيو تہ نفسيات سمجھڻ ممڪن نہ هوندو پوئين منزل مان اڳئين منزل جي ڳجهي حڪم نامي جي اڀياس ڪرڻ اصولي طور تي تہ ممڪن هجي پر عملي طور نٿي ڪري سگهجي، ڪوانٽم ميڪينس کي ڪلاسيڪل ميڪينس جي طور تي نٿو سمجھي سگھجي ڇوجو سائنس جي وڻ جي غلط سمعت آهي 
جڏھن اسان فزڪس جي جديد ٿيوري کي پڙهندا آهيون تہ ان اپروڪسيميشنز کي ڄاڻڻ ضروري آهي جيڪا ان منزل جي بنياد آهي جئين تہ جتي ڪشش اهم ڪردار ڪندي هجي اتي اسپيشل ريليٽيويٽي صحيح نتيجا نہ ڏيندي، 
خلاصو هي تہ هر علم جي انجي واسطي اصولن موجب سمجھو ۽ علم جي وڏي تصوير کي بہ ذهن ۾ رکو

No comments:

Post a Comment