Tuesday 29 October 2019

شمسي نظام ۾ اورٽ ڪلائوڊ Oortcloud

شمسي نظام ۾ اورٽ ڪلائوڊ Oortcloud

اها سئو سال اڳ جي ڳالھ آھي جڏھن اسان لاءِ ڪل ڪائنات اسان جي ڪهڪشان يعين يعني (ملڪي وي) هوندي هئي، پر پوءِ ايڊون هبل جي عظيم دوربين اسان جي ڪائنات جي ڏسڻ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو اسان کي خبر پئي تہ اسان رات جو آسماني پردي تي جيڪو ڪجھ ڏسون ٿا اهو صرف اسان جي ڪهڪشان جو حصو آهي وقت گذرندو رهيو ڄاڻ گھڻي جديد ٿيندي وئي ۽ هڪ اندازي موجب هن ڪائنات ۾ اسان جي ڪهڪشان جھڙيون ٻيون 2 هزار ارب ڪهڪشائون ڪائنات ۾ موجود آهن يا انکان بہ وڌيڪ ان سان اوهان اندازو لڳايو تہ اسان جي ڄاڻ هن ڪائنات بابت ڪيتري گھٽ آهي پوءِ بہ اسان ماضي جي ڀيٽ ۾ ساگارا آهيو ان دور ۾ تہ زمين کي ئي سڀ ڪجھ سمجھو ويندو هئو تنھن جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو تہ 1932ع ۾ استونيا سان واسطو رکندڙ خلائي محقق ارنيسٽ اوپڪ دعوي ڪئي هئي تہ نظام شمسي ظاهر ٿيندڙ لقائن کي نظر ۾ رکي اهو چئجي سگهجي ٿو تہ نظام شمسي جي ڪنارن تي برف جا گھڻا وڏا وڏا ڪڪر موجود آهن ۽ انھن جي تھ اڻ ٿڪ ظاهري حد تائين ٿلھي آهي ارنيسٽ اوپڪ جي هن مفروضي تي تحقيق کان پوءِ ڊينمارڪ جي خلائي محقق جان اورٽ 1950ع ۾ اها دعوي ڪئي تہ نظام شمسي ۾ جيترا بہ پڇڙا تارا اسان کي نظر اچن ٿا، اهي اصل ۾ نظام شمسي جي هڪ اهم حصي کان اچن ٿا. جان اورٽ جي ان تحقيق جي بنياد تي شمسي نظام ۾ ان مخصوص حصي کي اورٽ ڪلائوڊ  Oortcloud اورٽ ڪڪر جو نالو ڏنو ويو اورٽ ڪلائوڊ اصل ۾ اسان جي شمسي نظام جي چوڌاري نظر نہ ايندڙ برف جي گولن تي جوڙيل هڪ ڀت آهي جيڪا اندازي موجب اسان جي شمسي نظام کان هڪ نوري سال کان وٺي ٽن نوري سالن تائين پکيڙيل آهي اورٽ ڪلائوڊ جي پٽي ۾ برف مان ٺھيل شھابيا Meteoroids موجود آهن جيڪي جڏهن سج ڏانھن وڌن ٿا تہ اسان کي پڇڙن تارن جي شڪل ۾ نظر اچن ٿا اهو چيو وڃي ٿو تہ اسان جو سج جڏهن جوڙي رهيو هئو تہ ان وقت ايتري وڏي مفاصلي تي موجود لٽ ۽  ٻيون شيون گڏجي گرھ نہ ٺاهي سگھيا تنهنڪري اهي رولاڪ برفاني پٿر جن کي ڪومٽ Comet چئبو آهي ان وقت کان وٺي سج جي چوڌاري هڪ ميڙ جي شڪل ۾ موجود آهن ۽ ٿي ماهرن موجب اهڙن برف وارن ڪومٽن ڪارڻ زمين تي زندگي جوڙي ڇوجو شمسي نظام جي ٺھڻ کانپوءِ نون جڙندڙ گرهن تي ڪروڙين سالن تائين برفاني پٿرن جو وسڪارو ٿيندو رهيو آهي ۽ انھن ئي برفاني پٿرن وسيلي زمين تي اهي عنصر پهتا جن ۾ زندگي جنم ورتو. اسان جو سج پنھنجي مقرر رستي تي هلي ٿو ان دوران اورٽ ڪلائوڊ مان ڪجھ شھابيا ڪڏهن ڪڏهن شمسي نظام کان ڌار ٻين تارن سيارن جو رستو وٺڻ ٿا ان دوران جيڪي گهڻي ڪشش ثقل رکندڙ ۽ ۽ وڏي جسماني عراضي رکندڙ تارا سيارا انھن کي پنھنجي مدار ۾ ڇڪي وٺن ٿا ۽ انھن ۾ شمال ٿي ويندا آهن يا وري پري هليا ٿا وڃن خلائي شھابين پٿرن جي اها اچن وڃ ڪروڙين سالن کان جاري ساري آهي آڪٽوبر 2017ع ۾ هڪ شھابيو جيڪو چار سئو ميٽر عراضي رکندڙ هئو، اهو تارن جي جهڳٽي Lyra مان آيو هئو سج جو چڪر لڳائيندي تارن جي ٻئي جهڳٽي Pegasus نالي ڏانهن روانو ٿي ويو اهو پھريون ڀيرو هو، جڏهن سائنسدانن ڪنھن اهڙي پٿر جي گھڻي ويجهڙائي کان واضع ڏٺو هجي تہ اورٽ ڪلائوڊ نالي ان برفاني پٽي کي اڃان تائين ڏٺو نہ ويو آهي پر اهڙيون ڪيتريون ئي نشانيون انجي هجڻ جو ويساھ ڏيارين ٿيون، اها برفاني پٽي اسان کان ڪيتري پري آهي تنهن جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائجي تہ ناسا چاليھ سال اڳ هڪ خلائي گاڏي (وائيجر ون) نالي شمسي نظام کان ٻاهرين طرف موڪلي هئي، جيڪا هيستائين لڳ ڀڳ 22 ارب ڪلوميٽرن جو مفاصلو ڪري چڪي آهي ان خلائي گاڏي 17 رهن ڪلو ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪندي 40 ليھ سال زميني گذاري چڪي آهي پر ان اورٽ ڪلائوڊ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اڃان وڌيڪ 3 سئو سال گھربل آهن ۽ ان ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ اتان نڪرڻ ۾ وري 30 هزار سال لڳندا.

حوالو: ڪاوش گئلري تان کنيل

وائيجر ون... 

No comments:

Post a Comment