Friday 25 October 2019

ڀورو بونو Brown dwarf

ڀورو بونو Brown dwarf
دريا خان 

ڀورو بونو هڪ اهڙو فلڪي جسم آهي جيڪو سج کان ننڍو ۽ هلڪو هجڻ سبب پنھنجي هائيڊروجن جي فيوزن رچاء واري عمل جي قابل نٿا هجن جنھن سبب انھن مان اوتري توانائي نيڪال ناهي ٿيندي جو اهو فلڪي ٻين جسمن جيان ڪنھن تاري جيان روشن ٿي سگھن 
سج جي ويجھو گهمڻ وارو سڀ کان وڏو سيارو مشتري Jupiter آهي ان بابت چيو ويندو آهي جيڪڏهن مشتري Jupiter جو ماس سو سيڪڙو وڌيڪ هجي تہ مشتري Jupiter پاڻ بہ هڪ تارو بڻجي وڃي ها جنھن سان هيليئم ٺھندي آهي ۽ اڻ لڀ توانائي بہ نيڪال ٿيندي آهي جيڪا تاري کي گرم ڪري روشن ڪري ڇڏيندي آهي مشتري Jupiter جو وزن اسانجي ڌرتي جي ڀيٽ ۾ 317.8 سيڪڙو وڌيڪ آهي جڏهن تہ مشتري Jupiter جي مقابلي ۾ سج 1047 سيڪڙو وڌيڪ ماس رکندڙ آهي ڀورو بونا سيارن جي ھيٺائي جڳھ جو پد گھڻو ڪري 2500 سو ڊگري سينٽي گريڊ تائين ٿئي ٿو اسانجي نظام شمسي جي سج جي ھيٺائي واري جڳھ جو پد 6 هزار ڊگري سينٽي گريڊ آهي 
هڪ اندازي موجب ڀورن بونن جو ماس مشتري Jupiter جي ڀيٽ ۾ 75 کان 80 سيڪڙو وڌيڪ هجي ٿو جيڪڏھن اهڙي ڪنھن جسم جو ماس مشتري Jupiter کان خالي 13 سيڪڙو وڌيڪ هجي تہ هائيڊروجن ۾ فيوزن رچاء ممڪن نہ ھوندو پر ڊيوٽيريئم ۾ وقتن بہ وقت فيوزن ٿيندو رهندو جنھن سان ٿوري گھڻي توانائي نڪرندي رهندي جيڪڏھن ماس مشتري Jupiter کان 65 سيڪڙو وڌيڪ هجي تہ ليٿيئم ۾ بہ فيوزن رچاء ممڪن ٿي ويندو آهي پر ليٿيئم اوتري جهجهائي نٿو رکي 
نظام شمسي جي وڏن سيارن ۾ مشتري Jupiter، زحل Saturn، يورينس Uranus ۽ نيپچون Neptune آهن يورينس کان سواءِ ٻيا ٽي سيارا سج کان جيتري توانائي کڻندا آهن انکان وڌيڪ نيڪال ڪندا آهن ان سان ظاهر ٿئي ٿو تہ سيارا هاڻي بہ سڪڙجي رهيا آهن يا انھن ۾ ڪڏهن ڪڏهن فيوزن رچاء وارو عمل ٿئي ٿو پر چين ري ايڪشن ممڪن ناهي زحل ۽ مشتري هڪ اڪيلائي آهن ان ريت ڀورا بونا ڀلي گھڻي ماس جا هجن يا گھٽ انھن جي جسامت مشتري جي جسامت کان گھڻي وڏي نٿي هجي يعني مشتري جي عراضي پندرهن کان ڏھ سيڪڙو وڌيڪ هجي ٿي انجو ڪارڻ وڏن ڀورن بونن جي جسمات اڇي بوني تارن جيان اليڪٽران بگاڙ دٻاءُ سان ڪنٽرول ۾ هوندي آهي
ڀورن سيارن ۾ عام طور تي ليٿيئم پاتو ويندو آهي جيڪو روشني spectrum ڦير ۾ 670.8 نينو ميٽر تي ليٿيئم ليڪ ٺاهيندو آهي انجي ابتڙ تارا پنھنجو ليٿيئم وڏي تيزي سان ڪتب آڻيندا آهن ان لاءِ اهو خالي نئي تارن ۾ اي پاتو ويندو آهي ۽ نوجوان ۽ پوڙهن تارن ۾ ناهي پاتو ويندو اسانجي نظام شمسي جي سج ۾ بہ ليٿيئم نہ هجڻ جي برابر آهي ڇوجو ليٿيئم خالي تاري جي مرڪز ۾ اي فيوزن رچاء ۾ ڪتب ٿي سگھي ٿو ان ڪري تاري جي ھيٺائي جو ليٿيئم خرچ ناهي ٿيندو پر جڏهن تاري جو پلازما ۾ مرڪز ڏا وهڪرو موجود هجي تہ هيٺ جو ليٿيئم بہ گھٽ ٿيندو ويندو سمجھو ويندو آهي تہ جن تارن جي ويجھو سيارا هوندا آهن انھن تارن ۾ ليٿيئم جي گھڻي گھٽتائي ٿي ويندي آهي ڇوجو سيارن جي ڪشش ثقل ڪارڻ تارن جي اندر پلازما جو وهڪرو وڌي ويندو آهي 

هن تصوير ۾ ٻہ ڀورا بونا Gliese 229B ۽ Teide 1 جو مشتري ۽ سج سان تشبيو ڪيو ويو آهي

No comments:

Post a Comment