Thursday 10 October 2019

بلوچستان جي علائقي آواران ۾ ٺهندڙ جزيرو ڇھ سال کانپوءِ غائب

بلوچستان جي علائقي آواران ۾ ٺهندڙ جزيرو ڇھ سال کانپوءِ غائب
”ترجمو دريا خان“

هاڻي کان ڇھ سال اڳ بلوچستان ۾ ايندڙ خطرناڪ زلزلي کانپوءِ بحيري عرب ۾ ٺهندڙ هڪ جزيرو هاڻ آهستي آهستي تقريبن غائب ٿي چڪو آهي 
چوويھ سپٽمبر ٻہ هزار تيرهن ۾ بلوچستان جي ضلع آواران ۾ ان زلزلي تباھڪاري مچائي ڇڏي ۽ مرندڙ ماڻھن جو انگ چار سئو کان ڇھ سئو ٻڌايو ويو هيو، آواران کان سواءِ بلوچستان جا ٻيا ڇھ علائقا پڻ زد ۾ آيا جنھن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت ست پوائنٽ ست هئي 
جنھن کانپوءِ گوادر لڳ هڪ جزيرو پيدا ٿيو هئو جنھن کي ڪوھ زلزلو جو نالو پڻ ڏنو ويو هيو زلزلي کانپوءِ ماڻھن جي وڏي انگ انکي ڏٺو هيو ماهرن جو خيال هئو تہ ان جزيري تي ھائيڊروڪاربنز موجود ٿي سگھجي ٿو ڇوجو ٻہ هزار ڏھ ۾ هنگول ويجھو پانيون ۾ بہ اهڙو ئي هڪ زلزلو اڀري آيو هئو جنھن مان ميٿين گيس نيڪال ٿي رهي هئي 

ھاڻ ناسا جي خلائي تصويرن ۾ پڌرو آهي تہ آهستي آهستي سمنڊ ۾ ويندڙ جزيرو هاڻ مڪمل غائب ٿي چڪو آهي ۽ ثبوتن تصويرون بہ پڌريون ڪيون ويون آهن، ناسا موجب ان جڳھ تي نرم گاڙ مٽي جو هڪ آتش فشان جبل آهي جنھن ڪارڻ اهو جزيرو ٺھيو هيو 
ناسا جي زميني مشاهدي جي سيٽلائيٽ ارٿ آبزرونگ ون ۽ لينڊ سيٽ اٺ هي تصويرون ورتيون آهن ۽ ماهرن ان تي چٽي نظر پڻ رکيون ويٺا هيا 
يوايس جيالوجيڪل سروي يو ايس جي ايس جي پروفيسر بل برنارٽ ايران ۽ پاڪستان جا زلزلي جا ماهر آهن سندن موجب بلوچستان جو سمنڊ اهڙن جزيرن جي اڀرڻ لاءِ گھڻي موزو جڳھ آهي ارضياتي طور تي گھٽ گهري پاڻي ۾ ميٿين، ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ ۽ ٻيا مائعات موجود آهن زلزلي سان هي نظام متاثر ٿيندو آهي ۽ مٿاڇري ڏا اٻُري پوندو آهي 
واضع رهي تہ مڪران ويجھو ٽي ارضياتي پليٽون گھڻيون سرگرم آهن ۽ ائين ان خطي ۾ زلزلي جا خطرا هاڻي بہ موجود آهن انھن ٽيڪٽونڪ پليٽن ۾ يورپي، عربين ۽ ايشين پليٽون شامل آهن

No comments:

Post a Comment