Thursday 10 October 2019

انساني دماغ ۽ خوشي

انساني دماغ ۽ خوشي
دريا خان :-

جڏھن هڪ عام انسان کاڌو کائيندو آهي يا پنھنجي دوستن سان ملندو آهي يا وري ڪنھن پروگرام مان انعام حاصل ڪندو آهي يا پنھنجي خوشي لاءِ ڪو بہ ڪم ڪار ڪندو آهي تہ ان انسان جي دماغ مان هڪ ڊوپامين نالي ڪيميائي مادو مرڪب نيڪال ٿيندو آهي، جنھن سان هڪ انسان کي خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ مزو ايندو آهي ۽ سٺو پن محسوس ٿيندو آهي.، مطلب تہ اسان ڪو سٺو ڪم ڪندا آهيون تہ اسانکي جيڪا خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪنھن مزي دار شي کائڻ سان مزو ايندو آهي تہ اهو سڀ اسانجي دماغ مان نيڪال ٿيندڙ ڊوپامين ڪارڻ ٿيندو آهي 

ائين جڏهن ڪو ماڻھون نشو ڪندو آهي تہ انجو بہ دماغ ڊوپامين نيڪال ڪندو آهي پر اهو هڪ عام انسان کان گهڻائي ۾، ان ڪري ماڻھون منشيات جا عادي ٿي ويندا آهن ڇوجو منشيات سان سندس جو دماغ گھڻي ڀاڱي ڊوپامين نيڪال ڪندو آهي ۽ انھن کي هڪ عام انسان کان وڌيڪ خوشي ۽ مزو محسوس ٿيندو آهي 
ائين پوءِ نشي جو عادي ماڻھون عام ماڻھن جئيان عام ڪم ڪار ڪرڻ سان ايترا خوش ناهين ٿيندا جيترو نشو ڪرڻ سان خوش ٿيندا آهن 
اسانجو دماغ هڪ خاص ڀاڱي ۾ ڊوپامين نيڪال ڪندو آهي، ۽ جيڪڏهن گھڻي ڀاڱي پنھنجي دماغ کان ڊوپامين نيڪال ڪرائڻ لاءِ سندس کي مجبور ڪندا رهون تہ وقت سان گڏوگڏ اسانکي نقصان تہ ٿيندو. جھڙي ريت نشو واپرائيندڙ ماڻھن جي حالت ٿي ويندي آهي

No comments:

Post a Comment