Friday, 10 October 2025

جنسي سڃاڻپ ۔ جین (22)


جنسي سڃاڻپ ۔ جین (22)
”دريا خان سنڌي“
سائنس جو سياسي يا سماجي نظريات سان ملاپ ڌمڪائيندڙ رهيو آهي، ڳالھ جڏهن تائين پکين، گرهن، جبلن، ڌاتن، پد، حرڪت، عنصر وغیرھ جي ڳالھ ٿيندي آھي، گهٽ ئي گھٽ مسئلو پيدا ٿيندو آهي پر جڏهن سائنس جو رخ پاڻ اسانجي طرف ٿي وڃي تہ معاملو فرق ٿيڻ لڳندو آهي، ڪن بيٺل لگندا آهن جيڪڏهن سائنس اسانجي خيالن سان اختلاف ڪرڻ شروع ڪري تہ ڳالھ وڌڻ لڳندي آھي 

مرد ۽ عورت ۾ نفسياتي فرق پرورش جو نتيجو آهي، انجي وجھ فطرت ناهي ۽ ڪلچر آهي، صحيح تربيت ۽ پرورش جنسي فرق مٽائي ڇڏيندي، ڪو بہ ڪجھ بہ بڻجي سگهي ٿو، خرابي مردن جي معاشري جي آهي”انساني فطرت جو انڪار ڪرڻ واري سماجي انصاف جي علمبردارن جو هي نعرو 1960ع جي ڏهائي ۾ اونچو ٿيو، ايستائين جو مين اسٽريم نفسيات تي اثرانداز ٿيڻ لڳو 

ڊيوڊ رائمر جن 2004ع ۾ خودڪشي ڪئي، انجي پيدائش ميل جي طور تي ٿي هئي، انھن جو نالو بروس رکيو ويو، اهو نااهل سرجن جي لاءِ ڪئي ويندڙ ختني جي هڪ خوفناڪ ڪوشش جو شڪار بڻيا جنهن کي صحيح نہ پئي ڪري سگهجو، جان هاپڪنز يونيورسٽي جي جان مني”پرورش“ واري اسڪول آف ٿاٽ کان واسطو رکندا هيا، مني جن تجويز ڪيو تہ هارمونل ۽ بيهيوريل ٿراپي جي مدد سان جنسي تبديلي ڪري وٺجي، انھن کي ڇوڪرين وارا ڪپڙا پرايا وڃن، هويئن پرورش ڪئي وڃي، گڏين ۽ سلائي مشينن جا رانديڪا ڏنا وڃن، اناٽومي جي سرجري ڪرائي وڃجي، ٻار سميت ڪنهن کي انجو ٻڌايو ئي نہ وڃي، بروس جو نالو برينڊا رکيو ويو 

مني انهن سان وقتن بہ وقتن ملاقات ڪندا هيا، باقدگي سان پيپر پڌرو ڪندا هيا جيڪو گهڻو وڌيڪ سائٽ ڪيا ويندا رهيا ”هي هڪ بي مثال ڪاميابي آهي، ان ڳالھ جو واضح ثبوت تہ ميل يا فيميل سوشل ڪنسٽرڪٽ آهن”مني جو هي دعوي سچ کان گهڻو پري هيو“

برينڊا گڏين سان کيڏڻ کان انڪار ڪندي هئي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي رانديڪن ۾ دلچسپي وٺندي هئي، چار سال جي عمر ۾ هڪ ڏينهن پنهنجا سڀ ڪپڙا ڪينچي سان ڦاڙي ڇڏيا، ڪردار ۾ ڊپريشن، ڏکائي ۽ ڪاوڙ ظاهر هيا، چوڏھ سال جي عمر ۾ پاڻ سان ٿيڻ واري ان خوفناڪ سلوڪ جو خاتمو ڪري ڇڏيو، هارمون جون ٽڪيون کائڻ بند ڪري ڏنيون، پنهنجو نالو برينڊا مان ڊيوڊ رکي ورتو، زندگيءَ ۾ ڪاوڙ، انڪار ۽ ڊپريشن نہ ختم ٿيو ۽ پوءِ هڪ جهڙي کانپوءِ بروس مان برينڊا، برينڊا مان ڊيوڊ بڻجڻ واري ڇوڪري خودڪشي ڪري ورتي، انھن جي هڪ آئيڊنٽيڪل جاڙو ڀاءُ برائن هيا، جن ساڌي زندگيءَ بسر ڪئي 

جنس جي تبديلي جي انهن تجربات جو نشانو ڪيترا ٻيا ماڻهون بہ بڻيا، جنسي عضوا نامڪمل هئڻ جهڙن مسئلن جي وجھ سان جنسي تبديلي جو آپريشن جهڙي پروسيچر ڪرايا ويندا رهيا، ان تي 2005ع ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي پاران تفصيلي تجزياتي اڀياس ڪئي، جيتوڻيڪ سڀ گيس ڊيوڊ جي طرح جا انتها جا نہ هيا پر جنھن ڪيس ۾ بہ جين جي مخالف جنس اسائن ڪئي وئي، اتي وڌيڪ تر جنسي ڊسفوريا جي مسئلا رهيا، جڏهن تہ جتي جين جي مُطابق جنس اسائن ٿي انهن مان ڪو هڪ ڪيس بہ اهڙو نہ نڪتو 

انھن رپورٽن انن مفروضن کي دفن ڪري ڇڏيو ( جيتوڻيڪ ڪجھ ماڻهو اڃان بہ ان مان پاسي ٿيڻ جي لاءِ تيار ناهين) تہ جنسي سڃاڻپ پروگرام ڪري سگهجي ٿي يا سوشل ۽ ڪلچرل طريقي سان اثرانداز ٿي سگهجي ٿو، ڪجھ ٿورن ئي گھٽ ڪيسز جي، جينياتي جي صحيح چونڊ آهي 

فطرت جي اهم ترين دوا خالي هڪ سوئچ سان؟ پر پوءِ ٽرانس جينڊر؟ هي ڪيئن؟ ۽ هر ڪلچر ان مان واقف آهي تہ جينياتي سڃاڻپ پاڻ هڪ تسلسل ۾ آهي، مثال، هڪ جنس ۾ جيڪڏهن هڪ طرح جو رويو وڌيڪ آهي تہ هي ان جنس جي هر فرد ۾ هڪ طرح جو ناهي، ڪنھن فرد ۾ ٻئي جنس کان بہ وڌيڪ آهي، گڏين سان کيڏڻ وارو ڇوڪرو ۽ گاڏين سان کيڏڻ واريون ڇوڪريون عام آهن، جينياتي لحاظ سان ان ۾ ڪو تضاد ناهي، ماسٽر سوئچ ۽ جينز جي هائيرارڪي ۾ تنظيم جينياتي ڊيزائن جو حصو آهي، SRY جين آن ڪريون تہ نر بڻجي ويو، آف ڪريون تہ مادي، پر جنس جو ارادو ۽ جنسي سڃاڻپ جي وچ ٻيو گهڻو ڪجھ آهي، درجنن ٽارگيٽ آهن جنهن کي ان جين پاران فعال ڪرڻو آهي، انن کي آن يا آف ڪرڻو آهي، جيئن ڪنھن ريلي ريس ۾ ڀڄندي وقت ڏنڊي اڳئي ڀڄڻ واري جي حوالي ٿيندا آهن، اڳيان جين وڌيڪ شين کي ريگوليٽ ڪندا آهن، هارمون، رويي، سوشل، پرفارمنس، ياداشت، ڪلچرل رول، ايڪسپوزر، جنهن کي اسان جنس چوندا آهيون هي هڪ جينياتي ۽ ڊولپمينٽ جي وهندڙ جھرڻو جو هڪ وڏو سلسلو آهي، هي جين انجي منڊ تي آهي،”ان ڪيڪ کي بنائڻ جي لاءِ پهريان چار ڪوپ اٽو ورتو وڃي،” جيڪڏهن هي نہ ڪندا تہ پوءِ جيڪي بڻبو، اهو ڪيڪ نہ هوندو پر ان پهرين وک کان اڳتي ڪيترائي ويري ايشنز بڻائي وڃي سگهجن ٿا 
  
۽ جنهن طرح سوائر سنڊروم ۾ Y وائي ڪروموزوم جي هوندي بہ جينز عورت ئي بڻائيندي آهي ڇوجو هڪ سوئچ فعال ٿيڻ کان رهجي ويندو آهي، انهي طرح انجي فعال ٿيڻ جي باوجود اڳيون ڪاسڪيڊ ۾ ڪنهن جو غيرفعال رهجي وڃڻ جو پنهنجو مطلب نڪرندو آهي، ڪنھن ٻئي جين جو ڪو ٻيو ويري انٽ جو ڪنهن هارمون جي نيڪال کي ئي بدل ڇڏيندو آهي، دماغ جي لاءِ سنگل تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، انجي سڃاڻپ جو سوائر سنڊروم چئي سگهجي ٿو 

ان تنظيم کي هائيرارڪي اسانکي جينياتي ڪاسڪيڊ جي تنظيم جي وڏي اهم اصول جو ٻڌائيندي آهي، فطرت ۽ ترتيب جي پراڻي بحث جي جنگ وڏي آهي ۽ تکو آهي، ان ۾ ڪجھ ماڻهو وچ جي راھ وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن تہ سڃاڻپ ۾ فطرت ۽ ترتيب ٻهي آهن، جين ۽ ماحول، اندروني ۽ ٻاهرين ان پٽ سان ملي ڪري سڃاڻپ بڻجندي آهي، انکي”بيوقوفون جي صلح“ چئي سگهجي ٿو، ڇوجو انجي ڪا بنياد ناهي، ان سوال جو جواب ڏيڻ کان پهريان هي ڄاڻڻ جي ضرورت آهي تہ اسان هائيرارڪي ۾ ڪهڙي سطح جي ڳالھ ڪري رهيا آهن، انطرح جا ڪاسڪيڊ جينوم ۾ جڳھ جڳھ تي نظر ايندا آهن 

شخصيت ۾جنس جي ڏيکاءُ ۾ SRY جو سوئچ مٿي لڳل آهي ۽ شخصيت جي آبشار جي هزارين شاخن تائين انن جو پاڻي پهچندو آهي، ان ڪاسڪيڊ جي مٿان واري سطح تي فطرت پنهنجو ڪم قوت سان ڪندي آهي جيڪا هڪ طرفو آهي، ان جڳھ تي جنس جو تصور ساڌو آهي، آن يا آف جيڪڏهن اسان انجي پوزيشن تبديل ڪرڻ سکهي وٺون، ڪنھن ڊرگ يا جينياتي طريقي سان، تہ اسان عورتن ۽ مرد جي پروڊڪشن کي ڪنٽرول ڪري سگهون ٿا، ۽ اها مڪمل طور تي عورت يا مرد جي تقريبن سڀهي سڃاڻپ وٺي ڪري نڪرندا، ان نيٽ ورڪ ۾ اسان جيترو هيٺ هلندا وينداسين، مڪمل جينياتي ويو جو ڪم گهٽ ٿيندو ويندو آهي، انجي ميدانن ۾ انفارميشن ڪيترين جڳهن کان اچي رهي آهي، تاريخ معاشرو، ڪلچر جي ڇوليون اچي ڪري جين سان ٽڪرائبون آهن، ڪجھ هڪ ٻئي کي ڪينسل ڪري ڇڏيندا آهن، ڪجھ هڪٻئي کي وڌيڪ طاقتور، خالي ڪو هڪ زور طاقتور ناهي، پر انهن سڀني جي ملي ڪري بڻڻ وارا اثرات هڪ الڳ ۽ هيٺ مٿان وارو منظر بڻائيندا آهن، ان منظر کي اسان فرد جي شخصيت چوندا آهيون 

جين جو ارادو رنگت - جين (21)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2734348193513921/

هلندڙ... 

#ScienceJeDuniya 

جين جو ارادو رنگت - جين (21)


جين جو ارادو رنگت - جين (21)
”دريا خان سنڌي“
ڇوڪرو يا ڇوڪري، بائيولوجي جو هي سوال اوترو هي پراڻو آهي جيترو انسان، هي ٿيندو ڪيئن آهي؟ ٿامس مورگن جيڪو جينيات جي بانين مان هيا، انھن جنس جي ارادي ۾ جينيات جي ڪردار کي نيڪال مان امڪان ڪوٺيو هيو” نر يا مادي ۾ هي ڪيئن ريڪور ٿيندو آهي؟ انجو واسطو انهن حالتن سان آهي جنھن ۾ هي وڌنڌو آهي، نر يا مادي جي وچ فرق کي جين مان ڳولها ڪرڻ بي ڪار آهي ڇوجو بيضو هڪ متوازن حالت ۾ هوندو آهي،”مورگن جو خيال غلط هيو 

نيٽي اسٽيونز جي والد هڪ ڊکڻ هيا، نيٽي جن تعليم ڪئي هئي ۽ اسڪول ۾ ٽيچر بڻجي ويون هيون، اسڪول جي پگهار ۽ ٽيوشن مان پيسا گڏ ڪري اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ بائيولوجي ۾ داخلا ورتي جيڪو ان وقت ڪنهن عورت جي لاءِ عجيب چونڊ سمجهو ويندو هيو، زولوجي ۾ پنهنجي ڪم جي لاءِ اٽلي ۾ 1903ع ۾ ملاحن جي رهائش جي چونڊ ان مان بہ عجيب ٿي ويو، اتي انهن سان ڪم ڪرڻ واري ٿيورڊور بووري هيا، بووري ملاحن سان سمنڊي ارچن sea urchin جا آنا حاصل ڪري انهن تي ڪروموزوم جي سڃاڻپ جي تڪنيڪ بڻائي هئي 

ڇا ڪروموزوم جنس جو ارادو ڪري سگهي ٿي؟ ان سوال جي لاءِ اسٽيونز هڪ سادي جاندار جي چونڊ ڪئي جيڪو mealybug هيو (جنهن کي اٽي جو ڪيڙو بہ چيو ويندو آهي) اسٽيونز جن جڏهن بووري جو طريقو انهن ۾ نر ۽ مادي تي استعمال ڪيو تہ ان سوال جو جواب جيئن پاڻ هي ٽپو لڳائي ڪري خوردبين هيٺ نظر اچي ويو، mealbug ۾ ويھ ڪروموزوم ٿيندا آهن، هي ڏھ جوڙڻ جي صورت ۾ هوندا آهن، مادي ڪيڙن ۾ هي ڏھ جوڙا ميچ ٿيندا هيا، جڏهن تہ نر ڪيڙي ۾ نو جوڙا تہ هوئين ئي هيا، پر ٻن ڪروموزوم - اسٽيونز جن تجويز ڪيو تہ هي ننڍو ڪروموزوم جنس جو ارادو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي، انکي” جنس جو ڪروموزوم“ چيو. 

جنس جي ارادي جي هاڻي سادي کن ٿيوري ملي وئي هئي، نر وٽ هي ٻهي ڪروموزوم 
آهن، هڪ نارمل سائز جو جيڪو مادي بڻائيندو آهي ۽ هڪ ننڍي سائز جو جيڪو نر بڻائيندو آهي، جڏهن اسپرم مان هي ننڍو وارو ڪروموزوم حاصل ٿيندو آهي تہ اڳيون ڪيڙو نر ۽ جيڪڏهن نارمل سائز جو تہ اڳيون ڪيڙو مادي 

انجي تصديق ايڊمنڊ ولسن جي ڪم سان ٿي وئي، انھن ان جي اصطلاحات کي ساڌو ڪري ڇڏيو، ننڍن کي Y چيو، نارمل سائز واري کي X، نر جا خليا XY وارا هيا جڏهن تہ مادي جي خليا XX وارا، آني ۾ مادي جي طرف کان X ڪروموزوم ايندو آهي، جيڪڏهن Y ڪروموزوم وارو اسپرم انکي فرٽيلائز ڪري ڇڏي تہ ملي ڪري XY بڻجي ويندا ۽ نر بڻبو، جيڪڏهن X وارو ڪري ڇڏي تہ XX ۽ نتيجو مادي جي صورت ۾ نڪرندو، هي جنس جي ارادي جو عمل آهي، جيڪو رينڊم آهي ۽ پهريون اسپرم جيڪو جينياتي تي لوڊ داخل ڪندو آهي، ان وقت جنس جو فيصلو ٿي ويندو آهي 

اسان ڄاڻون ٿا تہ هر قسم ۾ نر ۽ مادي ۾ گهڻا فرق هوندا آهن، هي انفارمیشن ڪٿي آهي؟ ان هڪ مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو هيو 

اسٽيونز ۽ ولسن جن جيڪو سسٽم دريافت ڪيو هيو، انجو هڪ اهم نتيجو نڪرندو هيو، جيڪڏهن Y ڪروموزوم ۾ نر بڻجڻ جي سڄي انفارميشن آهي تہ ان ڪروموزوم ۾ اهوئي سڀ هدايتون هونديون جيڪي نر ۽ مادي کي جدا ڪندا آهن، ماهرن جينيات جو خيال هيو تہ انھن ۾ درجن اهڙيون جينز هونديون جيڪي اناٽوميڪل، فزيولوجيڪل ۽ سائيڪو لوجيڪل نمو ڪوآرڊينيٽ ڪندا آهن، هي تصور ڪرڻ مشڪل هيو تہ هي ڪم هڪ ئي جين ڪري سگهندي هئي، پر ٻيو پاسو هي آهي تہ Y ڪروموزوم جينز جي رهڻ جي لاءِ سٺي جڳھ ناهي انجي وجھ هي آهي تہ هي جوڙي جي صورت ۾ ناهي هوندو انجو ڪو ڊپليڪيٽ ۽ بيڪ اپ نہ آهي، ان ڪروموزوم جي هر جين کي پنهنجي حفاظت پاڻ ڪرڻي آهي، خراب ٿيڻ تي مرمت نٿي ڪري سگهجي، ڪجھ بہ ٻئي جڳھ مان ڪاپي نٿو ڪري سگهجي (جيڪو ٻين ڪروموزوم جو طريقو آهي) جيڪڏهن اتي ميوٽيشن ڦير گهير جو حملو ٿي وڃي تہ ريڪوري جو طريقو نہ آهي، Y ڪروموزوم ماضي جي انهن زخمن جا نشان رکندو آهي جيڪي ان وجھ سان انساني جينوم ڄڻوٺو جو سڀ کان نازڪ حصو آهي 
 
ان جينياتي بمباري جو حل هي ڪڍيو تہ انھن ڪيترا ملين سال کان پاڻ کي مختصر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، اهڙا جين جيڪي اسان هياسين، انھن ٻين ڪروموزوم جي تابع ڪري ڇڏيو، جتي اهو باحفاظت گڏ ٿي سگهن، اهڙا جين جيڪي غير اهم هيا، اهوئي ريٽائر ڪيا ويا يا ترڪ ٿي ويا، ان ۾ انفارميشن گهٽ هئڻ سان گڏوگڏ ان جو پنهنجو سائز ننڍو ٿيندو ويو، هڪ هڪ ٽڪڙا ڪري ڪري، ميوٽيشن ڦير گھير ۽ جين جي ختم ٿي وڃڻ جي بي ڪيف سائيڪل ۾، Y ڪروموزوم جو سڀ کان ننڍو ٿيڻ محض اتفاق ناهي، انکي planned obsolescence چوندا آهن، مرداڻو ريٽائرمينٽ گهر ۾ سگريٽ جو ڪش وٺندي ڌوئين ۾ ختم ٿيندڙ ماڻهون جيان 

جينياتي لحاظ سان هي هڪ وڏو دلچسپ پيراڊوڪس پيش ڪندو آهي، جنس انساني جي ڳجهائي ترين خاصيتن مان آهي، هي ڪروموزوم سان ٻڌائيندا آهن تہ انهن جي ڪوڊنگ ڪيترن جينز سان ملي ڪري نٿي ٿي سگهي، هڪ جين جيڪو ان نازڪ ڪروموزوم ۾ دٻيل آهي اها ان خاصيت جو ماسٽر ريگوليٽر آهي 

ڪروموزوم جي اندر ان جين جي ڳولها لنڊن ۾ هڪ ماهر جينيات پيٽر گڊفيلو جن 1980ع جي ڏهاڪي ۾ شروع ڪئي، انھن هڪ برطانوي اينڊوڪرائينولوجسٽ جيرالڊ سوائر جو اڀياس پڙهيو هيو، سوائر جن گهڻو ئي گھٽ پاتو ويندڙ سوائر سنڊروم Sawyer syndrome دريافت ڪيو هيو، ان ۾ XY ڪروموزوم جي هوندي بہ هڪ فرد عورت هوندو آهي، نفسياتي، جسماني ۽ هر لحاظ سان، سوائر سنڊروم واري عورت ۾ Y ڪروموزوم تہ موجود هوندو آهي پر ڪنهن وجھ سان هي پنهنجي هئڻ جو اعلان ناهي ڪري سگهندو، اهڙين عورتون کي ڳولهڻ، انجي Y ڪروموزوم جو هڪ هڪ ڪري ڪري مطالعو ڪرڻ، ان ۾ اها ڦير گهير ڳولهڻ جنهن جي وجھ سان هي پنهنجو ڪم نہ ڪري سگهيو، هي جنس جي جين ڳولها هئي (۽ هي سولي نہ هئي) 

ڊيوڊ پيج جن ايم آئي ٽي ۾ پنهنجي ٽيم سان گڏ ان طريقي سان Y ڪروموزوم جو هڪ علاقو دريافت ڪري ورتو هيو، هي سڀ محنت گهربل هيو، هڪ هڪ ڪري ڪري ان علائقي مان جين کي پڙهڻو هيو، گڊفيلو اڳتي وڌي رهيا هيا جڏهن انهن کي 1989ع جي گرم موسم ۾ انهن کي خبر ملي تہ پيج جن جين دريافت ڪري ورتي آهي، انکي ZFY جين چيو ويو، صحيح جڳھ تي موجود جين شروعات ۾ سٺو اميدوار لڳي رهي هئي پر جڏهن گڊفيلو جن انجو احتياط سان گڏ تجزيو ڪيو تہ هي فٽ نہ ٿي رهي هئي، سوائر سنڊروم واري عورتن جا سيڪونس ۾ ان جين جي ڪا اهڙي ڦير گهير دريافت نہ ٿي جيڪا سگنلنگ روڪيندي هجي، گڊفيلو واپس پنهنجي ڳولها ۾ لڳي ويا 

پيج جي ٽيم صحيح جڳھ تائين تہ پهچي وئي هئي پر صحيح جين کي مس ڪري ڇڏيو هيو، انهي سال ان مان ويجهو هڪ ٻئي جين ملي، ننڍي جين، سواءِ ڪنهن انٽرون جي، ٽائٽ پيڪنگ ۾، غير دلچسپ لڳڻ واري، انجو نالو SRY رکيو ويو، هي SRY پروٽين بڻائيندي هئي، ان پروٽين جي نر جانورن ۾ موجودگي بہ ان خيال سان صحيح ٿيڻ جي طرف اشارو هئي، سوائر سنڊروم واري عورت جي تجزي ان جين جي هڪ ڦير گهير کي ظاهر ڪري ڇڏيو هيو جيڪو ان خاندان جي ٻين فردن ۾ نہ هئي، پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ڏيڻ جي لاءِ هڪ آخري ڊرامائي تجربو رهجي ويو هيو 

جيڪڏهن هي جنس جو ارادو ڪندي آهي تہ جيڪڏھن مادي ۾ ان جين کي فعال ڪري ڇڏجي؟ ڇا مادي کي نر بڻائي سگهجي ٿو؟ گڊفيلو جن مادي ڪوئن ۾ ان جين جي اضافي ڪاپي داخل ڪئي، انجي اڳئي نسل ۾ جيڪي ٻچا XX سان گڏ پيدا ٿيا هيا ( جينياتي لحاظ سان مادي) اها جسماني لحاظ کان ۽ عادتن جي حساب سان نر هئي، گڊفيلو جن ابتي سوائر سنڊروم هڪ جين کي تبديل ڪري پيدا ڪري ڇڏيو هيو

تہ ڇا جنس خالي هڪ جين آهي؟ تقريبن، سواءِ ايسٽروجن جي ليول جي سطح گهٽ هئڻ جهڙي ڪجھ هڪ شين جي ان جين جي غيرفعال ٿيڻ جي وجھ سان XY هئڻ جي باوجود جنسي سڃاڻپ هر لحاظ کان عورت جي هئي، SRY جين ۾ هڪ تبديلي پوري ماڻهون کي بدلي ڇڏيندي آهي، هي گهڻو ئي ساڌو آهي، جيئن هڪ سوئچ آن يا آف ٿي وڃي، آنم ڪنھن بہ طرح جو ڪو شڪ ناهي 

پر جيڪڏهن هي هڪ آن يا آف سوئچ آهي تہ مرد ۽ عورت جي وچ جا ڪيترا رنگ؟ انجو پس منظر جينومڪ ڪوڊ جي جينياتي ڪاسڪيڊ - آبشار آهن 

هلندڙ....

اسان سڀ هڪجهڙا آهيون؟ جين (20)

https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2732613217020752/

#ScienceJeDuniya 

اسان سڀ هڪ جهڙا آهيون؟ جين (20)


اسان سڀ هڪ جهڙا آهيون؟ جين (20)
”دريا خان سنڌي“
ميڊيڪل سائنس دنيا کي ابتي نظر سان ڏسندي آهي، صحتمند هئڻ جو مطلب بيماري نہ ٿيڻ آهي، هڪ ارٿوپيڊسٽ جي لاءِ هڏي اها شيءِ آهي جتي فريڪچر ٿيندا آهن، نيورلوجسٽ جي لاءِ دماغ اها شيءِ آهي جتي يادداشت وڃائجي ويندي آهي، بائيولوجي ۾ جين جي نالن سان گڏ گهڻو عرصو هي سلوڪ ٿيندو رهيو”ڇاتي جي ڪينسر جي جين“،”هنٽنگٽن بيماري جي جين“ مکين ۾”پر غائب ٿيڻ جي جين“ اهوئي پروٽين بڻائيندا آهن جيڪي پر بنائڻ جي هدايت ڏيندا آهن، هي خراب هجن تہ پر ناهين بڻجندا، هي نالا ايئن هيا جيئن اسانجي عضون ۾ دماغ جو نالو ويسر، معدي جو نالو السر، دل جو نالو هارٽ اٽيڪ يا هڏي جو نالو فريڪچر رکي ڇڏجي 

انساني جينوم ڄڻوٺو پراجيڪٽ ان تصوير کي بدلي ڇڏيو ۽ هي جين جي باري ۾ سوچ جي بنيادي تبديلي هئي، جينيات جو علم پيٿالوجي يا بيمارين جو نہ رهڻ هيو، جين جي نئي سائنس تاريخ، زبان، يادداشت، ڪلچر، سڃاڻپ ۽ نسل جي هئي، هي نارمل انسان جي سائنس هئي، صحت، سڃاڻپ ۽ قمست جي، هي جين جي ڪھائي جو ٽرننگ پوائنٽ هيو، جين، زندگيءَ ۽ معاشري جي سائنس جنھن تاريخ جي ڳجهائي ترين سائنس جي، فلسفي جي ۽ اخلاقيات جي سوال اسانجي سامهون وٺي کڻي گڏ ڪيا 

جين نسل جي باري ۾ ڇا ٻڌائيندي آهي؟ گهڻو ڪجھ، سڀ کان پهريان تہ هي تہ ڪنھن بہ جاندار جي مقابلي ۾ انسانن ۾ قسم جي گهٽتائي آهي، اسان هڪ گهٽ عمر قسم آهيون، اسانجي هڪٻئي سان فرق گهڻو گهٽ آهن، پر جڏهن اسان غور سان جينوم ڄڻوٺو کي ڏسون تہ انجي ڦير گهير تبديلي اسانکي جغرافيائي علائقن ۽ کنڊن ۾ ڏيکاربي آهي، هر فرد جو جينوم ڄڻوٺو پنهنجي وڏن جا نشان رکندو آهي، ڪنھن ھڪ فرد جي جينيات انجو تاريخي علاقو، قوميت، رياست ۽ ايستائين تائين جو قبيلي کي بہ حيرت انگيز ايڪوريسي سان بيان ڪري ڇڏيندا آهن 

نسل پرستي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ڪجھ ماڻهو نسل جي هئڻ جو انڪار ڪري ڇڏيندا آهن، جڏهن ڪو فرد پنهنجي باري ۾ پتو لڳائيندو آهي تہ انجا وڏا ڪٿان ڪٿان کان آيا، تہ حيران ڪرڻ وارو تجربو هوندو آهي، نسل جي تعريف جي حدون ايتري واضح ناهين، هي  منجهيل ۽ دهندلي ليڪون آهن، پر پوءِ ڪنهن کي ڏسندي ئي اندازو لڳائي وٺڻ تہ فلاڻو ماڻهون فلاڻي نسل يا قوم سان واسطو رکندو آهي، ڪنھن جي لاءِ بہ سولو آهي، حقيقت هي آهي تہ جينوم ڄڻوٺو جي دور ۾ نسل جو تصور گهٽ نہ ٿيو، پر، نسل پرستي جو اصل سوال هي نہ آهي 

”عادتون نسل جو پتو ڏينديون آهن“ ”منھنجي قوم جهڙو ڪو ناهي“ ” ماءُ ۽ پيءُ مان نسل “ ”اصل نسل“، اعلانيل يا پوءِ غير شعوري طور تي اسان هي تصور رکندا آهيون تہ نسل ڪيتريون ۽ شيون ٻڌائي سگهن ٿا، هي قومپرستي ۽ نسل پرستي ۽ جين پرستي جي بنياد آهي“
هڪ نسل پرست جي لاءِ سوال اتي هي ناهي هوندو تہ ڪنھن ماڻهو جو رنگ، وار، اک، زبان وغيرھ سان انجي وڏن جي باري ۾ ٻڌائي سگهون ٿا يا نہ، جينوم جڻوٺو هاڻ اسانکي ان مان بہ گهري معلومات ڏيندو آهي، نسل پرستي جو اصل سوال ان کان ابتو هوندو آهي، ڇا نسلي سڃاڻپ ( ڪاري رنگي آفريڪي، پٺاڻ، انگريز وغيرھ) جي مدد سان اسان وڌيڪ ڳجهائي فيچرز جو ڄاڻي سگهون ٿا؟ ذهانت، عادتون، شخصيت، قابليت، مزاج؟ جين نسل ٻڌائي ڇڏيندي پر ڇا نسل جين جي باري ۾ ٻڌائيندي آهي؟ 

انجو جواب ڄاڻن جي لاءِ اسان نسلي ڪيٽگري جي وچ ڊسٽريبيوشن ورڇ جا اڀياس ڪري سگهون ٿا، ڇا آفريقي ۽ يورپي جينياتي ڪوڊ جي وجھ سان ذاتي، جسماني ۽ ذهني خاصيتن ۾ ڪا معني خيز فرق ايندو آهي؟ ۽ هاڻي اسان انطرح جي سوالن جا جواب عددن ۽ شمارن جي مدد سان ڄاڻيندا آهيون، جيڪو ڪنھن بہ طرح جي نسل پرست جي لاءِ مايوس ڪندڙ آهن 

هر شمار ڪئي وڃڻ واري ڳجهائي خاصيت ۾ جواب هڪ ئي نڪرندو آهي، هڪ نسل جي اندر ماڻهن ۾ فرق هڪ نسل ۽ ٻئي نسل جي فرق جي مقابلي ۾ گهڻو وڌيڪ آهن، يعني انسان هڪ جهڙا ناهين ۽ انسانن جي صلاحيتن ۾ فرق آهن( هي عام مشاهدا آهن) پر انجو ڪنهن نسل سان واسطو گهڻو گهٽ آهي، انجي وجھ پاڻ جين ۾ ڏسجي سگهجي ٿي، جينياتي وير ايشن ڦير گهير تبديلي هڪ گروپ جي فردن جي اندر اندر، ٻئي گروپس جي مقابلي ۾ گهڻي وڌيڪ هوندو آهي، فردن ۾ تہ فرق آهي، قومن ۾ ناهي 

جڏهن اسان ڪنھن خاصيت جي تعريف جو فوڪس وڌايندا وڃون تہ هي فرق ظاهر نظر اچن لڳندا، سڪل سيل انيما جي بيماري غرب الھند جي ڪاري رنگ جي آبادي ۾ وڌيڪ هوندي، ٽي سيڪس جي بيماري آشڪيناري يهودين ۾، ڇوجو انجو واسطو هڪ جين سان آهي، پر جينوم ڄڻوٺو ون وي اسٽريٽ آهي، جينوم ڄڻوٺو ۾ فرد جي تاريخ جو دستخط آهي پر تاريخ جو دستخط فرد جي باري ۾ گهڻو گهٽ معلومات ڏيندو آهي، ڊي اين اي ڏسي ڪري هي ٻڌائجي سگهجي ٿو تہ ان ماڻهو جا ڏاڏا اباڻا نائيجيريا کان هيا پر هي نہ تہ ان وجھ سان هي فرد ڪيئن هوندو 

ماهر جينيات هي ٻڌائي ڪري خوشي خوشي گهر هليو ويندو آهي، نسل پرست خالي هٿ رهجي ويندو آهي 

جينز خاصيتون ڏيندا آهن، انھن کي ڪيٽگري ۾ ورڇ ڪرڻ ناهين ٻڌائيندا، هي ماحول، ڪلچر، جغرافیا ۽ تاريخ ڪندي آهي، جيڪا جينياتي ويري ايشن ڦير گهير تبديلي ڪنهن هڪ جڳھ تي وڌيڪ هجي، انکي نارمل چيو ويندو آهي، ( ڪيترا ڀيرا قدرتي، ذهني ۽ جسماني لحاظ سان صحت مند بہ) جيڪي ويري ايشن ڦير گهير گهٽ هجي، انکي ميوٽنٽ چئي ڇڏيندا آهن، ۽ هي لساني تفريق جينياتي ڦير گهير سان گڏ گڙبڙ ٿي ويندي آهي، جڏهن هڪ جينياتي ويري انٽ ڪنهن جاندار جي هڪ ماحول ۾ ڦٽنس متاثر ڪري تہ اسان انکي جينياتي بيماري چوندا آهيون، جڏهن اها ئي ويري انٽ ان ڦٽنس کي وڌائي ڇڏي تہ انکي جينياتي بهتري 

ارتقائي بائيولوجي ٻڌائيندي آهي تہ هي لفظ پاڻ ۾ بي معني آهن، انجو واسطو ماحول سان آهي، ماهر نفسيات ايليسن گوپنگ موجب،”جڏهن ڪو پڙهڻ نہ ڄاڻيندو هيو تہ ڊسليڪسيا ( لکڻ پڙهڻ ۾ مشڪل) مسئلا نہ هيو، هڪ تعليم يافتا معاشري ۾ جين جي هي ويري ايشن ڦير گهير زندگيءَ بدلي ڇڏڻ واري بيماري بڻجي وئي“. 

جینیات کان نسلي پرستي جو خوفناڪ پاڇو يوجينڪس ۽ پوءِ نازي ازم جي صورت ۾ ريڪور ٿيو هيو، جينومڪس جن انکي واپس بوتل ۾ بند ڪري ڇڏيو” اسان سڀ هڪ هي تہ آهيون، خالي رنگ جو ئي فرق آهي

هلندڙ...

انسان جي ڪتاب - جين (19)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2723927594555981/

#ScienceJeDuniya 

انسان جي ڪتاب ۔ جین (19)


انسان جي ڪتاب ۔ جین (19)
”دريا خان سنڌي“
انسان جي بنائڻ جي ترڪيب انجي جينوم - جڻوٺو ۾ لکيل آهي، انکي هيومن جينوم جڻوٺو منصوبي پڙهيو، ان ڪتاب مان ڪجھ سٺيون سٺيون ڳالهيون

ان ۾ 3,088,286,401 اکر آهن ( ڪجھ هڪ اڌ اڳتي پوئتي ڪري وٺو) 

جيڪڏهن انکي هڪ ڪتاب جي صورت ۾ عام سائز جي اکرن ۾ گڏ گڏ ملائي ڪري لکيو وڃي تہ پندرهن لک پنن تي پوري اچي ويندي، هي بريٽينيڪا انسائيڪلوپيڊيا کان 66 ڀيرا وڌيڪ آهي 

ان ۾ ٽيٽيھ ڪروموزومز جا جوڙا آهن، جيڪي جسم کان وڌيڪ ڀاڳي گهرڙن ۾ آهن، ڪيترا ملين سال پهريان انن جي تعداد چوويھ کان ٽيٽيھ ٿي هئي، ان ۾ تبديلي ايندو رهيو آهي ( اسان هڪ ڪروموزوم وڃائي ڇڏيو، هڪ انڳوٺو حاصل ڪري ورتو) 

ان ۾ ڪل 20,687 جين آهن، ساپي کان 1,796 وڌيڪ، مڪئي کان ٻارهن هزار گهٽ، ڪڻڪ ۽ چانور کان پنجويھ هزار گهٽ، ناشتي ۽ انسان ۾ فرق جين جي تعداد جو ناهي بلڪي جين جي نيٽ ورڪ جي ڳجهائي جو آهي، هي نہ آهي تہ اسان وٽ ڇا آهي بلڪي هي تہ اسان انکي استعمال ڪيئن ڪندا آهيون 

ان ۾ گهڻي ئي عجيب ايجادون ۽ هوشياري نظر ايندي آهي، سادگي مان ڳجهائي نپوڙيل،
خاص جينز خاص گهرڙن ۾ خاص وقت تي ايڪٽو ٿيڻ جي تال ميل وقت ۽ جڳھ تي وڏي منفرد مضمون کي جنم ڏيندي آهي، ايتري ننڍي کن ڏار مان تقريبن لامحدود ڪارگذاري تبديلي جي، جين ماڊيول (ايگزون) جو ساٿ هڪ ئي جين مان ملائي ڪري انجي ذخيري مان وڌيڪ قسم ريڪور ٿيندو آهي، جين ضابطي ۽ فراھمي جي حڪمت عملي جو استعمال انساني جينوم - جڻوٺو ۾ ٻئي جاندارن جي مقابلي ۾ وڌيڪ نظر ايندو آهي، ان ۾ جينياتي ٽائپ جو قسم يعني جينياتي فنڪشن جي اصليتي اسانجي ڳجهائي جو راز آهي 

هي خاموش ناهي، پرجوش آهي، ڪجھ گهرڙا پنهنجا سيڪونس پاڻ بدلندا آهن، اميون سسٽم جا گهرڙا اينٽي باڊيز جو نيڪال ڪندا آهن، جيڪي ميزائل جيان  پروٽين آهن ۽ حملو ڪندڙ پٿوجين (مرض جو ڪارڻ بڻجڻ وارا جراثيم) سان گڏ وڃي چنبڙندا آهن، ڇوجو پٿوجن جو ارتقا تيز رفتار آهي، ان لاءِ هي اينٽي باڊي بہ ساڪن يا مستقل نٿا رهي سگهن، اتي جينوم - جڻوٺو ان جينياتي عنصر جو مٽا سٽا مان هي ڪارنامو سرانجام ڏيندو آهي، جين جو ميل جول ٿيندي ويندي اينٽي باڊيز جي وسيع رينج پيدا ڪندو آهي، انهن گهرڙن جا جينوم - جڻوٺو جي الڳ ئي دنيا آهي 

انجا ڪجھ حصا حيران ڪندڙ ڀاڳي تي سندر آهن، مثال جي طور تي ڪروموزوم 11 جي وڏي حصي تي هڪ ڊگهي گهلجندي آهي جنھن جو واسطو خالي سونگهڻ سان آهي، اتي هڪٻئي سان ويجهو 155 جينز پروٽين ريسپٽرز جي هڪ سيريز کي ڪوڊ ڪندا آهن جيڪي ڌپ جا پروفيشنل سنسر آهن، هر ريسپٽر هڪ خاص ڪيميڪل ماڊل سان چنبڙندو آهي جيئن تالي ۾ چاٻي ۽ انجو نتيجو دماغ ۾ ڌپ جو خاص منفرد احساس پيدا ڪندو آهي، ليمو، گلاب، ادرڪ، مرچ، ڦودنو، زيرو... ان جين ريگوليشن جو هڪ خاص طريقو ان شيءِ کي يقيني بڻائيندو آهي تہ جنپ مان خالي هڪ ريسپٽر جي چونڊ ٿئي ۽ نڪ ۾ ڌپ جو احساس ڪرڻ وارو نيورون هزارين مان ڪنهن جي سڃاڻپ ڪري سگهي 

ان ۾ جينز جو حصو گهڻو اهم آهي، 98 سيڪڙو ايئن آهي جيڪو جينز تي مشتمل ناهي، جينز جي ويجهو ۽ جينز جي وچ ۾ وڏا فاصلا آهن جتي نہ پروٽين بڻجندا آهن نہ هي آر اين اي، ان مان ڪجھ جين ايڪسرپيشن جي ريگوليشن ۾ ڪم ايندا آهن ۽ ڪجھ جي وجھ اسانکي خبر ناهي، جيڪڏهن هڪ وسيع سمنڊ هجي تہ جين ان ۾ ويجهو کان ڪڏهن ڪڏهن اچڻ وارا جزيرا آهن 

انھن ۾ اسانجي قسم جي تاريخ لکيل آهي، ڪجھ حصا قديم وائرس بہ وٺي ڪري آيا آهن جيڪي ڪڏهن اچي ڪري نشان ڇڏي ويا هيا، ۽ زمانن کان اتي آهن، ڪجھ فريگمنٽ اهڙا آهن جيڪي ڪڏهن جين ۽ جاندار ۾ ٽپو ڏيندا هيا ۽ هاڻي ماٺ ٿي چڪا، جيئن ملازمت کان نيڪالي ڏيڻ کانپوءِ اتي ريٽائر ٿيل زندگيءَ گذاري رهيا هجن

ان ۾ ڪيترا عنصر آهن جيڪي وري وري ورجايا ويندا آهن، ٽي سو ويھ جوڙڻ جو هڪ سيڪونس”ايلو“ آهي جيڪو ڏهوڻ هزار ڀيرا ورجايو ويو آهي، انجو فنڪشن، تاريخ ۽ اهيمت اڃان نامعلوم آهي 

جين جا وڏا خاندان آهن، هڪٻئي سان مشابهت ۽ هڪجهڙا فنڪشن ڪرڻ وارا جيڪي هڪٻئي سان گڏ  جنپ بڻائيندا آهن، ٻہ سو ويجھا رشتيدار هاڪس فيملي مان آهن
جيڪي نئي انسان جو ماڊل آهن، حصا، اعضا سڃاڻپ ۽ قسمت بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن 

انھن ۾ هزارين سوڊو جينز آهن، اهوئي جيڪي ڪڏهن فنڪشنل هيا هاڻي ناهين، انھن غيرفعال جينز جون لاشون انهن ۾ وکريل پيون آهن، جيئن ڪنھن سمنڊ ڪناري پيل فاسل ڊيڪي ٿي رهيا هجن 

هڪ فرد ۽ ٻئي ۾ ايترو وڌيڪ ڇڪتاڻ هوندو آهي تہ هر انسان الڳ آهي ۽ ايترو گهٽ ڇڪتاڻ هوندو آهي جو اسان سڀ هڪ جهڙا آهيون، چمپنيزي ۽ بونوبو جا جينوم - جڻوٺو 96 سيڪڙو اسان جهڙا ئي آهن، پر نڪرڻ واري جاندار جو نتيجو گهڻو ئي وڌيڪ مختلف آهي 

ڪروموزوم جي آخر ۾ ٽيلومئير مارڪ ٿيا آهن جيڪي ڪروموزوم جي ٽٽڻ ڦٽن کان محفوظ رکندا آهن 

جيتوڻيڪ اسان جينياتي ڪوڊ کي مڪمل طور تي ڄاڻيندا آهيون يعني هڪ جين مان انفارميشن ڪيئن پروٽين ۾ بدلجندي آهي پر جينومڪ ڪوڊ جي باري ۾ نہ هئڻ جي برابر، يعني انساني جينوم - جڻوٺو ۾ وکريل ڪيترا جينز ڪيئن جين ايڪسپريشن کي ٽائيم ۽ اسپيس ۾ ڪيئن ڪوآرڊينيٽ ڪندا آهن جو انهن مان جاندار بڻيا، برقرار رهيا ۽ مرمت ٿيندو رهيو جينياتي ڪوڊ سولو آهي، ڊي اين اي کان آر اين اي کان پروٽين، ٽي ويھ مان هڪ امينو ايسڊ، امينو ايسڊ جي گروپ جا پروٽين، جينومڪ ڪوڊ سولو ناهي، جين سان گڏ ڊي اين اي جو سيڪونس لڳل آهي جيڪو ٻڌائيندو آهي تہ جين کي ڪڏهن ۽ ڪٿي زور ٿيڻو آهي، اسانکي خبر ناهي تہ فلاڻو جين جينوم - جڻوٺو جي فلاڻي جڳھ تي ئي ڇو آهي ۽ ڊي اين اي جا حصا جيڪي جين جي ويجهو آهن اهوئي جين فزيولوجي جو تال ميل ڪيئن ڪرائيندا آهن، ڪوڊ کان اڳتي اڳيان ڪوڊ آهن، جبلن کان اڳتي اڳيان جبل 

هي ماحول جي تبديلي مان ڪيميائي نشان بڻائيندو آهي، گهرڙو يادداشت جو طريقو رکندو آهي 

هي پراسرار آهي، ناقابل يقين لڳندو آهي، ڪمزور آهي، تبديل ٿي ويندو آهي، ورجايو ويندو آهي، طاقتور آهي، پنهنجي حالت برقرار رکندو آهي، الڳ آهي، اسانکي پاڻ کي سمجهڻ جي دعوت بہ ڏيندو آهي ۽ پوءِ ترڪي بہ ويندو آهي 

هي ارتقا جي لاءِ هر وقت تيار آهي، ماضي جي ميلي سان اڻاپيو آهي

انجو ڊيزائن بقا جي لاءِ آهي

هي اسان جهڙو هي لڳندو آهي

هلندڙ....

انساني جینوم - جَڻوٺو جو منصوبو ۔ جین (18)

https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2722886947993379/ 

انساني جینوم - جَڻوٺو جو منصوبو ۔ جین (18)


انساني جینوم - جَڻوٺو جو منصوبو ۔ جین (18)
”دريا خان سنڌي“
سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي تاريخ ۾ ٿيڻ وارا بريڪ ٿرو ٻن قسمن جا رهيا آهن، هڪ اسڪيل جو بدلڻ جتي سائز ۽ اسڪيل کي وڌائي ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي وئي، چنڊ تي وڃڻ وارو راڪٽ چنڊ جي طرف ڏا سٺي اڏام ڪرڻ وارو جيٽ جهاز هيو، ۽ ٻيو تصور جو بدلڻ جيڪو ڪنھن انقلابي تصور ۽ خيال سان ممڪن ٿيو، اسڪيل جي بدلڻ جو تصور بدلڻ ممڪن ڪندا آهن ۽ نئي تصورات اسڪيل جي گهرج ڪندا آهن، هي هٿ ۾ هٿ وجهي ڪري هلندو آهي 

خورد بين بصري دنيا جي هيٺان جي دنيا کي کوليو، گهرڙي سيل تائين پهچايو، گهرڙي جي اندروني اٽاموني ۽ فزيولوجي تي سوال بيهاريا، ۽ پوءِ انجي ڳولها ۾ وڌيڪ طاقتور خوردبين جي ضرورت محسوس ٿي ۽ اهوئي بڻايو ويون تہ اهو گهرڙي جي اندر جي دنيا جي کوج لڳائين، جينيات ۾ ان طرح جو بدلڻ 1970ع ۽ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ آيو، جين جي ڪلوننگ، انکي ورڇ ڪرڻ، جينياتي انجينيرنگ، جين ريگوليشن ۾ تبديلي، جين کي ميپ ڪرڻ، ڪيترن جينز کي الڳ ڪيو ويو، ۽ انھن کي ڪلون ڪيو ويو، پر ڪنھن جاندار جي جينز جو مڪمل ڪيٽالاگ تيار ڪرڻ؟ انجي ٽيڪنالوجي تہ موجود هئي پر انجو ڪم ڪرڻ؟ هي هڪ گهڻو ئي وڏو منصوبو هجي ها، 1977ع ۾ فريڊ سينگر جن فائي ايڪس وائرس جو جينوم - جڻوٺو سيڪونس ڪيو، ان ۾ 5,386 ويھ پئير هيا هي ان وقت جي جين سيڪونس ڪرڻ جي صلاحيت جي حد هئي، انساني جينوم - جڻوٺو ٽي ارب کان وڌيڪ ويھ جوڙڻ تي مشتمل آهي، پوڻا چار لک ڀيرا وڌيڪ، ان سان اڳئي ڏهاڪن ۾ ان ٽيڪنالوجيز ۾ اچڻ واري اسڪيل جي تبديلي هئي 

هنٽنگٽن بيماري جي جين جي پتو لڳائيندي پنجويھ ورهين لڳا هيا، ڇاتي جي ڪينسر جو سبب بڻجڻ واري پهرين جين BRCA1 جي سڃاڻپ 1994ع ۾ ٿي هئي، عام خيال هاڻي اهو بڻجڻ لڳو هو تہ سنگل جين جينيٽڪس وڌيڪ پري تائين وٺي نہ سگهندي، جيمز واٽسن هاڻ ان خيال جي وڪالت ڪري رهيا هيا تہ هڪ ڀيرو پوري انساني جينوم- جڻوٺو کي سيڪوئنس ڪيو وڃي پهريان کان وٺي ڪري آخري نيوڪليئوٽائيڊز کي، ٽي ارب بيسز جو نقشو جنهن ۾ سڀ ڪجھ هجي ۽ پوءِ هر دريافت ان نقشي تي نوٽ جيان لڳائي وڃي، هڪ نارمل نقشي مان ايبنارمل کي ٿڌو ڪري سگهجي،” دير ڪرڻ جي بجائي انکي جغرافيا جيان وڌائي وڃي سگهبو“

هڪ بيماري ۽ هڪ جين جو طريقو مونوجينيٽڪ بيمارين جي لاءِ تہ صحيح هيو پر اهڙي بيمارين جي تعداد گهڻي گهٽ آهي، جينياتي بيمارين جو سبب جينوم - جڻوٺو ۾ وکريل جينز کي پاڻ ۾ ملي ڪري ٿيڻ واري انٽرايڪشن ٿيندو آهي، ڇاتي جي سرطان ۾ ورتل هڪ ئي عورت کي ٻن الڳ جڳهن مان ورتا ويندڙ سيمپل جو گهڻو مختلف ميوٽيشن ڦير گهير رکڻ ممڪن آهي، ڪينسر کي سمجهڻ جي لاءِ پوري جينوم کي سمجهڻ ضروري آهي، نہ تہ انفرادي جين کي، ۽ ڪنھن ڪينسر جينيسسٽ جي لاءِ هي ان وقت تائين ممڪن ناهي جڏهن تائين نارمل جو نقشو سامهون نہ هجي 

شيزوفرينيا، وارثتي بيماريون، ڏوھ تي لهڻ، ذهني مرض، ذهانت، اخلاقي ڪرپشن، نشي ڪرڻ جو رجحان، صبر تشدد؟ ڇا انکي جينوم- جڻوٺو مان ڪڍيو وڃي سگهجي ٿو؟ هومو اسپييئن جي ماليڪيولر بائيولوجي؟ 

گلبرٽ جن تخمينو لڳايو هو تہ ان منصوبي تي ٽي ارب ڊالر خرچ ايندو، هي گهڻو وڏو خرچ آهي، ڇا ان مان نڪرڻ وارا نتيجا ايترا اهم آهي تہ هي خرچ ڪيو وڃي؟ اپالو پروگرام تي چار لک ماڻهن ڪم ڪيو هيو ۽ سو ارب ڊالر خرچ ڪيو ويو هيو، اسان چنڊ تائين پهچي وياسين، ڇا پنهنجي اندر بہ پهچڻ چاهينداسين؟ 

هي اهو پسمنظر هيو جنهن ۾ ٿيڻ وارا بحث ۽ آمريڪي پارليمنٽ ۾ ٿيڻ واري سوال جي جواب کانپوءِ انجي منظوري ڏني وئي، قومي اداري صحت کي منصوبي جي ليڊ ايجنسي بڻايو ويو، توانائي جي اداري جو ڪردار رکيو ويو، واٽسن انجا سربراھ بڻيا، پوءِ ان ۾ برطانيا، فرانس، چين، جاپان ۽ جرمني جي سائسندانن ان منصوبي ۾ شموليت ماڻي ورتي 

جنوري 1989ع کي ٻاهرن ماڻهن جي ايڊوائزري ڪونسل جي اداري صحت جي ڪانفرنس روم ۾ ملاقات ٿي،”اڄ انساني بائيولوجي جي اھم ترين ڪم جي شروعات ڪري رهيا آهيون، ڪجھ بہ هجي، هي وڏو ايڊونچر آهي، هڪ انمول ۽ ڪڏهن نہ ختم ٿيڻ واري سعي، ۽ جڏهن اسان پنهنجو ڪم ختم ڪري ڇڏينداسين تہ ڪو ٻيو اٿندو ۽ چوندو، هلو، هاڻ اسان پنهنجو ڪم شروع ڪريو ٿا“

ان منصوبي کي پهريون سرپرائز جين نہ بلڪ هڪ نيوروبائيولوجسٽ جن ڏنو، ڪريگ وينٽر جي شهرت ناممڪن ڪمن ۾ ٿپو لڳائي ڏيڻ جي هئي، انهن جين سيڪوئنس ڪرڻ جو هڪ شارٽ ڪٽ ڳولهيو هيو، جيڪو جين جي حصا وکري ڪري ان مان ايڪٽو حصن کي سيڪوئنس ڪرڻ جو هيو، ۽ اهو ان طريقي سان هڪ ۽ منصوبي ۾ دماغ بابت ڪجھ جين پڙهڻ گهرندا هيا، ۽ انجو پيٽنٽ ڪرائڻ گهرندا هيا، وڏي تنازعي کانپوءِ وينٽر جن اداري صحت کي 1992ع ۾ ڇڏي ڪري پنهنجي تنظيم بڻائي ورتي جيڪا انسٽيٽيوٽ فار جينوم جڻوٺو ريسرچ هئي، ان اداري 1995ع ۾ نمونيا جي بيڪٽيريا جو جينوم - جڻوٺو معلوم ڪري ورتو، هي ادارو هاڻي جينوم جڻوٺو پراجيڪٽ جي مقابلي هيو، ان شارٽ ڪٽ واري طريقي سان جينوم- جڻوٺو منصوبي جا ڪيترا سائنسدان متفق نہ هيا، نقادون موجب ان سان غلطي رهي وڃڻ جو ۽ ڪجھ رهجي وڃڻ جو امڪان هيو، ايتري اهم منصوبي ۾ هي رسڪ نہ وٺي سگهجي پيو 

جينوم - جڻوٺو منصوبي ۾ جاري ڪيترن قسمن جي جهيڙڻ سبب واٽسن جن 1993 ۾ منصوبي ڊائريڪٽر جي حيثيت تان استعيفا ڏئي ڇڏيو، انھن جي جڳھ فرانسس ڪولنز اچي ويا، چيو ويندو آهي تہ جيڪڏھن جينوم - جڻوٺو منصوبي کي ڪولنز نہ ملن ها تہ انکي ڪولنز ايجاد ڪرڻ جي ضرورت پئجي وڃي ها، جينيات جا گهڻا ئي قابل سائنسدان جنن اسسٽڪ فائبروسس جي جين ڪلون ڪئي هئي، ڪٽر مذهبي، محتاط، ڳالھ ڪرڻ ۾ ۽ پيغام پهچائڻ ۾ هوشيار، تحمل مزاج ۽ هڪ اهل منتظم، هي چيلينج جهڙو انھن لاءِ بڻيو هيو 

جينوم - جڻوٺو منصوبي ۾ هڪ ڪم ساپن تي ڪيو وڃي رهيو هيو، وورم جينوم جڻوٺو منصوبي تي ڪاميابي ڊسمبر 1998ع جو ٿي، هي پهريون گهڻائي خلوي جاندار هيو جنهن جو جينوم - جڻوٺو پڙهيو ويو هيو، انجو منهن، آنڊا، مشڪون هونديون آهن،  نورس نظام ۽ ننڍو کن دماغ بہ ھوندو آھي، هي ڇوهي سگهي ٿو، محسوس ڪري سگهي ٿو، حرڪت ڪري سگهي ٿو، زهريلي شيءِ محسوس ڪري مٿي تي هٽائي ڇڏيندو آهي، ٻين ساپن ۾ ميل ملاپ رکندو آهي، ٿي سگهي ٿو تہ خوراڪ جي گهٽتائي تہ بيچيني بہ محسوس ڪندو هجي ۽ ملي وڃڻ تي خوشي جي ڪا لهر بہ، انجا 18,891 جين هيا، انھن مان 36 سيڪڙو اوڙها پروٽين بڻائيندا هيا جيڪي انسانن جهڙا ٿيندا آهن، ڏھ ھزار جين اهڙا هيا جن جي انسانن سان مشابهت نہ هئي، انجا خالي ڏھ سيڪڙو اهڙا جين هيا جن جي مشابهت بيڪٽيريا جي جين سان هئي، باقي نوي سيڪڙو جو واسطو جسم بنائڻ سان هيو جيڪو بيڪٽيريا ۾ ناهي، هي هڪ گهرڙي کان گهڻائي خلوي جي طرف سفر جي دوران ٿيڻ واري ارتقائي جدتن جي برسٽ جو نشان هيو 

انساني جينوم - جڻوٺو جي طرح هڪ ساپي جي جين بہ ڪيترا ڪارگذاري ڪندي هئي ۽ هڪ فنڪشن ڪيترائي جينز ملي ڪري ڪندي هئي، ڏھ ھزار نئي پروٽينز ۽ ڏھ ھزار نئي فنڪشنز جي دريافت ئي انهي منصوبي  جي اهميت اجاگر ڪندا هيا پر سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ شيءِ اهوئي جينز هيا جيڪي ڪو پروٽين نہ بڻائيندا هيا بلڪ آر اين اي پيغامن بنائڻ واري نان ڪوڊنگ جينز هيا، هي جينوم - جڻوٺو ۾ وکري پوندا هيا پر ڪجھ جڳهن تي وڌيڪ، ڪجھ جو فنڪشن معلوم هيو جيئن تہ رائبوسوم ( جيڪو پروٽين بنائڻ جي ڪم ايندو آهي) ڪجھ مائيڪرو آر اين اي هيا جيڪي گهڻي ئي خاص سان ڪجھ جينز کي ريگوليٽ ڪندو آهي ڪيترن جو فنڪشن ۽ اهميت نامعلوم هئي 

جنھن شيءِ کي ان سڀ کان ظاهري طريقي سان اجاگر ڪيو، اهو هي تہ اهميت هڪ جين جي ناهي، بلڪ پوري جينوم - جڻوٺو جي آهي 

انساني جينوم - جڻوٺو منصوبو هاڻي هڪ ڇوٿائي ڪم مڪمل ڪري چڪو هيو، ڪروموزوم 22 کي مڪمل پڙهيو وڃي چڪو هيو، انجي ڪنفرميشن ڪئي وڃي رهي هئي

جڏهن ٻئي طرف وينٽر جن پنهنجو نيو ادارو سيلرا جي نالي تي ٺاهي ورتو هيو، مقابلو جاري هيو، سيلرا جن پنهنجو وڏو اعلان 17 سپٽمبر 1999ع جو ڪيو، ساپي جي جينوم - جڻوٺو کي نون مهينن کانپوءِ اعلان ڪيو تہ هي پنهنجي تڪنيڪ سان فروٽ فلائي جو جينوم مڪمل ڪري چڪا آهن ۽ هي پورو ڪم خالي يارهن مهينن ۾ ٿيو آهي ۽ انساني ڊي اين اي جي سيڪونسنگ شروع ڪري ڇڏي آهي هي ڪم اندازي کان وڌيڪ سولو لڳي رهيو آهي، مارچ 2000ع”سائنس“ جا اسپيشل رسالي ۾ مکهي جو جينوم - جڻوٺو پڌرو ڪيو ويو، وينٽير جي شاٽ گن طريقي جا عيب بين بہ ان ڊيٽا جي ڪوالٽي ۽ گهرائي مان متاثر ٿيڻ کانسواءِ نہ رهي سگهيا
 
انسانن ۾ جيڪي 289 جينز جي سڃاڻپ ٿي چڪي هئي، ان مکهي ۾ ان مان 177 موجود هيون، هيموفيليا يا اسڪل سيل انيميا جي جين نہ هئي (مکهي ۾ ڳاڙهو رنگ ناهي هوندو) پر اهوئي جينز جيڪي وڏي آنڊي جي ڪينسر، ٽي سيڪس بيماري، ڇاتي جي سرطان، الزائمر، پارڪنسن، ڊيابيطس،ڊسٽروفي ۾ ملوث هيون، اهوئي مکهي ۾ بہ هيون

چار ٽنگهن، ٻن پيرن ۽ ارتقا ۾ ڪروڙين سال جي فرق باوجود انسان ۽ مکهي ڪيترائي جينياتي نيٽ ورڪ ۽ ڪور پاٿ وي ونڊ ڪندا هيا 

هڪ ٻئي وڏي حيرت انگيز دريافت انجي جينوم - جڻوٺو جو سائز هو، مکين جي بائيولوجسٽس جي توقع جي خلاف مکهي ۾ خالي 13,601 جينز هيا، ساپي مان پنج هزار گهٽ، خالي تيرهن هزار جينز مان هڪ جاندار بڻجي ويو هيو، جيڪو ساٿي ڳولها ڪندو هيو، پوڙهو ٿيندو هيو، اڳئي نسل پيدا ڪندو هيو، شربت پيندو هيو، سونگهي سگهندو هيو، ڏسي سگهندو هيو، ڇوهي سگهندو هيو ۽ پچيل ميون جي خواهش رکندڙ هيو”ڳجهائي جو واسطو جينز جي تعداد سان ناهي، تنظيم سان آهي، موکي لڳي ٿو تہ اسانکي انسانن ۾ بہ انهي قسم جا جينوم - جڻوٺو ملندو، هڪ جهاز تختن سان نہ، هي تنظيم سان بڻجندو آهي“

 
هيومن جينوم - جڻوٺو منصوبي تي ڪم رفتار وٺي رهيو هيو، سينگر جن ٽن سال ۾ هڪ قسم جي وائرس جا جينوم جڻوٺو مڪمل ڪيو هيو، ايترو ڪم هاڻي پنجويھ سيڪنڊ ۾ ٿي ويندو هيو، سيلرا ۽ هيومن جينوم - جڻوٺو منصوبي ٻنهي ۾ زوردار مقابلو هيو، مئي 2000ع جو انجي وچ معاملو طئي ڪرائڻ جي لاءِ صدر بل ڪلنٽن جن پيٽرينو کي چيو، ڪولنز ۽ وينٽر جي وچ ملاقاتن ۾ ڪجھ مفاهمت ٿيندي، هڪ گڏيل اعلان ڪرڻ جي تاريخ طئي ڪئي وئي 

بل ڪلنٽن، ٽوني هلئير، واٽسن، وينٽر کان سواءِ ان منصوبي تي ڪم ڪرڻ وارا اهم ماڻهن هي اعلان 26 جون 2000ع کي ملي ڪري ڪيو،”اڄ اسان پهريون سروي ختم ٿيڻ جو جشن ملهائي رهيا آهيون، اسان هڪ نقشو تيار ڪرڻ وٺڻ جي ويجهو آهيون، بلاشبو هي انساني تاريخ جو اهم ترين نقشو هوندو“

هيومن جينوم - جڻوٺو منصوبو 15 فروري 2001ع جو”نيچر“ جڏهن تہ سيلرا جن 16 فروري جو”سائنس“ ۾ پنهنجا پيپر پڌرا ڪرايا، ان ڀاڳي وڏي ۽ پوري رسالي جي سائز جا هيا

نيچر انجي شروعات هنن لفظ کان ڪيو هيو 

”ويھي صدي جي شروعات مينڊيل جي وراثتي قائدن مان ٿيو هيو جيڪو فطرت کي سمجهڻ جي سائنسي ڳولها جو ٻارڻ بڻي، ويهي صدي جي سائنسي ترقي کي چئن آڌار ۾ ورڇ ڪري سگهجي ٿو، پهرين دور ۾ انجي گهرڙي بنياد سمجهي وئي، ٻئي ۾ ماليڪيولر بنياد ۽ ڊي اين اي، ٽئين انجي انفارميشن جي بنياد جو جينياتي ڪوڊ هيو، ان سان اسان معلوم ڪيو تہ انجو بائيولوجيڪل مڪينزم ڇا آهي، جاندار ڪيئن بڻجندا آهن، ڊي اين اي ري ڪمبي نشين اتفاق ۽ ڪلوننگ ٿي ۽ سيڪيونسنگ، هاڻي اسان چوٿين دور جي شروعات تي بيٺل آهيون جيڪو جينومڪس جو دور آهي، جاندارن جي پوري جينوم جو تجزيو جنهن ۾ انسان بہ شامل آهن، فلسفي ۾ هڪ پراڻي ڳالھ آهي تہ هڪ ذهين مشين ڪڏهن پنهنجي هدايتي ڪتاب کي سمجھ سگهي ٿي؟ انسان جي لاءِ، هي ڪتاب تہ هاڻي مڪمل آهي، انکي پڙهي ڪري ان مان معني ڪڍڻ ۽ انکي سمجهي وٺڻ هاڻي هڪ الڳ چيلينج آهي.“

رقص جي آفت - جين (17)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2720944358187638/

جينوم جي معني سائين اصغر ساگر جي ٿورن سان 
genome جڻوٺو

https://m.facebook.com/groups/285222902411181?view=permalink&id=477798259820310

هلندڙ.... 

رقص جي آفت ۔ جین (17)


رقص جي آفت ۔ جین (17)
”دريا خان سنڌي“
زندگي جا ٽيھ سال يا چاليھ سال تہ صحيح گذرندا آهن، پوءِ بہ ڪڏهن ڪڏهن ٿيڻ واري مزاج  جي تبديلي، ماڻهن کان ڌار رهڻ جي خواهش، آهستي آهستي ڪنھن عضوي جو ڦڙڪڻ، پوءِ اهو وڌي وڃڻ، ايستائين جو ڪا شيءِ پڪڙجڻ بہ مشڪل ٿي وڃي، گلاس يا گهڙي آڳرين جي پڪڙ مان نڪري ڪري وچ کان ترڪي ڪريِ وڃن، جسم جي هي حرڪتون جهٽڪن ۾ بدلجي وڃن ۽ پوءِ غيرارادي رقص، جيئن ڪنھن مستاني موسيقيءَ تي ڪو گڏ پُتلي رقصان هجي، ٻانهن ۽ ٽنگون پنهنجي قابو ۾ نہ رهن، ذهني طور تي خرابي ٿيڻ لڳن، جسم جا عضوا چوڻ ڇڏي ڏين، يادداشت وڃڻ لڳي، مريض جو موت بک ۽ انفيڪشن سان ٿيندو آهي، رقص آخري وقت تائين رهندو آهي، هي هنٽنگٽن بيماري آهي جيڪا 1879 ۾ دريافت ٿي، انکي رعشہ مزمن بہ چيو ويندو آهي، هر رقص خوشي جو ناهي هوندو 

هي وراثتي بيماري پاڻ سان گڏ هڪ ظالم حربو وٺي ڪري ايندي آهي، ٽيھ کان چاليھ سال جي عمر ۾ انجي ٿيڻ جو مطب هي آهي تہ ان بيماري جي سڃاڻپ ٿيڻ کان پهريان ئي جين اڳئي نسل ڏا وڃي چڪي هوندي آهي، هي بيماري جيتوڻيڪ عام ناهي ۽ ڏھ ھزار مان هڪ فرد کي ٿيندي آهي پر هلندي پئي اچي، اڳئي نسل جي فرد کي وراثتي طور تي ان جي منتقل هئڻ جو پنجاھ سيڪڙو امڪان آهي، اهڙن ٻارن جي لاءِ زندگيءَ هڪ مستقل دهڙڪي جي صورت ۾ گذرندي آهي، ڪٿي اونداهي مستقبل مون لاءِ تہ ناهي؟ 

ملٽن ويڪلسر پنھنجن ٻنهي ڌيئرن کي هي خبر ٻڌائي تہ انن جي والد کي هي بيماري آهي، نينسي ۽ ايلس ٻنهي جي لاءِ پنجاھ سيڪڙو امڪان آهي تہ هي بيماري لالق ٿي وڃي ۽ جيڪڏهن ٿي وئي تہ پنجاھ سيڪڙو امڪان آهي تہ اهوئي انکي اڳئي نسل ۾ منتقل ڪري ڇڏين، سسڪيون وٺندڙ ڌيئرون هي خبر ٻڌي رهيو هيون، ان سال ملٽن ويڪسلر جن وراثتي بيمارين جي نان پرافٽ فاونڊيشن قائم ڪري ڇڏي” اسانکي ان بيماري جو جين ڳولھڻو آهي تہ جيئن مستقبل ۾ انجي سڃاڻپ، روڪڻ ۽ علاج ٿي سگهي“ هي ادارو ان بنيادي تي قائم ڪيو ويو
 
ٻارن جي والدھ  تي ان بيماري جي اذبيت جي پڪڙ گهڻي ٿيندي وئي، ڳالهائڻ مشڪل ٿي ويو،”انھن جا جوتا جلد ئي گهسجي ويندا هيا، اهوئي نرسنگ گهر ۾ هڪ ڪرسي تي ويٺل هيون، ان قدر زور سان جهٽڪا لڳندا هيا جو انھن جو مٿو ڀت سان وڃي لڳندو، جتي بہ انهن کي ويهارو ويندو، اها ڪرسي پوئتي وٺي وينديون، ڪنھن چيو هيو تہ جيڪر انھن کي ٿلهو ڪيو وڃي تہ شايد ايتري زور سان نہ حرڪت ڪن،”مان انھن کي مٺائي ڏيندي هئيس پر انھن جو وزن ڪڏهن نہ وڌيو، منهنجو وڌي ويو، مان انھن کي ڪمپني ڏيڻ جي لاءِ کاڌي ۾ انھن جو ساٿ ڏيندي هئيس، مان ان لاءِ بہ کائيندي هئيس تہ روئڻ نہ اچي“ هي انھن جي ڌيءَ جو چوڻ هو، والدھ جي موت 14 مئي 1978ع ٿي ويو 

نينسي ويڪسلز جن آڪٽوبر 1979ع ۾ جين جي باري ۾ ٿيڻ واري ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪئي، جتي جين کي ميپ ڪرڻ جي تڪنيڪ کي استعمال ڪرڻ جي لاءِ پهريان انهن فرد جي ضرورت هئي جن کي هي بيماري هجي، پوءِ انھن جا جينياتي ميٽيريل جي تجزيو مان ڪروموزوم ۽ جين تائين پهچڻ جي تڪنيڪ بوٽسٽين جن پيش ڪئي هئي 

هنٽگٽن جا مريض آمريڪا ۾ گهڻا گهٽ هيا، پوري ملڪ ۾ ڪجھ هزار، انھن ٻڌو هو تہ  وينيزويلا جي شاخ ميراسيبو جي ڪناري ٻن ڳوٺن ۾ هي مرض عام آهي، جيڪڏهن ان تڪنيڪ جي ڪامياب ٿيڻ جو امڪان هو تہ انهن ڳوٺن ۾ وڃڻ ھو، نينسي ويڪسلر جن اتي وڃي ڪري سيمپل گڏ ڪرڻ جي ذميواري کنئي، مقامي ٻوليءَ ۾ ان بيماري کي”رقص جي آفت“ چيو ويندو هيو 

گپيلي علائقي ۾ مڇرن جي وستي ۾ ويڪسلر ٻيڙي تي پهتا، ۽ انهن کي سامهون ئي نظر اچي ويو، ڪچي رستي تي هلڻ واري ماڻهو ۾، هڪ شادي شدھ جوڙي ۽ انجي ٻارن ۾، ڪجھ مھينن ۾ علائقي جي ماڻهن جا ميڙ گڏ ٿيڻ سان گڏ لائنيج جي انفارميشن بہ ملي وئي، ڪيترائي ماڻهون انجو شڪار هيا، انھن جي رت مان سيمپل گڏ ٿيا ۽ بوسٽن ۾ ماهرن جينيات کي اماڻيا ويا، ٽي سال کانپوءِ تجزي ڪرڻ واري ٽيم جن ڪروموزوم 4 تي هڪ ويري انٽ سڃاڻي ورتو، جينوم جو هڪ خالي جهڙو علاقو هو جنهن ۾ ڪجھ غيرمتوقع نظر اچي ويو هيو، هاڻي وڌيڪ گهرائي ۾ وڃجي پئي سگهجو 

هي وڏو ۽ احتياط سان ڪرڻ وارو ڪم هو، ڪروموزوم جي ڳجهن ٽڪڙن جا حصا ڪيا ويندا هيا، انن کي ييسٽ يا بيڪٽيريا جي ڪروموزوم ۾ وڌو ويندو هيو، انھن کي ڪلون ڪري ڪيترا ملين ڪاپيون بڻايون وينديون هيون، ان مان خبر پوندي هئي تہ انن ۾ ڪهڙي جين آهي، ان عمل ورجايو ويندو هيو، ۽ بهتر ڪيو ويندو هيو، هر حصي کي ٻيهر چيڪ ڪيو ويندو هيو، ايسيتائين جو جين ٿيڻ جا اميدوار سامهون نہ اچي وڃن، آخري ٽيسٽ هي هيو تہ نارمل ماڻھو ۽ بيماري ماڻهو ۾ تبديل ٿيندو آهي، هي ڪنهن وڏي شهر ۾ ڏوهاري کي ڳولهڻ جي لاءِ گهر گهر تلاشي ڪرڻ جهڙو ڪم هيو 

فروري 1993ع جي هڪ صبحو گهڻو ٿورو کن پيغام آيو ”ملي ويو“ ڏھ سال ۾ 58 سائنسدانن جي ٽيم پاران طرح طرح جا طريقا آزمايا ڪري ڏٺا هيا، نتيجو نہ ملي رهيو هيو، آخرڪار، هڪ هڪ جين کي کوليندي اهوئي هڪ جين تائين پهچي ويا هيا، جنھن کي IT15 جو نالو ڏنو ويو، ( پوءِ انجو نالو هنٽنگٽن پيو) هي هڪ گهڻو وڏو پروٽين بڻائيندي هئي جنهن ۾ 3144 امينو ايسڊ هيا، جسم جي سڀ کان وڏي پروٽين مان هڪ، (انسولين ۾ 51 امينو ايسڊ هوندا آهن) 

هنٽنگٽن huntington پروٽين ڪندي ڇا آهي؟ هي اڃان ڳجهو هو، پر هي دماغ ۽ ٽيسٽيڪل جي ٽشو ۾ هوندي آهي، ۽ هي ميوٽيشن ڦير گهير بہ پراسرار جهڙي آهي، نارمل جين ۾ CAGCAGCAGCAG ورجايو ويندو آهي، نارمل ماڻهو ۾ 17 مان 35 ڀيرا، ميوٽيشن ڦير گهير ۾ هي سيڪونس بدلجندو ناهي پر ورجائي وڃڻ جي تعداد چاليھ کان وڌيڪ ٿي ويندي آهي، انجي ورجائي جو مطلب هي نڪرندو آهي تہ ماليڪيول وڌيڪ وڏو بڻجندو آهي ۽ هي نيورون ۾ وڃي ڪري گذري ناهي سگهندو، ٽٽڻ ڦٽڻ جو شڪار ٿي ويندو آهي، عضوي گهرڙن Cells ۾ انجا ڄار گڏ ٿيڻ لڳندا آهن، انن ۾ خرابي اچڻ لڳندي آهي، ۽ خلين جي موت ٿيڻ لڳندي آهي 

ان تڪنيڪ کي استعمال ڪندي هڪ ٻئي بيماري سسٽڪ فائيبروسس جي جين جي سڃاڻپ ٿي جيڪا ڦڦڙن، لبلبلي ۽ آنڊن کي متاثر ڪندي آهي، جينوم جي هڪ جڳھ تي ٽي اکرن جي اڻ موجودگي ان هڪ امينو ايسڊ بڻجڻ کان روڪي ڇڏيندي آهي، انجي وجھ سان لوڻ جسم ۾ جذب ناهي ٿيندو، ۽ انسان ان خطرناڪ عارضي جو شڪار ٿي ويندو آهي، 1990ع واري ڏهاڪي ۾ جينياتي ڪٽ بڻجي ويون جيڪي ان ميوٽيشنز ڦير گهيري جو پتو ٻار جي پيدائش کان پهريان ئي لڳائي سگهنديون هيون، هائي رسڪ خاندانن ۾ والدين جي اسڪريننگ ڪئي وڃي سگهجي پئي تہ انھن مان ڪير ان بيمارين جو ممڪن ڪيرئير ٿي سگهي ٿو تہ جيئن اهو ٻار ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ کان پهريان سوچي سمجهي وٺن، انجي مدد سان سسٽڪ فائبروسس جي مرض ۾ ٽيھ کان چاليھ سيڪڙو گهٽتائي اچي چڪي آهي، اشڪينازي جي آبادي ۾ هي عارضو عام هيو، انهن تي ڪئي ويندڙ ڪٿڻ  جو نتيجو هي نڪتو آهي تہ انهن ۾ هي مرض ختم ٿيڻ جو آهي 
 
برگ ۽ جيڪسن جينياتي ماليڪيول جي ري ڪمبي نيشن اتفاق تي پهريون ڀيرو ڪم ڪري رهيا هيا، ان سان ويھ ورهين جي اندر اندر ڪيترين بيمارين جي سڃاڻپ ٿي چڪي هئي، ڪيترائي ڪيميڪل بڻجي چڪا هيا، بائيوٽيڪنالوجي جو لفظ ڊڪشنري ۾ داخل ٿي چڪو هيو، جين کي ميپ ڪرڻ اچي ويو هيو، ڪلون ڪرڻ اچي ويو هيو، بيڪٽيريا ۾ وجهڻ اچي ويو هيو، ان مان دائون جي تياري جو پتو لڳي ويو هيو، روايتي نقطو نظر هي رهيو هيو تہ ترتيب بدلجي وڃي سگهجي ٿي، فطرت نہ، پهرين ڀيرو فطرت قسمت نہ رهي هئي 

اسان بائيوٽيڪنالوجي جي انقلاب جي دور ۾ آهيون، ڪيترائي ماڻهون اميد بہ رکندا آهن دهڙڪا بہ، ڪجھ ماڻهون انتي کلي رهيا آهن، انهن جو خيال آهي تہ هي انساني پرفيڪشن جو پراڻو خواب آهي، پر هي ان کي پڙهي ڪري آھي، ڪلچرل پرفيڪشن جي تمنا ۾ هميشہ بائيولوجيڪل روڪاٽ رهي، هاڻي هڪ ۽ رستي جي جھلڪ نظر اچي رهي آهي، ٻہ ارب سال جي ارتقا جي تجربي جو ريموٽ ڪنٽرول هٿ ۾ وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهي، ڇا هاڻي ڪجھ بہ محفوظ رهي سگهندو؟ 

جين کي سڃاڻپ جي ڪاميابي هڪ سوال پکيڙي ڇڏيو هيو، ڇو نہ انسان کي پورو جو پورو ئي پڙهي وٺجي؟

هلندڙ....

انسولين - بائيوٽيڪنالوجي ميدان عمل ۾ - جين (16)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2719034655045275/

#Huntington #ScienceJeDuniya 

انسولين - بائيوٽيڪنالوجي ميدان عمل ۾ - جين (16)


انسولين - بائيوٽيڪنالوجي ميدان عمل ۾ - جين (16)
” دريا خان سنڌي “
 
برلن ۾ 1869 ۾ لبلبي کي خورد بين هيٺ ڏسندي، هڪ ميديڪل شاگرد هڪ الڳ لڳڻ وارا جيوگهرڙا Cell دريافت ڪيا هيا، اهو دريافت پوءِ ٿيو تہ هي ڪندا ڇا آهن، هي رت ۾ شوگر کي ريگوليٽ ڪندا آهن، انھن ۾ خرابي ڊيابيطس جو ڪارڻ بڻبي آهي شوگر کي ڪنٽرول هڪ هارمون ڪندي آهي، هڪ پروٽين جيڪو هي گهرڙا پيدا ڪندا آهن، ان پروٽين کي پهريان آئيلٽين ۽ پوءِ انسولين چيو ويو 

انجي سڃاڻپ کانپوءِ انکي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ٿئي، 1921ع ۾ پهريون ڀيرو بينٽنگ ۽ بيسٽ جن ڳئون جي درجنن ڪلوگرام لبلبي مان ڪجھ مائيڪروگرام انسولين حاصل ڪيون، ڊيابيطس واري ٻارن تي تجربن سان ان هارمون بلڊ شوگر ليول جلد بحال ڪري ڇڏيو ۽ انجي انڄ روڪي ڇڏي، پر ان هارمون گڏ ڪم ڪرڻ گهڻو مشڪل هو، حل نہ ٿيندي هئي، حرارت سان خراب ٿي ويندي هئي، غيرمستحڪم ۽ پراسرار جهڙي، 1953ع ۾ هي خبر پئي تہ هي ڪهڙن امينو ايسڊ سان بڻجندي آهي، انجي وچ ڪيميڪل بانڊ آهن، ۽ هي يو جي شڪل جي آهي، ايئن جيئن آڱر ۽ گڏ آڱوٺو هجي، هڪ پروٽين جيڪا ناب ۽ ڊائل گهمائي ڪري شوگر جو ميٽابولزم ريگوليٽ ڪندي آهي 

بوئير جينياتي ايڊٽنگ جي تجربي ۾ ڪامياب ٿيا هيا، انهن هڪ جينياتي انجينئرنگ جي لاءِ 1976ع ۾ جينن ٽيڪ نالي سان ڪمپنيءَ بڻائي ورتي، اهوئي ان ماليڪيول کي تيار ڪرڻ گهرون پيا، انن کي هي خبر نہ هئي تہ انسانن ۾ ڪهڙي جين انکي تياري ڪندي آهي، انھن انکي ڊي ڪوڊ ڪرڻ جو طريقو امينو ايسڊ ۽ ڊي اين اي جي ميپنگ مان ڪڍيو، ان سان ڊي اين اي جو ڪوڊ ڪڍهي سگهجي پيو، انکي بيڪٽيريا جي جينز ۾ داخل ڪري سگهجي پيو ۽ ان بيڪٽيريا کي انسولين جي فيڪٽري جي طور تي استعمال ڪري وڃي سگھجي پيو، جيڪڏهن ايئن ممڪن ٿي وڃي ها تہ اهو ڪلينڪل ميڊيسن جو سڀ کان وڌيڪ گهرجي واري ماليڪيول بيڪٽيريا جي وسيلي تيار ڪري وٺن ها 

 انسولين ڳجهو ماليڪيول آهي، ان مائونٽ ايوريسٽ کي پار ڪرڻ کان پهريان ڪو ٻيو جبل پار ڪرڻ هو، هڪ زنجير 31 امينو ايسڊ سان بڻجندي هئي، ٻئي ويھ مان، انکان پهريان سوماٽوسٽيٽن جو چونڊ ڪيو ويو، هڪ ٻيو پروٽين جيڪا سادي هئي، ۽ چوڏھ امينو ايسڊ تي لاڳاپيل هئي، جيڪڏهن هي بڻائجي وڃي ها تہ خبر پئجي وڃي ها تہ ان طريقي سان انسولين بڻجن ممڪن آهي 

بائيوٽيڪنالوجي جي پهرين ڪمپنيءَ جينن ٽيڪ هڪ ڪمري ۾ چئن ماڻهن جي هڪ ٽيم هئي، هي جون 1977ع تائين سوماٽوسٽيٽن بنائڻ جي لاءِ جين جا حصا گڏ ڪري چڪي هئي، انکي ڪاميابي سان بيڪٽيريا جي پلازمڊ ۾ وڌو ويو هيو، تبديل ٿيل بيڪٽيريا پلجي وڌي رهيا هيا، ٽيم صبحو ليبارٽري ۾ گڏ ٿي، ڊيٽڪٽر ۾ ڏٺو تہ سوماٽوسٽيٽن پيدا ٿيڻ لڳي آهي يا نہ، بلڪل ماٺ، سوماٽوسٽيٽن جي مقدار زيرو هئي، ايئن لڳندو هيو تہ هي مائيڪروب انساني غلام بڻجڻ جي خلاف هڪ آخري مزاحمت ڪري رهيا هيا، هي تجربو ناڪام ٿي ويو هيو، اندازو لڳايو ويو تہ ان پروٽين کي بيڪٽيريا ٻاهر نڪرڻ کان پهريان ئي ٽوڙي ڏيندا آهن 

هاڻي اڳيون حربو استعمال ڪيو ويو، هي بيڪٽيريا کي ڌوڪو ڏيڻ جو هو، ان جين کي الڳ پلازمڊ ۾ وجهڻ جي بجائي بيڪٽيريا جي پنهنجي جين سان گڏ رکيو ويو، بيڪٽيريا پنهنجي طرف کان بيڪٽيريل پروٽين بڻائي رهيو هوندو جڏهن تہ گڏ ئي انساني پروٽين بڻجي رهي هوندي، ٽن مهينن ۾ هي ڪيو ويو هيو، آگسٽ 1977ع جو ٽيم ٻيون ڀيرو گڏ ٿي، سڀ نروس بيٺل انجا نتيجا ڏسي رهيا هيا تہ ڊيٽڪٽر مان آواز اچڻ لڳي، سوماٽوسٽيٽن تيار هئي، بيڪٽيريا کان انساني پروٽين تيار ڪرائي وئي هئي 

اڳيون مقابلو انسولين بنائڻ جو هو، جنھن تي سان فرانسسڪو ۾ يونيورسٽي آف ڪيلي فورنيا جي هڪ ٻئي ٽيم بہ ڪم ڪري رهي هئي، هي مقابلو هڪ ننڍي بزنس ۽ هڪ وڏي يونيورسٽي جي وچ هيو 

مئي 1978ع ۾ جينن ٽيڪ کي هڪ وڏي ڪاميابي ٿي، جڏهن انھن انسولين جي زنجيرون تيار ڪري ورتيون 21 آگسٽ 1978ع جي رات جي پھر ٽيسٽ ٽيوب ۾ انکي جوڙي ڪري پهريون ڀيرو انسولين کي تيار ڪيو ويو هو، انجي پيٽنٽ سند ڪرائڻ هڪ وڏي ۽ نئي بحث هئي، دوائون نيو ڪيميڪل هوندا آهن جنن کي پيٽنٽ ڪرايو ويندو آهي، جڏهن تہ انسولين تي قدرتي ڪيميڪل هو، انکي ڪيئن پيٽنٽ ڪرايو وڃي سگهجي ٿو؟ وڪيلوي جن وڏي سوچ ويچار کانپوءِ انجو حل ڪڍي ورتو، انکي ڪرڻ جي عمل کي پنٽنٽ ڪرايو ويو، هي پنٽنٽ آڪٽوبر 1982ع جو منظور ٿيو، جيڪو ٽيڪنالوجي جي تاريخ جي منافي بخش ۽ متنازع پينٽنس مان هو 

انسولين بائيوٽيڪنالوجي جي صنعت جو وڏو پنڌ هو، جين ڪلوننگ جي ٽيڪنالوجي مان علاج جي شروعات ٿي ويو هيو 

جينن ٽيڪ جن ڪمپنيءَ کي 14 آڪٽوبر 1980ع جو اسٽاڪ ايڪسچينج تي لسٽ ڪيو، هي ان وقت تاريخ ۾ ڪنھن بہ ٽيڪنالوجي ڪمپنيءَ جي ٿيڻ واري ڪامياب ترين آفرنگ هئي، ڪجھ ڪلاڪن ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ ڊالر ڪمپني وٽ اچي چڪا هيا، ان کان پهريان قدرتي طريقي سان ڳئون ۽ سوئر جي لبلبي مان انسولين حاصل ڪئي ويندي هئي، ان تي نئي طريقي سان حاصل ڪئي ويندڙ دوا جو نالو هومولين رکيو ويو، انجي ساليانو وڪرو 1983ع ۾ 8 ملين ڊالر، 1996ع ۾ 90 ملين ڊالر ۽ 1998ع ۾ 700 ملين ڊالر ساليانو جي ٿي چڪي هئي 

جينن ٽيڪ جن ڊوارف ازم جي علاج لاءِ 1982ع ۾ ايڇ جي ايڇ بڻائي، 1986ع ۾ رت جي سرطان جي لاءِ اميونيٽي جي پروٽين، انکان اڳين ورهين ٽي پي اي جيڪو اسٽروڪ يا هارٽ اٽيڪ جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي، هر بريڪ ٿرو ٽيڪنالوجي جو وڏي جنگ هو، وڏي ماليڪيولز جي لاءِ بيڪٽيريا استعمال نہ پيا استعمال ڪري سگهيا ويا، ان جي لاءِ ساپن ۽ ڪوئن ڏا منهن ڪرڻو پيو، 1990ع ۾ ويڪسينز جنھن ۾ هيپاٽائيٽس بي جي ويڪسين هئي، ڊسمبر 1990ع جو انکي ٻہ ارب ڏھ ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ۾ انجا حصا وڪرو ڪري ڇڏيا 

 جينن ٽيڪ جن 2001ع ۾ بائيوٽيڪ جي تحقيق جو دنيا جو سڀ کان وڏو مرڪز بڻايو جنهن ۾ ايڪڙن تي پکيڙيل شيشي جي ماڙ هئي، انجي باني جنهن خالي هڪ لک ڊالر جي سرمايا ڪاري حاصل ڪئي هئي ادارو شروع ڪيو هيو، انجو مجسمو انجي سامهون لڳايو ويو، اهوئي هي ڪيمپسس ڏسڻ جي لاءِ زندھ نہ هيا، انھن جي موت ٻاونجاھ ورهين جي عمر ۾ 1999ع ۾ دماغ جي ٽيومر جي هٿان ٿي چڪو هيو 

هلندڙ...

گڏ لڳل تصوير جينن ٽيڪ جي دفتر جي آهي

نئي قسم جي اُپاءَ - جين ڪلوننگ - جين (15)
https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2717429631872444/

 #ScienceJeDuniya 

نئي قسم جي اُپاءَ - جين ڪلوننگ - جين (15)


نئي قسم جي اُپاءَ - جين ڪلوننگ - جين (15)
”دريا خان سنڌي“
وائرس ساڌا آهن، پيٽر ميڊاور انھن کي”پروٽين جي ڪوٽ ۾ ويڙهيل بري خبر” چوندا آهن هي هڪ خلي ۾ داخل ٿيندا آهن، پنھنجو ڪوٽ لاهيندا آهن، ۽ خلي کي پنهنجي جين ڪاپي ڪرڻ جي فيڪٽري جي طور تي استعمال ڪرڻ لڳندا آهن، پنهنجي لاءِ زندگي جو خالي ضروري سامان رکندا آهن، يعني ڪيئن انفيڪٽ ڪرڻو آهي ۽ ڦهلجڻو آهي، ان سادي دنيا ۾ بہ هڪ گهڻو ئي ساڌو وائرس SV40 آهي، انساني جينوم کان ڇھ لک ڀيرا ننڍو جينوم ۽ خالي ست جينز تي مشتمل، هي وائرس ڀولڙن ۽ انسانن جي خلين ۾ گهر ڄمائيندو آهي، پنهنجي ڊي اين اي کي پنهنجي ميزبان ۾ داخل ڪري خاموش ٿي ويندو آهي، وائرولوجسٽ پال برگ کي ان وائرس ڪشش ڪيو هو، ڇا انکي انساني خلين ۾ جين داخل ڪرڻ جي سواري جي طور تي استعمال ڪري سگھجي ٿو؟ جيڪڏهن گهريل جين انکي پرائي وڃي سگهجي ۽ هي انکي خلي ۾ سمگل محصولي ڪري ڇڏي تہ انساني جينوم بدلاجي سگھجي ٿو 

ان وائرس جو جينوم هڪ نيڪلس جيان آهي، انکي کولڻ، ان ۾ جين داخل ڪرڻ، ان نيڪلس کي واپس بند ڪرڻ ۽ انساني ڪروموزوم ۾ داخل ڪرڻ، هي ڪم برگ ۽ لوبان پنهنجي الڳ الڳ پراجيڪٽس ۾ ڪرڻ جا طريقا ڳولها ڪري رهيا هئا، اصل راز هي هو تہ ان کي وائرس جي طور تي نہ ڏسڻو هو بلڪ هڪ ڪيميڪل جي طور تي 1971ع ۾ ٿيڻ واري انن تجربن سان پهريون ڊي اين اي تائين رسائي ٿي چڪي هئي، وائرس ۾ جين پهچائڻ جي لاءِ ڪيميائي ري ايڪشنز جي هڪ سيريز گهربل هئي 

ڊي اين اي کي ڪاپي پيسٽ ڪيئن ڪيو وڃي؟ انجو جواب بيڪٽيريا جي دنيا کان آيو، بيڪٽيريا جي خلي کي ورڇ جي لاءِ پنھنجا اوزار گهربل آهن، ورڇ جي دوران جين جي مرمت ٿيندي آهي، جين ڪروموزوم تي بدليا ويندا آهن، ان جي لاءِ انزائم جي ضرورت آھي، ۽ ان ري ايڪشنز جي ضرورت سادي ترين جاندار کي بہ آهي، جين کي ڪٽڻ ۽ جوڙڻ جا اوزار زندگيءَ هلائڻ جي لاءِ ضروري آهن، انجي لاءِ لائيگيز ۽ پوليميريز ڪم ايندي آهن 

بيڪٽيريا ۽ وائرس زندگي جي ان ڪنڊ تي رهندا آهن، جتي ريسورس گهڻا محدود آهن، وڌڻ جي رفتار گهڻي تيز آهي ۽ مقابلو گهڻو سخت آهي، هي پنهنجي دفاع جي لاءِ چاقو جيان انزائم رکندا آهن تہ جيئن ٻين سان مقابلو ڪري سگهن، ڪنھن تلوار جيان انجي مدد سان جارح جو ڊي اين اي ڪٽي ڪري رکي ڏيندا آهن، خاص مقامن کان ڪٽينديون آهن، ۽ هي گهڻو ضروري آهي، جنھن طرح حملو شھ رڳ تي ڪيو ويندو آهي، هڪ مائيڪروب بہ جارح مائيڪروب جي اهم جڳھ تي حملو ڪندو آهي 

هي اهوئي اوزار هئا جيڪي برگ جن مائيڪروب جي دنيا مان اڌهار ورتا، هڪ انزائم سان ڪٽڻ، هڪ سان پيسٽ ڪرڻ، ٻن ٽڪڙن کي سي ڏيڻ، سائنسدانن کي جين ۾ تبديلي جو طريقو ملي ويو 

هڪ ڏيڏر جي جين وائرس ۾ داخل ڪئي وڃي سگهجي پئي ۽ پوءِ ان وائرس کي انسان ۾، جيڪڏهن ان ٽيڪنالوجي کي حد تي وٺي وڃجي تہ پوءِ گهڻو ڪجھ ڪرڻ ممڪن هو، ميوٽيشن ڦير گهير ڪري سگھجي پئي، ميوٽيشن ڦير گهير ختم ڪري سگهجي پئي، برگ موجب”هي ڪم فطري دنيا کان اڌهارو ورتو هو، ڊي اين اي ري ڪمبائن ايئن ئي ٿيندو آهي، ان ۾ اسانجو ڪرڻ وارو نيو ڪم هي اوزار ناهين، هي خيال هو“. 

انکي ڪرڻ ۾ مشڪلاتون گهڻيون هيون، 1970ع ۾ تجربا شروع ٿيا، برگ ان تڪنيڪ کي”بائيوڪيمسٽ جي لاءِ ڊيڄاريندڙ خواب“ چوندا هيا، پر برگ ۽ جيڪسن کي آخر ڪاميابي ٿي، ايس وي 40 جو پورو جينوم هڪ ۽ وائرس ليمبڊا بيڪٽريوفيج ۾ داخل ڪيو ويو ۽ گڏ اي ڪولائي بيڪٽيريا جا ٽي جين بہ 

هي هڪ وڏي ڪاميابي هئي، جيتوڻيڪ هي ٻهي وائرس هيا پر انهن ۾ ايتري ئي هڪجهڙائي هئي جيتري گهوڙي ۽ سمنڊي گهوڙي ۾، ۽ اي ڪولائي تہ بلڪل ئي ٻئي شي هئي، ارتقائي وڻ جي پري وارين ٽامين کي ڊي اين اي جي هڪ ڊور ۾ ٻڌيو ويو هيو 

سواءِ ري پروڊڪشن جي نئي قسم جي تخليق، برگ بائيولوجي جي نئي افق ٽپي رهيا هيا 
جينٽ مرٽز هڪ غير معمولي صلاحيت رکڻ وارا شاگرد هيا، ڏهن سال کانپوءِ اسٽينفورڊ ۾ بائيوڪيمسٽري جي ڊيپارٽمينٽ ۾ اچڻ واري خالي ٻئي عورت، انجي تعليم انجينئرنگ ۾ بہ هئي ۽ بائيولوجي ۾ بہ، انهن هي تجربا ڏٺا هيا ۽ الڳ جاندارن کي ملائي ڪري نئي قسم بنائڻ جي ڪاميابي انکي متاثر ڪيو هو، انھن سوال ڪيو،” جيڪڏهن انکي ابتو ڪيو وڃي؟“يعني بجائي وائرس جي، هي جينز بيڪٽيريا ۾ داخل ڪري ڇڏجن؟ جنھن طرح بيڪٽيريا ورڇ بہ ورڇ ٿيندا، هي تبديلي بہ گڏ ئي گڏ، ان طرح نئي جينز بنائڻ جي فيڪٽري بڻجي ويندي 

مرٽز جن پنهنجو خيال يونيورسٽي کي پيش ڪيو، انجي پريزنٽيشن ٻڌڻ وقت هال ۾ چپ چاپ ٿي وئي، آخر ۾ سوالن جي لهر آئي، ڇا نئي قسم ۽ نئي جينياتي عنصرن جي تخليق جا اخلاقي پاسن جي باري ۾ سوچيو آهي؟ ڇا هي سوچيو آهي ان سان ڇا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟ 
سيشن ختم ٿيو ۽ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ واري وائرولوجسٽ جن انھي وقت برگ کي گهرايو،”ڇا اوهان ڄاڻيندا آهيو تہ ارتقائي طور تي هي ڪنھن ڀاڳي پري آهن جن کي ملائڻ گهري رهيا آهيو؟ جيڪڏهن هي بيڪٽيريا انسانن ۾ ڪنهن خطرناڪ بيماري جو ڪارڻ بڻجي وڃن تہ ڇا ڪندو؟ اسان ايٽم کي ٽوڙڻ جو فيصلو واپس وٺي سگهو ٿا، آلودگي ڦهلائڻ بند ڪري سگهون ٿا، چنڊ تي وڃڻ روڪي سگهون ٿا پر نئي زندگيءَ تخليق ڪري ڇڏي تہ واپسي جو رستو ناهي، بائيولوجي ۾ ريورس گئير ناهي، هي اوهانجي ٻارن ۾ انھن جي ٻارن کان بہ اڳتي تائين رهندا“. 

ان دوران مرٽز جينياتي ايڊٽنگ جي تڪنيڪ جو شارٽ ڪٽ ڳولها ڪري رهيا هيا، ڇھ اسٽيپ جي بجائي هي ٻہ اسٽيپ جو پراسس بڻجي ويو هو 

انتي بحث ھلندي رهي، طابتي اخلاق جي رھنمائي ۾ ڊي اين اي ري ڪمبي نيشن اتفاق جي ڪانفرنس اهم ڪردار ادا ڪيو، حدون بڻايون ويون، ان شعبي جي ماهرن پاڻ ۾ ملي ڪري ويهي ڪري طئي ڪري ورتو تہ انکي بي لگام نہ ڇڏيو ويندو، زمدار سائنس جي لاءِ گائيڊلائنز تي اتفاق ٿيو 

هڪ طرف برگ ۽ مرٽز انتي ڪم ڪرڻ ۾ مصروف هيا، ٻئي پاسي بوئير ۽ ڪوهن جنن برگ جي ڪاميابي مان سکي ڪري بيڪٽيريا جو ڊي اين اي تبديل ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو هيو، نيو بيڪٽيريا بنائڻ جي ڊوڙ بوئير ۽ ڪوهن جن 1973ع ۾ کٽي ورتي، فروري 1973ع جو بوئير ۽ ڪوهن ٻن بيڪٽيريا جو ڊي اين اي ملائي ڪري ٽرانسفوميشن تبديلي ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي هئي، هاڻ انکي پوکڻو هو، شام جي وقت ڪوهن هڪ ڄار ۾ هائبرڊ جاندارن جي پهرين گروپ وڌائڻ جي لاءِ هڪ لڏندڙ بيڪر ۾ وڌي، هزار کان لک، لک کان ميلن، ٻن بلڪل الڳ قسم  جو جينياتي ميٽيريل ملي ڪري وڌي رهيو هو، هڪ نئي دنيا جي پيدائش جو اعلان خالي سڄي رات هڪ بيڪٽيريا جي انڪيوبيٽر کان اچڻ واري ٽڪ ٽڪ ٽڪ جي آوازن سان ٿي رهيو هيو

بوئير جلد ئي هڪ ڪامياب ترين جينياتي انجينئرنگ جي ڪمپنيءَ جي باني بڻجڻ لڳا هيا

هلندڙ....

 جين کان جان تائين - جاندار جي اڏاوت - جين (14)

https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2715288772086530/ 

ڪوانٽم کان اڳتي (27) - ڪوانٽم کان اڳتي


ڪوانٽم کان اڳتي (27) - ڪوانٽم کان اڳتي

”دريا خان سنڌي“
مون پنهنجي مستقبل جو وڏو حصو "لوپ ڪوانٽم گريوٽي" تي لڳايو آهي، شروعات ۾ اهو منهنجي لاءِ گهڻو دلچسپ هو، ان تي وقت ۽ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هئي، ٽين صدي جو حصو گذرڻ کان پوءِ بہ هي خيال اڃا تائين “گهڻو ڪري اهو صحيح هجي” کان اڳتي نہ وڌيو آهي، مون لاءِ اهو خوشگوار ناهي، پر ڪيترن ئي ماڻهن جي سالن جي محنت باوجود اڳتي وڌڻ جو ڪو رستو نہ مليو، ۽ اهو سوچڻ جو موقعو ڏئي ٿو. 

اسان ڇو اهڙي طريقي تي سائنسي پيپر لکندا ٿا وڃون جنهن جون خاميون اسان ڏهاڪن کان ڏسي رهيا آهيون؟ جڏهن تہ ڪوانٽم ميڪانيڪس جي تڪميل لاءِ ڪنهن نئين طريقي ۾ ڪجھ بہ نئون ناهي؟
ائين ناهي تہ فزيسسٽ ان جي پرواهہ نٿا ڪن، ڪوانٽم فائونڊيشن تي ڪم ڪندڙ ماڻهو ماپ (measurement) جي مسئلي ۽ ٻين رخن کي حل ڪرڻ جي وڏي پرواهہ ڪن ٿا.
اصل مسئلو اهو آهي تہ نئون رستو وٺڻ ڪنهن لاءِ ٻہ گهڻو ڏکيو آهي، جيڪڏهن مان راضي بہ هجان تہ ڪجھ بلڪل نئون ضروري آهي، تہ شروعات ڪٿان ڪندس؟ مون کي فزڪس جي ڪميونٽي جو سرگرم حصو رهڻو آهي، جيئن منهنجي خيالن کي سنجيدگي سان ورتو وڃي، مون کي ريسرچ جا خيال لکڻا آهن تہ جيئن سمجهي سگهجن، ۽ اهو تہ ٿي نٿو سگهي تہ اوچتو ويهي ڪجھ خيال اچي وڃي، ۽ پوءِ ڪيترا ڏينهن، هفتا، مهينا يا سال ڪو برداشت ڪندو، ان کان اڳ جو هو هار مڃي؟

مسئلو اهو ناهي تہ فزڪس جو نئون پيراڊائم ٺاهڻ ۾ خطرو آهي، مسئلو اهو آهي تہ شروعات ڪٿان ڪجي، پي ايڇ ڊي جو شاگرد بہ پنهنجو ڪم شروع ڪرڻ لاءِ ڪٿان نہ ڪٿان بنياد گهري ٿو
تنهن ڪري، اهو سولو آهي تہ موجودھ فريم ورڪ ۾ رهي ان کي وڌايو وڃي، ۽ جتي موقعو نظر اچي، اتي ڪجھ نئون متعارف ڪرايو وڃي، اسٽِرنگ ٿئيوري يا لوپ ڪوانٽم گريوٽي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ائين ئي ڪن ٿا، انهن وٽ ڏيکارڻ لاءِ خوبصورت نتيجا بہ آهن

مون پاڻ کي چيو هو تہ اهڙو خطرو مان تڏهن وٺندس، جڏهن پي ايڇ ڊي مڪمل ٿي وڃي، پوسٽ ڊاڪٽريٽ ٿي وڃي، فئڪلٽي پوزيشن ملي وڃي، پر سينيئر ۽ مشهور پروفيسرن کي بہ ريسرچ گرانٽ گهرجي ٿي، مستقبل ۾ عزت ۽ آرام وارن عهدن جي ضرورت آهي، ڪيترائي اعزاز آهن، تنهن ڪري اسان رٽائرمينٽ جو انتظار ڪندا آهيون، جڏهن ان سڀ جھنجھٽ کان آزاد ٿينداسين، پر پنجاهہ ۽ ساٺ سال جي عمر تائين پهچندي مصروفيتن سان ڀريل ڏينهن ڪجھ ٻيو سوچڻ جو موقعو ئي نہ ڏيندا آهن، سيمينار جو شيڊيول، استادَن جون ميٽنگون، شاگردن ۽ ڪلاس سان ڪم، ريويو جو ڪم، ڪانفرنس ۽ ليڪچر، وقت محدود آهي ۽ اوهان لافاني ناهيو. 
تہ پوءِ نئين فزڪس ڪٿان ايندي؟ گهڻو ڪري ڪٿي ڪو ذهين شاگرد هجي، گهڻو ضدّي، پر گهڻو باصلاحيت، جيڪو سڀ کان پهريان اهو سمورو علم جذب ڪري، جيڪو اسان حاصل ڪيو آهي، ۽ پوءِ، ان سڀ کي هڪ پاسي رکي، اعتماد سان پنهنجي ئي ڌُن ۾ ڪم شروع ڪري، جيئن آئن اسٽائن ڪيو هو. 

منهنجي هڪ دوست مون کي چيو هو تہ اڪيڊميا جي دنيا پراڻين مذهبي درسگاهن جي ماڊل تي آهي، ان جو ڊزائن پراڻي علم کي وڌائڻ لاءِ آهي، نئين جي خلاف مزاحمت لاءِ
ڪُهن جي ماڊل جي "سادي سائنس" لاءِ اڪيڊمڪ دنيا ڪم ڪري ٿي، ۽ اهو سڀ ٺيڪ هلندو رهي ٿو، پر انقلابي فڪر لاءِ هي موزون ناهي

ڪو بہ ڪنهن وڏي دريافت تائين اتفاق سان نہ پهتو آهي، وڏا بریڪ ٿرو سالا سالن جي محنت جو نتيجو ٿين ٿا، فائنمين چيو هو: “نئين دريافت لاءِ اوهان کي ايترو وقت گهرجي جو وچ ۾ سڀ ممڪن غلطيون پاڻ ڪري سگهو.” ۽ ان کي ان جو حقيقي علم هو. 

فزڪس جا وڏا مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟ مون وٽ ان جو ڪو جواب ناهي، اڄ جي زندھ فزيسسٽن مان ڪنهن وٽ بہ اهو تجربو ناهي، ڇاڪاڻ⁠تہ منهنجي جنريشن فزڪس جي ڪنهن بہ بنيادي سوال بابت ڪا اهم بریڪ ٿرو نہ ڪئي آهي، پر اسان وٽ رول ماڊل آهن، آئن اسٽائن ائين ڪيو هو، بوهر ڪيو هو، ڊي بروئي، شروڊنگر ۽ هائزنبرگ ڪيو هو، ۽ بوهم ۽ بيل بہ ائين ڪيو هو، انهن سڀني رستو ڳوليو هو، جنهن بنيادي دريافت ڏني هئي، جنهن فطرت جي ڪم ڪرڻ بابت اسان جي علم کي سگهارو ڪيو هو، ۽ انهن کي ڏسي جيڪو پتو پئي ٿو اهو هي آهي تہ اوهان ان جي شروعات لاءِ هڪ نوٽ بڪ وٺو، ان تي اهو سڀ ڪجھ لکو، جنهن بابت اوهان کي پڪ آهي تہ اوهان سٺي ريت ڄاڻو ٿا، پوءِ پاڻ کان پڇو تہ موجودھ قانونن مان ڪهڙا بنيادي اصول ايندڙ انقلاب جي اڳيان بچي سگهندا

هي لکڻ وارو پهريون پنو آهي، هاڻي ايندڙ پني تي وڃو، جيڪو خالي آهي، ۽ سوچڻ شروع ڪريو
سائنس جا انساني منصوبا اسان لاءِ هڪ وڏو انقلاب رهيا آهن، نيوٽن کان آئن اسٽائن تائين جي مفڪرن جون دريافتون نہ خالي اسان جي طرزِ زندگي کي پر اسان جي طرزِ فڪر کي بہ بدلائي چڪيون آهن. 
سڀ کان سٺي ڳالھ اها آهي تہ هي انقلاب اڃا نامڪمل آهي
آخر ۾، اسان جي ڳولا اها ئي آهي تہ اسين هن دنيا کي صحيح نموني ڄاڻي وٺون. آخرڪار، حقيقت کي سمجهڻ جي جستجو ئي هڪ اصلي سائنسدان جي روح کي بي چين رکي ٿي.

ختم... 
ڪوانٽم کان اڳتي (26) - ڪوانٽم 
https://www.facebook.com/share/p/1CpuKRuR4y/
هي سلسلو هن ڪتاب جو شروعاتي حصو آهي

Einstein's Unfinished Revolution: The Search for What Lies Beyond the Quantum by Lee Smolin 

ڪوانٽم کان اڳتي (26) - ڪوانٽم


ڪوانٽم کان اڳتي (26) - ڪوانٽم 


”دريا خان سنڌي“

آخر ۾، اسان جي ڳولا ئي اها آهي تہ اسين هن دنيا کي صحيح طريقي سان ڄاڻي وٺون، آخرڪار، حقيقت کي سمجهڻ جي جستجو ئي هڪ سچي سائنسدان جي روح کي بي چين رکي ٿي.”لوسين هارڊي“


آئن اسٽائن اسان کي ٻڌايو هو تہ سائنسدان موقعي پرست هوندا آهن، انهن جي وفاداري ڪنهن اصول يا ”سائنسي طريقي“ سان ناهي، وقت جي ضرورت موجب انهن کي موڙيو وڃي ٿو، نوان اصول ۽ طريقا ٺاهي سگهجن ٿا، ڇو تہ اصل مقصد ڪنهن لڳل ٻڌل اصول جي پيروي نہ آهي، پر فطرت جي ڪم ڪرڻ جي طريقي کي دريافت ڪرڻ آهي

هر سائنسدان وٽ محدود سرمايو هوندو آهي، فزيسسٽ لاءِ اهو سرمايو سندس ڌيان ۽ سندس وقت آهي، سڀ کان اهم فيصلا ان کي اهي ڪرڻا پوندا آهن تہ ڪهڙي مسئلي تي ڪم ڪري ۽ ڪهڙي طريقي سان ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ڪهڙو نئون پيپر پڙهي، ڪهڙي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري، ۽ ڪهڙو ليڪچر ٻڌي. 


ان مان حاصل ٿيندڙ انعام ڪيترن قسمن جا آهن، دريافت جو حيرت انگيز احساس، ساٿين ۽ شاگردن کان ملندڙ عزت، ۽ ان سان گڏ سندس مستقبل ۽ روزگار جا موقعا. 

جيڪڏهن اوهان ان وقت پنهنجي مستقبل ۾ فزڪس جي معلوم قانونن جي لاڳاپي ۾ دلچسپي رکو ٿا تہ پوءِ هي فزيسسٽ ٿيڻ لاءِ گهڻو سٺو وقت آهي، خوبصورت دريافتون ڪنڊنسڊ ميٽر فزڪس ۾ ٿي رهيون آهن، گريويٽيشنل ويونز وسيليءِ فلڪيات ڪئي پئي وڃي، هي پيراڊائم ڪم ڪري رهيو آهي، رياضيءَ ۾ ترقيءَ سان رياضيائي فزڪس ۾ بہ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، گهڻا هوشيار ماڻهو رياضيائي ڍانچن جي فهم ۾ رهنمائي ڪري رهيا آهن، تجربي واري فزڪس ۾ اڳڀرائي متاثر ڪندڙ آهي، مور جي قانون جو فائدو ملي رهيو آهي، فلڪياتي مشاهدي جي رينج ۽ درستگي تيزيءَ سان بهتر ٿي رهي آهي، هي سڀ شاندار آهي، رڳو ايترو جو وڏا بُنيادي مسئلا هن وقت ڌيان جو مرڪز ناهن. 


هن وقت فنڊامينٽل فزڪس ۽ ڪاسمولوجي ۾ ٻہ سمتون ماڻي سگهجن ٿيون، يا تہ اسين شرط لڳايون تہ اسان کي بُنيادي اصول خبر پئجي ويا آهن، يا وري اهو تہ اڃا بہ ڪجھ باقي آهي، وڏا ريسرچ پروگرام، جهڙوڪ انفليشن، اسٽرنگ ٿِيوري يا لوپ ڪوانٽم ٿِيوري، ان بنياد تي بيٺل آهن تہ اسان کي فنڊامينٽل فزڪس جا بُنيادي اصول خبر آهن، ٿورا اعتراض ڇڏڻ سان، فزڪس ۾ ڪم ڪندڙ گهڻا ماڻهو اهو مفروضو رکن ٿا تہ ريليٽيوٽي ۽ ڪوانٽم ٿِيوري کي ڪنهن بہ نئين ٿِيوري ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. 


ڪوانٽم ميڪينڪس ۾ بہ ساڳي چونڊ آهي، يا تہ شرط لڳايون تہ اسان وٽ مڪمل ٿِيوري موجود آهي ۽ خالي ان کي بهتر سمجهڻو آهي، يا وري شرط لڳايون تہ ٿِيوري جو اهم حصو اڃا اڻپورو آهي، ڪوپن هيگن تشريح، آپريشنلسٽ، ميِني-ورلڊ تشريح وغيرھ انهيءَ بنياد تي رکيل شرطون آهن تہ اسان کي ڪوانٽم فينامينا بابت هر اهم شيءِ خبر آهي، جيڪي ريئلسٽ آهن ۽ اچانڪ ڪولِيپس يا بوهمين ميڪينڪس تي ڪم ڪن ٿا، انهن جي خيال ۾ سندن پسنديدھ ٿِيوري صحيح آهي، هي سڀ انهيءَ مفروضي تي آهن تہ فطرت کي سمجهڻ جا اصول اڳ ۾ ئي خبر پئجي ويا آهن. 

پنهنجو مستقبل ان تي لڳائڻ کان پوءِ منهنجو خيال اهو آهي تہ اسان کي فائونڊيشنل مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مڪمل نئين ٿِيوري جي ضرورت آهي، اسان جو علم اڻپورو آهي. 


۽ هي ڪا غيرمعقول شرط ناهي، ماضي جي هر دور ۾ اسان جو علم اڻپورو رهيو آهي، اهڙو خيال ڪرڻ جي ڪا بہ وجھ ناهي تہ اڄ اسين ڪنهن خاص دور ۾ رهون پيا، ۽ جيڪي مسئلا اسان اڳيان آهن، اهي اوترا ئي ڏکيا آهن جيترا ماضي جي دورن ۾ هئا. 

جيڪا ڳالھ مون کي پريشان ڪري ٿي، اها هي آهي تہ گھڻا ٿورا ماڻهو ائين سوچن ٿا. منهنجو خيال آهي تہ ڪيترن فزيسسٽن لاءِ اهو تصور ڪرڻ ڏکيو آهي تہ اسين فطرت جي قانونن جي ڳولا جي پڄاڻي کان اڃا گهڻو پري آهيون


هلندڙ... 

ڪوانٽم کان اڳتي (25) - متوازي ڪائناتن جا مسئلا

https://www.facebook.com/share/p/1FL66QmGYR/ 

ڪوانٽم کان اڳتي (25) - متوازي ڪائناتن جا مسئلا


ڪوانٽم کان اڳتي (25) - متوازي ڪائناتن جا مسئلا

”دريا خان سنڌي“
سائنس کان هٽي ڪري، ايورٽ جي ڪوائنٽم ميڪانڪس ٻن قسم جا اخلاقي مسئلا پيدا ڪري ٿي، سڀ کان پهريون تہ ان مطابق جيڪڏهن اسين پنهنجا مسئلا ۽ تڪليفون ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريون بہ، تہ ان جو ڪو فائدو ناهي، هر جاندار ۽ باشعور وجود هر قسم جي مشڪلاتن کي ڪنهن نہ ڪنهن شاخ ۾ ضرور ڀوڳي رهيو آهي، ۽ اهي تڪليفون ۽ ڏک اصل حقيقت آهن، منهنجي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جي ڪوشش جو ڪو مطلب ناهي، ڇاڪاڻ⁠تہ هر امڪان جو پيش اچڻ اصل آهي، امڪان ۽ حقيقت جي حد کي مٽائڻ جو اثر سڌو سنئون ان خواهش تي پوي ٿو، جنهن سان اسين دنيا کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا. 
گهڻو ڪري اوهان سوال ڪريو تہ ڇا ٿرموڊائنامڪس جو ٻيو قانون بہ اهڙو ئي ناهي، جيڪو ٻڌائي ٿو تہ هر شيءِ ۽ وجود فنا ٿيندڙ آهي؟ ڪجھ بہ ڪريون، آخرڪار فتح تہ انٽروپي جي ئي ٿيڻ واري آهي، هڪ فرق ايترو آهي تہ اسان کي خبر آهي تہ ٿرموڊائنامڪس جو ٻيو قانون صحيح آهي، اسان وٽ ان تي يقين ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي، پر متوازي ڪائناتن ۽ پنهنجي لامحدود ڪاپين جي وجود تي يقين رکڻ سان ائين ناهي. 

ٻيو هي تہ اهڙن سائنسدانن ۽ فلسفين تي گهڻي تنقيد ڪرڻ بلڪل جائز آهي، جيڪي فزڪس جي بنياد تي غيرضروري مايوسي ۽ بي معني تي ٻڌل نتيجا ڪڍن ٿا، بي مقصد ڪائنات جي مايوسي هڪ اڻپوري تصوير آهي، اها ان مثبت حقيقت کي وساري ڇڏي ٿي تہ پاڻ کي منظم ڪندڙ زندگي بہ انهي ڪائنات جو حصو آهي، جيڪا اڪوليبريم کان گهڻي پري آهي، ۽ خالي زندگي ئي نہ، پر ان کان پوءِ ايندڙ باشعور ۽ تجسس ڪندڙ زندگي بہ، جيڪا چونڊ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اها بہ انهي ڪائنات جي اصولن مان ئي جنم وٺندڙ هڪ معجزو آهي. 

۽ هتي اسان کي ڏسڻو پوندو تہ سائنس ڇا آهي ۽ ڇو ڪئي ويندي آهي، اها انسان کان مٿانهين ڪا آفاقي شيءِ نہ آهي، پاڻ ۽ دنيا جي کوج ڪرڻ لاءِ هي هڪ انساني منصوبو آهي، جنهن جو منڍ ۽ سرچشمو انساني فطرت آهي، جيڪڏهن فرض ڪجي سائنس اسان کي اهڙو ڪجھ ٻڌائڻ لڳي تہ ڪائنات جي اصل حقيقت مايوسي يا بي مقصد هجڻ آهي، يا اسان جو وجود بي وقعت آهي، يا اسان جون چونڊون معنيٰ نٿا رکن، تہ پوءِ اها سائنس جي پڄاڻيءَ جي شروعات هوندي، خوشقسمتي سان، ائين ناهي

ڪالھ جيڪڏهن هڪ گاما ري منهنجي ڊي اين اي سان ٽڪرائجي ۽ انهي سان نيون ڪائناتون وجود ۾ اچن، تہ ڪجھ ۾ منهنجون ڪاپيون ڪينسر ۾ مبتلا ٿينديون، ڪجھ ۾ نہ ٿينديون، ڪي شاخون هونديون جن ۾ ڪينسر سبب جلدي موت اچي ويندو، ڪي اهڙيون بہ هونديون جن ۾ ڊگهي عمر ملندي. 
۽ هي ڳالھ اسان جي اخلاقي سوچ لاءِ وڏو چئلينج آهي، ڇو⁠تہ اصل ۽ امڪان جي فرق کي مٽائڻ جو مطلب اهو آهي تہ هن دنيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ منهنجي خواهش ۽ ڪوشش بيڪار ٿي وڃي ٿي، اسان گڏجي زندگيءَ ۾ ڪيل فيصلن سان بک، بيماري ۽ ظلم ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، پر ويُو فنڪشن ۾ تہ سڀ ڪجھ موجود آهي، نيوڪليئر جنگ؟ ماحولياتي تباهي؟ ڌرتيءَ جا ڪيترائي ٻيا ورزن آهن ۽ انسانيت ڪنهن نہ ڪنهن شاخ ۾ انهن کي صحيح ڪري وٺندي. 

انهن ڪاپين جو مطلب اهو آهي تہ منهنجي هر چونڊ بي معنيٰ آهي، مان ڪجھ بہ چونڊيان، منهنجو هڪ ورزن ان جي ابتڙ چونڊ ڪندو، پوءِ منهنجي چونڊ مان فرق ڇا پيو پوي؟ اهڙيون شاخون بہ هونديون جتي مان مجسم بُرائي ٿيندس، ۽ اهڙيون بہ جتي مجسم نيڪي ٿيندس، پوءِ مان فلحال خالي اهو ڇو نہ چونڊيان جيڪو منهنجي خود غرض فائدي لاءِ هجي؟ منهنجو ڪو ٻيو ورزن اڻ چونڊ بہ ڪندو، ۽ باقي سڀئي شاخون بہ اوتريون ئي حقيقي آهن جيترو مون واري شاخ، ۽ انهيءَ ڪري، منهنجي راءِ ۾ نامڪمل حقيقتن کي بنياد بڻائي اهڙي faith (عقيدي) جو پرچار سائنس لاءِ نقصانڪار آهي، اهڙي فيٿ کي مان سائنس لاءِ هڪ سنجيدھ خطرو سمجهان ٿو

ايورٽين ڪوائنٽم ٿِيوري تي يقين رکڻ وارو اصرار ڪندو تہ اسان جو ڪم دنيا تي پنهنجو فيصلو لاڳو ڪرڻ ناهي، حقيقت ڪيتري بہ ناپسنديدھ ڇو نہ هجي، اسان ان کي ڳوليون ٿا، اسان جون خواهشون ۽ اخلاقي نتيجا ان ۾ مداخلت نٿا ڪن

اهڙي ڪنهن بہ نڪتي تي منهنجو جواب اهو هوندو تہ، جيستائين هن تشريح کي ترجيح ڏيڻ لاءِ ڪو بهتر، فيصلائتو دليل موجود ناهي، تيستائين مان ڪنهن بہ تشريح کي اپنائڻ ۾ آزاد آهيان، منهنجو وقت خالي ڪرڻ جي چونڊ منهنجي هٿ ۾ آهي، تہ پوءِ مان اهو وقت اهڙي ڪاسمولاجي کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڇو نہ استعمال ڪريان جيڪا مون کي نئين فزڪس، نون فَنومينا، نون پارٽيڪلن ۽ نئين سائنس جي کوج ڏانهن موڙي، نہ ڪي اها ڳولا ئي بي معنيٰ بڻائي ڇڏي

فزڪس جي حوالي سان مسئلن ۾، ايورٽين ڪوائنٽم ميڪانڪس جو سڀ کان وڏو مسئلو امڪان (Probability) جي وضاحت آهي، مشهور پارٽيڪل ٿِيورسٽ اسٽيون وائنبرگ ايورٽين ڪوائنٽم ميڪانڪس بابت چون ٿا:
مني ورلڊ تشريح جو مسئلو رڳو ناپسنديدھ هجڻ ناهي، اهي پرابيبيليٽي جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾، باوجود ڪوششن جي، ناڪام رهي آهي
ايورٽين ڪوائنٽم ميڪانڪس جا حامي چون ٿا تہ اها ئي اصل ۽ نج ڪوائنٽم ميڪانڪس آهي، باقي تشريحن ۾ اسان جي خواهشن جي ملاوٽ آهي، پر هي دعويٰ صحيح ناهي. 

نصابي ڪتاب واري معياري ڪوائنٽم ميڪانڪس ۽ ڪوائنٽم ٿِيوري ۾ فزيڪل سسٽم جي ارتقاء جا ٻہ قاعدا آهن:(مشاهدي کان سواءِ، ۽ مشاهدي وقت) مسئلو رڳو ايترو آهي تہ هن ٿِيوري جي ڪا بہ "ريئلسٽ" تشريح ناهي
مني ورلڊ تشريح انهن مان هڪ قاعدي کي ڌڙ کان نظرانداز ڪري ٿي
جڏهن مون پهريون ڀيرو ايورٽين ڪوائنٽم ميڪانڪس پڙهي هئي تہ اها مون لاءِ پرڪشش هئي، پر ان جا سائنسي مسئلا ۽ فلسفياڻا نتيجا ڏسي هاڻي ائين ناهي، ۽ سڀ کان اهم ڳالھ هيءَ آهي تہ مون کي اهڙي ٿِيوري جي ڳولا آهي، جيڪا ٻين نہ، پر رڳو اسان جي پنهنجي ڪائنات جي وضاحت ڪرڻ جي صلاحيت رکي، ڪوائنٽم ميڪانڪس جي ڪنهن بہ قسم جي تشريح ڪرڻ جي قيمت آهي، متوازي ڪائناتون؟ حقيقت ۽ سائنس جو عدم واسطو؟ خالي شاخون؟ اهڙا خيال جن کي ڪڏهن بہ ٽيسٽ ڪرڻ ممڪن نہ هجي؟ هار مڃڻ؟ يا ڪا ترميم ۽ وڌارو؟
۽ اهو اسان کي هڪ وڏي سوال ڏانهن وٺي ٿو، آخر ڪهڙو رستو هوندو جنهن سان اسان کي فنڊامينٽل فزڪس جي اهڙي نئين ٿِيوري ملي، جيڪا فطرت جي صحيح ۽ مڪمل وضاحت ڪري سگهي؟

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (24) - متوازي ڪائناتون

https://www.facebook.com/share/p/19b8Kiy5xE/