Wednesday 25 March 2020

ناول ڪورونا وائرس ڪووڊ 19

ناول ڪورونا وائرس ڪووڊ 19،  Novel corona virus covid-19 

”رياض احمد بروهي“

ڪووڊ 19 جنهن جو تعلق ڪورونا وائرس فيملي سان آهي ،جنهن جي شروعات چائنا جي شهر ووهان مان ٿي ،جديد ڪورونا وائرس ساھ کڻڻ جي سرشتي Respiratory system کي بري طرح سان متاثر ڪندو آهي، جنهن سان گڏ متاثر شخص کي بخار سان گڏ خشڪ کنگھ ۽ ساھ کڻن ۾ ڏکائي پيش ايندي آهي ۽ آخر ۾ نمونيا جي شڪل اختيار ڪري ويندي، هن مرض جون علامتون متاثر مريض ۾ سراسري  14 ڏينهن ۾ ظاهر ٿينديون آهن، جنهن  ۾ خشڪ کنگھ ،بخار ،ساھ ۾ تڪليف ۽ بک جو نہ لڳڻ شامل آهي ۽ بروقت علاج نہ ٿيڻ سان متاثر فرد جي حالت  ڳڻتي جوڳي ٿي سگهجي ٿي،

ڪووڊ 19 جو ڦهلاو ڪيئن ٿيندو آهي؟

ڪووڊ 19 جو ڦهلاو يا پکيڙ هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهون ۾ ٿيندي آهي، جنهن وقت ڪو متاثر فرد کنگهدو يا نڇندو يا ساھ کڻندو  تہ ان وقت اها با آساني پکڙجي سگهي ٿي، ڇو تہ ان وقت ساھ واري نالي يا وات مان هوا\ پاڻي جي ذرڙن سان گڏ وائرس بہ ماحول ۾ پکڙجي ويندو آهي ۽ ان وقت  جيڪڏهن ڪو راهگير اتان کان لنگهندو ۽ ساھ کڻندو تہ ان ۾ وائرس وڃي سگھي ٿو، يا جنهن وقت ڪو  فرد  ڪنهن ٻئي فرد سان طبعي رابطو physical contect رکندو تہ ان وقت بہ ان ماڻهون ۾ وائرس وڃي سگھي ٿو، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن کي عالمي وبا جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ هن وقت دنيا جي 192 ملڪن ۾ ڦهلجي وئي آهي   

ڪووڊ 19 جو ڦهلاء انسانن ۾ ڪڏهن ٿيو؟

ڪووڊ 19 جي سڃاڻپ ڊسمبر 2019 چين جي شهر ووهان مان ٿي، پر هن وقت تائين ماهرن کي ڪوبہ پختو ثبوت نہ مليو آهي تہ هن جي شروعات ڇا مان ٿي ، ڪجھ ماهرن جو خيال آهي تہ هي وبا چائنا جي شهر ووهان ۾ سامونڊي کاڌن جي منڊي sea food market  مان شروع ٿي ،هڪ آرٽيڪل موجب ڪووڊ 19 جو پهريون ڪيس 1 ڊسمبر تي سامهون آيو ۽ وڏي تيزي سان ڦهلجڻ لڳو
،
ڪووڊ 19 جي سڃاڻپ ڪيئن ٿيندي آهي ؟

نئي ڪورونا وائرس يا ڪووڊ 19 جي سڃاڻپ ڪرڻ ٿوري مشڪل آهي ڇو تہ هن جو نشانيون عام نزلي ۽ زڪام سان ملندڙ جلندڙ آهن، ۽ صرف ليبارٽري ٽيسٽ جي وسيلي، هن جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي،

ڇا هن  مرض جو علاج ممڪن آهي ؟

هن وقت ڪووڊ 19 جو ڪوبہ  خاص، علاج نہ آهي، پر گھڻي حد تائين متاثر مريضن کي ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو جيڪڏهن  ان علامتن جي سڃاڻپ جلد ٿي سگهي يا،جيڪڏهن متاثر مريض اڳ ۾ صحتياب هجڻ ڪري طاقتور قوت مدافعت جو مالڪ آهي ،

چا هن وبا جي ڪري ڪنهن مريض جو موت ٿي سگهي ٿو ؟

جي ها ، جيڪر ڪو متاثر وقت بروقت احتياط ۽ علاج نہ ٿو ڪري تہ اهو ماڻهون موت جو شڪار ٿي سگهي ٿو ،صحت جي عالمي اداري موجب هن مرض جي ڪري 3 کان 4. سيڪڙو ماڻهو موت جو شڪار ٿي سگهن ٿا جڏهن تہ 97 کان 96 سيڪڙو متاثر صحتياب ٿي سگهن ٿا ، هن وقت دنيا ۾ 14000 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ،۽ هڪ لک کان وڌيڪ صحتياب ٿي چڪا آهن 
۽ ٽوٽل مريضن جو انگ 350000 کان وڌيڪ آهي ،۽ وڏي تيزي سان انگ وڌي رهيو آهي ،

ڇا هي وبا سارس SARS وبا وانگر آهي؟

سارس  SARS (sever  acute raspiratory  syndrome) جو مفهوم آهي ۽ هي ڪووڊ 19 سان ملندڙ جلندڙ آهي، پر هن جي ڦهلجڻ جي رفتار ڪووڊ 19 کان گهٽ آهي اها وبا يعني سارس جي  شروعات بہ چائنا ۾ 2003 ۾ ٿي ۽ 2004 جي ختم ٿيڻ وقت  مختلف  ملڪن ۾ ڦهلجي وئي  هئي. ڪووڊ 19 وائرس سارس وائرس وانگر ئي آهي  جيڪو ڪورونا وائرس فيملي coronavirus family سان  تعلق رکي ، هن فيملي جو ڪم صرف ساھ کڻن واري سرشتي respiratory system کي متاثر ڪرڻ آهي ،پر سارس وائرس جي پکڙجڻ جي  رفتار ڪووڊ 19 کان گهٽ آهي ،۽ پڻ مريض کي گهٽ متاثر ڪري ٿو.

اسان پاڻ کي ڪووڊ 19 ڪورونا وائرس کان ڪيئن بچائي سگهون ٿا؟

سٺي صحت ،سٺي غذا اسانجي قوت مدافعت کي وڌائيندي، جنهن سان انسان ۾ وائرس جي  مقابلي جي صلاحيت تيز ٿي ويندي.ان کان علاوه احتياط بہ انسان  جي زندگي ۽ مرض کان بچائي سگهي ٿي،
هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ ،کان پاسو ڪريو ، دستانا ۽ ماسڪ لازمي پايو  جيڪڏنهن اوهان پاڻ کي ۽ ٻين کي بچائڻ چاهيو ٿا تہ ،  ڪنهن بہ طريقي جي ميلاپ (يعني ڪنهن شي يا انسان کي ڇهڻ ) کان پوءِ  هٿ صابڻ يا سينيٽائزر سان بار بار واش ڪيو،

ڪورونا وائرسن جي بابت ڪجه معلومات: something about coronaviruses

*ڪوروناوائرس مختلف جانورن ۾ عام آهن ،پر اهڙا ڪجھ ئي ڪورونا وائرس آهن جيڪي انسانن کي بہ متاثر ڪن ٿا.

* ڪورونا وائرس جا ڪيترائي قسم آهن ،انهن  مان ڪجھ صرف زڪام جو سبب بڻجن ٿا ،پر ڪجھ اهڙا بہ آهن جيڪي ڦڦڙن کي سخت متاثر ڪن  ٿا ، ۽ گھڻو بخار،کنگھ جو سبب بڻجن ٿا .

*ڪجھ ڪورونا وائرس گھڻو ساھ جي سرشتي جي  بيمارين جو سبب بڻجن ٿا .جن ۾ سارس SARS ( severe acute respiratory syndrome )
۽MERS (middle east respiratory syndrome)جو سبب بڻجن ٿا.
 *  ڪورونا وائرس جو نالو  مائڪرواسڪوپ ۾ نظر ايندڙ ان وائرس جي شڪل جي ڪري رکيو ويو جنهن جي شڪل تاج  وانگر نظر  آئي .انڪري انکي ڪورونا جو نالو ڏنو ويو.
#Novel #Coronavirus #COVID-19 #ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment