Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (26) - ڪوانٽم


ڪوانٽم کان اڳتي (26) - ڪوانٽم 


”دريا خان سنڌي“

آخر ۾، اسان جي ڳولا ئي اها آهي تہ اسين هن دنيا کي صحيح طريقي سان ڄاڻي وٺون، آخرڪار، حقيقت کي سمجهڻ جي جستجو ئي هڪ سچي سائنسدان جي روح کي بي چين رکي ٿي.”لوسين هارڊي“


آئن اسٽائن اسان کي ٻڌايو هو تہ سائنسدان موقعي پرست هوندا آهن، انهن جي وفاداري ڪنهن اصول يا ”سائنسي طريقي“ سان ناهي، وقت جي ضرورت موجب انهن کي موڙيو وڃي ٿو، نوان اصول ۽ طريقا ٺاهي سگهجن ٿا، ڇو تہ اصل مقصد ڪنهن لڳل ٻڌل اصول جي پيروي نہ آهي، پر فطرت جي ڪم ڪرڻ جي طريقي کي دريافت ڪرڻ آهي

هر سائنسدان وٽ محدود سرمايو هوندو آهي، فزيسسٽ لاءِ اهو سرمايو سندس ڌيان ۽ سندس وقت آهي، سڀ کان اهم فيصلا ان کي اهي ڪرڻا پوندا آهن تہ ڪهڙي مسئلي تي ڪم ڪري ۽ ڪهڙي طريقي سان ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، ڪهڙو نئون پيپر پڙهي، ڪهڙي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري، ۽ ڪهڙو ليڪچر ٻڌي. 


ان مان حاصل ٿيندڙ انعام ڪيترن قسمن جا آهن، دريافت جو حيرت انگيز احساس، ساٿين ۽ شاگردن کان ملندڙ عزت، ۽ ان سان گڏ سندس مستقبل ۽ روزگار جا موقعا. 

جيڪڏهن اوهان ان وقت پنهنجي مستقبل ۾ فزڪس جي معلوم قانونن جي لاڳاپي ۾ دلچسپي رکو ٿا تہ پوءِ هي فزيسسٽ ٿيڻ لاءِ گهڻو سٺو وقت آهي، خوبصورت دريافتون ڪنڊنسڊ ميٽر فزڪس ۾ ٿي رهيون آهن، گريويٽيشنل ويونز وسيليءِ فلڪيات ڪئي پئي وڃي، هي پيراڊائم ڪم ڪري رهيو آهي، رياضيءَ ۾ ترقيءَ سان رياضيائي فزڪس ۾ بہ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، گهڻا هوشيار ماڻهو رياضيائي ڍانچن جي فهم ۾ رهنمائي ڪري رهيا آهن، تجربي واري فزڪس ۾ اڳڀرائي متاثر ڪندڙ آهي، مور جي قانون جو فائدو ملي رهيو آهي، فلڪياتي مشاهدي جي رينج ۽ درستگي تيزيءَ سان بهتر ٿي رهي آهي، هي سڀ شاندار آهي، رڳو ايترو جو وڏا بُنيادي مسئلا هن وقت ڌيان جو مرڪز ناهن. 


هن وقت فنڊامينٽل فزڪس ۽ ڪاسمولوجي ۾ ٻہ سمتون ماڻي سگهجن ٿيون، يا تہ اسين شرط لڳايون تہ اسان کي بُنيادي اصول خبر پئجي ويا آهن، يا وري اهو تہ اڃا بہ ڪجھ باقي آهي، وڏا ريسرچ پروگرام، جهڙوڪ انفليشن، اسٽرنگ ٿِيوري يا لوپ ڪوانٽم ٿِيوري، ان بنياد تي بيٺل آهن تہ اسان کي فنڊامينٽل فزڪس جا بُنيادي اصول خبر آهن، ٿورا اعتراض ڇڏڻ سان، فزڪس ۾ ڪم ڪندڙ گهڻا ماڻهو اهو مفروضو رکن ٿا تہ ريليٽيوٽي ۽ ڪوانٽم ٿِيوري کي ڪنهن بہ نئين ٿِيوري ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو. 


ڪوانٽم ميڪينڪس ۾ بہ ساڳي چونڊ آهي، يا تہ شرط لڳايون تہ اسان وٽ مڪمل ٿِيوري موجود آهي ۽ خالي ان کي بهتر سمجهڻو آهي، يا وري شرط لڳايون تہ ٿِيوري جو اهم حصو اڃا اڻپورو آهي، ڪوپن هيگن تشريح، آپريشنلسٽ، ميِني-ورلڊ تشريح وغيرھ انهيءَ بنياد تي رکيل شرطون آهن تہ اسان کي ڪوانٽم فينامينا بابت هر اهم شيءِ خبر آهي، جيڪي ريئلسٽ آهن ۽ اچانڪ ڪولِيپس يا بوهمين ميڪينڪس تي ڪم ڪن ٿا، انهن جي خيال ۾ سندن پسنديدھ ٿِيوري صحيح آهي، هي سڀ انهيءَ مفروضي تي آهن تہ فطرت کي سمجهڻ جا اصول اڳ ۾ ئي خبر پئجي ويا آهن. 

پنهنجو مستقبل ان تي لڳائڻ کان پوءِ منهنجو خيال اهو آهي تہ اسان کي فائونڊيشنل مسئلا حل ڪرڻ لاءِ مڪمل نئين ٿِيوري جي ضرورت آهي، اسان جو علم اڻپورو آهي. 


۽ هي ڪا غيرمعقول شرط ناهي، ماضي جي هر دور ۾ اسان جو علم اڻپورو رهيو آهي، اهڙو خيال ڪرڻ جي ڪا بہ وجھ ناهي تہ اڄ اسين ڪنهن خاص دور ۾ رهون پيا، ۽ جيڪي مسئلا اسان اڳيان آهن، اهي اوترا ئي ڏکيا آهن جيترا ماضي جي دورن ۾ هئا. 

جيڪا ڳالھ مون کي پريشان ڪري ٿي، اها هي آهي تہ گھڻا ٿورا ماڻهو ائين سوچن ٿا. منهنجو خيال آهي تہ ڪيترن فزيسسٽن لاءِ اهو تصور ڪرڻ ڏکيو آهي تہ اسين فطرت جي قانونن جي ڳولا جي پڄاڻي کان اڃا گهڻو پري آهيون


هلندڙ... 

ڪوانٽم کان اڳتي (25) - متوازي ڪائناتن جا مسئلا

https://www.facebook.com/share/p/1FL66QmGYR/ 

No comments:

Post a Comment