ڪوانٽم کان اڳتي (27) - ڪوانٽم کان اڳتي
”دريا خان سنڌي“
مون پنهنجي مستقبل جو وڏو حصو "لوپ ڪوانٽم گريوٽي" تي لڳايو آهي، شروعات ۾ اهو منهنجي لاءِ گهڻو دلچسپ هو، ان تي وقت ۽ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هئي، ٽين صدي جو حصو گذرڻ کان پوءِ بہ هي خيال اڃا تائين “گهڻو ڪري اهو صحيح هجي” کان اڳتي نہ وڌيو آهي، مون لاءِ اهو خوشگوار ناهي، پر ڪيترن ئي ماڻهن جي سالن جي محنت باوجود اڳتي وڌڻ جو ڪو رستو نہ مليو، ۽ اهو سوچڻ جو موقعو ڏئي ٿو.
اسان ڇو اهڙي طريقي تي سائنسي پيپر لکندا ٿا وڃون جنهن جون خاميون اسان ڏهاڪن کان ڏسي رهيا آهيون؟ جڏهن تہ ڪوانٽم ميڪانيڪس جي تڪميل لاءِ ڪنهن نئين طريقي ۾ ڪجھ بہ نئون ناهي؟
ائين ناهي تہ فزيسسٽ ان جي پرواهہ نٿا ڪن، ڪوانٽم فائونڊيشن تي ڪم ڪندڙ ماڻهو ماپ (measurement) جي مسئلي ۽ ٻين رخن کي حل ڪرڻ جي وڏي پرواهہ ڪن ٿا.
اصل مسئلو اهو آهي تہ نئون رستو وٺڻ ڪنهن لاءِ ٻہ گهڻو ڏکيو آهي، جيڪڏهن مان راضي بہ هجان تہ ڪجھ بلڪل نئون ضروري آهي، تہ شروعات ڪٿان ڪندس؟ مون کي فزڪس جي ڪميونٽي جو سرگرم حصو رهڻو آهي، جيئن منهنجي خيالن کي سنجيدگي سان ورتو وڃي، مون کي ريسرچ جا خيال لکڻا آهن تہ جيئن سمجهي سگهجن، ۽ اهو تہ ٿي نٿو سگهي تہ اوچتو ويهي ڪجھ خيال اچي وڃي، ۽ پوءِ ڪيترا ڏينهن، هفتا، مهينا يا سال ڪو برداشت ڪندو، ان کان اڳ جو هو هار مڃي؟
مسئلو اهو ناهي تہ فزڪس جو نئون پيراڊائم ٺاهڻ ۾ خطرو آهي، مسئلو اهو آهي تہ شروعات ڪٿان ڪجي، پي ايڇ ڊي جو شاگرد بہ پنهنجو ڪم شروع ڪرڻ لاءِ ڪٿان نہ ڪٿان بنياد گهري ٿو
تنهن ڪري، اهو سولو آهي تہ موجودھ فريم ورڪ ۾ رهي ان کي وڌايو وڃي، ۽ جتي موقعو نظر اچي، اتي ڪجھ نئون متعارف ڪرايو وڃي، اسٽِرنگ ٿئيوري يا لوپ ڪوانٽم گريوٽي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ائين ئي ڪن ٿا، انهن وٽ ڏيکارڻ لاءِ خوبصورت نتيجا بہ آهن
مون پاڻ کي چيو هو تہ اهڙو خطرو مان تڏهن وٺندس، جڏهن پي ايڇ ڊي مڪمل ٿي وڃي، پوسٽ ڊاڪٽريٽ ٿي وڃي، فئڪلٽي پوزيشن ملي وڃي، پر سينيئر ۽ مشهور پروفيسرن کي بہ ريسرچ گرانٽ گهرجي ٿي، مستقبل ۾ عزت ۽ آرام وارن عهدن جي ضرورت آهي، ڪيترائي اعزاز آهن، تنهن ڪري اسان رٽائرمينٽ جو انتظار ڪندا آهيون، جڏهن ان سڀ جھنجھٽ کان آزاد ٿينداسين، پر پنجاهہ ۽ ساٺ سال جي عمر تائين پهچندي مصروفيتن سان ڀريل ڏينهن ڪجھ ٻيو سوچڻ جو موقعو ئي نہ ڏيندا آهن، سيمينار جو شيڊيول، استادَن جون ميٽنگون، شاگردن ۽ ڪلاس سان ڪم، ريويو جو ڪم، ڪانفرنس ۽ ليڪچر، وقت محدود آهي ۽ اوهان لافاني ناهيو.
تہ پوءِ نئين فزڪس ڪٿان ايندي؟ گهڻو ڪري ڪٿي ڪو ذهين شاگرد هجي، گهڻو ضدّي، پر گهڻو باصلاحيت، جيڪو سڀ کان پهريان اهو سمورو علم جذب ڪري، جيڪو اسان حاصل ڪيو آهي، ۽ پوءِ، ان سڀ کي هڪ پاسي رکي، اعتماد سان پنهنجي ئي ڌُن ۾ ڪم شروع ڪري، جيئن آئن اسٽائن ڪيو هو.
منهنجي هڪ دوست مون کي چيو هو تہ اڪيڊميا جي دنيا پراڻين مذهبي درسگاهن جي ماڊل تي آهي، ان جو ڊزائن پراڻي علم کي وڌائڻ لاءِ آهي، نئين جي خلاف مزاحمت لاءِ
ڪُهن جي ماڊل جي "سادي سائنس" لاءِ اڪيڊمڪ دنيا ڪم ڪري ٿي، ۽ اهو سڀ ٺيڪ هلندو رهي ٿو، پر انقلابي فڪر لاءِ هي موزون ناهي
ڪو بہ ڪنهن وڏي دريافت تائين اتفاق سان نہ پهتو آهي، وڏا بریڪ ٿرو سالا سالن جي محنت جو نتيجو ٿين ٿا، فائنمين چيو هو: “نئين دريافت لاءِ اوهان کي ايترو وقت گهرجي جو وچ ۾ سڀ ممڪن غلطيون پاڻ ڪري سگهو.” ۽ ان کي ان جو حقيقي علم هو.
فزڪس جا وڏا مسئلا ڪيئن حل ٿيندا؟ مون وٽ ان جو ڪو جواب ناهي، اڄ جي زندھ فزيسسٽن مان ڪنهن وٽ بہ اهو تجربو ناهي، ڇاڪاڻتہ منهنجي جنريشن فزڪس جي ڪنهن بہ بنيادي سوال بابت ڪا اهم بریڪ ٿرو نہ ڪئي آهي، پر اسان وٽ رول ماڊل آهن، آئن اسٽائن ائين ڪيو هو، بوهر ڪيو هو، ڊي بروئي، شروڊنگر ۽ هائزنبرگ ڪيو هو، ۽ بوهم ۽ بيل بہ ائين ڪيو هو، انهن سڀني رستو ڳوليو هو، جنهن بنيادي دريافت ڏني هئي، جنهن فطرت جي ڪم ڪرڻ بابت اسان جي علم کي سگهارو ڪيو هو، ۽ انهن کي ڏسي جيڪو پتو پئي ٿو اهو هي آهي تہ اوهان ان جي شروعات لاءِ هڪ نوٽ بڪ وٺو، ان تي اهو سڀ ڪجھ لکو، جنهن بابت اوهان کي پڪ آهي تہ اوهان سٺي ريت ڄاڻو ٿا، پوءِ پاڻ کان پڇو تہ موجودھ قانونن مان ڪهڙا بنيادي اصول ايندڙ انقلاب جي اڳيان بچي سگهندا
هي لکڻ وارو پهريون پنو آهي، هاڻي ايندڙ پني تي وڃو، جيڪو خالي آهي، ۽ سوچڻ شروع ڪريو
سائنس جا انساني منصوبا اسان لاءِ هڪ وڏو انقلاب رهيا آهن، نيوٽن کان آئن اسٽائن تائين جي مفڪرن جون دريافتون نہ خالي اسان جي طرزِ زندگي کي پر اسان جي طرزِ فڪر کي بہ بدلائي چڪيون آهن.
سڀ کان سٺي ڳالھ اها آهي تہ هي انقلاب اڃا نامڪمل آهي
آخر ۾، اسان جي ڳولا اها ئي آهي تہ اسين هن دنيا کي صحيح نموني ڄاڻي وٺون. آخرڪار، حقيقت کي سمجهڻ جي جستجو ئي هڪ اصلي سائنسدان جي روح کي بي چين رکي ٿي.
ختم...
ڪوانٽم کان اڳتي (26) - ڪوانٽم
https://www.facebook.com/share/p/1CpuKRuR4y/
هي سلسلو هن ڪتاب جو شروعاتي حصو آهي
Einstein's Unfinished Revolution: The Search for What Lies Beyond the Quantum by Lee Smolin
No comments:
Post a Comment