ڪوانٽم کان اڳتي (25) - متوازي ڪائناتن جا مسئلا
”دريا خان سنڌي“
سائنس کان هٽي ڪري، ايورٽ جي ڪوائنٽم ميڪانڪس ٻن قسم جا اخلاقي مسئلا پيدا ڪري ٿي، سڀ کان پهريون تہ ان مطابق جيڪڏهن اسين پنهنجا مسئلا ۽ تڪليفون ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪريون بہ، تہ ان جو ڪو فائدو ناهي، هر جاندار ۽ باشعور وجود هر قسم جي مشڪلاتن کي ڪنهن نہ ڪنهن شاخ ۾ ضرور ڀوڳي رهيو آهي، ۽ اهي تڪليفون ۽ ڏک اصل حقيقت آهن، منهنجي ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جي ڪوشش جو ڪو مطلب ناهي، ڇاڪاڻتہ هر امڪان جو پيش اچڻ اصل آهي، امڪان ۽ حقيقت جي حد کي مٽائڻ جو اثر سڌو سنئون ان خواهش تي پوي ٿو، جنهن سان اسين دنيا کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا.
گهڻو ڪري اوهان سوال ڪريو تہ ڇا ٿرموڊائنامڪس جو ٻيو قانون بہ اهڙو ئي ناهي، جيڪو ٻڌائي ٿو تہ هر شيءِ ۽ وجود فنا ٿيندڙ آهي؟ ڪجھ بہ ڪريون، آخرڪار فتح تہ انٽروپي جي ئي ٿيڻ واري آهي، هڪ فرق ايترو آهي تہ اسان کي خبر آهي تہ ٿرموڊائنامڪس جو ٻيو قانون صحيح آهي، اسان وٽ ان تي يقين ڪرڻ يا نہ ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي، پر متوازي ڪائناتن ۽ پنهنجي لامحدود ڪاپين جي وجود تي يقين رکڻ سان ائين ناهي.
ٻيو هي تہ اهڙن سائنسدانن ۽ فلسفين تي گهڻي تنقيد ڪرڻ بلڪل جائز آهي، جيڪي فزڪس جي بنياد تي غيرضروري مايوسي ۽ بي معني تي ٻڌل نتيجا ڪڍن ٿا، بي مقصد ڪائنات جي مايوسي هڪ اڻپوري تصوير آهي، اها ان مثبت حقيقت کي وساري ڇڏي ٿي تہ پاڻ کي منظم ڪندڙ زندگي بہ انهي ڪائنات جو حصو آهي، جيڪا اڪوليبريم کان گهڻي پري آهي، ۽ خالي زندگي ئي نہ، پر ان کان پوءِ ايندڙ باشعور ۽ تجسس ڪندڙ زندگي بہ، جيڪا چونڊ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، اها بہ انهي ڪائنات جي اصولن مان ئي جنم وٺندڙ هڪ معجزو آهي.
۽ هتي اسان کي ڏسڻو پوندو تہ سائنس ڇا آهي ۽ ڇو ڪئي ويندي آهي، اها انسان کان مٿانهين ڪا آفاقي شيءِ نہ آهي، پاڻ ۽ دنيا جي کوج ڪرڻ لاءِ هي هڪ انساني منصوبو آهي، جنهن جو منڍ ۽ سرچشمو انساني فطرت آهي، جيڪڏهن فرض ڪجي سائنس اسان کي اهڙو ڪجھ ٻڌائڻ لڳي تہ ڪائنات جي اصل حقيقت مايوسي يا بي مقصد هجڻ آهي، يا اسان جو وجود بي وقعت آهي، يا اسان جون چونڊون معنيٰ نٿا رکن، تہ پوءِ اها سائنس جي پڄاڻيءَ جي شروعات هوندي، خوشقسمتي سان، ائين ناهي
ڪالھ جيڪڏهن هڪ گاما ري منهنجي ڊي اين اي سان ٽڪرائجي ۽ انهي سان نيون ڪائناتون وجود ۾ اچن، تہ ڪجھ ۾ منهنجون ڪاپيون ڪينسر ۾ مبتلا ٿينديون، ڪجھ ۾ نہ ٿينديون، ڪي شاخون هونديون جن ۾ ڪينسر سبب جلدي موت اچي ويندو، ڪي اهڙيون بہ هونديون جن ۾ ڊگهي عمر ملندي.
۽ هي ڳالھ اسان جي اخلاقي سوچ لاءِ وڏو چئلينج آهي، ڇوتہ اصل ۽ امڪان جي فرق کي مٽائڻ جو مطلب اهو آهي تہ هن دنيا کي بهتر بڻائڻ لاءِ منهنجي خواهش ۽ ڪوشش بيڪار ٿي وڃي ٿي، اسان گڏجي زندگيءَ ۾ ڪيل فيصلن سان بک، بيماري ۽ ظلم ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، پر ويُو فنڪشن ۾ تہ سڀ ڪجھ موجود آهي، نيوڪليئر جنگ؟ ماحولياتي تباهي؟ ڌرتيءَ جا ڪيترائي ٻيا ورزن آهن ۽ انسانيت ڪنهن نہ ڪنهن شاخ ۾ انهن کي صحيح ڪري وٺندي.
انهن ڪاپين جو مطلب اهو آهي تہ منهنجي هر چونڊ بي معنيٰ آهي، مان ڪجھ بہ چونڊيان، منهنجو هڪ ورزن ان جي ابتڙ چونڊ ڪندو، پوءِ منهنجي چونڊ مان فرق ڇا پيو پوي؟ اهڙيون شاخون بہ هونديون جتي مان مجسم بُرائي ٿيندس، ۽ اهڙيون بہ جتي مجسم نيڪي ٿيندس، پوءِ مان فلحال خالي اهو ڇو نہ چونڊيان جيڪو منهنجي خود غرض فائدي لاءِ هجي؟ منهنجو ڪو ٻيو ورزن اڻ چونڊ بہ ڪندو، ۽ باقي سڀئي شاخون بہ اوتريون ئي حقيقي آهن جيترو مون واري شاخ، ۽ انهيءَ ڪري، منهنجي راءِ ۾ نامڪمل حقيقتن کي بنياد بڻائي اهڙي faith (عقيدي) جو پرچار سائنس لاءِ نقصانڪار آهي، اهڙي فيٿ کي مان سائنس لاءِ هڪ سنجيدھ خطرو سمجهان ٿو
ايورٽين ڪوائنٽم ٿِيوري تي يقين رکڻ وارو اصرار ڪندو تہ اسان جو ڪم دنيا تي پنهنجو فيصلو لاڳو ڪرڻ ناهي، حقيقت ڪيتري بہ ناپسنديدھ ڇو نہ هجي، اسان ان کي ڳوليون ٿا، اسان جون خواهشون ۽ اخلاقي نتيجا ان ۾ مداخلت نٿا ڪن
اهڙي ڪنهن بہ نڪتي تي منهنجو جواب اهو هوندو تہ، جيستائين هن تشريح کي ترجيح ڏيڻ لاءِ ڪو بهتر، فيصلائتو دليل موجود ناهي، تيستائين مان ڪنهن بہ تشريح کي اپنائڻ ۾ آزاد آهيان، منهنجو وقت خالي ڪرڻ جي چونڊ منهنجي هٿ ۾ آهي، تہ پوءِ مان اهو وقت اهڙي ڪاسمولاجي کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڇو نہ استعمال ڪريان جيڪا مون کي نئين فزڪس، نون فَنومينا، نون پارٽيڪلن ۽ نئين سائنس جي کوج ڏانهن موڙي، نہ ڪي اها ڳولا ئي بي معنيٰ بڻائي ڇڏي
فزڪس جي حوالي سان مسئلن ۾، ايورٽين ڪوائنٽم ميڪانڪس جو سڀ کان وڏو مسئلو امڪان (Probability) جي وضاحت آهي، مشهور پارٽيڪل ٿِيورسٽ اسٽيون وائنبرگ ايورٽين ڪوائنٽم ميڪانڪس بابت چون ٿا:
مني ورلڊ تشريح جو مسئلو رڳو ناپسنديدھ هجڻ ناهي، اهي پرابيبيليٽي جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾، باوجود ڪوششن جي، ناڪام رهي آهي
ايورٽين ڪوائنٽم ميڪانڪس جا حامي چون ٿا تہ اها ئي اصل ۽ نج ڪوائنٽم ميڪانڪس آهي، باقي تشريحن ۾ اسان جي خواهشن جي ملاوٽ آهي، پر هي دعويٰ صحيح ناهي.
نصابي ڪتاب واري معياري ڪوائنٽم ميڪانڪس ۽ ڪوائنٽم ٿِيوري ۾ فزيڪل سسٽم جي ارتقاء جا ٻہ قاعدا آهن:(مشاهدي کان سواءِ، ۽ مشاهدي وقت) مسئلو رڳو ايترو آهي تہ هن ٿِيوري جي ڪا بہ "ريئلسٽ" تشريح ناهي
مني ورلڊ تشريح انهن مان هڪ قاعدي کي ڌڙ کان نظرانداز ڪري ٿي
جڏهن مون پهريون ڀيرو ايورٽين ڪوائنٽم ميڪانڪس پڙهي هئي تہ اها مون لاءِ پرڪشش هئي، پر ان جا سائنسي مسئلا ۽ فلسفياڻا نتيجا ڏسي هاڻي ائين ناهي، ۽ سڀ کان اهم ڳالھ هيءَ آهي تہ مون کي اهڙي ٿِيوري جي ڳولا آهي، جيڪا ٻين نہ، پر رڳو اسان جي پنهنجي ڪائنات جي وضاحت ڪرڻ جي صلاحيت رکي، ڪوائنٽم ميڪانڪس جي ڪنهن بہ قسم جي تشريح ڪرڻ جي قيمت آهي، متوازي ڪائناتون؟ حقيقت ۽ سائنس جو عدم واسطو؟ خالي شاخون؟ اهڙا خيال جن کي ڪڏهن بہ ٽيسٽ ڪرڻ ممڪن نہ هجي؟ هار مڃڻ؟ يا ڪا ترميم ۽ وڌارو؟
۽ اهو اسان کي هڪ وڏي سوال ڏانهن وٺي ٿو، آخر ڪهڙو رستو هوندو جنهن سان اسان کي فنڊامينٽل فزڪس جي اهڙي نئين ٿِيوري ملي، جيڪا فطرت جي صحيح ۽ مڪمل وضاحت ڪري سگهي؟
هلندڙ...
ڪوانٽم کان اڳتي (24) - متوازي ڪائناتون
https://www.facebook.com/share/p/19b8Kiy5xE/
No comments:
Post a Comment