Friday, 10 October 2025

نئي قسم جي اُپاءَ - جين ڪلوننگ - جين (15)


نئي قسم جي اُپاءَ - جين ڪلوننگ - جين (15)
”دريا خان سنڌي“
وائرس ساڌا آهن، پيٽر ميڊاور انھن کي”پروٽين جي ڪوٽ ۾ ويڙهيل بري خبر” چوندا آهن هي هڪ خلي ۾ داخل ٿيندا آهن، پنھنجو ڪوٽ لاهيندا آهن، ۽ خلي کي پنهنجي جين ڪاپي ڪرڻ جي فيڪٽري جي طور تي استعمال ڪرڻ لڳندا آهن، پنهنجي لاءِ زندگي جو خالي ضروري سامان رکندا آهن، يعني ڪيئن انفيڪٽ ڪرڻو آهي ۽ ڦهلجڻو آهي، ان سادي دنيا ۾ بہ هڪ گهڻو ئي ساڌو وائرس SV40 آهي، انساني جينوم کان ڇھ لک ڀيرا ننڍو جينوم ۽ خالي ست جينز تي مشتمل، هي وائرس ڀولڙن ۽ انسانن جي خلين ۾ گهر ڄمائيندو آهي، پنهنجي ڊي اين اي کي پنهنجي ميزبان ۾ داخل ڪري خاموش ٿي ويندو آهي، وائرولوجسٽ پال برگ کي ان وائرس ڪشش ڪيو هو، ڇا انکي انساني خلين ۾ جين داخل ڪرڻ جي سواري جي طور تي استعمال ڪري سگھجي ٿو؟ جيڪڏهن گهريل جين انکي پرائي وڃي سگهجي ۽ هي انکي خلي ۾ سمگل محصولي ڪري ڇڏي تہ انساني جينوم بدلاجي سگھجي ٿو 

ان وائرس جو جينوم هڪ نيڪلس جيان آهي، انکي کولڻ، ان ۾ جين داخل ڪرڻ، ان نيڪلس کي واپس بند ڪرڻ ۽ انساني ڪروموزوم ۾ داخل ڪرڻ، هي ڪم برگ ۽ لوبان پنهنجي الڳ الڳ پراجيڪٽس ۾ ڪرڻ جا طريقا ڳولها ڪري رهيا هئا، اصل راز هي هو تہ ان کي وائرس جي طور تي نہ ڏسڻو هو بلڪ هڪ ڪيميڪل جي طور تي 1971ع ۾ ٿيڻ واري انن تجربن سان پهريون ڊي اين اي تائين رسائي ٿي چڪي هئي، وائرس ۾ جين پهچائڻ جي لاءِ ڪيميائي ري ايڪشنز جي هڪ سيريز گهربل هئي 

ڊي اين اي کي ڪاپي پيسٽ ڪيئن ڪيو وڃي؟ انجو جواب بيڪٽيريا جي دنيا کان آيو، بيڪٽيريا جي خلي کي ورڇ جي لاءِ پنھنجا اوزار گهربل آهن، ورڇ جي دوران جين جي مرمت ٿيندي آهي، جين ڪروموزوم تي بدليا ويندا آهن، ان جي لاءِ انزائم جي ضرورت آھي، ۽ ان ري ايڪشنز جي ضرورت سادي ترين جاندار کي بہ آهي، جين کي ڪٽڻ ۽ جوڙڻ جا اوزار زندگيءَ هلائڻ جي لاءِ ضروري آهن، انجي لاءِ لائيگيز ۽ پوليميريز ڪم ايندي آهن 

بيڪٽيريا ۽ وائرس زندگي جي ان ڪنڊ تي رهندا آهن، جتي ريسورس گهڻا محدود آهن، وڌڻ جي رفتار گهڻي تيز آهي ۽ مقابلو گهڻو سخت آهي، هي پنهنجي دفاع جي لاءِ چاقو جيان انزائم رکندا آهن تہ جيئن ٻين سان مقابلو ڪري سگهن، ڪنھن تلوار جيان انجي مدد سان جارح جو ڊي اين اي ڪٽي ڪري رکي ڏيندا آهن، خاص مقامن کان ڪٽينديون آهن، ۽ هي گهڻو ضروري آهي، جنھن طرح حملو شھ رڳ تي ڪيو ويندو آهي، هڪ مائيڪروب بہ جارح مائيڪروب جي اهم جڳھ تي حملو ڪندو آهي 

هي اهوئي اوزار هئا جيڪي برگ جن مائيڪروب جي دنيا مان اڌهار ورتا، هڪ انزائم سان ڪٽڻ، هڪ سان پيسٽ ڪرڻ، ٻن ٽڪڙن کي سي ڏيڻ، سائنسدانن کي جين ۾ تبديلي جو طريقو ملي ويو 

هڪ ڏيڏر جي جين وائرس ۾ داخل ڪئي وڃي سگهجي پئي ۽ پوءِ ان وائرس کي انسان ۾، جيڪڏهن ان ٽيڪنالوجي کي حد تي وٺي وڃجي تہ پوءِ گهڻو ڪجھ ڪرڻ ممڪن هو، ميوٽيشن ڦير گهير ڪري سگھجي پئي، ميوٽيشن ڦير گهير ختم ڪري سگهجي پئي، برگ موجب”هي ڪم فطري دنيا کان اڌهارو ورتو هو، ڊي اين اي ري ڪمبائن ايئن ئي ٿيندو آهي، ان ۾ اسانجو ڪرڻ وارو نيو ڪم هي اوزار ناهين، هي خيال هو“. 

انکي ڪرڻ ۾ مشڪلاتون گهڻيون هيون، 1970ع ۾ تجربا شروع ٿيا، برگ ان تڪنيڪ کي”بائيوڪيمسٽ جي لاءِ ڊيڄاريندڙ خواب“ چوندا هيا، پر برگ ۽ جيڪسن کي آخر ڪاميابي ٿي، ايس وي 40 جو پورو جينوم هڪ ۽ وائرس ليمبڊا بيڪٽريوفيج ۾ داخل ڪيو ويو ۽ گڏ اي ڪولائي بيڪٽيريا جا ٽي جين بہ 

هي هڪ وڏي ڪاميابي هئي، جيتوڻيڪ هي ٻهي وائرس هيا پر انهن ۾ ايتري ئي هڪجهڙائي هئي جيتري گهوڙي ۽ سمنڊي گهوڙي ۾، ۽ اي ڪولائي تہ بلڪل ئي ٻئي شي هئي، ارتقائي وڻ جي پري وارين ٽامين کي ڊي اين اي جي هڪ ڊور ۾ ٻڌيو ويو هيو 

سواءِ ري پروڊڪشن جي نئي قسم جي تخليق، برگ بائيولوجي جي نئي افق ٽپي رهيا هيا 
جينٽ مرٽز هڪ غير معمولي صلاحيت رکڻ وارا شاگرد هيا، ڏهن سال کانپوءِ اسٽينفورڊ ۾ بائيوڪيمسٽري جي ڊيپارٽمينٽ ۾ اچڻ واري خالي ٻئي عورت، انجي تعليم انجينئرنگ ۾ بہ هئي ۽ بائيولوجي ۾ بہ، انهن هي تجربا ڏٺا هيا ۽ الڳ جاندارن کي ملائي ڪري نئي قسم بنائڻ جي ڪاميابي انکي متاثر ڪيو هو، انھن سوال ڪيو،” جيڪڏهن انکي ابتو ڪيو وڃي؟“يعني بجائي وائرس جي، هي جينز بيڪٽيريا ۾ داخل ڪري ڇڏجن؟ جنھن طرح بيڪٽيريا ورڇ بہ ورڇ ٿيندا، هي تبديلي بہ گڏ ئي گڏ، ان طرح نئي جينز بنائڻ جي فيڪٽري بڻجي ويندي 

مرٽز جن پنهنجو خيال يونيورسٽي کي پيش ڪيو، انجي پريزنٽيشن ٻڌڻ وقت هال ۾ چپ چاپ ٿي وئي، آخر ۾ سوالن جي لهر آئي، ڇا نئي قسم ۽ نئي جينياتي عنصرن جي تخليق جا اخلاقي پاسن جي باري ۾ سوچيو آهي؟ ڇا هي سوچيو آهي ان سان ڇا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟ 
سيشن ختم ٿيو ۽ يونيورسٽي ۾ پڙهائڻ واري وائرولوجسٽ جن انھي وقت برگ کي گهرايو،”ڇا اوهان ڄاڻيندا آهيو تہ ارتقائي طور تي هي ڪنھن ڀاڳي پري آهن جن کي ملائڻ گهري رهيا آهيو؟ جيڪڏهن هي بيڪٽيريا انسانن ۾ ڪنهن خطرناڪ بيماري جو ڪارڻ بڻجي وڃن تہ ڇا ڪندو؟ اسان ايٽم کي ٽوڙڻ جو فيصلو واپس وٺي سگهو ٿا، آلودگي ڦهلائڻ بند ڪري سگهون ٿا، چنڊ تي وڃڻ روڪي سگهون ٿا پر نئي زندگيءَ تخليق ڪري ڇڏي تہ واپسي جو رستو ناهي، بائيولوجي ۾ ريورس گئير ناهي، هي اوهانجي ٻارن ۾ انھن جي ٻارن کان بہ اڳتي تائين رهندا“. 

ان دوران مرٽز جينياتي ايڊٽنگ جي تڪنيڪ جو شارٽ ڪٽ ڳولها ڪري رهيا هيا، ڇھ اسٽيپ جي بجائي هي ٻہ اسٽيپ جو پراسس بڻجي ويو هو 

انتي بحث ھلندي رهي، طابتي اخلاق جي رھنمائي ۾ ڊي اين اي ري ڪمبي نيشن اتفاق جي ڪانفرنس اهم ڪردار ادا ڪيو، حدون بڻايون ويون، ان شعبي جي ماهرن پاڻ ۾ ملي ڪري ويهي ڪري طئي ڪري ورتو تہ انکي بي لگام نہ ڇڏيو ويندو، زمدار سائنس جي لاءِ گائيڊلائنز تي اتفاق ٿيو 

هڪ طرف برگ ۽ مرٽز انتي ڪم ڪرڻ ۾ مصروف هيا، ٻئي پاسي بوئير ۽ ڪوهن جنن برگ جي ڪاميابي مان سکي ڪري بيڪٽيريا جو ڊي اين اي تبديل ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو هيو، نيو بيڪٽيريا بنائڻ جي ڊوڙ بوئير ۽ ڪوهن جن 1973ع ۾ کٽي ورتي، فروري 1973ع جو بوئير ۽ ڪوهن ٻن بيڪٽيريا جو ڊي اين اي ملائي ڪري ٽرانسفوميشن تبديلي ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي هئي، هاڻ انکي پوکڻو هو، شام جي وقت ڪوهن هڪ ڄار ۾ هائبرڊ جاندارن جي پهرين گروپ وڌائڻ جي لاءِ هڪ لڏندڙ بيڪر ۾ وڌي، هزار کان لک، لک کان ميلن، ٻن بلڪل الڳ قسم  جو جينياتي ميٽيريل ملي ڪري وڌي رهيو هو، هڪ نئي دنيا جي پيدائش جو اعلان خالي سڄي رات هڪ بيڪٽيريا جي انڪيوبيٽر کان اچڻ واري ٽڪ ٽڪ ٽڪ جي آوازن سان ٿي رهيو هيو

بوئير جلد ئي هڪ ڪامياب ترين جينياتي انجينئرنگ جي ڪمپنيءَ جي باني بڻجڻ لڳا هيا

هلندڙ....

 جين کان جان تائين - جاندار جي اڏاوت - جين (14)

https://www.facebook.com/groups/ScienceJeDuniya/permalink/2715288772086530/ 

No comments:

Post a Comment