Saturday, 7 December 2019

ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان مريخ تي رهون تہ

ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان مريخ تي رهون تہ
”دريا خان“

ڌرتي تي موجود ماڻھون مريخ تي رهڻ بابت گھڻو سوچيندا آهن، پر ايئن اصل ۾ ٿي چڪو هجي، ۽ ماڻھون ان ڳاڙهي سياري تي رهي رهيا هجن تہ ڇا ٿيندو؟ مريخ تي جيئڻ ڪيئن هوندو، ڇا اسان مريخ جي سطح تي رهي سگھون ٿا، يا اسان کي اتي هجڻ وارين سولر ريڊيشن کان بچڻ جي لاءِ سطح هيٺ رهڻو پوندو، ڇا اسان ان کي پنھنجي رهڻ لائق بڻائي سگھون ٿا، هتي اسان ڏسنداسين تہ ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان مريخ تي رهون تہ؟ هلون ٿا مريخ جي سير تي، ڇا اوهانکي ڪڏهن ڌرتي کي ڇڏڻ جو خيال آيو آهي، سج کان چوٿين نمبر تي ايندڙ سياري مريخ بابت ڪڏهن سوچيو آهي، اهو ڌرتي کان 56 ملين ڪلوميٽر جي پنڌ تي ٿي سگھي ٿو، جيڪڏهن ڌرتي کان لائچ ٿيڻ واري سڀ کان تيز اسپيس گرافٽ سان بہ وڃون تہ، سيارن جي پوزيشن جي هوندي اوهانکي اتي پهچڻ ۾ 40 ڏينھن لڳي سگھن ٿا، ۽ ايئن اسپيس ۾ ايترو ٽائيم گذارڻ کانپوءِ آخر ۾ اوهان مريخ کي سڪل ۽ بہ جان ڳاڙهو پٿريلو واريلو ڏسندا، ڇا اوهان اتي زندھ رهي سگھندو مريخ تي زندھ رهڻ جي لاءِ اوهانکي ڇا گھربل هوندو، سڀ کان پھريان اوهانکي آڪسيجن ٺاهڻ سکڻو پوندو، ڇوجو مريخ جو وايو منڊل موسمي تھ زمين جيان بلڪل بہ ناهي بلڪ گھڻي سنهڙي ۽ 95 سيڪڙو ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ تي ٺھيل آھي، اوهان زندھ رهڻ لاءِ سڄو آڪسيجن پاڻ سان گڏ نٿا آڻي سگھو، بلڪ اوهانکي ڪيترين ئي مشينن جي ضرورت پوندي، جيئن ناسا جي موڪسي جي مدد سان ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ مان آڪسيجن ٺاهڻو پوندو، ان سان نہ صرف اوهانکي بلڪ مريخ تي رهڻ وارن کي ساھ کڻڻ لاءِ صاف آڪسيجن ملندي بلڪ اوهانکي Liquid Oxygen Propylene بہ اوهانکي سپلائي ڪندو. ان سان اوهانجو راڪٽ ڌرتي تي واپس بہ وڃي سگھندو، جيڪڏهن اوهان واپس اچڻ چاهيو ٿا تہ، مريخ تي پوک ڪرڻ لائق مٽي ناهي ان لاءِ اوهانکي هائيڊرو پونڪس فارمنگ hydroponics farming جو استعمال ڪرڻو پوندو، جنھن سان اوهان پنھنجي پوک جي منرلز گھربل نامياتي طريقن سان اسان پوکيندا آهيون، بنا مٽي جي، پاڻي نہ هئڻ ڪارڻ اتان جي آبادي کي پنھنجي ضرورت جو خالي ويھ سيڪڙو ئي کاڌو تيار ڪري سگھجي ٿو، باقي جو سڄو کاڌو اسانکي ڌرتي تان ئي گهرائڻو پوندو، پر اهو بہ سڪل حالت ۾ هوندو يعني اوهان تازي کائڻ جي اميد نٿا ڪري سگھو، باقي آبادي سان گڏ ڇايد اوهان ڪنھن هوا جي پريشر سان ٺھيل ڪنھن بلڊنگ ۾ رهندو، پر گھڻو ممڪن آهي سطح هيٺ رهندو، ڇوجو مريخ تي گلوبل ميگنٽ فيلڊ ناهي، ۽ اتان جو وايو منڊل Atmosphere  بہ گھڻو سنھڙو آهي. تہ مريخ جي مدار مٿاڇري تي ريڊيشن ليول انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن جي ڀيٽ ۾ اڍائي سيڪڙو وڌيڪ آهي، جيڪو انساني جسم جي سھڻ لاءِ گھڻو وڌيڪ آهي، سج جي باري ۾ گھٽ سوچيو ڇوجو اتي سج ڌرتي جي مقابلي ۾ اڌ ڏيکاربو ۽ جيڪڏهن اوهان ٻاهر وڃڻ چاهيو ٿا، ۽ واپس زندھ بہ تہ اوهانکي هڪ اسپيس سوٽ جي ضرورت پوندي جنھن سان اوهان اتي نہ برابر موسمي پريشر ۽ ريڊيشن کان بچي سگھو، اوھان جو سوٽ اوهانکي گرم بہ رکندو ۽ اهو ضروري بہ آهي، ڇوجو مريخ تي پد گھٽ بہ آهي، ڌرتي تي سڀ کان ٿڌو موسم، مريخ جي ڪاٽو ٿڌ کان گھٽ هوندو، ڪاٽو پد مانس 55 ڊگري سيلس تائين گھٽ هوندو، مريخ تي هڪ ڏينھن ڌرتي کان 40 منٽ وڌيڪ هوندو. ۽ جڏهن تہ اتي هڪ سال ٻيڻو پڻ، جيڪڏهن اوهان 9 نو ڏينهن اميسپيئر ۾ رهندو تہ اوهان ست مھينن تائين بھار ۽ ڇھ مھينا گرمي جو مزو وٺندا ۽ هلڪو موسم پنج مھينا ۽ ٿڌ چار مھينا وڏي هوندي ايئن نہ صرف اتي پد گھٽ رهندو پر اهو هڪ هفتي ۾ گھڻو وڌي بہ سگھجي ٿو، ان تبديلي ڪارڻ گھڻو ڪري ڌوڙ مٽي واري جا تيز طوفان ايندا آهن، اهو بہ ياد رهي تہ مريخ تي ڪشش ثقل ڌرتي جي مقابلي ۾ هڪ سيڪڙو آهي، يعني اوهانکي ٻيهر هلڻ سکڻو پوندو. ان لاءِ اوهانکي گھڻو انتظار ڪرڻو پوندو، تہ جيئن اهو رهڻ لائق بڻايو وڃي، ان لاءِ اتان جي آبادي ٻين سيارن کان امينو ايسڊ کڻي ايندا مريخ تي، جيڪا گرمي مريخ تي موجود اُتر قطب تي ڄميل برف کي گئس ۾ بدليندي جنھن سان مريخ سياري کي هڪ وايو منڊل موسمي تھ ملي سگھي، پر اها گيس اڃان بہ اسانجي رهڻ لائق نہ هوندي، پر گھٽ ۾ گھٽ اها موسمي پريشر ٺاهيندي جنھن سان اوهان آخرڪار پنھنجو اسپيس سوٽ لاهي سگھو ٿا، پوءِ اهوئي مريخ جي سطح تي موجود وڏين ڇپن مان پاڻي ڪڍندا جنھن سان ٻاڦ وايو منڊل کي وڌيڪ ڳاڙهو ٺاهي ڇڏيندي، ايئن اوهان آخر ۾ مريخ تي مينھن ۽ برف وسندي ڏسي سگھندا، ۽ ايئن گھڻي عرصي کانپوءِ اتي ماڻھن لاءِ گھڻو آڪسيجن موجود هوندو، انھي طرح سان ايئن ان سياري جي انجنيئرنگ پوري ٿي ويندي
ياد رهي تہ ناسا 2020ع ۾ مريخ تي آڪسيجن ٺاهڻ لاءِ مشن موڪليندو جيڪو ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي آڪسيجن ۾ تبديل ڪندو.

هڪ نظر حرارن Calories جي ڪم تي

هڪ نظر حرارن Calories جي ڪم تي
”دريا خان“

حرارن Calories جو نالو ٻڌندي ئي کائڻ پيئڻ جون شيون ياد اچي وينديون آهن، گھڻو ڪري ان وقت جڏهن ٿلهائپ جو ڏک ٿئي. جڏهن اوهان ڪابہ کائڻ پيئڻ واري شي وٺندا آهيو، تہ انھن جي ڊٻن تي ان ۾ شامل مختلف شين جو ريشو بہ ڄاڻايل هوندو آهي جنھن ۾ حرارا بہ ڄاڻايل ھجن ٿا. هتي اسان اوهان کي حرارن Calories بابت آگاھ ڪنداسين تہ اصل ۾ حرارا ڇا آهن ۽ ان جي ماپ پيمائش ڪنھن ريت ڪئي ويندي آهي.

حرارا Calories ڇا آهن؟
حرارا Calories اصل ۾ توانائي جي اڪائي آهي جن جو شمار گھڻو ڪري غذائيت ۾ هوندو آهي پر حقيقت اها آهي تہ ڪا بہ شي، جيڪا پنھنجي اندر توانائي رکندڙ هجي ٿي ان کي حراري کي ان سان جوڙي سگھجي ٿو. مثال هڪ گيلن يعني چار ليٽر پيٽرول ۾ تقريبن 31,000,000 حرارا هوندي آهن.
حرارو توانائي يا حرارت جي مقدار آهي جيڪو هڪ گرام پاڻي پد حرارت هڪ درجي سينٽي گريڊ تائين وڌائي ڇڏي ٿو، هڪ حرارو 4.184 جولن جي برابر هوندو آهي جنھن کي طبيعيات ۾ توانائي جي اڪائي طور ڄاتو ويندو آهي. جيڪر هڪ سوڊا ڪين جي ڳالھ ڪجي تہ ان ۾ 2 سئو حرارا شامل هوندا آهن پر اسان کي اها ڳالھ ياد رکڻ گھرجي تہ کاڌي پيتي جي شين ۾ حرارن کي ڪلو حرارن ۾ ناپيو ويندو آهي، يعني 1 هزار حرارا برابر 1 ڪلو حرارن جي.
هڪ غذائي حراري ۾ 4,184 جول هوندا آهن، جيئن تہ هڪ سوڊا ڪين ۾ 2 سئو غذائي حرارا شامل هوندا آهن. هي اصل ۾ 200,00 حرارا يا 2 سئو ڪلو حرارا هوندا آهن. ان طرح هڪ گيلن پيٽرول ۾ 31,000 هزار ڪلو حرارا هوندا آهن.
جيڪڏھن اوهان کي ڊاڪٽر اهو چئي تہ هڪ ميل جي ڊوڙ لڳائڻ تي اوهان جا 100 حرارا سڙندي آهي، تہ ان جو سولو مطلب آهي 100 ڪلو حرارا ٿيندا.

حرارا ڇا ڪم ڪندا آهن؟
انسانن کي زندھ رهڻ لاءِ توانائي جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن اسان ساھ کڻندا آهيون، تہ حرڪت ڪندا آهيون، جسم ۾ رت جي دوري ڪرڻ لاءِ اسان کي توانائي جي ضرورت هوندي آهي ۽ هي توانائي اسان غذا مان حاصل ڪندا آهيون. ڪنھن بہ غذا ۾ حرارن جي مقدار مان پتو پوندو آهي تہ ان ۾ ڪيتري قوت توانائي موجود آهي، هڪ گرام نشاستي Carbohydrate ۽ هڪ گرام پروٽين Prtein ۾ چار حرارا شامل هوندا آهن جڏهن تہ هڪ گرام چرٻي ۾ نو 9 حرارا شامل هوندا آهن. اهي ٽئي جذا ڪنھن بہ غذا جو لازمي جز هوندا آهن. جيڪڏهن اوهان کي پتو پئجي وڃي تہ ڪنھن غذا ۾ ڪيترا نشاستا، ڪيترا پروٽين ۽ ڪيتري چرٻي موجود آهي تہ ان سان اوهان اهو معلوم ڪري سگھو ٿا تہ ھن غذا ۾ ڪيتري توانائي يا حرارا موجود آهن.
برائون شوگر Brown Sugar کي ئي وٺو. ان ۾ 160 حرارا ھوندا آهن. جيئن ئي اوهان انکي باھ تي پچائيندا، تہ ان مان حرارت جي نتيجي ۾ 160 ڪلو حرارا ٺھي ويندا آهن. ياد رهي تہ غذائي حرارن کي ماپيو ويندو آهي، ان مان پيدا ٿيڻ واري توانائي ايتري ئي هوندي آهي جو اها 160 ڪلو گرام پاڻي جي پد حرارت هڪ درجو وڌائي سگھي ٿي. جيڪڏهن اسان ان ۾ موجود غذائي جزن جو مشاهدو ڪريون تہ پتو پوندو تہ ان ۾ 2 گرام چرٻي، 4 گرام پروٽين ۽ 32 گرام نشاستا شامل هوندا آهن جن کي ملائڻ سان 162 حرارا ٺھندا آهن. جڏهن حرارا اسانجي جسم ۾ ويندي آهي تہ هي گھرڙ بدل عمل Metabolic system سان سڙڻ لڳندا آهن، جسم ۾ موجود خامرا Enzymes نشاستي کي ٽوڙي ان کي ميٺاڻ Glucose ۽ ٻين شين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن جڏهن تہ چرٻي گلسري Glycerol ۽ چرٻ تيزابن Faty acids ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. ۽ پروٽين امينو تيزاب Amino acid ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، اها سڀ رت مان ٿيندي خلين ۾ ويندا آهن، جتي هي وڌيڪ گهرڙبدليت Metabolism جي عمل مان گذرندي، آڪسيجن سان گڏ ڳانڍاپو ڪندا آهن ۽ پنھنجي اندر موجود توانائي کي نيڪال ڪري ڇڏيندا آهن. 

هلندڙ....

ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان هميشہ زندھ رهون تہ؟

ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان هميشہ زندھ رهون تہ؟
”دريا خان“

هميشہ زندھ رهڻ وارين ڳالھين بابت ٿورو سوچيو اوهان پنھنجي چاهيندڙن سان گھڻو وقت گذاري سگھو ٿا، ۽ ڪيتريون ئي ڊگريون حاصل ڪري سگھو ٿا، گڏوگڏ سڄي دنيا بہ آرام سان گھمي سگھو ٿا، جيڪڏهن ڌرتي تي اسان سڀ ڪڏهن بہ نہ مرون تہ اسان سڀني کي پنھنجن غلطين سڌارڻ جو موقعو بہ ملي سگھي ٿو، ۽ اسانجي آبادي هيلٿ ڪيئر تي لڳندڙ خرچ کان بہ بچي سگھي ٿي، اسان اهو ڪرڻ جي ڪيترو ويجھو آهيون، ۽ وڏيون زندگيون اسانجي رشتن کي ڪيئن سنڀالينديون. ڇا اسان زندھ رهڻ کان ڪڏهن بہ مايوس بور نہ ٿينداسين، هتي اسان ڳالھ ڪنداسين تہ ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان هميشہ زندھ رهون تہ؟
سڀ کان پھريان فلمن ۾ جيئن ڏيکاريو وينديون آهي تہ اتي ماڻھن ڪيئن وڏي ڄمار حاصل ڪندا آهن، مثال هڪ ماڻھو ھڪ ماڙ کان هيٺ ڪرڻ سان بہ بچي ويندو آهي، پر اهو طريقو غير سائنسي آهي، پر اهو ممڪن آهي تہ اوهان ٻڌائپ ٻوڙهائپ واري زندگي کان نہ مري ڪري هميشہ زندھ رهي سگھو ٿا، ڇا ڌرتي اهڙي آبادي کي سنڀالي سگھندي جن جي عمر هميشہ وڌندي رهي. سيلڪون ويلي ۾ ڪيترائي ملين سال ۽ بائيو ٽيڪ ڪمپنيون پنھنجي ڪم هيٺ اهڙا ڊرگس ٺاهي رهيون آهن، جيڪو ٻڌائپ ختم ڪري ڇڏي ۽ ماڻھون جي عمر گھڻو وڌائي ڇڏي، يعني ٻڌائپ پيدا ڪندڙن خلين کي وري طاقت ڏيڻ، سندن موجب جينيٽڪ جي استعمال ۽ ڪيلري جي گھٽ ڪم، هن مھل تائين مکين ڪيڙن ۽ ڪوئن جون عمرون وڌايون آهن، تہ پوءِ اهو طريقو انسانن لاءِ ڇو نٿو ڪم ڪري سگھي، باوجود انجي تہ اهوئي تجربا ڪامياب ٿي سگھن ٿا يا نہ، پر اصل مسئلو تہ ڇا اسان ان لاءِ تيار آهيون، ڌرتي تي تقريبن اٺ بلين ماڻھون آهن. ۽ جيڪڏهن اسان سڀ ڪيترائي سئو سال تائين زندھ رهي سگھون تہ، زندگي گھڻي مختلف ڏسڻ ۾ نہ لڳندي، گڏوگڏ سماجي ڪمن بابت بہ سوچيو تہ سڄي زندگي ڪنھن ھڪ ئي شادي شدھ سان سڄي زندگي گذارڻ جيڪو لڳ ڀڳ هڪ هزار سال تائين حيات رهي تہ، وڌيڪ شادي شدھ ئي سمجھي سگھن ٿا. انهيءَ طرح اسان شادين کي وڏي مهادي طور ڏسي سگھون ٿا، گڏوگڏ اسان کي گھڻو ڪم بہ ڪرڻو پوندو ۽ ملڪ جو ڪو بہ سرڪاري ادارو پينشن پلان اسانجي وڌيڪ مدد نہ ڪري سگھندو جيڪڏهن اسان 65 سال جي عمر ۾ ئي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيون ۽ 5 سئو سال تائين زندھ رهون تہ، انجو مطلب تہ اسان وٽ اهڙا سٺا ماڻھون بہ جام ٿي ويندا جيڪي مسلسل پنھنجي ڪم سان جڙيل رهندا، ٻئي پاسي جيڪڏهن اسان گھڻو عرصو ان جاءِ تي رهنداسين تہ نئي نسل لاءِ نوڪري حاصل ڪرڻ گھڻو مشڪل ٿي ويندو جنھن جو اثر پوري ڌرتي تي پئجي ويندو. جيڪڏهن اسان وٽ مستقبل ۾ وڏي عمر جو عزاز هوندو تہ ڇا اهو زندگي جي سندرتا ختم نہ ڪري ڇڏيندو، زندگي جي هر ڏينھن کي سٺو بڻائڻ جو اثر ختم ٿي ويندو، ۽ نتيجن ڌرتي تي گھڻا ڏکيارا ماڻھون وڌي ويندا، ۽ وري بہ ڌرتي تہ اڃان وڌيڪ وڏي ڪان ٿيندي بلڪ ويتر ماڻھن ساڻ ڀرجي ويندي جيڪو ڌرتي تي هونئن بہ هڪ وڏو مسئلو اڳ ئي آهي. ائين مرڻ وارن جو انگ گهٽ ٿي ويندو تہ اسان جا وسائل بہ جلدي ختم ٿي ويندا، ائين اوچتو وڏي عمر جو خيال هاڻي سٺو نہ لڳندو ڪيئن. ان سان نئي نسل لاءِ جڳھ بہ ڪان بچندي، جنھن جي ڪري اسان کي مجبورن انھن کي ٻين ڌرتين ڏا موڪلڻو پوندو ۽ آباد ڪرڻو پوندو، هي سڀ هئو جيڪڏهن اسان ھميشہ زندھ رهون تہ پوءِ ڇا ٿيندو.

ڪائنات بابت ماضي جا نظريا

ڪائنات بابت ماضي جا نظريا
”دريا خان“

ارض مرڪزي Geocentric نظري موجب اسانجي ڪائنات جو مرڪز زمين آهي، شمس مرڪز Heliocentric نظري موجب سج هن ڪائنات جو مرڪز آهي، پر ڪائنات جو اصل مرڪز ڇا آهي، ان بابت فلڪيات جا جديد نظريا ڇا ٿا چون،
سڀ کان پھريان اها ڳالھ سٺي نموني سمجھي وٺجي تہ ڪائنات جي باري ۾ اسانجا نظريا، وقت سان گڏوگڏ بدلبا رهندا آهن، اسان جنھن ارض مرڪزي جيوسينٽرڪ نظري جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ڪائنات بابت انسان جو سڀ کان قديم تصور آهي، جيو چئبو آهي زمين کي جڏهن تہ سينٽرڪ جو مطلب آهي مرڪزيت، يعني ان نظري موجب اسانجي زمين، هن ڪائنات جو مرڪز آهي، اهو ٻڌائڻ گھڻو مشڪل آهي تہ سڀ کان اڳ ارض مرڪزي نظريو ڪنھن ڏنو، ڇوجو دنيا جون قديم تهذيبن ۾ بہ زمين کي ئي ڪائنات جو مرڪز سمجھو ويندو هيو. پر”بطليموس Ptolemy“ نالي ماهر فلڪيات 150 عيسوي ۾ انکي باقاعدو نظري طور پيش ڪيو هيو، واضع رهي تہ اڄ اسان انکي نظريو ناهيون چوندا بلڪ هڪ مفروضو چوندا آهيون. پنھنجي ارض مرڪزي نظري ۾ بطليموس زمين کي ڪائناتي مرڪز ڪوٺيو گڏوگڏ بيٺل بہ تصور ڪيو، ان جو چوڻ هئو تہ زمين بيٺل آهي، پنھنجي جڳھ جميل آهي، ۽ ڪائنات جو مرڪز آهي، جڏهن تہ ٻيا تارا ۽ سيارا انجي چوڌاري گھمي رهيا آهن، پنھنجي ان نظري جي روشني ۾ ان ڪائنات جو هڪ تصوراتي نظام بہ ٺاهيو هيو، جنھن کي بطليموسي نظام Ptolemaic چيو ويندو آهي. ان نظام ۾ ڪيتريون ئي خاميون هيون ڇوجو جڏهن ان ذريعي ڪجھ سيارن جي مقامن جو حساب لڳايو ويندو هئو، تہ اهو غلط نڪرندو هيو، انجي باوجود ڇوجو بائبل جي تشريح ڪرڻ واري پادرين جي ويجھو زمين ئي ڪائنات جو مرڪز آهي، ان لاءِ بطليموس جي ان نظري کي عيسائي عقيدي جو حصو بڻايو ويو، هي سلسلو پندرهين صدي عيسوي تائين هلندو رهيو، ايستائين جو”نڪولس ڪوپرنيڪس“ نالي هڪ ماهر فلڪيات شمس مرڪزي Heliocentric نظري جي نالي سان هڪ نيو تصور پيش ڪيو. پنهنجي ان نظري ۾ ڪوپرنيڪس آسماني مشاهدن جو استعمال ڪندي، اهو ٻڌايو تہ ڪائنات جو مرڪز زمين ناهي بلڪ سج شمس آهي، هتي ٻڌائيندا هلون تہ يوناني زبان ۾ هيليوس جو مطلب سج هوندو آهي، ڪوپرنيڪس جي ان شمس مرڪزي نظري ۾ سج کي ڪائنات جو مرڪز قرار ڏيڻ کان علاوه هي بہ چيو ويو تہ سڀ سيارا سج جي ويجھو بيضوي مداري elliptical orbits ۾ چڪر لڳائيندا آهن، ان نظري تي عيسائي مذهبي رهنما گھڻو ناراض ٿيا پر ان نظري جي مدد سان سيارن جي حرڪت جو حساب لڳائڻ تي صحيح جواب ملندا هيا، پوءِ گيليليو گيليلي ۽ آئزڪ نيوٽن ڪوپرنيڪس جو ڪم اڳتي وڌايو ۽ آخرڪار شمس مرڪزي نظريو ئي ڪائنات جو صحيح نظام ڪوٺيو ويو. پر ڳالھ اتي ختم نہ ٿي بلڪ ويهين صدي جي شروعات ۾ ايڊون هبل نالي هڪ فلڪيات دان پنھنجي زماني جي طاقتور دوربين استعمال ڪندي اهو معلوم ڪيو تہ ڪائنات گھڻي وسي آهي، هي ڪائنات ان قدر وڏي آهي جو اسان جو سج پنھنجي پوري نظام شمسي سميت ان ڪائنات جو گھڻو ئي ننڍو حصو آهي، پاڻ اهو عربين کربين تارن جي ميڙ جو هڪ حصو آهي جنھن کي اڄ اسان ملڪي وي ڪهڪشان جي نالي سان ڄاڻون ٿا. پر ملڪي وي کان سواءِ بہ ڪائنات ۾ اربين کربين ڪهڪشائون آهن، هي انگن ۾ ڪيتريون آهن، اسان کي اڄ تائين صحيح اندازو ناهي، ڇوجو اڄ تائين اسان اهو معلوم ئي ناهيون ڪري سگھيا تہ آخر اسانجي ڪائنات اصل ۾ ڪيتري وسي آهي. ايڊون هبل جي ٻئي وڏي دريافت ان کان بہ وڌيڪ حيرت جوڳي هئي، ان ٻڌايو تہ هي ڪهڪشائون بہ هڪٻئي کان مسلسل ڏور ٿي رهيون آهن، ۽ اهو تہ جيڪا جيڪا ڪهڪشان اسان کان جيترو گھڻو ڏور آهي، اها اوتري ئي تيزي ساڻ اسان کان وڌيڪ ڏور ٿيندي پئي وڃي، تہ ڇا انجو مطلب هي تہ زمين واقعي بہ ڪائنات جو مرڪز آهي، ايڊون هبل چيو تہ نہ...، ائين هرگز ناهي بلڪي اصل ۾ هي پوري ڪائنات جي مسلسل ڦهلجڻ جي وجھ سان آهي، اها ڪائنات جنھن کي اسان ڏسي سگھون ٿا، مسلسل ڦهلجي رهي آهي، ۽ انجو ڪو بہ مرڪز ناهي، ان هڪ مثال ڏني تہ فرض ڪريو اوهان وٽ رٻڙ جو هڪ وڏو ڦوڪڻو آهي جنھن تي ڪهڪشائن جون تصويرون ٺھيل آھن، جڏهن اسان ان ڦوڪڻي ۾ هوا ڀرينداسين  وينداسين تہ اهو مسلسل وڌندو ويندو تہ ان تي ٺھيل ڪهڪشائن جون تصويرون بہ ان سان گڏوگڏ ڦهلبيون ۽ هڪ ٻئي کان ڏور ھليون وينديون آهن، اهو ئي مسئلو اسانجي زمين، سج ۽ ڪهڪشان جو بہ آهي، ڇوجو ڪائنات هر طرف ڦهلجي رهي آهي ۽ هر ڪهڪشان ٻئي ڪهڪشان کان ڏور ٿيندي وڃي رهي آهي تہ اسانکي ائين لڳندو آهي جھڙو سڄي ڪائنات اسانجي جي سڀ طرف کان هڪجهڙي انداز ۾ ڦھلجي رهي آهي، ۽ اسانجي زمين ئي ڪائنات جو مرڪز آهي، اصل ۾ اهڙو ڪجھ بہ ناهي اها اسان جي غلط فهمي آهي، ظاهر آهي تہ اسان ان ڦهلجندڙ ڪائنات جو حصو آهيون، ائين خالي اسان کي اهو احساس ٿيندو آهي تہ اسان ڪائنات جو مرڪز آهيون. نہ تہ حقيقت انکان بلڪل الڳ آهي جنھن ڪائنات جو اسان مشاهدو ڪري سگھون ٿا ان ۾ ڪو بہ مقام اهڙو ناهي جنھن کي ڪائنات جو مرڪز ڪوٺيو وڃي، سولن لفظن ۾ جديد نظرين موجب ڪائنات جو ڪو مرڪز ناهي.

Monday, 2 December 2019

ڇا تارا بہ حرڪت ڪندا آهن

ڇا تارا بہ حرڪت ڪندا آهن
”دريا خان“

جي تارا بہ حرڪت ڪندا آهن ۽ ايتري تيزي سان حرڪت ڪندا آهن جو اسان لاءِ يقين ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي، هتي اسان پنھنجي سج تاري جي مثال ٿا وٺون جيڪو زمين جي ويجھو هڪ تارو آهي، اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھو جيڪو چڪر لڳائي رهيو آهي، جيڪو هڪ سيڪنڊ ۾ تقريبن ويھ ڪلوميٽر جو پنڌ ڪري وٺندو آهي، پر اسانکي انجو احسان ان لاءِ ناهي ٿيندو جو ڇوجو سج سان گڏوگڏ اسانجي زمين چنڊ ۽ ٻيا نظام شمسي جا سڀ سيارا بہ ملڪي وي ڪهڪشان جي مرڪز چوڌاري ويجھو حرڪت ڪري رهيا آهن. ايتري تيز رفتار حرڪت ڪارڻ بہ، ملڪي وي ڪهڪشان جي ويجھو هڪ چڪر پورو مڪمل ڪرڻ ۾ سج کي تقريبن ٻہ ڪروڙ سال لڳي ويندا آهن، ان مان اوهان اندازو لڳائي سگھو ٿا. هاڻي اچون ٿا ٻين تارن ڏا، هي بہ مسلسل حرڪت ڪندا رهندا آهن پر اهو ڇا چڪر آهي جو اسانکي ائين لڳندو آهي جھڙوڪ تارا زميني مٿاڇري ۾ هر تارو پنھنجي پنھنجي جڳھ تي ڄميل آهي، تارن جي ترتيب ۾ تبديلي ڇو ناهي ايندي، ان ڳالھ تان بہ پڙدو کڻون ٿا، سج کانپوءِ زمين جي ويجھو ٻيو تارو پراڪسيما سينٽوري آهي. جنھن جي اسان کان وٿي آهي 4.24 نوري سال آهي، يعني پراڪسيما سينٽوري کان اسان تائين روشني کي پهچڻ ۾ بہ تقريبن سوا چار سال لڳي ويندا آهن، انجو اهو مطلب ٿيو تہ اڄ جيڪو اسان ڪجھ پراڪسيما سينٽوري تي ڏسي رهيا آهيون اهو اصل ۾ اڄ کان چار سال اڳ جو منظر آهي. نئين پڙهندڙ لاءِ ٻڌائيندا هلون تہ نوري سال، ڪائناتي وٿي ماپڻ جو هڪ ماپو آهي ان مان مراد آهي جيڪا روشني پنھنجي ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار مسلسل سفر ڪندي آهي، هڪ سال ۾ طي ڪندي آهي هي فاصلو 9461 ارب ڪلوميٽر يعني 9.461 ٽريلين ڪلوميٽر معلوم ڪيو ويو آهي، 4.24 نوري سال جو پنڌ ڪيترو ٿيو، هي حساب لڳائڻ لاءِ 4.24 کي 9.461 ٽريلين سان ضرب ڏيو، جواب ۾ 40.11464 ٽريلين ڪلوميٽر ايندو. هاڻي اوهان سوچيو تہ سج کانپوءِ ٻيو گهڻو ويجھو تارو اسان کان ايترو پري آهي تہ ٻيا تارا ڪيترو ڏور هوندا جيڪي انجي مقابلي بہ گھڻو وڌيڪ ڏور آهن. اهو سڀ ٻڌائڻ جو ڪارڻ اهو واضع ڪرڻ هو تہ، جيڪر ٻيا سيارا بہ سج جيان گھڻي ئي تيز حرڪت ڪري رهيا آهن پر انھن جي ۽ اسان جي وچ ۾ ايتري گھڻي وٿي آهي جو انجي مقابلي ۾ هي حرڪت بہ گھڻي معمولي آهي، جيڪر اسان پراڪسيما سينٽوري جي مثال کي ڏسون تہ خبر پوندي تہ سج جيان اهو بہ ملڪي وي ڪهڪشان جي ويجھو چوڌاري چڪر لڳائي رهيو آهي، ۽ انجي رفتار 21.7 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ آهي، ماهرن فلڪيات معلوم ڪيو آهي تہ اسانجي ملڪي وي ڪهڪشان ۾ تارن جي رفتار 5 سو ڪلوميٽر في سيڪنڊ تائين ٿي سگھجي ٿي. پر اسانجي ۽ ان ڏورانهن تارن جي ويجھو ايترو گھڻو پنڌ آهي جو اسان پنھنجي پوري زندگي گذاري ڪري بہ، صرف پنھنجي اکين جي مدد سان، انھن ۾ ٿيڻ واري حرڪت جو پتو نٿا لڳائي سگھون. هاڻي ڇوجو اسانکي اها خبر پئجي وئي تہ تارا بہ حرڪت ڪندا آهن، تہ اوهان سوچي رهيا هوندا تہ تارن جي جھڳٽن جي شڪل ۾ ڪا تبديلي ڇو ناهي ايندي، تہ تارن جا جهڳٽ Cluster بہ پنھنجي پنھنجي شڪلون بدليندا رهندا آهن، پر ها تبديلي ايتري آهستي هوندي آهي، جو ان ۾ ويھ پنجويھ سال لڳي ويندا آهن، جيئن تہ انساني تھذيب صرف اٺ ڏھ ھزار سال پراڻي آهي، تڏهن کان اڄ تائين تارن جي جھڳٽن ۾ گھڻي معمولي تبديليون آيون آهن، هي تبديليون ايتريون تہ معمولي آهن جو پوري احتياط سان حساب لڳائڻ ۽ طاقتور دوربينن ساڻ مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ ئي واضع ٿيندي آهي، نہ تہ هڪ انساني عام اک لاءِ زميني مٿاڇرو ائين ئي آهي جيئن اهو هزارين سال اڳ اسانجي ابن ڏاڏن لاءِ هوندو هيو.

Saturday, 30 November 2019

ڇا وراثتي خصوصيتون جينن Genes ۾ پاتيون وينديون آهن يا ڊي اين اي ۾ يا وري مورُوث Chromosome ۾؟

ڇا وراثتي خصوصيتون جينن
 Genes ۾ پاتيون وينديون آهن يا ڊي اين اي ۾ يا وري مورُوث Chromosome ۾؟
”دريا خان“

وراثتي خصوصيتون اسان جي ڊي اين اي ۾ جين جي شڪل ۾ پاتيون وڃن ٿيون. مورُوثو Chromosome بہ ڊي اين اي ئي تي جڙيل هوندو آهي يعني اهو چوڻ صحيح هوندو تہ هڪ مورُوثي ۾ ڪيترا ئي جين موجود هوندا آهن. وراثتي خصوصيتون اهي ئي هونديون آهن جيڪي هڪ کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئين نسل ڏي منتقل ٿين ٿيون. انھي ڪري ٻارن جي شڪل صورت ۽ ڪجھ عادتون پنھنجي والدين جھڙيون هونديون آهن، ڇوجو اهي سڀ وراثتون انھن کي پنھنجي والدين کان ورثي ۾ مليل هونديون آهن، ان ڪري انھن کي وراثتي خصوصيتون چيو ويندو آهي. اسان جي هر جسماني گهرڙي ۾ رت جي ڳاڙهن گهرڙن کان سواءِ هڪ عدد مرڪز Nucleus هوندو آهي ۽ مرڪز جي اندر مورُوثا Chromosomes هوندا آهن. انسانن جي جسماني گهرڙن ۾ ڪل 46 موروثا هوندا آهن جيڪي 23 جوڙن جي شڪل ۾ موجود هوندا آهن، يعني هر جوڙي ۾ ٻہ مورُوثا ٿين ٿا، هر جوڙي جو هڪ مورُوثو اسان جي والد جي طرف کان جڏهن تہ ٻيو ماءُ جي طرف کان هوندو آهي. جيتوڻيڪ هر موروثو ڊي اين اي ئي جو مجموعو هوندو آهي، پر ڊي اين اي جي ڪجھ خاص حصن ۾ ئي پروٽين ٺاهڻ جو هدايتون محفوظ هونديون آهن. هي اهي ئي ئي حصا آهن جن کي جين Gene چيو ويندو آهي. اوهان کي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي تہ اسان جي پوري ڊي اين اي جو صرف ٽي سيڪڙو حصو جينن Genes تي مشتمل آهي باقي ستانوي سيڪڙي حصي بابت اڃان تحقيق هلندڙ آهي تہ اهو ڇو موجود آهي. هڪ ٻي حيرت ڪندڙ ڳالھ اها آهي تہ هاڻي تائين انسان ۾ تقريبن 22,000 هزار جين Genes دريافت ٿي چڪا آهن پر انساني جسم ۾ ٺهڻ وارن پروٽين جو انگ هڪ لک کان وڌيڪ آهي. هي بہ جديد سائنس جو مسئلو آهي جنھن تي ڪم جاري آهي. اوهان کي اها بہ خبر هجڻ گھرجي تہ چمڙي کان وٺي وارن تائين، اسان جي جسم جو هر حصو پروٽينن جي ڪيترن ئي قسمن مان ملي ڪري ٺھندو آهي. ائين سمجھو تہ اسان جو جسم لکين قسم جي کربين پروٽينن جو ڍانچو آهي.

Friday, 29 November 2019

اسٽيفن هاڪنگ

جيڪڏهن اوهان اڳتي پڙهڻ چاهيو ٿا تہ پنھنجي پيرن جي نشانن ۽ انھن مان اڏامندڙ مٽي تي ڌيان ڏيڻ جي بجائي پنھنجي مٿي تي ٽمڪندڙ اڻ کٽندڙ تارن کي ڏسو، هي هميشہ اوهانکي ڳولھا، جستجو ۽ کوجنائون ڏا  ڇڪيندا، هي ڪائنات ڪڏهن ۽ ڇالا وجود ۾ آئي ۽ ڇا انسان ئي ان وسي ڪائنات ۾ اڪيلو ذهين جانور آهي، انھن سوالن جا جواب ڳولھا ڪرڻ لاءِ هميشہ مصروف رهو. 

(اسٽيفن هاڪنگ ڪتاب وڏن سوالن جا ننڍا جواب)

ڦهلجندڙ ڪائنات

ڦهلجندڙ ڪائنات

جيڪڏهن رات بلڪل صاف هجي ۽ وري چنڊ بہ نہ هجي، مٿي نهاريندو تہ جيڪي روشن ترين شيون اوهانکي نظر اينديون سي گھڻو ڪري، مريخ جوپيٽر ۽ وينس گرھ ئي هوندا. ان کان سواءِ تارن جو تمام وڏو تعداد ميڙ ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪي آهن تہ اسان واري سج جيان پر سج جي ڀيٽ ۾ اسان کان گھڻو ڏور پري آهن، جيئن جيئن ڌرتي سج جي چوڌاري چڪر لڳائي ٿي تہ انھن منجھان ڪجھ هڪ هنڌ کتل تارا اصل ۾ هڪٻئي جي ڀيٽ ۾ پنهنجون بيهڪون تمام ٿورڙي حد تائين بدلائيندي نظر اچن ٿا. حقيقتن اهوئي هڪڙي هنڌ کتل آهن ئي ڪو نہ، اهوئي کتل فقط ان ڪري لڳندا آهن جو اهي گھڻن ڏورانهن تارن جي ڀيٽ ۾ اسان جي وڌيڪ ويجھو آهن. جيئن جيئن ڌرتي سج جي چوڌاري چڪر لڳائي ٿي، اسان انھن کي ڏورانهن تارن جي پس منظر آڏو مختلف بيهڪن کان ڏسون ٿا. اها ڳالھ فائديمندي آهي، ڇو تہ ان سان اسان پاڻ کي پاڻ کان انھن تارن جي وٿي جي ماپ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، آهي جيترو اسانجي ويجھو آهن اوترو ئي حرڪت ڪندي نظر اچن ٿا، ويجھي ۾ ويجھو تارو، جنھن کي Proxima Centauri چيو ويندو آهي، اسان کان تقريبن چار نوري سال جي پنڌ تي آهي اتان کان اسان تائين روشني پهچڻ ۾ تقريبن چار سال لڳائي ٿي، يعني 1012×23 ميل پري. جن کي عام انساني اک ڏسي سگھي ٿي، تن منجھان گھڻي ڀاڱي تارا اسان کان ڪجھ سئو نوري سالن جي پنڌ تي آهن. انھن جي ڀيٽ ۾ اسان جو سج اسان کان فقط اٺ نوري منٽ پري آهي ۽ چنڊ اڍ سيڪنڊ، نظر ايندڙ تارا رات جو زميني سڄي مٿاڇري تي پکڙيل پئي نظر ايندا آهن، پر گھڻو ڪري هي جٿي ۾ ڳتيل ملن ٿا، جنھن کي اسين آڪاس ڊنڊھ يعني ملڪي وي چئون ٿا. اڄ کان گھڻو اڳ 1750ع ۾ فلڪيات جي ڪجھ ماهرن جو چوڻ هو تہ ملڪي وي جي اندازي وضاحت ڪري سگھجي ٿي، پر شرط اهو آهي تہ گھڻي ڀاڱي نظر ايندڙ تارا هڪ اڪيلي ٿالھي جھڙي شڪل هجن، اهو انجو هڪ مثال آهي جنھن کي اسين اڄڪلھ چڪردار ڪهڪشان ٿا ڪوٺيون يعني تارن پٿرن زمينن جو ميڙ، فقط ڪجھ ڏهاڪا پوءِ هڪ ماهر فلڪيات سر وليم ھرشل تارن جي هڪ گھڻي وڏي ميڙ جي بيهڪن ۾ وٿي جي درجا بندي تي گھڻي محنت ڪري ان خيال جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي، پر ان جي ڪارڻ بہ ان خيال کي مڪمل مڃتا هن صديءَ جي شروعات ۾ ئي ملي هئي،
ڪائنات بابت اسان جي جديد تصوير جا پيچرا 1924ع کان ملن ٿا، جڏهن آمريڪي ماهر فلڪيات ايڊون هبل اهو ڏيکاريو تہ ڪائنات صرف اسان جي ڪهڪشان جو نالو نہ آهي، درحقيقت ڪائنات ۾ تمام گھڻيون ڪهڪشائون هيون جن جي وچ ۾ مڪان جا سڀ خالي ڀاڱا هيا. اهو ثابت ڪرڻ لاءِ کيس انھن ٻين ڪهڪشائن جي وٿين جو اندازو ڪرڻ جي ضرروت هئي جيڪي ايڏيون تہ ڏور آهن جو ويجھن تارن جي ابتڙ اهي واقعي ئي هڪ هنڌ کتل لڳنديون آهن. ان ڪري هبل کي مجبورا انھن وٿين جو اندازو ڪرڻ لاءِ اڻ سڌا طريقا استعمال ڪرڻا پيا. ڪنھن بہ تاري جي ظاهري آب تاب ٻن جزن تي دارومدار رکندي آهي، هڪ اهو تہ اهو ڪيترا نوري ڪرڻا نيڪال ٿو ڪري، ان جي چمڪ ۽ ٻيو اهو تہ اهو اسان کان ڪيترو ڏور پري آهي. ويجھن تارن جي ظاهري آب تاب ۽ انھن جي وٿين جي تہ اسان ماپ ڪري سگھون ٿا، ۽ ان ريت اسان انھن جي چمڪ بہ ڄاڻي سگھون ٿا، ان جي ابتڙ جيڪڏهن اسان کي ٻين ڪهڪشائن جي چمڪ خبر هجي تہ اسان انھن جي ظاهري آب تاب جي ماپ ڪري انھن جا فاصلا لھي سگھون ٿا. هبل ڏٺو تہ ڪجھ مخصوص قسمن جا تارا جڏهن ماپ پيمائش ڪرڻ جي حد تائين اسان جي ويجھو هجن ٿا تہ انھن جي چمڪ هميشہ ساڳي ٿي رهي، ان بنياد تي هن دليل ڏنو تہ جيڪڏهن اسان کي اهڙا تارا ڪنھن ٻي ڪهڪشان ۾ بہ لڀي پون تہ اسان اهو فرض ڪري سگھون ٿا تہ انھن جي بہ چمڪ ساڳي آهي، ۽ ايئن اسان ان ڪهڪشان جو بہ فاصلو لھي سگھون ٿا جيڪڏهن اسان ڪنھن ھڪ ئي ڪهڪشان جي تارن جي چڱي خاصي انگن جي باري ۾ اهو ڪري سگھون تہ، ۽ جيڪڏهن اسان جي ڳڻپ سدائين ساڳيا نتيجا ڏئي تہ، اسان پنھنجي ڪٿ تي گھڻي حد تائين ڀروسو ڪري سگھون ٿا. ان طريقي سان ايڊون هبل نو مختلف ڪهڪشائن جا فاصلا معلوم ڪيا،هيئنر اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جي ڪهڪشان انھن کربين ڪهڪشائن منجھان هڪ آهي جن کي جديد دوربينن جي مدد سان اسان مستقبل ۾ ڏسي سگھون ٿا، انھن منجھان هر ڪهڪشان ۾ کربين جسم آهن.

ڪتاب: ڪائنات جي ڳولھا 
ليکڪ: سنڌيڪار نديم گل عباسي 
ترجمو ڪيل: A Brief History Of Time

تارن جي چمڪ ۽ وٿي

ملڪي وي کان اڳتي

Thursday, 28 November 2019

پاسڪل Pascal

پاسڪل Pascal
”دريا خان“


پاسڪل جي ٽڪنڊو Triangle اصل ۾ اکرن جي هڪ ترتيب جو نالو آهي جنھن جي شڪل ٽڪنڊي جھڙي هوندي آهي. هي ٽڪنڊو فرانسيسي ۽ رياضي دان بليز پاسڪل Blaise Pascal سترهين صدي ۾ ايجاد ڪيو. ھن ٽڪنڊي ۾ مختلف عددن جون قطارون هونديون آهن. مٿين قطار ۾ 2 عدد يعني 1 ۽ 1 آمهون سامھون هوندا آهن. هر قطار جو پھريون ۽ آخري عدد 1 ئي هوندو آهي. قطار ۾ 1 کان پوءِ ٻن عددن کي پاڻ ۾ جمع ڪيو ويندو آهي ۽ جمع انھن ٻنھي عددن جي ويجھو هيٺين قطار جو عدد بڻجي ويندو آهي مثال: پاسڪل ٽڪنڊي ۾ ٽي قطارون 1,3,3,1 آهي.  چوٿين قطار جو پھريون عدد 1 آهي، ٻئي عدد 3+1 جو جمع يعني 4 ٿيندو. ٽئين عدد 3+3 جو جمع يعني 6 ٿيندو، انھي طرح چوٿون عدد 1+3 يعني 4 ۽ آخري عدد 1 ٿيندو. ائين چوٿين قطار جا عدد 1,4,6,4,1 ٿيندا. پاسڪل جي ٽڪنڊي ۾ قطارن جو تعداد پنھنجي حساب ٿي سگهي ٿو. پاسڪل جو ٽڪنڊو مختلف موقعن تي استعمال ڪري سگھجي ٿو. مثال جڏهن اسان ڪجھ سڪا مٿي اڇلائي رهيا هجون ان مان اسان اندازو ڪري سگھون ٿا تہ ڪرڻ کان پوءِ ڪيترا سڪا مٿين پاسي مک Head تي ڪرندا ۽ ڪيترا هيٺين پاسي پڇڙ Tail تي. فرض ڪريو تہ اسان وٽ ٽي سڪا آهن، جيڪر انھن کي گڏ اڇلايو وڃي تہ ممڪن طور تي چار طرح سان ڪري سگھن ٿا. ٽي جا ٽي مٿئين پاسي ڪرندا، ۽ ٻہ سڪا مٿين پاسي ۽ هڪ هيٺين پاسي ڪرندو. هڪ سڪو مٿين پاسي کان ۽ ٻہ هيٺين پاسي تي ڪرندا، يا وري ٽئي جا ٽئي سڪا هيٺين پاسي ڪرندا. هاڻي ڇوجو اهيئي امڪان چار آهن. ان ڪري اسان کي پاسڪل جي ٽڪنڊي ۾ ٻہ قطارون گھربل هونديون جنھن ۾ چار عدد هجن يعني 1,3,3,1. انھن عددن مان اهو امڪان ظاهر آهي جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن. 1,3,3,1 جو جمع 8 آهي. ائين هڪ جھڙن ٽن پاسن اچڻ جو امڪان 8 مان 1 آهي. ٽن مان ٻن سڪن جي مٿان واري پاسي ڪرڻ جو امڪان 8 مان 3 جو هوندو. انھي ريت ٽن مان ٻن سڪن جي هيٺان واري پاسي تي ڪرڻ جو امڪان بہ 8 مان 3 جيترو هوندو جڏهن تہ هي امڪان تہ ڪو سڪو بہ مٿئين پاسي تي نہ ڪرندو، يعني سڀ جا سڀ هيٺين پاسي ئي ڪرندا، 8 مان 1 هوندو. اهو بحث امڪان Probability جو حصو آهي پر پاسڪل جو گھڻو استعمال، مٿاڇري قوت جھڙوڪ رکڻ واري ٻن رقمي رياضياتي اظھارن Binomial higher degree expressions کي تيزي سان ڦھلائڻ ۾ ڪيو ويندو آهي. مثال: اسان جي سامھون 4(X+Y) هجي تہ پاسڪل ٽڪنڊو استعمال ڪندي اسان انھي مھل ئي ٻڌائي سگھون ٿا تہ ھن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي پاسڪل ٽڪنڊي جي چوٿين قطار ڏسڻي پوندي جنھن ۾ پنج عدد آهن 1,4,6,4,1. حل ڪيل اظھار بہ پنج حدن Terms تي جڙيل هوندا. انھن مان پھرئين جي حد جو عدد هڪ 1، ٻئي جو 4، ٽئين جو 6، چوٿين جو 4 ۽ پنجين جو 1 هوندو. پاسڪل ٽڪنڊو انٽر پنجين ۽ پري انجينئرنگ وارن لاءِ گھڻي ڪم واري شي هجي ٿي ڇوجو ان سان ڪم گھڻو تيز ٿي ويندو آهي. 

ڪڪر هيٺ ڇو ناهين ڪرندا

ڪڪر هيٺ ڇو ناهين ڪرندا

گھڻي گرمي جي موسم ۾ زميني مٿاڇري تي ڪڪر اچي ويندا آهن اسان انھن سندرتا ڪڪرن کي ڏسي خوش ٿيندا آهيون پر گھڻو ڪري اسانجي ذهن يا ڪو دوست پڇي وٺندو آهي تہ اهوئي مٿي ڪيئن بيٺل رهندا آهن ۽ هيڏا کان هوڏي ڪيئن هوا ۾ سفر ڪندا رهندا آهن، جيئن تہ ڪڪر لکين ننڍن ننڍن پاڻي جي ذرڙن جو گڏيل مجمو هوندا آهن، پر زميني ڪشش جي وجھ سان پاڻي جا اهوئي لکين قطرا ذرڙا ڪنھن بہ ٻئي شي جيان زمين ڏا ڇڪبا آهن پر انھن کي زمين تي ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ بہ مزاحمت موجود هوندي آهي جيڪا انھن کي هيٺ ناهي اچڻ ڏيندي، حقيقتن ڪنھن بہ ننڍي شي جيان انجي سطحي انجي وزن جي مقابلي گھڻو وڌيڪ هوندو آهي، اها ئي وجھ آهي انھن کي هوا جي مزاحمت جو گھڻو منھن ڏيڻو پوندو آهي ڇوجو ڪڪر گھڻي مٿاڇري تي هوندا آهن جتي عام طور تي هوا گھڻي تيز هلي رهي هوندي آهي ان ڪري هوا جي هي مزاحمت ايتري گھڻي هوندي آهي جو انھن ڪڪرن کي زمين تي اچڻ ناهي ڏيندي ائين اهوئي هوا ۾ ئي گھمندا رهندا آهن

Tuesday, 26 November 2019

ڪيميائي جوڙ

ڪيميائي جوڙ،بند Chemical Bond
”دريا خان“

اسان وٽ بند جا ڪيترا ئي قسم ٿين ٿا. هڪ بند اهو بہ هوندو آهي جنھن سان دريا تي بند ٻڌي ڪري بجلي ٺاهي ويندي آهي جنھن کي ڊيم چئبو آهي پر جنھن بند جي اسان ڳالھ ڪري رهيا آهيون انکي انگريزي ۾ بند Bond چئبو آهي ۽ انجو واسطو ڪيميا سان آهي. ڪيميائي جوڙ بند يعني ڪيميائي بند کي هڪ اهڙو رشتو سمجھي سگھون ٿا جيڪو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ايٽمن کي پاڻ ۾ ٻڌي ڪري رکندو آهي، پر جڏهن اسان ڪيميائي بند جي ڳالھ ڪندا آهيون تہ انجو مطلب اهو هوندو آهي تہ ٻہ يا ٻہ کان وڌيڪ ايٽم هڪٻئي جي ويجھو هجن ۽ گڏوگڏ پنھنجن پنھنجن اليڪٽرانن جو تبادلو بہ ڪن، پر جنھن ريت دنيا جا سڀ انسان هڪجھڙا ناهين هوندا، اهڙي ريت سڀ جا سڀ ڪيميائي بند بہ هڪ طرح جا ناهن ٿيندا. ڪيميائي بند ٽن قسمن جا هوندا آهن.
(1) اوڻي بند ۔ اوڻي ٻنڌ            Ionic Bond

(2)   ميلاپي بند ۔ ميلاپي ٻنڌ    Covalent bond

(3)  ڌاتي بند ۔ ڌاتي ٻنڌ            Metallic Bond

هتي اسان خالي اوڻي بند Ionic bond ۽ ميلاپي بند Covalent bond تي ئي ڳالهائينداسين ڇوجو ڪيميا ۾ اصل بند اهيئي آهن. بند جا قسم ٻڌائڻ کان پھرين ايٽمن جي ڪشش تي ڪجھ ڳالھ ٻولھ ڪجي. ڪجھ ايٽمن جي پنھنجن اليڪٽرانن تي ڪشش گھڻي هوندي آهي ۽ ڪجھ جي گھٽ. ائين چئجي تہ هي ڪشش اصل اها قوت آهي جنھن سان ڪو ايٽم پنھنجي اليڪٽرانن کي پڪڙي رکندو آهي. ڪجھ ايٽم اليڪٽرانن کي گهٽ قوت سان ڪشش ڪندا آهن جڏهن تہ ڪجھ ايٽمن ۾ هي قوت وڌيڪ هوندي آهي. انسانن جيان ڪجھ ايٽم بہ ايترا لالچي ٿين ٿا جو اھي پنھنجن اليڪٽرانن کي مضبوطي سان پڪڙي رکن ٿا، پر گڏوگڏ اهي موقعي جي انتظار ۾ رهندا آهن تہ جتان ڪٿان کان ڪو ڪمزور ايٽم ملي وڃي تہ انهن جي اليڪٽرانن کي بہ پڪڙي وٺن. ڪيميائي بند بہ اصل ۾ اليڪٽرانن جي ان ”ڏي وٺ“ جي نتيجي ۾ ٺھن ٿا.

(1) اوڻي بند ۔ اوڻي ٻنڌ            Ionic Bond

جيڪڏهن هڪ ايٽم ڪمزور هجي يعني پنھنجن اليڪٽرانن تي ان جي ڪشش گھڻي مضبوط نہ هجي ۽ ان جو واسطو ڪنھن طاقتور اليڪٽرانن تي مضبوط ڪشش رکڻ واري ۽ لالچي ايٽم سان ٿي وڃي تہ ان ويچاري سان گھڻي جٺ ٿيندي آهي. طاقتور ايٽم ان ايٽم جي ڪجھ هلڪن ڦلڪن اليڪٽرانن کي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيندو آهي پر ڪمزور ايٽم ڊوڙڻ بجاء ان طاقتور ايٽم سان گڏ چنبڙي ويندا آهن. انھي ريت اوڻي بند جڙي ويندو آهي. يعني ڪيميا ۾ اوڻي بند مان مراد ڪو اهڙو ڳنڍو ٿئي ٿو جنھن ۾ هڪ ايٽم ٻئي ايٽم جي اليڪٽران پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا هجن ۽ ٻيو ايٽم ان سان گڏ ملي ويو هجي. ائين اسان ڪلورين کي هڪ لالچي گيس چئي سگھون ٿا. جڏهن تہ سوڊيم هڪ ڌات هجڻ باوجود ان جي مقابلي ۾ گھڻو ڪمزور هوندو آهي. جڏهن هي ٻئي پاڻ ۾ ملندا آهن تہ ڪلورين سوڊيم جي هڪ اليڪٽران کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺندو آهي، نتيجي طور سوڊيم بہ ڪلورين سان گڏ جڙي ويندو آهي. انھي ريت سوڊيم ڪلورائيڊ وجود ۾ ايندو آهي جنھن کي اسان (لوڻ) جي طور تي پنھنجي کاڌي ۾ روزانو استعمال ڪندا آهيون.

(2)   ميلاپي بند ۔ ميلاپي ٻنڌ    Covalent bond

گھڻو ڀيرا ائين ٿيندو آهي تہ هڪ ايٽم جي پنھنجي اليڪٽرانن تي ڪشش ٻئي ايٽم جي مقابلي ۾ ٿوري گھٽ هوندي آهي. جڏهن اهڙن ٻن ايٽمن جو منھن هڪ ٻئي ڏي ٿيندو آهي تہ گھڻي قوت وارو ايٽم ٿوري گھٽ قوت رکڻ واري ايٽم جي اليڪٽرانن کي پاڻ ڏي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ٻيو ايٽم ڪمزور تہ هوندو آهي پر ايترو بہ نہ جو پنھنجن اليڪٽران کي هٿن کان وڃڻ ڏئي، نتيجي طور اليڪٽرانن لاءِ ٻنھي ايٽمن جي ويجھو زور ڇڪ شروع ٿي ويندي آهي. اليڪٽران ڪڏهن هڪ ايٽم سان ويجھو ٿيندو آهي تہ ڪڏھن ٻئي جي، يا ائين کڻي چئجي ان اليڪٽران تي بہ هڪ ايٽم جي ڇڪ گھڻي مظبوط ٿي ويندي آهي تہ ڪڏهن ٻئي ايٽم جي. انھي ريت اهي ٻئي ايٽم بہ هڪٻئي سان جڙي ملي ويندا آهن ۽ پاڻ ۾ اليڪٽراني ڇڪ جو عمل جاري رکندا آهن. هي ئي اها شي آهي جنھن کي ڪيميا جي زبان ۾ ميلاپي بند چيو ويندو آهي.
#ChemicalBond #ScienceJeDunya