Monday 2 December 2019

ڇا تارا بہ حرڪت ڪندا آهن

ڇا تارا بہ حرڪت ڪندا آهن
”دريا خان“

جي تارا بہ حرڪت ڪندا آهن ۽ ايتري تيزي سان حرڪت ڪندا آهن جو اسان لاءِ يقين ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي، هتي اسان پنھنجي سج تاري جي مثال ٿا وٺون جيڪو زمين جي ويجھو هڪ تارو آهي، اسانجي ڪهڪشان ملڪي وي جي مرڪز جي ويجھو جيڪو چڪر لڳائي رهيو آهي، جيڪو هڪ سيڪنڊ ۾ تقريبن ويھ ڪلوميٽر جو پنڌ ڪري وٺندو آهي، پر اسانکي انجو احسان ان لاءِ ناهي ٿيندو جو ڇوجو سج سان گڏوگڏ اسانجي زمين چنڊ ۽ ٻيا نظام شمسي جا سڀ سيارا بہ ملڪي وي ڪهڪشان جي مرڪز چوڌاري ويجھو حرڪت ڪري رهيا آهن. ايتري تيز رفتار حرڪت ڪارڻ بہ، ملڪي وي ڪهڪشان جي ويجھو هڪ چڪر پورو مڪمل ڪرڻ ۾ سج کي تقريبن ٻہ ڪروڙ سال لڳي ويندا آهن، ان مان اوهان اندازو لڳائي سگھو ٿا. هاڻي اچون ٿا ٻين تارن ڏا، هي بہ مسلسل حرڪت ڪندا رهندا آهن پر اهو ڇا چڪر آهي جو اسانکي ائين لڳندو آهي جھڙوڪ تارا زميني مٿاڇري ۾ هر تارو پنھنجي پنھنجي جڳھ تي ڄميل آهي، تارن جي ترتيب ۾ تبديلي ڇو ناهي ايندي، ان ڳالھ تان بہ پڙدو کڻون ٿا، سج کانپوءِ زمين جي ويجھو ٻيو تارو پراڪسيما سينٽوري آهي. جنھن جي اسان کان وٿي آهي 4.24 نوري سال آهي، يعني پراڪسيما سينٽوري کان اسان تائين روشني کي پهچڻ ۾ بہ تقريبن سوا چار سال لڳي ويندا آهن، انجو اهو مطلب ٿيو تہ اڄ جيڪو اسان ڪجھ پراڪسيما سينٽوري تي ڏسي رهيا آهيون اهو اصل ۾ اڄ کان چار سال اڳ جو منظر آهي. نئين پڙهندڙ لاءِ ٻڌائيندا هلون تہ نوري سال، ڪائناتي وٿي ماپڻ جو هڪ ماپو آهي ان مان مراد آهي جيڪا روشني پنھنجي ٽي لک ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار مسلسل سفر ڪندي آهي، هڪ سال ۾ طي ڪندي آهي هي فاصلو 9461 ارب ڪلوميٽر يعني 9.461 ٽريلين ڪلوميٽر معلوم ڪيو ويو آهي، 4.24 نوري سال جو پنڌ ڪيترو ٿيو، هي حساب لڳائڻ لاءِ 4.24 کي 9.461 ٽريلين سان ضرب ڏيو، جواب ۾ 40.11464 ٽريلين ڪلوميٽر ايندو. هاڻي اوهان سوچيو تہ سج کانپوءِ ٻيو گهڻو ويجھو تارو اسان کان ايترو پري آهي تہ ٻيا تارا ڪيترو ڏور هوندا جيڪي انجي مقابلي بہ گھڻو وڌيڪ ڏور آهن. اهو سڀ ٻڌائڻ جو ڪارڻ اهو واضع ڪرڻ هو تہ، جيڪر ٻيا سيارا بہ سج جيان گھڻي ئي تيز حرڪت ڪري رهيا آهن پر انھن جي ۽ اسان جي وچ ۾ ايتري گھڻي وٿي آهي جو انجي مقابلي ۾ هي حرڪت بہ گھڻي معمولي آهي، جيڪر اسان پراڪسيما سينٽوري جي مثال کي ڏسون تہ خبر پوندي تہ سج جيان اهو بہ ملڪي وي ڪهڪشان جي ويجھو چوڌاري چڪر لڳائي رهيو آهي، ۽ انجي رفتار 21.7 ڪلو ميٽر في سيڪنڊ آهي، ماهرن فلڪيات معلوم ڪيو آهي تہ اسانجي ملڪي وي ڪهڪشان ۾ تارن جي رفتار 5 سو ڪلوميٽر في سيڪنڊ تائين ٿي سگھجي ٿي. پر اسانجي ۽ ان ڏورانهن تارن جي ويجھو ايترو گھڻو پنڌ آهي جو اسان پنھنجي پوري زندگي گذاري ڪري بہ، صرف پنھنجي اکين جي مدد سان، انھن ۾ ٿيڻ واري حرڪت جو پتو نٿا لڳائي سگھون. هاڻي ڇوجو اسانکي اها خبر پئجي وئي تہ تارا بہ حرڪت ڪندا آهن، تہ اوهان سوچي رهيا هوندا تہ تارن جي جھڳٽن جي شڪل ۾ ڪا تبديلي ڇو ناهي ايندي، تہ تارن جا جهڳٽ Cluster بہ پنھنجي پنھنجي شڪلون بدليندا رهندا آهن، پر ها تبديلي ايتري آهستي هوندي آهي، جو ان ۾ ويھ پنجويھ سال لڳي ويندا آهن، جيئن تہ انساني تھذيب صرف اٺ ڏھ ھزار سال پراڻي آهي، تڏهن کان اڄ تائين تارن جي جھڳٽن ۾ گھڻي معمولي تبديليون آيون آهن، هي تبديليون ايتريون تہ معمولي آهن جو پوري احتياط سان حساب لڳائڻ ۽ طاقتور دوربينن ساڻ مشاهدو ڪرڻ کانپوءِ ئي واضع ٿيندي آهي، نہ تہ هڪ انساني عام اک لاءِ زميني مٿاڇرو ائين ئي آهي جيئن اهو هزارين سال اڳ اسانجي ابن ڏاڏن لاءِ هوندو هيو.

No comments:

Post a Comment