Saturday 7 December 2019

ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان مريخ تي رهون تہ

ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان مريخ تي رهون تہ
”دريا خان“

ڌرتي تي موجود ماڻھون مريخ تي رهڻ بابت گھڻو سوچيندا آهن، پر ايئن اصل ۾ ٿي چڪو هجي، ۽ ماڻھون ان ڳاڙهي سياري تي رهي رهيا هجن تہ ڇا ٿيندو؟ مريخ تي جيئڻ ڪيئن هوندو، ڇا اسان مريخ جي سطح تي رهي سگھون ٿا، يا اسان کي اتي هجڻ وارين سولر ريڊيشن کان بچڻ جي لاءِ سطح هيٺ رهڻو پوندو، ڇا اسان ان کي پنھنجي رهڻ لائق بڻائي سگھون ٿا، هتي اسان ڏسنداسين تہ ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان مريخ تي رهون تہ؟ هلون ٿا مريخ جي سير تي، ڇا اوهانکي ڪڏهن ڌرتي کي ڇڏڻ جو خيال آيو آهي، سج کان چوٿين نمبر تي ايندڙ سياري مريخ بابت ڪڏهن سوچيو آهي، اهو ڌرتي کان 56 ملين ڪلوميٽر جي پنڌ تي ٿي سگھي ٿو، جيڪڏهن ڌرتي کان لائچ ٿيڻ واري سڀ کان تيز اسپيس گرافٽ سان بہ وڃون تہ، سيارن جي پوزيشن جي هوندي اوهانکي اتي پهچڻ ۾ 40 ڏينھن لڳي سگھن ٿا، ۽ ايئن اسپيس ۾ ايترو ٽائيم گذارڻ کانپوءِ آخر ۾ اوهان مريخ کي سڪل ۽ بہ جان ڳاڙهو پٿريلو واريلو ڏسندا، ڇا اوهان اتي زندھ رهي سگھندو مريخ تي زندھ رهڻ جي لاءِ اوهانکي ڇا گھربل هوندو، سڀ کان پھريان اوهانکي آڪسيجن ٺاهڻ سکڻو پوندو، ڇوجو مريخ جو وايو منڊل موسمي تھ زمين جيان بلڪل بہ ناهي بلڪ گھڻي سنهڙي ۽ 95 سيڪڙو ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ تي ٺھيل آھي، اوهان زندھ رهڻ لاءِ سڄو آڪسيجن پاڻ سان گڏ نٿا آڻي سگھو، بلڪ اوهانکي ڪيترين ئي مشينن جي ضرورت پوندي، جيئن ناسا جي موڪسي جي مدد سان ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ مان آڪسيجن ٺاهڻو پوندو، ان سان نہ صرف اوهانکي بلڪ مريخ تي رهڻ وارن کي ساھ کڻڻ لاءِ صاف آڪسيجن ملندي بلڪ اوهانکي Liquid Oxygen Propylene بہ اوهانکي سپلائي ڪندو. ان سان اوهانجو راڪٽ ڌرتي تي واپس بہ وڃي سگھندو، جيڪڏهن اوهان واپس اچڻ چاهيو ٿا تہ، مريخ تي پوک ڪرڻ لائق مٽي ناهي ان لاءِ اوهانکي هائيڊرو پونڪس فارمنگ hydroponics farming جو استعمال ڪرڻو پوندو، جنھن سان اوهان پنھنجي پوک جي منرلز گھربل نامياتي طريقن سان اسان پوکيندا آهيون، بنا مٽي جي، پاڻي نہ هئڻ ڪارڻ اتان جي آبادي کي پنھنجي ضرورت جو خالي ويھ سيڪڙو ئي کاڌو تيار ڪري سگھجي ٿو، باقي جو سڄو کاڌو اسانکي ڌرتي تان ئي گهرائڻو پوندو، پر اهو بہ سڪل حالت ۾ هوندو يعني اوهان تازي کائڻ جي اميد نٿا ڪري سگھو، باقي آبادي سان گڏ ڇايد اوهان ڪنھن هوا جي پريشر سان ٺھيل ڪنھن بلڊنگ ۾ رهندو، پر گھڻو ممڪن آهي سطح هيٺ رهندو، ڇوجو مريخ تي گلوبل ميگنٽ فيلڊ ناهي، ۽ اتان جو وايو منڊل Atmosphere  بہ گھڻو سنھڙو آهي. تہ مريخ جي مدار مٿاڇري تي ريڊيشن ليول انٽرنيشنل اسپيس اسٽيشن جي ڀيٽ ۾ اڍائي سيڪڙو وڌيڪ آهي، جيڪو انساني جسم جي سھڻ لاءِ گھڻو وڌيڪ آهي، سج جي باري ۾ گھٽ سوچيو ڇوجو اتي سج ڌرتي جي مقابلي ۾ اڌ ڏيکاربو ۽ جيڪڏهن اوهان ٻاهر وڃڻ چاهيو ٿا، ۽ واپس زندھ بہ تہ اوهانکي هڪ اسپيس سوٽ جي ضرورت پوندي جنھن سان اوهان اتي نہ برابر موسمي پريشر ۽ ريڊيشن کان بچي سگھو، اوھان جو سوٽ اوهانکي گرم بہ رکندو ۽ اهو ضروري بہ آهي، ڇوجو مريخ تي پد گھٽ بہ آهي، ڌرتي تي سڀ کان ٿڌو موسم، مريخ جي ڪاٽو ٿڌ کان گھٽ هوندو، ڪاٽو پد مانس 55 ڊگري سيلس تائين گھٽ هوندو، مريخ تي هڪ ڏينھن ڌرتي کان 40 منٽ وڌيڪ هوندو. ۽ جڏهن تہ اتي هڪ سال ٻيڻو پڻ، جيڪڏهن اوهان 9 نو ڏينهن اميسپيئر ۾ رهندو تہ اوهان ست مھينن تائين بھار ۽ ڇھ مھينا گرمي جو مزو وٺندا ۽ هلڪو موسم پنج مھينا ۽ ٿڌ چار مھينا وڏي هوندي ايئن نہ صرف اتي پد گھٽ رهندو پر اهو هڪ هفتي ۾ گھڻو وڌي بہ سگھجي ٿو، ان تبديلي ڪارڻ گھڻو ڪري ڌوڙ مٽي واري جا تيز طوفان ايندا آهن، اهو بہ ياد رهي تہ مريخ تي ڪشش ثقل ڌرتي جي مقابلي ۾ هڪ سيڪڙو آهي، يعني اوهانکي ٻيهر هلڻ سکڻو پوندو. ان لاءِ اوهانکي گھڻو انتظار ڪرڻو پوندو، تہ جيئن اهو رهڻ لائق بڻايو وڃي، ان لاءِ اتان جي آبادي ٻين سيارن کان امينو ايسڊ کڻي ايندا مريخ تي، جيڪا گرمي مريخ تي موجود اُتر قطب تي ڄميل برف کي گئس ۾ بدليندي جنھن سان مريخ سياري کي هڪ وايو منڊل موسمي تھ ملي سگھي، پر اها گيس اڃان بہ اسانجي رهڻ لائق نہ هوندي، پر گھٽ ۾ گھٽ اها موسمي پريشر ٺاهيندي جنھن سان اوهان آخرڪار پنھنجو اسپيس سوٽ لاهي سگھو ٿا، پوءِ اهوئي مريخ جي سطح تي موجود وڏين ڇپن مان پاڻي ڪڍندا جنھن سان ٻاڦ وايو منڊل کي وڌيڪ ڳاڙهو ٺاهي ڇڏيندي، ايئن اوهان آخر ۾ مريخ تي مينھن ۽ برف وسندي ڏسي سگھندا، ۽ ايئن گھڻي عرصي کانپوءِ اتي ماڻھن لاءِ گھڻو آڪسيجن موجود هوندو، انھي طرح سان ايئن ان سياري جي انجنيئرنگ پوري ٿي ويندي
ياد رهي تہ ناسا 2020ع ۾ مريخ تي آڪسيجن ٺاهڻ لاءِ مشن موڪليندو جيڪو ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ کي آڪسيجن ۾ تبديل ڪندو.

No comments:

Post a Comment