Saturday 30 November 2019

ڇا وراثتي خصوصيتون جينن Genes ۾ پاتيون وينديون آهن يا ڊي اين اي ۾ يا وري مورُوث Chromosome ۾؟

ڇا وراثتي خصوصيتون جينن
 Genes ۾ پاتيون وينديون آهن يا ڊي اين اي ۾ يا وري مورُوث Chromosome ۾؟
”دريا خان“

وراثتي خصوصيتون اسان جي ڊي اين اي ۾ جين جي شڪل ۾ پاتيون وڃن ٿيون. مورُوثو Chromosome بہ ڊي اين اي ئي تي جڙيل هوندو آهي يعني اهو چوڻ صحيح هوندو تہ هڪ مورُوثي ۾ ڪيترا ئي جين موجود هوندا آهن. وراثتي خصوصيتون اهي ئي هونديون آهن جيڪي هڪ کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئين نسل ڏي منتقل ٿين ٿيون. انھي ڪري ٻارن جي شڪل صورت ۽ ڪجھ عادتون پنھنجي والدين جھڙيون هونديون آهن، ڇوجو اهي سڀ وراثتون انھن کي پنھنجي والدين کان ورثي ۾ مليل هونديون آهن، ان ڪري انھن کي وراثتي خصوصيتون چيو ويندو آهي. اسان جي هر جسماني گهرڙي ۾ رت جي ڳاڙهن گهرڙن کان سواءِ هڪ عدد مرڪز Nucleus هوندو آهي ۽ مرڪز جي اندر مورُوثا Chromosomes هوندا آهن. انسانن جي جسماني گهرڙن ۾ ڪل 46 موروثا هوندا آهن جيڪي 23 جوڙن جي شڪل ۾ موجود هوندا آهن، يعني هر جوڙي ۾ ٻہ مورُوثا ٿين ٿا، هر جوڙي جو هڪ مورُوثو اسان جي والد جي طرف کان جڏهن تہ ٻيو ماءُ جي طرف کان هوندو آهي. جيتوڻيڪ هر موروثو ڊي اين اي ئي جو مجموعو هوندو آهي، پر ڊي اين اي جي ڪجھ خاص حصن ۾ ئي پروٽين ٺاهڻ جو هدايتون محفوظ هونديون آهن. هي اهي ئي ئي حصا آهن جن کي جين Gene چيو ويندو آهي. اوهان کي اهو ڄاڻي حيرت ٿيندي تہ اسان جي پوري ڊي اين اي جو صرف ٽي سيڪڙو حصو جينن Genes تي مشتمل آهي باقي ستانوي سيڪڙي حصي بابت اڃان تحقيق هلندڙ آهي تہ اهو ڇو موجود آهي. هڪ ٻي حيرت ڪندڙ ڳالھ اها آهي تہ هاڻي تائين انسان ۾ تقريبن 22,000 هزار جين Genes دريافت ٿي چڪا آهن پر انساني جسم ۾ ٺهڻ وارن پروٽين جو انگ هڪ لک کان وڌيڪ آهي. هي بہ جديد سائنس جو مسئلو آهي جنھن تي ڪم جاري آهي. اوهان کي اها بہ خبر هجڻ گھرجي تہ چمڙي کان وٺي وارن تائين، اسان جي جسم جو هر حصو پروٽينن جي ڪيترن ئي قسمن مان ملي ڪري ٺھندو آهي. ائين سمجھو تہ اسان جو جسم لکين قسم جي کربين پروٽينن جو ڍانچو آهي.

No comments:

Post a Comment