Saturday 7 December 2019

هڪ نظر حرارن Calories جي ڪم تي

هڪ نظر حرارن Calories جي ڪم تي
”دريا خان“

حرارن Calories جو نالو ٻڌندي ئي کائڻ پيئڻ جون شيون ياد اچي وينديون آهن، گھڻو ڪري ان وقت جڏهن ٿلهائپ جو ڏک ٿئي. جڏهن اوهان ڪابہ کائڻ پيئڻ واري شي وٺندا آهيو، تہ انھن جي ڊٻن تي ان ۾ شامل مختلف شين جو ريشو بہ ڄاڻايل هوندو آهي جنھن ۾ حرارا بہ ڄاڻايل ھجن ٿا. هتي اسان اوهان کي حرارن Calories بابت آگاھ ڪنداسين تہ اصل ۾ حرارا ڇا آهن ۽ ان جي ماپ پيمائش ڪنھن ريت ڪئي ويندي آهي.

حرارا Calories ڇا آهن؟
حرارا Calories اصل ۾ توانائي جي اڪائي آهي جن جو شمار گھڻو ڪري غذائيت ۾ هوندو آهي پر حقيقت اها آهي تہ ڪا بہ شي، جيڪا پنھنجي اندر توانائي رکندڙ هجي ٿي ان کي حراري کي ان سان جوڙي سگھجي ٿو. مثال هڪ گيلن يعني چار ليٽر پيٽرول ۾ تقريبن 31,000,000 حرارا هوندي آهن.
حرارو توانائي يا حرارت جي مقدار آهي جيڪو هڪ گرام پاڻي پد حرارت هڪ درجي سينٽي گريڊ تائين وڌائي ڇڏي ٿو، هڪ حرارو 4.184 جولن جي برابر هوندو آهي جنھن کي طبيعيات ۾ توانائي جي اڪائي طور ڄاتو ويندو آهي. جيڪر هڪ سوڊا ڪين جي ڳالھ ڪجي تہ ان ۾ 2 سئو حرارا شامل هوندا آهن پر اسان کي اها ڳالھ ياد رکڻ گھرجي تہ کاڌي پيتي جي شين ۾ حرارن کي ڪلو حرارن ۾ ناپيو ويندو آهي، يعني 1 هزار حرارا برابر 1 ڪلو حرارن جي.
هڪ غذائي حراري ۾ 4,184 جول هوندا آهن، جيئن تہ هڪ سوڊا ڪين ۾ 2 سئو غذائي حرارا شامل هوندا آهن. هي اصل ۾ 200,00 حرارا يا 2 سئو ڪلو حرارا هوندا آهن. ان طرح هڪ گيلن پيٽرول ۾ 31,000 هزار ڪلو حرارا هوندا آهن.
جيڪڏھن اوهان کي ڊاڪٽر اهو چئي تہ هڪ ميل جي ڊوڙ لڳائڻ تي اوهان جا 100 حرارا سڙندي آهي، تہ ان جو سولو مطلب آهي 100 ڪلو حرارا ٿيندا.

حرارا ڇا ڪم ڪندا آهن؟
انسانن کي زندھ رهڻ لاءِ توانائي جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن اسان ساھ کڻندا آهيون، تہ حرڪت ڪندا آهيون، جسم ۾ رت جي دوري ڪرڻ لاءِ اسان کي توانائي جي ضرورت هوندي آهي ۽ هي توانائي اسان غذا مان حاصل ڪندا آهيون. ڪنھن بہ غذا ۾ حرارن جي مقدار مان پتو پوندو آهي تہ ان ۾ ڪيتري قوت توانائي موجود آهي، هڪ گرام نشاستي Carbohydrate ۽ هڪ گرام پروٽين Prtein ۾ چار حرارا شامل هوندا آهن جڏهن تہ هڪ گرام چرٻي ۾ نو 9 حرارا شامل هوندا آهن. اهي ٽئي جذا ڪنھن بہ غذا جو لازمي جز هوندا آهن. جيڪڏهن اوهان کي پتو پئجي وڃي تہ ڪنھن غذا ۾ ڪيترا نشاستا، ڪيترا پروٽين ۽ ڪيتري چرٻي موجود آهي تہ ان سان اوهان اهو معلوم ڪري سگھو ٿا تہ ھن غذا ۾ ڪيتري توانائي يا حرارا موجود آهن.
برائون شوگر Brown Sugar کي ئي وٺو. ان ۾ 160 حرارا ھوندا آهن. جيئن ئي اوهان انکي باھ تي پچائيندا، تہ ان مان حرارت جي نتيجي ۾ 160 ڪلو حرارا ٺھي ويندا آهن. ياد رهي تہ غذائي حرارن کي ماپيو ويندو آهي، ان مان پيدا ٿيڻ واري توانائي ايتري ئي هوندي آهي جو اها 160 ڪلو گرام پاڻي جي پد حرارت هڪ درجو وڌائي سگھي ٿي. جيڪڏهن اسان ان ۾ موجود غذائي جزن جو مشاهدو ڪريون تہ پتو پوندو تہ ان ۾ 2 گرام چرٻي، 4 گرام پروٽين ۽ 32 گرام نشاستا شامل هوندا آهن جن کي ملائڻ سان 162 حرارا ٺھندا آهن. جڏهن حرارا اسانجي جسم ۾ ويندي آهي تہ هي گھرڙ بدل عمل Metabolic system سان سڙڻ لڳندا آهن، جسم ۾ موجود خامرا Enzymes نشاستي کي ٽوڙي ان کي ميٺاڻ Glucose ۽ ٻين شين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن جڏهن تہ چرٻي گلسري Glycerol ۽ چرٻ تيزابن Faty acids ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. ۽ پروٽين امينو تيزاب Amino acid ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، اها سڀ رت مان ٿيندي خلين ۾ ويندا آهن، جتي هي وڌيڪ گهرڙبدليت Metabolism جي عمل مان گذرندي، آڪسيجن سان گڏ ڳانڍاپو ڪندا آهن ۽ پنھنجي اندر موجود توانائي کي نيڪال ڪري ڇڏيندا آهن. 

هلندڙ....

No comments:

Post a Comment