Saturday 7 December 2019

ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان هميشہ زندھ رهون تہ؟

ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان هميشہ زندھ رهون تہ؟
”دريا خان“

هميشہ زندھ رهڻ وارين ڳالھين بابت ٿورو سوچيو اوهان پنھنجي چاهيندڙن سان گھڻو وقت گذاري سگھو ٿا، ۽ ڪيتريون ئي ڊگريون حاصل ڪري سگھو ٿا، گڏوگڏ سڄي دنيا بہ آرام سان گھمي سگھو ٿا، جيڪڏهن ڌرتي تي اسان سڀ ڪڏهن بہ نہ مرون تہ اسان سڀني کي پنھنجن غلطين سڌارڻ جو موقعو بہ ملي سگھي ٿو، ۽ اسانجي آبادي هيلٿ ڪيئر تي لڳندڙ خرچ کان بہ بچي سگھي ٿي، اسان اهو ڪرڻ جي ڪيترو ويجھو آهيون، ۽ وڏيون زندگيون اسانجي رشتن کي ڪيئن سنڀالينديون. ڇا اسان زندھ رهڻ کان ڪڏهن بہ مايوس بور نہ ٿينداسين، هتي اسان ڳالھ ڪنداسين تہ ڇا ٿيندو جيڪڏهن اسان هميشہ زندھ رهون تہ؟
سڀ کان پھريان فلمن ۾ جيئن ڏيکاريو وينديون آهي تہ اتي ماڻھن ڪيئن وڏي ڄمار حاصل ڪندا آهن، مثال هڪ ماڻھو ھڪ ماڙ کان هيٺ ڪرڻ سان بہ بچي ويندو آهي، پر اهو طريقو غير سائنسي آهي، پر اهو ممڪن آهي تہ اوهان ٻڌائپ ٻوڙهائپ واري زندگي کان نہ مري ڪري هميشہ زندھ رهي سگھو ٿا، ڇا ڌرتي اهڙي آبادي کي سنڀالي سگھندي جن جي عمر هميشہ وڌندي رهي. سيلڪون ويلي ۾ ڪيترائي ملين سال ۽ بائيو ٽيڪ ڪمپنيون پنھنجي ڪم هيٺ اهڙا ڊرگس ٺاهي رهيون آهن، جيڪو ٻڌائپ ختم ڪري ڇڏي ۽ ماڻھون جي عمر گھڻو وڌائي ڇڏي، يعني ٻڌائپ پيدا ڪندڙن خلين کي وري طاقت ڏيڻ، سندن موجب جينيٽڪ جي استعمال ۽ ڪيلري جي گھٽ ڪم، هن مھل تائين مکين ڪيڙن ۽ ڪوئن جون عمرون وڌايون آهن، تہ پوءِ اهو طريقو انسانن لاءِ ڇو نٿو ڪم ڪري سگھي، باوجود انجي تہ اهوئي تجربا ڪامياب ٿي سگھن ٿا يا نہ، پر اصل مسئلو تہ ڇا اسان ان لاءِ تيار آهيون، ڌرتي تي تقريبن اٺ بلين ماڻھون آهن. ۽ جيڪڏهن اسان سڀ ڪيترائي سئو سال تائين زندھ رهي سگھون تہ، زندگي گھڻي مختلف ڏسڻ ۾ نہ لڳندي، گڏوگڏ سماجي ڪمن بابت بہ سوچيو تہ سڄي زندگي ڪنھن ھڪ ئي شادي شدھ سان سڄي زندگي گذارڻ جيڪو لڳ ڀڳ هڪ هزار سال تائين حيات رهي تہ، وڌيڪ شادي شدھ ئي سمجھي سگھن ٿا. انهيءَ طرح اسان شادين کي وڏي مهادي طور ڏسي سگھون ٿا، گڏوگڏ اسان کي گھڻو ڪم بہ ڪرڻو پوندو ۽ ملڪ جو ڪو بہ سرڪاري ادارو پينشن پلان اسانجي وڌيڪ مدد نہ ڪري سگھندو جيڪڏهن اسان 65 سال جي عمر ۾ ئي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيون ۽ 5 سئو سال تائين زندھ رهون تہ، انجو مطلب تہ اسان وٽ اهڙا سٺا ماڻھون بہ جام ٿي ويندا جيڪي مسلسل پنھنجي ڪم سان جڙيل رهندا، ٻئي پاسي جيڪڏهن اسان گھڻو عرصو ان جاءِ تي رهنداسين تہ نئي نسل لاءِ نوڪري حاصل ڪرڻ گھڻو مشڪل ٿي ويندو جنھن جو اثر پوري ڌرتي تي پئجي ويندو. جيڪڏهن اسان وٽ مستقبل ۾ وڏي عمر جو عزاز هوندو تہ ڇا اهو زندگي جي سندرتا ختم نہ ڪري ڇڏيندو، زندگي جي هر ڏينھن کي سٺو بڻائڻ جو اثر ختم ٿي ويندو، ۽ نتيجن ڌرتي تي گھڻا ڏکيارا ماڻھون وڌي ويندا، ۽ وري بہ ڌرتي تہ اڃان وڌيڪ وڏي ڪان ٿيندي بلڪ ويتر ماڻھن ساڻ ڀرجي ويندي جيڪو ڌرتي تي هونئن بہ هڪ وڏو مسئلو اڳ ئي آهي. ائين مرڻ وارن جو انگ گهٽ ٿي ويندو تہ اسان جا وسائل بہ جلدي ختم ٿي ويندا، ائين اوچتو وڏي عمر جو خيال هاڻي سٺو نہ لڳندو ڪيئن. ان سان نئي نسل لاءِ جڳھ بہ ڪان بچندي، جنھن جي ڪري اسان کي مجبورن انھن کي ٻين ڌرتين ڏا موڪلڻو پوندو ۽ آباد ڪرڻو پوندو، هي سڀ هئو جيڪڏهن اسان ھميشہ زندھ رهون تہ پوءِ ڇا ٿيندو.

No comments:

Post a Comment