Tuesday 26 November 2019

ڪيميائي جوڙ

ڪيميائي جوڙ،بند Chemical Bond
”دريا خان“

اسان وٽ بند جا ڪيترا ئي قسم ٿين ٿا. هڪ بند اهو بہ هوندو آهي جنھن سان دريا تي بند ٻڌي ڪري بجلي ٺاهي ويندي آهي جنھن کي ڊيم چئبو آهي پر جنھن بند جي اسان ڳالھ ڪري رهيا آهيون انکي انگريزي ۾ بند Bond چئبو آهي ۽ انجو واسطو ڪيميا سان آهي. ڪيميائي جوڙ بند يعني ڪيميائي بند کي هڪ اهڙو رشتو سمجھي سگھون ٿا جيڪو ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ايٽمن کي پاڻ ۾ ٻڌي ڪري رکندو آهي، پر جڏهن اسان ڪيميائي بند جي ڳالھ ڪندا آهيون تہ انجو مطلب اهو هوندو آهي تہ ٻہ يا ٻہ کان وڌيڪ ايٽم هڪٻئي جي ويجھو هجن ۽ گڏوگڏ پنھنجن پنھنجن اليڪٽرانن جو تبادلو بہ ڪن، پر جنھن ريت دنيا جا سڀ انسان هڪجھڙا ناهين هوندا، اهڙي ريت سڀ جا سڀ ڪيميائي بند بہ هڪ طرح جا ناهن ٿيندا. ڪيميائي بند ٽن قسمن جا هوندا آهن.
(1) اوڻي بند ۔ اوڻي ٻنڌ            Ionic Bond

(2)   ميلاپي بند ۔ ميلاپي ٻنڌ    Covalent bond

(3)  ڌاتي بند ۔ ڌاتي ٻنڌ            Metallic Bond

هتي اسان خالي اوڻي بند Ionic bond ۽ ميلاپي بند Covalent bond تي ئي ڳالهائينداسين ڇوجو ڪيميا ۾ اصل بند اهيئي آهن. بند جا قسم ٻڌائڻ کان پھرين ايٽمن جي ڪشش تي ڪجھ ڳالھ ٻولھ ڪجي. ڪجھ ايٽمن جي پنھنجن اليڪٽرانن تي ڪشش گھڻي هوندي آهي ۽ ڪجھ جي گھٽ. ائين چئجي تہ هي ڪشش اصل اها قوت آهي جنھن سان ڪو ايٽم پنھنجي اليڪٽرانن کي پڪڙي رکندو آهي. ڪجھ ايٽم اليڪٽرانن کي گهٽ قوت سان ڪشش ڪندا آهن جڏهن تہ ڪجھ ايٽمن ۾ هي قوت وڌيڪ هوندي آهي. انسانن جيان ڪجھ ايٽم بہ ايترا لالچي ٿين ٿا جو اھي پنھنجن اليڪٽرانن کي مضبوطي سان پڪڙي رکن ٿا، پر گڏوگڏ اهي موقعي جي انتظار ۾ رهندا آهن تہ جتان ڪٿان کان ڪو ڪمزور ايٽم ملي وڃي تہ انهن جي اليڪٽرانن کي بہ پڪڙي وٺن. ڪيميائي بند بہ اصل ۾ اليڪٽرانن جي ان ”ڏي وٺ“ جي نتيجي ۾ ٺھن ٿا.

(1) اوڻي بند ۔ اوڻي ٻنڌ            Ionic Bond

جيڪڏهن هڪ ايٽم ڪمزور هجي يعني پنھنجن اليڪٽرانن تي ان جي ڪشش گھڻي مضبوط نہ هجي ۽ ان جو واسطو ڪنھن طاقتور اليڪٽرانن تي مضبوط ڪشش رکڻ واري ۽ لالچي ايٽم سان ٿي وڃي تہ ان ويچاري سان گھڻي جٺ ٿيندي آهي. طاقتور ايٽم ان ايٽم جي ڪجھ هلڪن ڦلڪن اليڪٽرانن کي پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيندو آهي پر ڪمزور ايٽم ڊوڙڻ بجاء ان طاقتور ايٽم سان گڏ چنبڙي ويندا آهن. انھي ريت اوڻي بند جڙي ويندو آهي. يعني ڪيميا ۾ اوڻي بند مان مراد ڪو اهڙو ڳنڍو ٿئي ٿو جنھن ۾ هڪ ايٽم ٻئي ايٽم جي اليڪٽران پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا هجن ۽ ٻيو ايٽم ان سان گڏ ملي ويو هجي. ائين اسان ڪلورين کي هڪ لالچي گيس چئي سگھون ٿا. جڏهن تہ سوڊيم هڪ ڌات هجڻ باوجود ان جي مقابلي ۾ گھڻو ڪمزور هوندو آهي. جڏهن هي ٻئي پاڻ ۾ ملندا آهن تہ ڪلورين سوڊيم جي هڪ اليڪٽران کي پاڻ ڏي ڇڪي وٺندو آهي، نتيجي طور سوڊيم بہ ڪلورين سان گڏ جڙي ويندو آهي. انھي ريت سوڊيم ڪلورائيڊ وجود ۾ ايندو آهي جنھن کي اسان (لوڻ) جي طور تي پنھنجي کاڌي ۾ روزانو استعمال ڪندا آهيون.

(2)   ميلاپي بند ۔ ميلاپي ٻنڌ    Covalent bond

گھڻو ڀيرا ائين ٿيندو آهي تہ هڪ ايٽم جي پنھنجي اليڪٽرانن تي ڪشش ٻئي ايٽم جي مقابلي ۾ ٿوري گھٽ هوندي آهي. جڏهن اهڙن ٻن ايٽمن جو منھن هڪ ٻئي ڏي ٿيندو آهي تہ گھڻي قوت وارو ايٽم ٿوري گھٽ قوت رکڻ واري ايٽم جي اليڪٽرانن کي پاڻ ڏي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ٻيو ايٽم ڪمزور تہ هوندو آهي پر ايترو بہ نہ جو پنھنجن اليڪٽران کي هٿن کان وڃڻ ڏئي، نتيجي طور اليڪٽرانن لاءِ ٻنھي ايٽمن جي ويجھو زور ڇڪ شروع ٿي ويندي آهي. اليڪٽران ڪڏهن هڪ ايٽم سان ويجھو ٿيندو آهي تہ ڪڏھن ٻئي جي، يا ائين کڻي چئجي ان اليڪٽران تي بہ هڪ ايٽم جي ڇڪ گھڻي مظبوط ٿي ويندي آهي تہ ڪڏهن ٻئي ايٽم جي. انھي ريت اهي ٻئي ايٽم بہ هڪٻئي سان جڙي ملي ويندا آهن ۽ پاڻ ۾ اليڪٽراني ڇڪ جو عمل جاري رکندا آهن. هي ئي اها شي آهي جنھن کي ڪيميا جي زبان ۾ ميلاپي بند چيو ويندو آهي.
#ChemicalBond #ScienceJeDunya

No comments:

Post a Comment