Friday, 10 April 2020

ايڊر

ايڊر
امتياز علي

بيمارين تي قابو پائڻ واري اداري جي هفتي واري رسالي ۾ 4 جولاءِ 1981ع تي هڪ رپوٽ پڌري ٿي هئي. لاس اينجلس ۾ آڪٽوبر 1980ع  کان مئي 1981ع  جي وچ پنج مريض داخل ٿيا هئا. انهن سڀني کي هڪ ناياب بيماري نيموسسٽس نمونيا هئي. 
هي بيماري هڪ عام پاتي ويندڙ فنگس سان ٿيندي آهي. ان جا ذرڙا ايتري ڀاڳي عام آهن  جو هي ننڍپڻ کان ئي جسم ۾ داخل ٿيندا رهندا آهن. مدافعتي نظام انهن کي جلدي ئي ماري ڇڏيندو آهي ۽ اڳتي جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي. پر الهائي ڪمزور مدافعتي نظام ٿي وڃڻ کانپوءِ هي فنگس تباهي مچائي سگهي ٿي ۽ پوءِ ڦڦڙ ناڪارو بڻائي ڇڏيندي آهي. مريض کي زندھ رکڻ جي لاءِ آڪسيجن ڏيڻي پوندي آهي. هي پنج ئي مريض اهڙي حالت ۾ هئا جو انهن کي هي بيماري مرض نه ٿيڻي هئي. نوجوان مرد جيڪي ڪجھ عرصو پهريان هر طرف کان صحتمند هئا. ان تي تبصرو ڪندي رسالي جي لکندڙ لکيو ته “هي ممڪن ڀاڳي تي خلين جي مدافعتي نظام ۾ ٿيڻ واري خرابي آهي”. 

انهن کي پتو نه هيو جديد تاريخ ۾ اچڻ واري بدترين وبا جو ٻڌائي رهيا آهن. هي پنج ماڻهون خلياتي مدافعتي نظام جي گهٽتائي جو شڪار هئا ۽ ان جي وجھ (ايڇ  آئي وي) وائرس هو. ان کانپوءِ محققن پتو لڳايو ته هي خاموشي سان پوئين صدي کان ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيو هو. ان ڏهائي ۾ هي وبائي ڏيک ماڻي ويو ۽ ڪروڙين ماڻهن ۾ هليو ويو. ان جي هٿان ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو مريا هئا.

موت جو هي عدد خوفناڪ انهي ڪري آهي جو هي سولائي سان منتقل ناهي ٿيندو. ان کي ڪنهن سان هٿ ملائڻ سان کنگهڻ سان اڳتي نٿو وڌائجي سگھجي، خالي جسم سان ڪجھ مادن سان گڏ اڳتي ويندو آهي. غيرمحفوظ جنسي فعل سان، رت جي تبديلي سان، ماءَ کان ٻار ۾، منشيات استعمال ڪرڻ وارن ۾ سرنج کي ونڊڻ سان.    

هڪ ڀيرو هي جسم ۾ اچي وڃي ته مدافعتي نظام تي هي بي خوفي سان حملو ڪندو آهي. هي خاص قسم جي خلين، (سي ڊي فور) ٽي سيل کي جهليندو آهي ۽ ان جي ميمبرين ۾ وڃي ڪري ملي ويندو آهي جيئن صابڻ جا بڙبڙا پاڻ ۾ ملن ٿا. هي هڪ ريٽرو وائرس آهي. يعني پنهنجي جينياتي مواد کي خلين جي جينوم ۾ داخل ڪري ڇڏيندو آهي. ان سان ايڇ آئي وي وائرس جون نيون ڪاپيون ٺهنديون آهن جيڪي ڊوڙي ڪري ٻين خلين کي متاثر ڪنديون آهن. 

شروع ۾ هن وائرس جي آبادي تيزي سان وڌندي آهي. جڏهن مدافعتي نظام کي خبر پوندي آهي تہ هي انفيڪٽ ٿيڻ وارن خلين کي مارڻ لڳندو آهي ۽ وائرس جي آبادي گهٽ ٿيڻ لڳندي آهي. انفيڪٽ ٿيڻ واري مريض کي هي سڀ جنگ معمولي فلو جي صورت ۾ محسوس ٿيندي آهي. مدافعتي نظام هن کي مات ڏيئي ڇڏيندو آهي ۽ تقريبن (ايڇ آئي وي) وائرس کي ماري ڇڏيندو آهي. پر مات ڏيڻ ڏسي ڪري (ايڇ آئي وي) وائرس خاموش ٿي ويندا آهن. جن ٽي سيلز ۾ وڃي ڪري لِڪيل هوندو آهي هو وڌندا ۽  الڳ ٿيندا رهندا آهن. پوءِ ڪنهن وقت هي اُٿندا آهن ۽ پوءِ حملو شروع ٿي ويندو آهي. مدافعتي نظام هن نئين بغاوت جو سِر ڪپي ڇڏيندو آهي. هي جاري رهندو آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ مدافعتي نظام ڪنگال ٿي ڪري هار مڃي ڇڏيندو آهي.

ٿي سگهي ٿو تہ مدافعتي نظام هي مات هڪ سال ۾ ئي کائي وڃي يا ويھ سالن تائين بہ نہ کائي. پر نتيجو ڪڏهن نہ ڪڏهن هڪ ئي نڪرندو آهي. هن جو شڪار ٿيڻ وارا پنهنجو پاڻ کي انهن بيمارين کان ناهن بچائي سگهندا جيڪي هڪ نارمل مدافعتي نظام روڪي ڇڏيندو آهي.  اها ئي وجھ هئي تہ ان جي وقت ۾ ماڻهو اسپتالن ۾ عجيب بيمارين سان اچڻ شروع ٿي ويا.

هن بيماري جي وائرس جي دريافت فرانسيسي سائنسدان 1983ع ۾ ڪئي. مليريا يا تپدق انسانن کي هزارن سالن کان ماريندا آيا آهن. هي نئي بيماري ان جي وقت ۾ دريافت ٿيڻ کان ڪجھ سالن جي اندر ئي سڄي دنيا ۾ تباهي مچائي رهي هئي. هي ڇا هو؟ ان وبا جو اسرار هو.

پهريان سائنسدانن هن جي جين جي مختلف مريضن کان حاصل ڪري سيڪوئنس ڪيو ۽ اهو ٻين ملڪن ۾ ڪيو ويو.
ان سان وائرس جو ارتقائي وڻ ٺهيا. هر ڇڪ گڏيل جد جي شاخ هئي. محققن دريافت ڪيو تہ هن جون ٻہ الڳ قسمون آهن. HIV-1 جيڪا اڳتي وڌي حملو ڪندڙ آهي. ۽ HIV-2 جيڪا نسبتن ايتري اڳتي وڌي حملو ڪندڙ ناهي.

سائنسدانن دريافت ڪيو تہ آهستي وڌڻ وارن وائرس جي وڏي گروپ سان واسطو رکندو آهي جنهن کي لينٽي وائرس چوندا آهن. هي ٻليون، گهوڙا، ڳئون ۽ ڀولڙن کي متاثر ڪندا آهن. 1991ع ۾ دريافت ٿيو تہ HIV-2 آفريڪا ۾ ڀولڙن جي هڪ قسم کي انفيڪٽ ڪرڻ واري وائرس جو ويجھو رشتيدار آهي. سوٽي منگائي نالي قسم ڏکڻ آفريڪا ۾ پاليو بہ ويندو آهي ۽ کاڌي بہ ويندي آهي ۽ هي ڀولڙي جو انسان کي ڏند سان چڪ هڻڻ جي سبب بہ منتقل ٿي سگهي ٿي.

سائنسدانن کي HIV-1 جو پتو لڳائڻ ۾ الهائي دير ٿي. هن جي وجھ هي آهي تہ هي ان قسم ۾ هو جنهن جي پڙهائي ڪرڻ ايتري سولي ناهي. چمپينزي. هي چالاڪ آهن طاقتور آهن ۽ سوئي لڳرائڻ پسند ناهن ڪندا. ان جي ڇڻي جو چڪاس ڪري هن وائرس کي سڃاڻپ ڪيو ويو جنهن سان پتو پيو تہ وائرل وڻ ۾ هن جو ارتقا چمپينزي جي وائرس سان الهائي ڀيرا ٿيو.

هن جي شروعات جي کوج لڳائڻ جي ڪري ڳجهي طريقي سان مري وڃڻ وارن پُراڻن مئلن جي باقيات جو تجزيو ڪيو ويو. 1976ع ۾ مرڻ واري ناروي جي ملاح جي ٽشو مان هي نڪتو. هن جا شروعاتي شڪار غريب ملڪن جا هئا جتي پُراڻن جسمن جي ٽِشوئن جو ملڻ تمام مشڪل هو.

نوي جي وقت ۾ هڪ ٻيو طريقو پتو ٿي ويو. هزارن مريضن کان وٺي ڪري ايڇ آئي وئي کي سيڪونس ڪيو ويو. سپرڪمپيوٽر سان چڪاس ڪري ان جي جينياتي ڦير گهير جو ماڊل ٺاهيو ويو. انهن سڀني مان اندازو ٿيو تہ تبديلي هڪ خاص رفتار سان ٿينديون آهن. يعني تہ انکي واري گهڙي جي طرح ڏسي سگهجي ٿو. واري جو ڊهير ڪيترو ڊگهو آهي؟ ان جو جواب اسان کي اهيو ٻُڌائي ڇڏيندو تہ وقت ڪيترو گذري ويو. ان سان اندازو ٿيو تہ هن جو گڏيل جد 1933ع ۾ هو.

هن اندازي کي هڪ ٻيو حيران ڪُن دريافت سان هٿي ملي. هي ڪانگو ۾ ڪنشاس اسپتال ۾ هڪ مرڻ واري مريض جو 1959ع جو محفوظ ڪيل رت جو سِمپل هو. 1998ع ۾ هن تي تجزيو ۽ 2008ع ۾ ڪنشاسا ۾ هڪ ٻئي پيٿولوجي جي ڪليڪشن جي 1960ع جي تجزيي ان کي واري گهڙي جي ماڊل کي پڪو ڪيو. ايڇ آئي وي جي انسان ۾ ورش ويهين صدي جي شروع ۾ ٿي هئي.

هن ماليڪيولر ڪلاڪ هڪ نئين شيءِ جي جهلڪ ڏني. ڪنشاسا ۾ 1960ع ۾ هي ٻئي وائرس هڪ جهڙا نہ بلڪي HIV-1 جي الڳ شاخن جا هئا. ان اسان کي ان وائرس جي ڪهاڻي سمجهڻ ۾ مدد ڪئي.

اهڙو وائرس چمپينزي ۾ پاتو ويندو آهي. شڪاري چمپينزي کي گوشت جي لاءِ عرصي کان استمعال ڪندا هئا. ڪڏهن انهي دوران شڪاري کي انفيڪٽ ڪري ڇڏيندو هو. پر شڪاري ۾ وائرس اچڻ جي ڪري ڪارآمد نہ هو. هي اڳيان ناهي ڦهلجندو هو. ويهين صدي ۾ هن علائقي ۾ آباديون ۽ شهر وسڻ لڳا. دريائن سان گڏ تجارتي رستن پيٿوجن جو صرف جهنگن کان شهرن جي طرف ممڪن ڪري ڇڏيو. هن وائرس جي حامل چمپينزي ڏکڻ اوڀر ڪيمرن جي جهنگن ۾ رهنديون آهن. هتي جي درياءَ ڏکڻ جي طرف وهي ڪري ڪنشاسا جي طرف ويندا آهن. تہ هي محض اتفاق ناهي تہ اسان کي هن وائرس جا شروعاتي نشان ڪنشاسا ۾ نظر ايندا آهن.

هن وڌندڙ شهر ۾ وائرس بہ وڌي سگهندا هئا. انهن کي اها آبادي ملي وئي جنهن ۾ هي پنهنجا قدم ڄماءِ سگهي ۽ ارتقا سان انسانن ۾ رهڻ جي مطابقت حاصل ڪري سگهن. 1960ع تائين ان ۾ جينياتي ورائٽي خاشي اچي چڪي هئي جڏهن تہ غالبن انهن صرف  ڪجھ هزار ماڻهن کي متاثر ڪيو هو.

جستائين هن جي سڃاڻپ 1983ع ۾ ٿي، هي هڪ عالمي بحران بڻجي چڪو هو. ان کي روڪڻ جي اسٽريٽيجي اڳئين ڪجھ سالن کانپوءِ ڪارآمد ٿيڻ شروع ٿي. ماڻهن جو رويو بدلجڻ جاري رهيو. يوگنڊا هن تي هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪئي. 1991ع ۾ ان ملڪ ۾ وڏي پيماني تي ماڻهو مري رهيا هئا. هن جي آبادي ۾ پندرهن سيڪڙو هن مرض جو شڪار هئا. هي ڇڪتاڻ 2001ع ۾ پنج سيڪڙو رهي چڪو هو.

ان تي دوائون ٺاهڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، الهائي ملين ماڻهو هاڻ دوائن جي هڪ ڪاڪ ٽيل استعمال ڪندا آهن جنهن جي وجھ جي ڪري ئي ڊرگ ٿراپي ايڇ آئي وي جي شڪار ماڻهن کي وڏي حد تائين صحتمند زندگي گذارڻ ممڪن ڪنديون آهن. هي سستو ناهي. غريب ملڪن ۾ هن وائرس کان متاثر ماڻهو دوائون پئسا نہ هئڻ سبب وٺي ناهن سگهندا تہ جيئن هو ڪجھ سال، ايئن جو دهائين جي گھڻي زندگي ڏيئي سگهن. پر هي تبديل ٿي رهيو آهي. ڪئين؟ اين جي او هن وقت متاثر ملڪن ۾ دوائن تائين رسائي جو ڪم ڪري رهيا آهن.

پر اهي دوائون سُٺو علاج ناهي. ان جا مضر صحت اثر ڪجھ سالن ۾ ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. ۽ وائرس جو انهن جي خلاف مدافعت ٺاهڻ ۾ نئين دوائن جي طرف منتقل ٿيڻو پوندو آهي. ايڇ آئي وي جو بهترين حل ڪا ويڪسين هجڻ کپي تہ جيئن هن جو شڪار ٿيڻ کان پهريان ئي بچي سگهجي. پر ويڪسين ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ اڃان تائين مايوسي هٿ آئي آهي. 2008ع ۾ مرڪ جي ٺاهي ويندڙ ويڪسين وڏي خبر ٺهي هئي. ٽرائل کانپوءِ ان کي الڳ ڪرڻو پيو هو ڇو تہ ھي اثرائتو  نہ هئي. هن جي امڪان ۾ گھٽتائي جي بجاءِ ڪجھ واڌارو نظر آيو هو.
۽ جيڪڏهن ڪنهن ننڍي ٽرائل ۾ ويڪسين اثر ڏيکاري ڇڏيندي آهي تہ تڏهن بہ هي ان بيماري جي خلاف ڪاميابي جي ضمانت ناهي. ايڇ آئي وي وائرس بہ پنهنجي ڪاپي ٺاهڻ ۾، فلو جي طرح، نڪمو آهي. تمام جلد الهائي ميوٽيشن ڦير گهير گڏ ڪري سگهي ٿو. هي نيچرل سليڪشن جي لاءِ گھڻو ڪچو مال ڏيندو آهي. هن جي ارتقا سان وائرس جي مدافعتي نظام جي سڃاڻپ نظام کان ڊوڙ ممڪن بڻائيندو آهي.

فلپ گولڊر 2008ع ۾ سائنسدانن جي ٻاهرين ٽيم جي مدد سان سڄي دنيا ۾ 2800 ماڻهن تي اسٽيڊي ڪئي جنهن مان پتو ٿيو تہ مختلف ماڻهو مختلف قسم جو دفاعي ليڪوسائٽ اينٽي جن رکندا آهن. ۽ هيئن تہ هر علائقي ۾ وائرس هن علائقي جي ليڪوسائٽ اينٽي جن سان مطابقت حاصل ڪري چڪو آهي. هي تحقيق ايڇ آئي وئي جي ويڪسين ٺاهڻ جي ڪوششن جي لاءِ خراب خبر آهي.

پر هي ممڪن آهي تہ ويڪسين ٺاهڻ واري ايڇ آئي وي جو ڊوڙ رولنگ ويڪسين سان روڪي سگهن. هي وائرس کان هڪ قدم اڳيان رهڻ جو طريقو هوندو. ۽ هن وائرس جو مستقبل ڏسڻ جي لاءِ هن جي ماضي کان مدد وٺڻي پوندي. سائنسدانن جي هڪ ٽيم HIV-1 جي سڀ ٽائپ بي جي ڇڪتاڻ جو موازنو ڪيو ۽ هن جي گڏيل جد جو هڪ پروٽين تيار ڪري ڇڏي. هن پروٽين کي استعمال ڪري ويڪسين ٺاهي وئي جنهن جو ريسپانس ايڇ آئي وئي جي ڇڪتاڻ جي وڏي رينج تي هو. هي تجربا ڀولڙن تي ڪامياب ويا آهن. هي ٻُڌائيندو آهي تہ ان جي ويڪسين ٺاهڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.

هڪ ويڪسين جو تجربو هن سال اثرائتو نہ هئڻ جي وجھ سان الڳ ڪيو ويو جڏهن تہ هڪ ٻي ويڪسين هن وقت فيز ٿري ٽرائل ۾ داخل ٿي وئي آهي. هي ايڊنو وائرس جي مدد سان انجينر ڪئي ويندڙ ويڪسين آهي جيڪا تمام گهڻي گلوبل ڇڪتاڻ کي روڪي سگهي ٿي.

هي وائرس هر سال ستر لکھ ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو آهي. هر سال هن سان ست اٺ لکھ ماڻهو مرن ٿا جنهن مان هڪ سالن جا ٻار آهن. ايڇ آئي وي سان وڙهڻ جو مستقبل ايڇ آئي وي جي ماضي ۾ آهي

فلو

زڪام

الرجي

No comments:

Post a Comment