Thursday, 9 April 2020

الرجي

الرجي
”دريا خان“

 الرجي خالي جسم ۾ خارش ٿيڻ جو نالو ناهي، بلڪ ٻين بيمارين جيان انساني جسم تي لڳڻ واريون عام بيمارين مان هڪ آهي، ڇوجو جينياتي خرابي سبب قوت معدافت ڪمزور پوڻ جي سبب ٿيندي آهي، انکي ائين بہ سمجھي سگھجي ٿو تہ ٻاهرن مادن جي طرف کان حملو ٿيڻ سبب قوت معدافيت جي ردعمل جو نالو الرجي آهي، انجي وجھ بڻجڻ وارا ٻاهران مادا يا پروٽين ٻاهريون شيون کي الرجين چئبو آهي، الرجين کائڻ پيئڻ جي شين، گھريلو جانورن يا وري گلن ۾ پاتيون وينديون آهن، الرجين ٻارن وڏن ڪنھن بہ عمر جي ماڻھن تي حملو ڪري سگھي ٿي، ۽ ردعمل طور انساني جسم ۾ سوڄ، خارش، نڇون ۽ جسماني ڌاڻا ٿيڻ عام هوندو آهي 
جيئن تہ ااسانجي جسم ۾ هڪ خاص نظام موجود آهي جيڪو حملو ڪندڙ جراثيمن جي خلاف اسانجي جسم جي حفاظت ڪندو آهي، الرجي جي مريضن ۾ هي مدافعتي نظام ضرورت کان وڌيڪ گهڻائي سان حرڪت ۾ اچي ويندو آهي، مثال جي طور اسانجي فضا ۾ دز جا خوردبيني ڪيڙا، فنگس نباتات خليا ۽ مئل ڪيڙن جا جسماني حصا ۽ ٻيون گهڻيون شيون موجود هونديون آهن، جڏهن اسان ساھ کڻندا آهيون تہ انھن منجھان ڪجھ ڀاڱو اسانجي ڦڦڙن ۾ بہ هليو ويندو آهي، جن کي هوا ۾ پاتا ويندڙ الرجنز چيو ويندو آهي، انھن شين جي ڦڦڙن ۾ وڃڻ تي گھڻن ماڻھن جو جسم   ايرواليعرجن گهڻي ڀاڱي رد عمل ظاهر ناهي ڪندو، پر جن ماڻھن کي ان ۾ موجود ڪنھن شيء کان الرجي هجي انھن جو معدافيتي نظام غيرمعمولي شديد سان حرڪت ۾ ايندو آهي، اسانجي معدافيتي نظام جو غير معمولي ردعمل ظاهر ڪرڻ ۾، ٻہ شيون گهڻو اهم ڪردار ڪنديون آهن جن مان پهريون خانداني ۽ ٻيو ماحول آهي، اسانکي گھڻيون خاصيتون ۽ بيماريون پنھنجي والدين ۽ ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ بہ ملنديون آهن، جيئن تہ ڪجھ ماڻھون جو مشاهدو آهي تہ الرجي جي گھڻن مريضن کي رت واري رشتي ۾ الرجي جون بيماريون هڪجهڙيون هونديون آهن انجو ٻيو واسطو ماحول سان آهي جيڪي الرجي کي سگھارو ڪندو آهي، 
فرضن جي هڪ ماڻهون جو جينز ڪنھن خاص الرجن جي خلاف غير معمولي ردعمل ظاهر ڪندڙن آهن، جيڪر اهو اهڙي ماحول ۾ رهندو آهي جتي اهو الرجن موجود ناهي، تہ ان ۾ ان الرجي جي علامت ڪڏهن ظاهر نہ ٿينديون پر اهو جيئن ئي اهڙي ماحول ۾ ويندو، جتي اهو الرجن موجود آهي، تہ انکي ان جي وجھ سان مسئلا پيش اچڻ شروع ٿي ويندا، مثال هڪ ماڻهون کي ڪنھن خاص پولن کان الرجي آهي، اهو مخصوص مھينن ۾ جيئن ئي ڪراچي ايندو تہ انکي الرجي ٿي ويندي، ڪجھ ماڻھن کي هڪ کان وڌيڪ بہ الرجيز بہ هجن ٿيون، جيڪر انکي ڪنھن ٻئي ماحول ۾ ان سان ملندڙ جلندڙ الرجن ملندو تہ بہ انکي الرجي ٿي ويندي جنھن کي الرجنز جو” ڪراس ري ايڪشن“ چيو ويندو آهي. 
 پاڪستان ۾ سڀ کان عام الرجي ڊسٽ مائٽ جي آهي، انکان سواءِ ڪڻڪ جي ويجھو ۽ فنگس جي ولولي وچ الرجي بہ گهڻي عام آهي، الرجي جي مريض کي سڀ کان پهريون مشھور اهو ڏنو ويندو آهي تہ اهو ان خاص الرجن کان پري رهي، جنھن سان انکي الرجي هجي، ڊرگ الرجي ۽ فوڊ الرجي جي صورت ۾ تہ انکان بچڻ گھڻي ڀاڱي ممڪن آهي، پر ساھ جي الرجي ۾ گھڻو ايئن ممڪن نٿو هجي، ان ۾ ٻيو مرحلو علاج آهي، جيڪو هر مريض ۾ انجي ڪيفيت، مرض جي تاريخ ۽ علامتن موجب مختلف هوندو آهي، انکي سڀ کان پهريان اهڙيون دوائون ڏنيون وينديون آهن، جن وسيلي انکي تڪيلف ڏيڻ واريون علامتون ختم ٿي وڃن، ۽ نڇ اچڻ ۽ نڪ وهڻ بند ٿي وڃي، الرجي جي صورت ۾ علاج جو وڏو مقصد انجي ڪوالٽي آف لائيف کي سٺو بنائن هوندو آهي، 
هڪ فرد کي پڙهڻو بہ آهي ۽ انجي شوشل لائيف بہ آهي، ۽ انکي ڪم ڪار بہ ڪرڻو هوندو آهي، جيڪر علامتون جاري رهن تہ سڀ ڪجھ نٿو ڪري سگھي، جڏهن تہ انکان ڇٽڪارو ٿيڻ کانپوءِ زندگي سٺي ٿي ويندي آهي، ڪجھ مريضن کي الرجي ٽيسٽنگ جي ضروت هوندي آهي، انجي لاءِ ويڪسن بہ تيار ڪئي ويندي آهي، جيڪا انجيڪشن جي صورت ۾ هجي ٿي، جيڪر مريض انکي لڳاتار لڳرائي تہ ويجھو ويجهو 70 سيڪڙو انجون علامتون ختم ٿي وينديون آهن، پر ان ڳالھ جو امڪان هوندو آهي تہ ڏھ کان پندرهن سال کانپوءِ ٻيهر واپس اچي، ايئن جو ٻيھر علاج جي ضرورت پوندي آهي، ان علاج جو مقصد معدافيتي نظام کي ان ڳالھ تي تيار ڪرڻو هوندو آهي تہ اهو الرجنز کي ٻاهريون دشمن سمجهڻ ڇڏي ڏئي ۽ انھن خلاف غير معمولي ردعمل بند ڪري ڏئي

فوڊ الرجي

فوڊ الرجي ۾ کائڻ پيئڻ وسيلي جسم ۾ ڪو اهڙو پروٽين داخل ٿي ويندو آهي، جنھن کي جسم قبول ناهي ڪندو انجو ردعمل ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، مثال طور گھڻن ماڻھن کي آنا کائڻ کانپوءِ الرجي کي منھن ڏيڻو پوندو آهي، جڏهن تہ ٻارن ۾ پاتي ويندڙ فوڊ الرجي جي سڀ کان عام قسم مونڳيرن سان ٿيڻ واري الرجي آهي، فوڊ الرجي جون علامتون، سوڄ، ڌاڻا، الٽي ڪراهت ٿڪاوٽ جهڙيون علامتون شامل آهن، ڪنھن بہ ماڻهون کي اهو سمجھڻ ۾ وقت لڳندو آهي، تہ رد عمل فوڊ الرجي جي وجھ سان آهي، جيڪر اوهانکي بہ ڪنھن غذا کي کائڻ کانپوءِ گھڻي ردعمل کي منھن ڏيڻو پئجي تہ ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي، فوڊ الرجي جو علاج ناهي احتياطي تدابيرون اپنائي يعني جن شين کان ٿيندي آهي اهوئي نہ کائڻ گهرجن ۽ متاثر ماڻھون بہ نہ ڏيڻ گھرجن

وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ دلچسپ سائينسي معلوماتي وڊيوز ڏسڻ جي لاءِ سائنس جي دنيا يوٽيوب چينل کي سبسڪرائيب ڪريو.

No comments:

Post a Comment