Thursday 14 November 2019

ذائنوسارز جي دور جي شروعات

ويھ لک سال جو مينھن، ذائنوسارز جي دور جي شروعات
دريا خان 

ڪجھ وڏا آتش فشان لاروا اٻري رهيا آهن ۽ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ گھڻي آهي، زمين جو خشڪ حصو هڪ ٽڪڙي جي شڪل ۾ آهي، زمين جي سطح گھڻي گرم ۽ خشڪ آهي، رهڙيندڙ جانور ۽ کير پياڪ جي نسل هر طرف ڦھليل آهي انکان پھريان پرمين دور جي وڏي خطري جي شروعات ٿي آهي جنھن سان ڪيترا جيوت هاڻ اڻ لڀ ٿي چڪا 
هي زمين آهي ٽرائنسڪ دور جي شروعات جي، پوءِ اڄ کان ٽيھ ڪروڙ چاليھ لک سال اڳ موسم بدليو آهي، هي زمين جي تاريخ جو سڀ کان گھڻو مينھن وسڻ جو دور آهي جيڪو ان گرم ۽ خشڪ زمين کي ۽ ان ۾ رهندڙ زندگي جو نقشو بدلي ڇڏيندو، مينهن جو هي دور ويھ لک سال تائين رهندو، هي زمين تي ذائنوسارز جي حڪومت جي شروعات آهي 
هي سڀ معلومات ان دور جي پد/حرارت، ان آلي موسم جي ڪهاڻي، ان سان ٿيندڙ زندگي جي تبديلي اسانجي پيرن هيٺان زمين ۾ محفوظ آهي، گرم دور جا پٿر ڳاڙها بجري جا پٿر آهن ۽ ان وقت جي مٽي ۾ ڪو ڪوئلو ناهي جيڪو انجي پويان واري دور پرمين جو حصو ھيو 
زمين ڇو خشڪ هئي! انجي هڪ وجھ انجي شڪل هئي جتي تقريبن خشڪ حصو هڪ براعظم جي شڪل ۾ هيو
تصوير سان جوڙيل ٻئي تصوير ۾، مينهن وسائڻ وارا ڪڪر نہ اوترو اندر ويندا هئا ۽ نہ ئي پهاڙي سلسلو هئا
جيڪو خشڪي تي مينهن وسائڻ ۾ مدد ڪري سگهن، رهڙيندڙ جانورن جو زمين تي قبضو هو، شروعاتي ڊائنوسارز اچي چڪا هيا ان وقت جي جانورن ۾ ڪجھ جا خاڪا گڏ لڳل تصوير ۾، سڀ کان وڌيڪ لسٽروسارس پاتا ويندا هئا، جن جي ڪجھ نسل جا پنڊ پهڻ/فاسلز گهڻي تعداد ۾ مليا آهن ۽ پليٽ ٽيڪٽانڪس جو هڪ ثبوت هي بہ رهيو
پر ان نسل جي مطابقت خشڪ موسم سان هئي، مينهن هي سڀ اڳتي پوئتي ڪري ڇڏيو، ان مينهن جو پتو نوي جي ڏهائي ۾ ٻن برطانوي ماهرن ارضياتن لڳايو، ڳاڙهي پتن جو بدلجڻ ٿلھي چادر دار ڌريائي پٿرن ۽ وڏين شاخن واري سيڊيمنٽري پٿرن سان ۽ هي هڪ جڳھ جون ناهين، پوري دنيا جي ڪهاڻي آهي، برطانيا، امريڪا، اٽلي، آسٽريليا اوڀر طرف، چين هر جڳھ تي اڳئين ويھ ورهين جي مطالعي مان پٿرن جو بدلجڻ هڪ ئي طرح جو ۽ هڪ ئي تاريخ جو نڪتو، ٽيھ ڪروڙ چاليھ لک سال اڳ هي مينهن شروع ٿيو ۽ ٽيھ ڪروڙ ويھ لک سال پهريان تائين جاري رهي. 

انکي ڪارنين پلووئيل ايونٽ ڪارنين دور جو مينهن جو واقعو چئبو آهي ويھ لک سال جو عرصو انساني تاريخ کان تہ ڪيترا ڀيرا وڌيڪ آهي پر زمين جي تاريخ لاءِ گھڻو وسي وقت آهي ان وقت جو مينھن اڄ جي مقابلي ۾ چار ڀيرا وڌيڪ هئا 
ان مينھن مان گھڻو فائدو ڊائنوسارن ورتو ڪنھن قدر فائدو! ان جي شروعات تي ملندڙ پنڊ پهڻ ۾ صرف پنج سيڪڙو ڊائنوسارز جا آهن جڏهن تہ انجي پڄاڻي جي وقت ۾ ملڻ وارا نوي سيڪڙو پنڊ پهڻ ڊائنوسارز جا آهن
ڊائنوسارز ڇو ڪامياب ٿيا! انجي وجھ هي تہ مينھن جي وجھ سان وڏن وڻن جي تعداد تيزي سان وڌڻ لڳي وڏا ڪونيفرز جي گهڻائي نظر ايندي آهي رهڙيندڙ جانور خشڪ دور جي پستا قامت ٻوٽن لاءِ ٺيڪ هئا پر نوا بڻجندڙ جهنگلن جن جانورن جون ٽنگون وڏيون هيون ۽ اهوئي پنھنجي پوئين ٽنگن تي بيهي ڪري مٿاڇري ڏا پنھنجي خوارڪ حاصل ڪري سگھندڙ هئا اهوئي ڪامياب رهيا
ڊيڪانيڊونٽ جا ڏنڊ نہ هئا ۽ نہ ئي اهو ڪاٺي هضم ڪري سگھندا هئا، هي اسانکي انھن جي اڄ محفوظ پنڊ پهڻ مان پتو پيو، ننڍيون جڙي ٻوٽين واري زمين جڏهن وڏي قد واري جهنگلن واري زمين ۾ بدلي تہ گڏ ئي جانور بہ، ۽ پوسٽ سان گڏ لڳل تصويرون واري ختم ٿي ويا 
هي مينھن شروع ٿيو ڇو! ان وجھ جو پتو اسانکي الاسڪا ۽ اتر ڪينيڊا کان پوندو آهي هتي شروع ٿيندڙ زبردست آتش فشاني عمل سان جنھن کي رينگلئين ارپشن چئبو آهي
هي لکين سال جاري رهڻ وارو عمل هئو جنھن مان نڪرڻ وارو لاروا جي تھ ڇھ ڪلو ميٽر ٿلهي آهي، ان مان وڏي تعداد ۾ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ نڪتي جنھن پوري دنيا ۾ زمين جو درجو پد ۾ ٽي کان ڏھ ڊگري وڌارو ڪري ڇڏيو ان سان پاڻي جو چڪر تيز ٿي ويو سمنڊ جو درجو پد وڌڻ سان تبخيري عمل گھڻو وڌيو، ڏھ لک سال جاري رهڻ واري آتش فشاني عمل زمين کي ايترو گرم ڪيو جو سمنڊ مان اڏامندڙ ڪڪر  ان چڪر جي اندر واري حصن تائين پهچڻ شروع ٿي ويا 
هي مينھن ختم ڪيئن ٿيو! زمين جي ميٽابولز مان ٻوٽا ڪاربن کي پنھنجي جسم جو حصو بڻائيندا آهن، رڳڙ وارا پٿر بہ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ جذب ڪندا آهن ۽ سمنڊ انھن کي جذب ڪري لائم اسٽون جهڙي ڪاربونيٽ پٿرن جو حصو بڻائي ڇڏيندا آهن، جڏهن آتش فشان عمل رڪيو ۽ گڏ ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ گهٽ ٿيڻ شروع ٿئي تہ زمين جي ان واقعي جي بہ پڄاڻي ٿي 
انکان پوءِ واپس خشڪ ۽ گرم موسم سان گڏ ان براعظم ٽٽڻ شروع ڪري ڇڏيو پر ان موسمي تبدلي جا زندگي تي اثر مستقل هيا ڪونيفرز زمين تي ڦهلجي ويا ۽ انجون الڳ الڳ نسلون بڻيون، اڄ جي صنوبر، چير، ديودار ۽ ٻيا پائن وڻن جي شروعات بہ ان وقت جي آهي 

هي زمين تي اڳئين ساڊها سورهن ڪروڙ ورهين لاءِ ڊائنوسارز جي حڪومت جي شروعات هئي
پھرين تصوير انھن جانورن جي جيڪي ان دور کان اڳ هئا، ٻئي تصوير ڪارين دور جي آخر ۾ زمين جو نقشو ۽ ٽئي تصوير هڪ آرٽسٽ جو زمين جي باري ۾ ان دور جو خيال

ڊائنوسارز جي دور جو خاتمو

ڇا اسان ڊائنوسارز کي واپس آڻي سگھون ٿا 

No comments:

Post a Comment