Friday, 10 April 2020

ايبولا وائرس

ايبولا وائرس
دريا خان


ايبولا وائرس بيماري کي سڀ کان خطرناڪ وائرل بيمارين مان هڪ مڃيو ويندو آهي، 1976ع ۾ ايبولا جو ان وقت پتو پيو جڏهن آفريڪا جي مختلف حصن ۾ ٻہ ڀيرا هيمرج  بخار ڦهلجڻ جو پتو پيو، انجي شروعات جهموريا ڪانگو ۾ دريا ايبولا جي ويجھو هڪ ڳوٺ ۾ ٿي،  جنھن وجھ سان ان وائرس کي ايبولا جو نالو پيو، ٻي وبا ڏکڻ سوڊان ۾، جيڪو جهموريا ڪانگو کان 16 يا 10 ڪلوميٽر پري آهي 
 شروعات ۾ صحت تي ڪم ڪندڙ کي لڳو تہ ھي وبا هڪ متاثر ماڻهو کان واسطي هڪ ڪيس آهي، جنھن ٻن جڳهن جي وچ سفر ڪيو، پر سائنسدانن پوءِ دريافت ڪيو ته وبا ٻن جينياتي لاڳاپي طرف کان ٻہ الڳ الڳ وائرس جي وجھ سان ٿئي آهي، زائر ايبولا وائرس ۽ سوڊان ايبولا وائرس، ان دريافت کانپوءِ سائنسدانن اهو نتيجو ڪڍيو وائرس ٻن مختلف ڊريعن کان آيو ۽ متاثر علائقن کان ماڻهن ۾ آزادانو ڦهليو 
 وائرل ۽ وبائي مرضن جي انگ اکرن کان پتو لڳو ايبولا وائرس جو ريڪارڊ گھڻي وبا ٿيڻ کان اڳ موجود هو، آبادي ۾ واڌاري، جھنگلي علائقن ۾ ميڙ ۽ جهنگلي زندگي سان گڏ سڌو سنئون واسطو ايبولا وائرس جي ڦهلاو ۾ هٿي وٺرائي 

وائرس ڪٿان کان آيو؟ 
وائرس جي دريافت کانپوءِ سائنسدانن انجي ڊريعي جي ڳولا ۾ هزارين جانورن، ڪيڙن، ٻوٽن جو مطالعو ڪيو، جڏهن ماڻھن ۾ اي وِي ڊي ايبولا وائرس بيماري ڦهلڻ کان اڳ واقعا آيا، تہ گوريلاز، چمپينزي ۽ ٻين پرائميٽس بہ ان انفيڪٽڊ ٿي سگهن ٿا پتو پيو 
ايئن آفريڪي چمڙو فروٽ بٽ ايبولا وائرس جي ڦهلاء جو ذميوار نڪتو 
 
ايبولا ڦھلجڻ جي تاريخ 
 1976ع ۾ دريافت کانپوءِ ايبولا وائرس جي مرض جا گهڻا معاملا ۽ ڪيس آفريڪا ۾ ڏسڻ ۾ آيا، اتر آفريڪا ۾ 2014ع کان 2016ع ۾ ايبولا جي وبا ڏکڻ اوڀر گيانا جي ڳوٺاڻي علائقي کان شروع ٿئي، جيڪا شهرن ۽ سرحدن پاسي هفتن ۾ پکڙي، ۽ مهينن ۾ عالمي وبا بڻجي ويو، 1976ع وائرس جو ڦهلاو آلودگين سوئن ۽ سرنجن جي استعمال سان بہ ٿيو، جهموريا ڪانگو ۾ پهرين وبا وقت يامبڪو مشن اسپتال ۾ نرسن لڳ ڀڳ هڪ ڏينھن ۾ ٽي کان ڇھ سو مريضن جي لاءِ صرف پنج سرنج استعمال ڪيا، شروعاتي ايبولا ڦهلجڻ وقت متاثر رت، آلودگين سوئين کي ٻيھر استعمال ۽ نرسنگ جي غلط تڪنيڪن کان انسانن ۾ وڃڻ جو گھڻو ذريعو بڻيو 
1989ع م فلپائن کان آمريڪا ۾ ايندڙ تحقيقي ڀولڙن ۾ ريسٽن ايبولا وائرس جو پتو پيو، پوءِ سائنسدانن ان ڳالھ تي پڪ ڪئي تہ وائرس ڀولڙن وسيلي ڦھلجي سگھجي ٿو، فلپائن کان انن ڀولڙن ۾ ريسٽن وائرس جي دريافت کان پتو لڳو تہ ايبولا هاڻي آفريڪي ماحول ۾ ئي محدود نه رهيو هو بلڪ ايشيا ۾ بہ موجود هو 

1994ع ۾ ڪوٽي ڊو ايور ۾ وبا ڦھلجي وڃن تائين، سائنسدانن ۽ صحت عام تي ڪم ڪندڙن کي ان بابت سٺو اندازو ٿي ويو هو تہ، ايبولا وائرس ڪئين ڦهلبو آهي ۽ صحت تي ڪم ڪندڙن منھن جا ماسڪ، هٿ ۽ انکان سواءِ ڊسپوز ايبل اوزار، جهڙوڪ سوئين جو استعمال بہ ظاهر ڪرايو 
مقامي ماڻھن کي ان بيماري جي ڦهلجڻ بابت آگاهي ڏني، اسپتالن ۾ مناسب طريقي سان عملو رکيو ويو، ۽ ضروري سامان اسپتالن ۾ پهچايو، صحت تي ڪم ڪندڙن کي بيماري بابت ٻڌايو ويو مريضن جي معاملي جي سڃاڻپ، ۽ صحت رکڻ جي ترتيب ۾ وڃڻ کي گهٽ ڪرڻ جي طريقن تي بہ ترتيب ڏني وئي 
   
اتر آفريڪا ۾ 2014ع کان 2015ع ۾ ايبولا ڦهلجڻ ۾، صحت تي ڪم ڪندڙ ڪارڪنن سيرا ليون، لائبيريا ۽  گيانا ۾ گڏيل ايبولا جون سڀئي تصديق ڪيل ۽ ايندڙ ڪيسن ۾ صرف 3.9 جي نمائندگي ڪئي، ٽرانسميشن جا وڌيڪ واقعا هڪ ئي گهر جي فردن ۾ 78 سيڪڙو جي وچ هئا، اي وي ڊي کان مرڻ وارن جي لاشن سان گڏ سڌو سنئون رابطي سان خطرناڪ، ۽ اثرائتي ٽرانسميشن جي طريقن مان هڪ ثابت ٿيو، انڪري مرڻ کان پوءِ پورڻ جي وقت پري وٿي رکڻ جي هدايت ڪئي وئي 

علامتون 
انڪيوبيشن جي مدت، يعني وائرس جي انفيڪشن کان وٺي ڪري علامتن جي شروعات تائين جو وقفو ٻہ کان ايڪويھ ڏينھن تائين آهي، ايبولا کان متاثر ماڻهو ان وقت تائين ان بيماري کي نٿو ڦهلائي سگھي جڏهن تائين اهوئي علامتون ظاهر نہ ڪن
اي وِي ڊي جي علامتون اوچتو ٿي سگهن ٿيون ۽ ان ۾ شامل آهن بخار، ٿڪاوٽ، عضون ۾ سور، مٿي جو سور، انکان پوءِ الٽي، خارش 
  
خراب گڙدي ۽ جگر جي ڪم نہ ڪرڻ جون علامتون 
 ڪجھ معاملن ۾ ظاهر ٿيون آهن اندروني ۽ ٻاهرين ٻنهي طرح کان رت وهڻ، مثال ڏاٺ مان رت نڪرڻ، يا پاڪخاني ۾ رت، ليبارٽري جي نتيجن ۾ گهٽ اڇن سيلن جو هجڻ شامل آهي 

ويڪسين 
2015ع ۾ گيانا ۾ ٿيڻ واري هڪ وڏي ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ايبولا جي خلاف هڪ تجرباتي ويڪسين گھڻي حفاظتي ثابت ٿي، rVSV-ZEBOV نالي ان ويڪسين جو مطالو 11,841 ماڻهن تي مشتمل هڪ ڪيس ۾ ڪيو ويو، ويڪسين وٺڻ وارن 5,837 ماڻهن ۾، ويڪسينيشن کانپوءِ ڏهن ڏينھن يا انکان بہ وڌيڪ ايبولا جو ڪو واقعو ريڪارڊ نہ ڪيو ويو، انجي مقابلي ۾، ويڪسن نہ وٺندڙ ماڻهن ۾ ڦڙا پيارڻ جي ڏهن يا انکان پوءِ 23 واقعا ٿيا
.

ايڊر

ايڊر
امتياز علي

بيمارين تي قابو پائڻ واري اداري جي هفتي واري رسالي ۾ 4 جولاءِ 1981ع تي هڪ رپوٽ پڌري ٿي هئي. لاس اينجلس ۾ آڪٽوبر 1980ع  کان مئي 1981ع  جي وچ پنج مريض داخل ٿيا هئا. انهن سڀني کي هڪ ناياب بيماري نيموسسٽس نمونيا هئي. 
هي بيماري هڪ عام پاتي ويندڙ فنگس سان ٿيندي آهي. ان جا ذرڙا ايتري ڀاڳي عام آهن  جو هي ننڍپڻ کان ئي جسم ۾ داخل ٿيندا رهندا آهن. مدافعتي نظام انهن کي جلدي ئي ماري ڇڏيندو آهي ۽ اڳتي جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي. پر الهائي ڪمزور مدافعتي نظام ٿي وڃڻ کانپوءِ هي فنگس تباهي مچائي سگهي ٿي ۽ پوءِ ڦڦڙ ناڪارو بڻائي ڇڏيندي آهي. مريض کي زندھ رکڻ جي لاءِ آڪسيجن ڏيڻي پوندي آهي. هي پنج ئي مريض اهڙي حالت ۾ هئا جو انهن کي هي بيماري مرض نه ٿيڻي هئي. نوجوان مرد جيڪي ڪجھ عرصو پهريان هر طرف کان صحتمند هئا. ان تي تبصرو ڪندي رسالي جي لکندڙ لکيو ته “هي ممڪن ڀاڳي تي خلين جي مدافعتي نظام ۾ ٿيڻ واري خرابي آهي”. 

انهن کي پتو نه هيو جديد تاريخ ۾ اچڻ واري بدترين وبا جو ٻڌائي رهيا آهن. هي پنج ماڻهون خلياتي مدافعتي نظام جي گهٽتائي جو شڪار هئا ۽ ان جي وجھ (ايڇ  آئي وي) وائرس هو. ان کانپوءِ محققن پتو لڳايو ته هي خاموشي سان پوئين صدي کان ماڻهن کي نشانو بڻائي رهيو هو. ان ڏهائي ۾ هي وبائي ڏيک ماڻي ويو ۽ ڪروڙين ماڻهن ۾ هليو ويو. ان جي هٿان ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو مريا هئا.

موت جو هي عدد خوفناڪ انهي ڪري آهي جو هي سولائي سان منتقل ناهي ٿيندو. ان کي ڪنهن سان هٿ ملائڻ سان کنگهڻ سان اڳتي نٿو وڌائجي سگھجي، خالي جسم سان ڪجھ مادن سان گڏ اڳتي ويندو آهي. غيرمحفوظ جنسي فعل سان، رت جي تبديلي سان، ماءَ کان ٻار ۾، منشيات استعمال ڪرڻ وارن ۾ سرنج کي ونڊڻ سان.    

هڪ ڀيرو هي جسم ۾ اچي وڃي ته مدافعتي نظام تي هي بي خوفي سان حملو ڪندو آهي. هي خاص قسم جي خلين، (سي ڊي فور) ٽي سيل کي جهليندو آهي ۽ ان جي ميمبرين ۾ وڃي ڪري ملي ويندو آهي جيئن صابڻ جا بڙبڙا پاڻ ۾ ملن ٿا. هي هڪ ريٽرو وائرس آهي. يعني پنهنجي جينياتي مواد کي خلين جي جينوم ۾ داخل ڪري ڇڏيندو آهي. ان سان ايڇ آئي وي وائرس جون نيون ڪاپيون ٺهنديون آهن جيڪي ڊوڙي ڪري ٻين خلين کي متاثر ڪنديون آهن. 

شروع ۾ هن وائرس جي آبادي تيزي سان وڌندي آهي. جڏهن مدافعتي نظام کي خبر پوندي آهي تہ هي انفيڪٽ ٿيڻ وارن خلين کي مارڻ لڳندو آهي ۽ وائرس جي آبادي گهٽ ٿيڻ لڳندي آهي. انفيڪٽ ٿيڻ واري مريض کي هي سڀ جنگ معمولي فلو جي صورت ۾ محسوس ٿيندي آهي. مدافعتي نظام هن کي مات ڏيئي ڇڏيندو آهي ۽ تقريبن (ايڇ آئي وي) وائرس کي ماري ڇڏيندو آهي. پر مات ڏيڻ ڏسي ڪري (ايڇ آئي وي) وائرس خاموش ٿي ويندا آهن. جن ٽي سيلز ۾ وڃي ڪري لِڪيل هوندو آهي هو وڌندا ۽  الڳ ٿيندا رهندا آهن. پوءِ ڪنهن وقت هي اُٿندا آهن ۽ پوءِ حملو شروع ٿي ويندو آهي. مدافعتي نظام هن نئين بغاوت جو سِر ڪپي ڇڏيندو آهي. هي جاري رهندو آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ مدافعتي نظام ڪنگال ٿي ڪري هار مڃي ڇڏيندو آهي.

ٿي سگهي ٿو تہ مدافعتي نظام هي مات هڪ سال ۾ ئي کائي وڃي يا ويھ سالن تائين بہ نہ کائي. پر نتيجو ڪڏهن نہ ڪڏهن هڪ ئي نڪرندو آهي. هن جو شڪار ٿيڻ وارا پنهنجو پاڻ کي انهن بيمارين کان ناهن بچائي سگهندا جيڪي هڪ نارمل مدافعتي نظام روڪي ڇڏيندو آهي.  اها ئي وجھ هئي تہ ان جي وقت ۾ ماڻهو اسپتالن ۾ عجيب بيمارين سان اچڻ شروع ٿي ويا.

هن بيماري جي وائرس جي دريافت فرانسيسي سائنسدان 1983ع ۾ ڪئي. مليريا يا تپدق انسانن کي هزارن سالن کان ماريندا آيا آهن. هي نئي بيماري ان جي وقت ۾ دريافت ٿيڻ کان ڪجھ سالن جي اندر ئي سڄي دنيا ۾ تباهي مچائي رهي هئي. هي ڇا هو؟ ان وبا جو اسرار هو.

پهريان سائنسدانن هن جي جين جي مختلف مريضن کان حاصل ڪري سيڪوئنس ڪيو ۽ اهو ٻين ملڪن ۾ ڪيو ويو.
ان سان وائرس جو ارتقائي وڻ ٺهيا. هر ڇڪ گڏيل جد جي شاخ هئي. محققن دريافت ڪيو تہ هن جون ٻہ الڳ قسمون آهن. HIV-1 جيڪا اڳتي وڌي حملو ڪندڙ آهي. ۽ HIV-2 جيڪا نسبتن ايتري اڳتي وڌي حملو ڪندڙ ناهي.

سائنسدانن دريافت ڪيو تہ آهستي وڌڻ وارن وائرس جي وڏي گروپ سان واسطو رکندو آهي جنهن کي لينٽي وائرس چوندا آهن. هي ٻليون، گهوڙا، ڳئون ۽ ڀولڙن کي متاثر ڪندا آهن. 1991ع ۾ دريافت ٿيو تہ HIV-2 آفريڪا ۾ ڀولڙن جي هڪ قسم کي انفيڪٽ ڪرڻ واري وائرس جو ويجھو رشتيدار آهي. سوٽي منگائي نالي قسم ڏکڻ آفريڪا ۾ پاليو بہ ويندو آهي ۽ کاڌي بہ ويندي آهي ۽ هي ڀولڙي جو انسان کي ڏند سان چڪ هڻڻ جي سبب بہ منتقل ٿي سگهي ٿي.

سائنسدانن کي HIV-1 جو پتو لڳائڻ ۾ الهائي دير ٿي. هن جي وجھ هي آهي تہ هي ان قسم ۾ هو جنهن جي پڙهائي ڪرڻ ايتري سولي ناهي. چمپينزي. هي چالاڪ آهن طاقتور آهن ۽ سوئي لڳرائڻ پسند ناهن ڪندا. ان جي ڇڻي جو چڪاس ڪري هن وائرس کي سڃاڻپ ڪيو ويو جنهن سان پتو پيو تہ وائرل وڻ ۾ هن جو ارتقا چمپينزي جي وائرس سان الهائي ڀيرا ٿيو.

هن جي شروعات جي کوج لڳائڻ جي ڪري ڳجهي طريقي سان مري وڃڻ وارن پُراڻن مئلن جي باقيات جو تجزيو ڪيو ويو. 1976ع ۾ مرڻ واري ناروي جي ملاح جي ٽشو مان هي نڪتو. هن جا شروعاتي شڪار غريب ملڪن جا هئا جتي پُراڻن جسمن جي ٽِشوئن جو ملڻ تمام مشڪل هو.

نوي جي وقت ۾ هڪ ٻيو طريقو پتو ٿي ويو. هزارن مريضن کان وٺي ڪري ايڇ آئي وئي کي سيڪونس ڪيو ويو. سپرڪمپيوٽر سان چڪاس ڪري ان جي جينياتي ڦير گهير جو ماڊل ٺاهيو ويو. انهن سڀني مان اندازو ٿيو تہ تبديلي هڪ خاص رفتار سان ٿينديون آهن. يعني تہ انکي واري گهڙي جي طرح ڏسي سگهجي ٿو. واري جو ڊهير ڪيترو ڊگهو آهي؟ ان جو جواب اسان کي اهيو ٻُڌائي ڇڏيندو تہ وقت ڪيترو گذري ويو. ان سان اندازو ٿيو تہ هن جو گڏيل جد 1933ع ۾ هو.

هن اندازي کي هڪ ٻيو حيران ڪُن دريافت سان هٿي ملي. هي ڪانگو ۾ ڪنشاس اسپتال ۾ هڪ مرڻ واري مريض جو 1959ع جو محفوظ ڪيل رت جو سِمپل هو. 1998ع ۾ هن تي تجزيو ۽ 2008ع ۾ ڪنشاسا ۾ هڪ ٻئي پيٿولوجي جي ڪليڪشن جي 1960ع جي تجزيي ان کي واري گهڙي جي ماڊل کي پڪو ڪيو. ايڇ آئي وي جي انسان ۾ ورش ويهين صدي جي شروع ۾ ٿي هئي.

هن ماليڪيولر ڪلاڪ هڪ نئين شيءِ جي جهلڪ ڏني. ڪنشاسا ۾ 1960ع ۾ هي ٻئي وائرس هڪ جهڙا نہ بلڪي HIV-1 جي الڳ شاخن جا هئا. ان اسان کي ان وائرس جي ڪهاڻي سمجهڻ ۾ مدد ڪئي.

اهڙو وائرس چمپينزي ۾ پاتو ويندو آهي. شڪاري چمپينزي کي گوشت جي لاءِ عرصي کان استمعال ڪندا هئا. ڪڏهن انهي دوران شڪاري کي انفيڪٽ ڪري ڇڏيندو هو. پر شڪاري ۾ وائرس اچڻ جي ڪري ڪارآمد نہ هو. هي اڳيان ناهي ڦهلجندو هو. ويهين صدي ۾ هن علائقي ۾ آباديون ۽ شهر وسڻ لڳا. دريائن سان گڏ تجارتي رستن پيٿوجن جو صرف جهنگن کان شهرن جي طرف ممڪن ڪري ڇڏيو. هن وائرس جي حامل چمپينزي ڏکڻ اوڀر ڪيمرن جي جهنگن ۾ رهنديون آهن. هتي جي درياءَ ڏکڻ جي طرف وهي ڪري ڪنشاسا جي طرف ويندا آهن. تہ هي محض اتفاق ناهي تہ اسان کي هن وائرس جا شروعاتي نشان ڪنشاسا ۾ نظر ايندا آهن.

هن وڌندڙ شهر ۾ وائرس بہ وڌي سگهندا هئا. انهن کي اها آبادي ملي وئي جنهن ۾ هي پنهنجا قدم ڄماءِ سگهي ۽ ارتقا سان انسانن ۾ رهڻ جي مطابقت حاصل ڪري سگهن. 1960ع تائين ان ۾ جينياتي ورائٽي خاشي اچي چڪي هئي جڏهن تہ غالبن انهن صرف  ڪجھ هزار ماڻهن کي متاثر ڪيو هو.

جستائين هن جي سڃاڻپ 1983ع ۾ ٿي، هي هڪ عالمي بحران بڻجي چڪو هو. ان کي روڪڻ جي اسٽريٽيجي اڳئين ڪجھ سالن کانپوءِ ڪارآمد ٿيڻ شروع ٿي. ماڻهن جو رويو بدلجڻ جاري رهيو. يوگنڊا هن تي هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪئي. 1991ع ۾ ان ملڪ ۾ وڏي پيماني تي ماڻهو مري رهيا هئا. هن جي آبادي ۾ پندرهن سيڪڙو هن مرض جو شڪار هئا. هي ڇڪتاڻ 2001ع ۾ پنج سيڪڙو رهي چڪو هو.

ان تي دوائون ٺاهڻ جون ڪوششون ڪيون ويون آهن، الهائي ملين ماڻهو هاڻ دوائن جي هڪ ڪاڪ ٽيل استعمال ڪندا آهن جنهن جي وجھ جي ڪري ئي ڊرگ ٿراپي ايڇ آئي وي جي شڪار ماڻهن کي وڏي حد تائين صحتمند زندگي گذارڻ ممڪن ڪنديون آهن. هي سستو ناهي. غريب ملڪن ۾ هن وائرس کان متاثر ماڻهو دوائون پئسا نہ هئڻ سبب وٺي ناهن سگهندا تہ جيئن هو ڪجھ سال، ايئن جو دهائين جي گھڻي زندگي ڏيئي سگهن. پر هي تبديل ٿي رهيو آهي. ڪئين؟ اين جي او هن وقت متاثر ملڪن ۾ دوائن تائين رسائي جو ڪم ڪري رهيا آهن.

پر اهي دوائون سُٺو علاج ناهي. ان جا مضر صحت اثر ڪجھ سالن ۾ ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. ۽ وائرس جو انهن جي خلاف مدافعت ٺاهڻ ۾ نئين دوائن جي طرف منتقل ٿيڻو پوندو آهي. ايڇ آئي وي جو بهترين حل ڪا ويڪسين هجڻ کپي تہ جيئن هن جو شڪار ٿيڻ کان پهريان ئي بچي سگهجي. پر ويڪسين ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ اڃان تائين مايوسي هٿ آئي آهي. 2008ع ۾ مرڪ جي ٺاهي ويندڙ ويڪسين وڏي خبر ٺهي هئي. ٽرائل کانپوءِ ان کي الڳ ڪرڻو پيو هو ڇو تہ ھي اثرائتو  نہ هئي. هن جي امڪان ۾ گھٽتائي جي بجاءِ ڪجھ واڌارو نظر آيو هو.
۽ جيڪڏهن ڪنهن ننڍي ٽرائل ۾ ويڪسين اثر ڏيکاري ڇڏيندي آهي تہ تڏهن بہ هي ان بيماري جي خلاف ڪاميابي جي ضمانت ناهي. ايڇ آئي وي وائرس بہ پنهنجي ڪاپي ٺاهڻ ۾، فلو جي طرح، نڪمو آهي. تمام جلد الهائي ميوٽيشن ڦير گهير گڏ ڪري سگهي ٿو. هي نيچرل سليڪشن جي لاءِ گھڻو ڪچو مال ڏيندو آهي. هن جي ارتقا سان وائرس جي مدافعتي نظام جي سڃاڻپ نظام کان ڊوڙ ممڪن بڻائيندو آهي.

فلپ گولڊر 2008ع ۾ سائنسدانن جي ٻاهرين ٽيم جي مدد سان سڄي دنيا ۾ 2800 ماڻهن تي اسٽيڊي ڪئي جنهن مان پتو ٿيو تہ مختلف ماڻهو مختلف قسم جو دفاعي ليڪوسائٽ اينٽي جن رکندا آهن. ۽ هيئن تہ هر علائقي ۾ وائرس هن علائقي جي ليڪوسائٽ اينٽي جن سان مطابقت حاصل ڪري چڪو آهي. هي تحقيق ايڇ آئي وئي جي ويڪسين ٺاهڻ جي ڪوششن جي لاءِ خراب خبر آهي.

پر هي ممڪن آهي تہ ويڪسين ٺاهڻ واري ايڇ آئي وي جو ڊوڙ رولنگ ويڪسين سان روڪي سگهن. هي وائرس کان هڪ قدم اڳيان رهڻ جو طريقو هوندو. ۽ هن وائرس جو مستقبل ڏسڻ جي لاءِ هن جي ماضي کان مدد وٺڻي پوندي. سائنسدانن جي هڪ ٽيم HIV-1 جي سڀ ٽائپ بي جي ڇڪتاڻ جو موازنو ڪيو ۽ هن جي گڏيل جد جو هڪ پروٽين تيار ڪري ڇڏي. هن پروٽين کي استعمال ڪري ويڪسين ٺاهي وئي جنهن جو ريسپانس ايڇ آئي وئي جي ڇڪتاڻ جي وڏي رينج تي هو. هي تجربا ڀولڙن تي ڪامياب ويا آهن. هي ٻُڌائيندو آهي تہ ان جي ويڪسين ٺاهڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو.

هڪ ويڪسين جو تجربو هن سال اثرائتو نہ هئڻ جي وجھ سان الڳ ڪيو ويو جڏهن تہ هڪ ٻي ويڪسين هن وقت فيز ٿري ٽرائل ۾ داخل ٿي وئي آهي. هي ايڊنو وائرس جي مدد سان انجينر ڪئي ويندڙ ويڪسين آهي جيڪا تمام گهڻي گلوبل ڇڪتاڻ کي روڪي سگهي ٿي.

هي وائرس هر سال ستر لکھ ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو آهي. هر سال هن سان ست اٺ لکھ ماڻهو مرن ٿا جنهن مان هڪ سالن جا ٻار آهن. ايڇ آئي وي سان وڙهڻ جو مستقبل ايڇ آئي وي جي ماضي ۾ آهي

فلو

زڪام

الرجي

Thursday, 9 April 2020

گلوبل پوزيشننگ نظام

گلوبل پوزيشننگ نظام
امتياز علي

گلوبل پوزيشننگ نظام اسان کي اسان جي لوڪيشن ڪيئن ٻُڌائيندو آهي.

اسان جي موبائيل فونن جي اندر ۽ جي پي ايس ريسور سان گڏ هڪ اينٽينا لڳل هوندو آهي جيڪي سيٽلائيٽ سِگنل وٺندو آهي. گلوبل پوزيشننگ نظام کي مڪمل ۽ صحيح لوڪيشن ٻُڌائڻ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چار سيٽلائيٽس گهربل هوندا آهن. حقيقتن سڄو ڪم فاصلي ۽ جيوميٽري جي تابي آهي. جيڪڏهن اوهان ان سان لوڪيشن پتو ڪرڻ چاهيو ٿا تہ گهٻرائڻ جي ڪا ڳالھ ناهي. بس اوهان کي گلوبل پوزيشننگ سسٽم واري ريسيور جي ضرورت آهي. هن کي آن ڪيو. ياد رکو هڪ جي پس ايس سيٽلائيٽ جو فاصلو زمين کان 22,200 ڪلو ميٽر آهي ۽ هڪ سيٽلائيٽ هڪ ڏينهن ۾ ٻہ ڀيرا پنهنجي مدار ۾ چڪر پورو ڪندو آهي. جڏهن اوهان ريسيور آن ڪندئو تہ هي سيٽلائيٽ جي ڳولھا ڪندو. جڏهن تہ هڪ سيٽلائيٽ زمين کان 22,200 ڪلو ميٽر مٿي آهي تہ سڀ کان پهريان هي اوهان جي لوڪيشن ان کي ٻاويھ هزار ٻہ سئو ڪلو ميٽر ايريا جي اندر ٻُڌائيندو معنيٰ تہ توهان هن وقت ايتري ايريا ۾ ڪٿي موجود آهيون. پر هن ايريا ۾ تہ ٻيا بہ ڪيترا پوائنٽ آهن تہ اوهان جي لوڪيشن تي مسئلو پيدا ڪندي ۽ هي فيصلو نہ ٿي سگهبو تہ اوهان جي لوڪيشن ڪٿي آهي تہ پو هي هڪ پورو دائرو بڻائي ڇڏيندو. انهي جي وچ پنهنجو رسيور ٻئي سيٽلائيٽ جا سِگنل کڻندو. هاڻ اوهان جو رسيور پهريان واري سيٽلائيٽ ۽ ٻئي سيٽلائيٽ کان اوهان جو پنڌ ماپيندو ۽ اوهان انهن دائرن جي ويجھو ٺهڻ واري پوائنٽ جي اندر ڪٿي موجود هوندا. ياد رکو هر سيٽلائيٽ ٻئي کان ڪجھ پنڌ تي هوندو آهي. اوهان جو پهريون سيٽلائيٽ کان فاصلو 22،000 ڪلوميٽر جڏهن تہ ٻئي کان 24،000 ڪلوميٽر آهي. تہ جڏهن ٻئي سيٽلائيٽ جا سِگنل اوهان جو ريسيور کڻندو تہ هي پنڌ کي ٿورو گهٽ ڪري ڇڏيندو معنيٰ تہ هي ٻنهي سيٽلائيٽ جي ريفرنس سان اوهان هاڻ ٻہ هزار ڪلوميٽر ايريا جي اندر ڪٿي موجود آهيو. ان سان اوهان جي لوڪيشن جو فاصلو گهٽ ٿي ويو پر پوءِ بہ اوهان پنهنجي صحيح پوزيشن تائين نہ پهتا آهيو. هاڻ انهي جي وچ ٽئي سيٽلائيٽ جا سگنل توهان جو ريسيور کڻندو ۽ هي ان ٻہ هزار ڪلوميٽر ۾ وٿي اڃان بہ گهٽ ڪري ڇڏيندو. هاڻ اوهان جي لوڪيشن ڪٿي چار پنج سئو ميٽر جي ايريا ۾ هوندي. پر جڏهن بہ ننڍي سيٽلائيٽ جا سِگنل اوهان جو ريسيور کڻندو تہ هي اوهان کي بلڪل صحيح لوڪيشن ٻُڌاءِ ڇڏيندو.

2013ع کان پهريان هي بہ ايترو صحيح نہ هو ۽ هن ۾ 10 کان 13 ميٽر جو فرق اچڻ معمول هو. پر 2013 ۾ جي پي ايس بلاڪ 3 جي لانچ کانپوءِ سيٽلائيٽ جي تعداد وڌيڪ وڌائي وئي ۽ هاڻ هي فرق گهٽ ٿي ڪري ٽي کان پنج ميٽر رهجي ويو آهي. يعني جڏهن بہ اوهان جي پي ايس ريسيور سان پنهنجي لوڪيشن پتو ڪندا آهيون تہ ان ۾ ٽي کان پنج ميٽر جو فرق اچڻ معمول آهي ۽ هي ڪو ايترو وڏو فرق بہ نٿو پوي. ياد رکو آمريڪا جو ڊپارٽمينٽ آف ديفينس اڃان تائين 72 جي پي ايس سيٽلائيٽ خلاءَ ۾ موڪلي چڪو آهي جنهن مان 38 سيٽلائيٽ اڃان تائين هلندڙ آهن. (جي پي ايس ڪيئن ڪم ڪندو آهي ان کي هيٺيان تصوير ۾ سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو). سيٽلائيٽ جي اهڙي طرح لوڪيشن ٻُڌائڻ ۾ اسان Trilateration چوندا آهيون. ان کي ڪجھ ائين سمجهو تہ جڏهن اوهان گوگل ميپ استعمال ڪندا آهيو تہ جڏهن اوهان پنهنجي لوڪيشن آن ڪندا آهيو تہ سڀ کان پهريان ميپ تي هڪ وڏو بلو رنگ جو نشان ايندو آهي. اصل ۾ ان وقت اوهان جو ريسيور هڪ سيٽلائيٽ جو سِگنل کڻندو آهي. اوهان ڏسندئو تہ وقت سان گڏوگڏ هي نشان ننڍو ٿيندو ويندو آهي ۽ بلڪل اوهان جي صحيح لوڪيشن تائين پهچي ويندو آهي. تہ هي هن وقت چار سيٽلائيٽ جا سگنل کڻي رهيو هوندو آهي. جڏهن بہ اوهان هڪ جڳھ کان ٻي جڳھ ڏانهن ويندئو تہ سيٽلائيٽ بہ بدلجندا رهندا ۽ اهيا ئي وجھ آهي تہ اسان جي موبائيل يا جي پي ايس ريسيور لوڪيشن کي آن رکڻ جي وجھ جي ڪري بيٽري الهائي خرچ ڪندو آهي. ڇو تہ هن کي لڳاتار ٻين سيٽلائيٽس جا سگنل کڻڻا پوندا آهن. 

جي پي ايس نہ خالي پنهنجي ٽين جڳٽ پتو ٿيندي آهي بلڪي ان سان اسان وقت بہ پتو ڪري سگهون ٿا. جي پي ايس سيٽلائيٽ اٽامڪ گهڙين تي لاڳاپيل هوندا آهن جيڪي ايتريون ڪارآمد آهن جو لکن سالن ۾ بہ ڪجھ ملي سيڪنڊ جو فرق ايندو آهي. اسان جي جي پي ايس ريسيور ۾ اٽامڪ گهڙيون ناهن هونديون ڇو تہ اٽامڪ گهڙين جو سائز هڪ تہ وڏو هوندو آهي ٻي ڳالھ تي جام مهانگيون هونديون آهن. جيئن تہ اسان جي ريسيورز ۾ ڪرسٽڪ ڪورٽز گهڙيون لڳل هونديون آهن جيڪي انهي سيٽلائيٽ کان سِگنل کڻي ڪري ان موجب پنهنجو وقت صحيح ڪري وٺنديون آهن ۽ هي وقت هر جڳھ ۽ ملڪ جو الڳ الڳ هوندو آهي. هن وقت جي حساب سان هي اسان کي ڪنهن جڳھ جو پنڌ بہ ٻُڌائيندا آهن. هن جي لاءِ هڪ سولو فارمولو،
Distance =  Velocity x Time

تہ جيڪڏهن اسان اهو پتو ڪرڻ چاهيون تہ اسان ڪيتري وقت ۾ ڪيتري رفتار سان هلون  تہ اسان ڪنهن جڳھ تي پهچي سگهون ٿا. فرض ڪيو آئون اهو پتو ڪرڻ ٿو چاهيان تہ آئون جيڪڏهن ڏهن منٽن ۾ ويھ ڪلو ميٽر جي رفتار سان هلان تہ آئون ڪيترو پنڌ ڪندس.
تہ هن جي لاءِ هن فارمولي جي مدد وٺون ٿا.

Distance = 20 km x 10 min

Distance =200 km

يعني آئون ايتري وقت ۾ ايتري رفتار ۾ هلان تہ ايترو پنڌ ڪري سگهندس. ۽ انهي حساب سان اسان وقت ۽ ويلوسٽي جو بہ پتو ڪري سگهون ٿا. اهيا ئي جي پي ايس ۾ طرف سڃاڻپ جي لاءِ استعمال ڪندا آهن. جڏهن اسان گاڏيءَ ۾ ويهي ڪري ڪنهن شيءِ جي لوڪيشن کي مارڪ ڪندا آهيون تہ سسٽم انهي مهل اسان کي ٻُڌائيندو آهي تہ اسان جيڪڏهن ايتري رفتار سان هلون تہ ايتري منٽ ۾ هن شهر ۽ ان جڳھ تائين پهچي سگهون ٿا. هتي ياد رکڻ واري ڳالھ هي آهي تہ اسان جو ريسيور يوني ڊائرڪشنل آهي يعني سِگنل کڻي ئي سگھي ٿو ۽ ڪنهن قسم جو سگنل سيٽلائيٽ  کي موڪلي نٿو سگهي جڏهن تہ هن جي ابتڙ ڪنٽرول سيگمنٽ سگنل موڪلي ۽ کڻي سگهي ٿو.

جي پي ايس سِگنلز جي ويولنگٽھ  (Wavelength)
۽ فريڪونسي (Frequency):

جي پي ايس سيٽلائيٽ اسان کي مائڪرو ويو (Microwave) سِگنل ٽرانسمٽ ڪندو آهي. 
مائڪرو ويو جي ويولنگتھ وڌيڪ جڏهن تہ فريڪونسي گهٽ ٿيندي آهي ۽ جي پي ايس مائڪرو ويو جي L-Bamd تي مشتمل هوندو آهي. هي سگنل پهريان پهريان صرف ٻن فريڪونسيز تي مشتمل هوندا هئا ۽ ان ٻن فريڪونسيز کي اسان L1 ۽ L2  چوندا هئا. L1 جي فريڪونسي 1576.4 MHz جڏهن تہ L2 جي فريڪونسي 1227.6 MHz هوندي هئي. L1 عام عوام لاءِ جڏهن تہ L2 ملٽري ۽ حساس ادارا استعمال ڪندا هئا. 
پر 2013 ۾ بلاڪ 3 کانپوءِ L1 ۽ L2 کي عام عوام جي استعمال جي لاءِ چونڊ ڪيو ويو جڏهن تہ ملٽري ۽ ڳجھا ادارا هڪ نئي فريڪونسي L5 تي بدلجي ويا. هن جي فريڪونسي MHz 1176.45 آهي. جي پي ايس جي فريڪونسي گهٽ ۽ ويولنگتھ وڌيڪ انهي ڪري هوندي آهي ڇو تہ اسان کي خبر آهي تہ ويولنگتھ واريون ويوز سولائي سان ايٽم اسفيئر، موسمي تھ کان گذري سگهن ٿيون. هن سولائي سان مينهن، دز ۽ ماڪ وغيرھ مان نڪري سگهن ٿيون ۽ انهي طرح وقت تي ريسيور تائين پهچي سگهن ٿيون. اهيا ئي وجھ آهي تہ جي پي ايس ان موسم ۾ بہ چوويھ ڪلاڪ ڪم ڪري سگهي ٿو. 

جي پي ايس سيٽلائيٽ جا سِگنل ٽن طريقن جا هوندا آهن. هڪ ملٽري ۽ ڳجهن ادارن جي لاءِ هڪ عام عوام جي لاءِ جڏهن تہ هڪ ٻنهي طرح جي عوام لاءِ. سولين سِگنل C/A ڪوڊ چئورائيندا آهن جنهن جو مطلب Civilian Access يا Coarse Accquistion  آهي جڏهن تہ ملٽري ڪوڊ P-Code چئورائيندو آهي يعني Precise Code. سولين ڪوڊ ٻئي فريڪونسيز  L1 ۽ L2 تي لاڳاپيل هوندا آهن جڏهن تہ ملٽري ڪوڊ انهن سڀني تي لاڳاپيل هئڻ سان گڏوگڏ L5 فريڪونسي تي بہ لاڳاپيل هوندو آهي. سولين ڪوڊ ڪجھ سيڪنڊن تائين ئي رهندو آهي ۽ پوءِ هي ٽُٽي ويندو آهي ۽ هن جي جڳھ نوان ڪوڊ وٺي ڇڏيندو آهي جڏهن تہ ملٽري يا P ڪوڊ ايترو طاقتور هوندو آهي جو هي لڳاتار هڪ جڳھ 267 ڏينهن تائين ٽُٽندو ناهي ۽ ان کي ٽوڙڻو پوندو آهي. ان جي وجھ هي آهي تہ هي دشمن ملڪ جي آرمي يا ادارن کي غلط معلومات يا پوزيشن ٻُڌائڻي هوندي آهي يعني جيڪڏهن انهن ڪنهن ٽينڪ جي لوڪيشن نوٽ ڪري ڇڏي آهي تہ هو انهن کي تيستائين اتي ئي ان کي ان جي لوڪيشن خبر پوندي جستائين هو پاڻ ان جا سگنل نہ ٽوڙيندا نہ وري جڳھ جا سگنل شامل نہ ڪندا. انهي شيءِ کي اسان اينٽي اسپوفنگ (Anti-spoofing) چوندا آهيون. ۽ اهيو عمل پندرهن کان پنجيتاليھ سيڪنڊن تائين جوڙيل هوندو آهي.

انکان سواءِ هڪ ٽيو سگنل هوندو آهي جنهن کي نيويگيشن پيغام يا (Navigation Message) چوندا آهن. هي ميسيج يا سگنل سڀني يوزر گڏيل ڪنٽرول سيگمنٽ جي لاءِ هوندو آهي. ان جو مقصد اصل ۾ هي ٻُڌائڻو هوندو آهي تہ سيٽلائيٽ هن وقت خلاءَ ۾ هن جڳه تي موجود آهي. هن جي ايڪس، وائي ۽ زي لوڪيشن هي آهي ۽ هن جي ٽيڪنيڪل حالت صحيح آهي يا نہ. تہ اسان هن ميسيج کي ايترو ئي تصور ڪري سگهون ٿا تہ اسان جو سيٽلائٽ چئي رهيو آهي تہ ”هيلو منهنجا دوستو!! مان هن وقت ٻاويھ هزار ڪلوميٽر جي مٿاڇري تي پاڪستان جي مٿان گذري رهيو آهيان ۽ مان بلڪل ٺيڪ حالت ۾ آهيان، مونکي اڪيلو رهڻ ڏيو!!!

گريويٽي ۽ ڪوانٽم فزڪس

گريويٽي ۽ ڪوانٽم فزڪس

” ترجمو: امتياز علي“

ڪوانٽم ٿيوري کي سائنس جي تاريخ جي بهترين ٿيوري چيو ويندو آهي ڇو تہ هن هڪ نظريي سان فطرت جي مختلف مظاهرن جي وضاحت ممڪن ٿي وئي آهي جيڪو ڪنهن بہ ٻئي نظريي سان ممڪن نہ هئي. پر هڪ  بنيادي قوت يعني ڪشش ثقل يا گريويٽي ائين آهي جنهن جي وضاحت ڪوانٽم فزڪس جي روعي سان اڃان تائين ممڪن نہ ٿي سگهي آهي. حسان سليم صاحب پنهنجي هڪ انگريزي ۾ ڪيل ڪمينٽ ۾ هن ڳالھ جي وضاحت ڪئي هئي تہ ان جي راءِ ۾ گريويٽي جي امڪانن جو تسلسل (Quantization) ڇو ضروري آهي. هي ان ڪمينٽ جو سنڌي ترجمو آهي.

سوال: گريويٽي جي (Quantization) امڪانن جو تسلسل ڇو ضروري آهي؟

جواب:
غير يقينيت يعني (Uncertainty) جو اصول فزڪس جو هڪ بنيادي اصول آهي. انهي اصول جي روعي سان ڪنهن بہ جسم جي پوزيشن، بيھڪ ۽ مومينٽم ٻيڪ، يعني لمحو واپس وقت مڪمل ايڪيوريسي، صحيح سان معلوم نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن اوهان ڪنهن بہ جسم جي پوزيشن، بيھڪ ۽ مومينٽ، لمحي جي پيمائش، ماپ ڪرڻ چاهيو ٿا تہ ان جو طريقو عمومن ائين ٿيندو آهي تہ ان جسم تي ڪنهن قسم جون لهرون اڇلايون وڃن ۽ انهن لهرن جي عڪس Reflection سان ان جسم جي باري ۾ معلومات گڏ ڪئي وڃي. 
جيڪڏهن اوهان اهو چاهيو ٿا ته ان دوران ان جسم ۾ پيمائش، ماپ جي حوالي سان ڪا تبديلي نہ اچي تہ اوهان ان لهرن کان (Amplitude) (يعني انهن جي توانائي) تمام گهٽ ڪري سگهو ٿا تہ جيئن انهن لهرن جي ان جسم سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ ان جسم جي مومينٽم ۾ تبديلي گهٽ رهي. ان کان علاوه انهن لهرن جي Wavelength لهر جي لمبائي کي بہ انتهائي گهٽ ڪري رکي سگهجي ٿو تہ جيئن  Reflect عڪس وجهندڙ لهرن سان جسم جي پوزيشن انتهائي ايڪوريسي، صحيح سان ماپي سگهجي. ائين جيڪڏهن انهن لهرن جي  Wavelength لهر جي لمبائي کي زيرو جي انتهائي ويجهو ڪيو وڃي تہ ان جسم جي پوزيشن مڪمل ايڪوريسي صحيح سان معلوم ڪري سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن انهن لهرن جي (Amplitude وسعت، وڌاءُ، پکيڙ) کي زيرو جي تمام ويجهو ڪيو وڃي تہ ان جسم جي حرڪت ۾ ڪنهن بہ تبديلي کان سواءِ ان جسم جي Momentum حرڪت جي زور جي پيمائش ڪري سگهجي ٿي. انهي طرح اصولن اسان هن جسم جي پوزيشن ۽ مومينٽم حرڪت جي زور کي مڪمل ايڪوريسي صحيح سان گڏ حاصل ڪري سگھون ٿا ۽ هي غير يقينيت جو اصول غلط ثابت ٿي ويندو. 

پر بيهو، هي ڪم ايتري قدر سولو بہ ناهي جيڪڏهن اسان هن پيمائش جي ڪري روشني جي لهرن کي استعمال ڪري رهيا آهن (روشني جي لهرن سان ڪنهن شيءِ پيمائش ڪرڻ قدرِ سولو آهي) اسان ڄاڻنداسين تہ اسان روشني جي مقدار کي گهٽ ڪري بلڪل زيرو وٽ نٿا وڃي سگهون. ان جي وجھ هي آهي تہ اسان ڄاڻون ٿا تہ روشني فوٽانز سان ملي ڪري ٺهندي آهي ۽ فوٽانز کي تقسيم نٿو ڪري سگهجي. ائين جيڪڏهن اسان روشني جي مقدار کي گهٽ ڪندا وڃون تہ روشني جي شعاع ۾ فوٽانز جي تعداد گهٽ ٿيندي ويندي ايستائين جو هن شعاع ۾ صرف هڪ فوٽان رهي ويندو. هاڻ جيڪڏهن اسان هن فوٽان کي بہ ختم ڪري ڇڏيون تہ هن شعاع ۾ ڪجھ بہ نہ بچندو يعني اسان وٽ هن جسم جي پيمائش جي لاءِ شعاع ئي نہ رهندي. ان جسم جي پوزيشن يا مومينٽم معلوم ڪرڻ جي لاءِ اسان کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ فوٽان ضرور گھربل هوندو ۽ ان فوٽان جي ڪجھ نہ ڪجھ فريڪوئنسي، ڪثرت ضرور هوندي. جيڪڏهن اسان هن جسم جو مومينٽم بهتر طور تي معلوم ڪرڻ چاهيو ٿا تہ هن فوٽان جي توانائي گهٽ ۾ گهٽ رکڻي پوندي. پر گهٽ توانائي جي فوٽان جي فريڪوئنسي، ڪثرت گهٽ هوندي يعني ان جي لنگتھ، لمبائي وڌيڪ هوندي. هن وڌيڪ ويوو لنگتھ، لهر جي لمبائي جي وجھ سان اسان هن جسم جي پوزيشن وڌيڪ ايڪوريسي، صحيح سان نٿي معلوم ڪري سگهجي. هي ائين ئي ٿيندو جيئن اسان هڪ گز سان هڪ ڪيڙيِ جي ڊيگھ ماپڻ جي ڪوشش ڪريون. جيڪڏهن اسان هن جسم جي پوزيشن ايڪوريسي، صحيح سان ماپڻ چاهيو ٿا تہ اسان کي هن فوٽان جي وويو لنگتھ، لهر جي لمبائي کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻو پوندو. انهي صورت ۾ ان جي عڪس Reflection سان اسان جسم جي پوزيشن جي بهتر پيمائش ڪري سگهنداسين. پر انهي صورت ۾ فوٽان جي فريڪوئنسي، ڪثرت وڌي ويندي (فريڪوئنسي ، ڪثرت هميشہ وويو لنگتھ لهر جي لمبائي جا Reflect عڪس وجهڻ رتب ۾ هوندي آهي يعني وويو لنگتھ لهر جي لمبائي جيتري گهٽ هوندي فوٽان جي فريڪوئنسي، ڪثرت ايتري وڌيڪ هوندي) هن جي مومينٽم ۾ اضافو ٿي ويو آهي (فوٽان جي توانائي ۽ ان جو مومينٽم هن فريڪوئنسي، ڪثرت جي مناسبت هوندو آهي)  جيتوڻيڪ هاڻ اسان هن جسم تي هن فوٽان کي عڪس ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين تہ هن عمل ۾ هن جسم کي تمام وڌيڪ توانائي سان ڏيکارينداسين تہ ان جو نتيجو اهيو ٿيندو تہ هن جسم جو مومينٽم تبديل ٿي ويندو. ائين جيڪڏهن هن جسم جي پوزيشن جي پيمائش ايڪوريسي، صحيح سان ڪرڻ چاهيو ٿا تہ هن جو مومينٽم ايڪوريسي، صحيح سان نٿا ماپي سگهون ۽ جيڪڏهن هن جو مومينٽم ايڪوريسي، صحيح سان ماپڻ چاهيو ٿا تہ هن جي پوزيشن ايڪوريسي، صحيح سان دريافت نٿا ڪري سگهون. ۽ هيئن روشني جي (Quantization امڪانن جي تسلسل ) جي وجھ سان غير يقينيت جو اصول قائم رهندو آهي.
هاڻ اسان هن مسئلي جي روشني جي لهرن جي بجاءِ ثقلي لهرن يعني (Gravitional Waves) سان حل ڪرڻ جي ڪوششن ڪريون ٿا. ثقلي لهرن جي هڪ مخصوص وويو لنگتھ لهر جي لمبائي هوندي آهي ۽ ان ۾ هڪ مخصوص توانائي هوندي آهي. جيڪڏهن ڪشش ثقل ڪوانٽايرزڊ بند نہ هجن تہ ان جو مطلب هي هوندو تہ اسان ڪشش ثقل جي لهرن جي توانائي زيرو جي گھڻو ويجهو وٺي وڃي سگهجن ٿيون ۽ هنن جي فريڪوئنسي، ڪثرت گهڻي حد وڌيڪ ڪري سگهون ٿا. انهي طرح اصولن ثقلي لهرن سان ڪنهن جسم جي پوزيشن ۽ هن جي مومينٽم جي پيمائش انھي وقت گهڻي ايڪوريسي، صحيح سان ڪري سگهنداسين ۽ هيئن غير يقينيت جو اصول ٽُٽي ويندو. جيڪڏهن اسان يقين سان چئي سگهون ٿا تہ غير يقينيت جو اصول ڪائنات جو هڪ بنيادي اصول آهي (۽ تمام ماهرن طبيعات هن ڳالھ تي متفق آهن تہ غير يقينيت جو اصول ڪائنات جو هڪ بنيادي اصول آهي جيڪو هر جڳھ هر سچويشن ۾ لاڳو ٿيندو آهي) تہ پوءِ هي ڳالھ يقيني آهي تہ ثقلي لهرن کي بہ ڪوانٽائزڊ هجڻ کپي. هي انهي صورت ۾ ممڪن ٿيندو جيڪڏهن ڪشش ثقل پاڻ ڪوانٽائزڊ آهي ۽ ان جو ڪو ڪوانٽم ذرو موجود آهي. جيتوڻيڪ منطق جي روعي سان اسان هي چئي سگهون ٿا تہ جيڪڏهن فزڪس (Self-consistent) آهي تہ لازمن ڪشش ثقل جو ڪوانٽم بہ موجود آهي جنهن کي سائنسدانن گريويٽان جو نالو ڏنو آهي. جتوڻيڪ اڃان تائين گريويٽان کي دريافت نٿو ڪري سگهجي پر جيڪڏهن گريويٽان کي ڊيٽيڪٽ، سڃاڻپ ڪرڻ ممڪن ٿي وڃي تہ شايد هن سان فزڪس جو تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيندو. 

نوٽ:
 هي دليل فزڪس جا اهي ماهرن استعمال ڪندا آهن جنهن جي مطابق سٽرنگ ٿيوري فزڪس جي مڪمل وضاحت فراهم ڪري سگهي ٿي. الهائي ماڻهو جيڪي اسٽرنگ ٿيوري کي فزڪس جو حصو نٿا سمجهن انهن جي دعويٰ آهي تہ ڪشش ثقل بنيادي طور تي ڪوانٽائزڊ بند نہ آهي!!

فلو

   Flu فلو 
   امتياز علي

انفلوئنزا الطالوي زبان جو لفظ آهي. ان جو مطلب (انفليوئينس) آهي. هي هڪ قديم نالو آهي. ۽ وچولي عمر جا طبيب هي سمجهندا هئا ته ان جي وجھ ستارن جو اثر آهي. وري ڪجھ عرصي کانپوءِ هن جي زبردست لهر ايندي رهندي هئي. هي اها بيماري آهي جنهن جي هڪ ڇڪتاڻ 1918ع پنج ڪروڙ ماڻهن ماريا هئا. جڏهن هي اهڙي وبائي شڪل اختيار نٿو به ڪري ته تڏهن به خطرناڪ آهي. هر سال اڍائي کان پنج لک ماڻهون ان جي وجھ جي ڪري زندگي وڃائي ڇڏيندا آهن. اڄ سائنسدان اهو ڄاڻين ٿا ته هن جو واسطو ستارن سان ناهي بلڪي وائرس سان آهي. صرف ڏھ جين رکڻ وارا وائرس جيڪي بيمار ماڻهن جي کنگھ، نڇ ۽ وهندڙ نڪ جي ذريعي ڦهلجندو آهي. هڪ ڀيرو هي نڪ يا ڳلي تائين پهچي وڃي ته پوءِ ساھ جي نالي جي ڀَت ۾ تباهي مچائي ڇڏيندو آهي. هتي هي بلغم ۽ لائنگ کي تباھ ڪري ڇڏيندو آهي جيئن ڪير ڏانٽي سان فصل ڪٽي ڇڏي.

صحتمند ماڻهن ۾ مدافعتي نظام ڪجھ ڏينهن ۾ هن تي جوابي ڪاروائي ڪري صفايو ڪري ڇڏيندو آهي. فلو ۾ سور، بخار ۽ ٿڪاوٽ ٿيندي آهي. هڪ هفتي ۾ ٺيڪ ٿي ويندو آهي. پر ان جو شڪار ماڻهن ۾ هڪ وڌيڪ لاڳاپو انهن جو هوندو آهي جتي خطرناڪ انفيڪشن ٿي ويندي آهي. خلين جي هي ٻاهرين تھ جنهن کي فلو جو وائرس نقصان پهچائيندو آهي، گهڻئي نقصان پهچائيندڙ پيٿوجن جي خلاف رڪاورٽ بڻجندي آهي. 

پيٿوجن ( نقصان پهچائيندڙ جراثيم) بلغم ۾ ڦاسي پوندا آهن ۽ دفاعي نظام جا خليا انهن جو صفايو ڪري ڇڏيندا آهن. جڏهن هي ٻاهرين تھ فلو جو وائرس ڪٽي ڇڏيندو آهي ته پيٿوجن کي موقعو ملي سگهي ٿو ته هو خطرناڪ انفيڪشن ڪري سگهن جيڪي خطرناڪ بہ ثابت ٿي سگهي ٿي. تقريبن ، هڪ هزار مريضن مان هڪ ۾. 
انفلوئنزا اهڙو وائرس آهي جيڪو ماضي ۾ الهائي ماڻهن جي لاءِ موت جو سبب بڻيو آهي. ۽ هر سال پنهنجا شڪار ڪندو آهي پر حيرت انگيز طور تي هي ڳجهو آهي. موسمي فلو عام طور تي انهن جي لاءِ خطرناڪ آهي جنهن جو مدافعتي نظام هن وائرس کي قابو نٿو ڪري سگهي. خاص طور ننڍن ٻارن ۽ پوڙهن ماڻهن تي. پر 1918ع جي وبا جهڙن واقعين ۾ هي خاص طور تي مضبوط مدافعتي نظام وارن جي لاءِ بہ خطرناڪ ثابت ٿيو.

پنهنجي تمام ڳجهائي جي باوجود بہ هي واضع آهي ته هي آيو ڪٿان آهي؟ انسان کي ٿيڻ وارين سڀني ڇڪتاڻ کي پکين ۾ ڳولهيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ٻيا به الهائي آهن  جيڪي انسانن کي ناهن ٿيندا. الهائي پکين ۾ اهو وائرس موجود رهندو آهي. پر بيمار نٿو ڪري. هي انهن جي ساھ جي نالي ۾ ناهي، بلڪي آنڊن ۾ هوندو آهي. پاڪخاني جي ذريعي نيڪال ٿيندو آهي. اهڙو پاڻي پيئڻ سان ٻين پکين ۾ پهچندو آهي.
پکين جي فلو جي ڪجھ ڇڪتاڻ جنس جي رڪاوٽ پار ڪري انساني وائرس ٺهي ويا. الهائي ناڪام جمپ رهيا هوندا. ڇو ته پکين ۾ انهن جو قدرتي گهر آهي ۽ هي انهن انسانن ۾ ڦهلجڻ مشڪل بڻجندو آهي. 2005ع ۾ هڪ ڇڪتاڻ (ايڇ 5 اين 1) ڦهليو جيڪو عام فلو کان ڪجھ وڌيڪ خطرناڪ هو. برڊ فلو انسان مان انسان ۾ وڃي نه پئي ٿي سگهيو، صرف پکين مان انسان ۾ ٿيندو هو.
 

فلو جو وائرس پنهنجي جينز جي ڪاپي ٺاهڻ ۾ سست آهي ۽ غلطين جو انگ وڌيڪ آهي. انهي وجھ جي ڪري ميوٽيٽ، ڦير هئڻ جي رفتار وڌيڪ آهي. هي ميوٽيشن، ڦير گهير هن وائرس جي لاءِ فائديمند آهن. ۽ ميوٽيشن ڦير گهير هي جلد انسانن کان متاثر ٿي سگهي ٿو. ڪجھ ميوٽيشن، ڦير گهير ان جي شڪل تبديل ڪنديون آهن، جنهن جي ڪري هي انسانن کي چڱي طرح جهلي سگهي ٿو. ڪجھ ان کي انساني جسم جي گرمي پد ۾ رهڻ جي قابل ٺاهينديون آهن جيڪو پکين جي مقابلي ۾ گهڻئي ڊگري گهٽ آهي. 
پکين ۾ هي آنڊي سان پاڻي سان آنڊي ۾ پهچائيندو آهي. انسانن ۾ هي ساھ جي نالي، قطري ۽  پوءِ ساھ جي نالي ۾. سياري ۾ هي جلدي ڦهلجندو آهي، خاص طور تي جڏهن نمي گهٽ هجي. خيال هي آهي ته موسم ۾ وائرس سان ڀريل قطرا ڪلاڪن تائين فضا ۾ رهندا آهن جنهن جي ڪري ان جي پھچ آسان ٿي ويندي آهي نمي واري موسم ۾ هي جلدي ڪري پوندا آهن. 

گهڻئي دفعا فلو هڪ قطري تي سوراي ڪري نئين ميزبان کي انفيڪٽ، متاثر ڪندو آهي جنهن کي پهريان ئي هڪ ٻئي طرح جا وائرس انفيڪٽ، متاثر ڪيل هوندو آهي. جڏهن هي ٻئي خليي ۾ ملي وڃن ته گڙبڙ ٿي ويندي آهي. جڏهن ميزبان خليا انهن ٻنهي جي ڪاپي ٺاهڻ جي حڪم کي پورو ڪندو آهي ته جيئن پاڻ ۾ ملي ويندا آهن. هي ائين آهي جيئن وائرس جنسي عمل ڪري رهيو هجي. ٻنهي “والدين” جا جين جو ميلاپ ٿي ويندو آهي ۽ نيا ميل ٺهندا آهن. 
فلو جي تاريخ ۾ اهڙن واقعن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وائرس پنهنجي جينز جو مٽا سٽا ڪندا آهن. ڪجھ وڌيڪ ئي گهٽ موقعن ۾ وائرس انساني فلو ۽ پکين جي فلو جي وائرس جو ميلاپ ٿي چڪو آهي. هي هڪ تباھ ڪندڙ واقعيو آهي. ڇو ته هي نئون سٽرين، ڇڪتاڻ آساني سان هڪ شخص کان ٻئي شخص ۾ وڃي سگهي ٿو ۽ ڪنهن به انسان وٽ ان جو دفاع ناهي ٿيندو.

هر سال پکين ۾ فلو وائرس تبديل ٿيندا رهندا آهن. هي انهن کي تباھ ٿيڻ ۽ ختم ٿي وڃڻ سان بچائيندو آهي. صرف انسان ئي نه،، گهوڙا، ڪتا ۽ ٻيا مماليا به پکين کان هي وائرس وٺي چڪا آهن. هڪ وبا سوئر مان 2009ع ۾ ڦهلي هئي. ميڪسيڪو کان شروع ٿيڻ وارو سوائن فلو ۾ بدڪ، سوئر ۽ انسان جي فلو جي وائرس جو ميلاپ هو. 
فلو جي وائرس کي ڦهلڻ کان بچڻ جو سڀ کان سٺو طريقو هٿن جي صفائي آهي. سائنسندان ان جي ويڪسين ٺاهڻ جا بهترين طريقا ڳولهي رهيا آهن. جيڪي اها پيشنگوئي ڪن اچڻ واري سيزن ۾ ڪهڙو فلو وائرس خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. هاڻ اسان فلو تي قابو حاصل ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ناهيون ٿيا پر انهي جي ڪري اسان ستارن جي طرف نٿا ڏسون.

زڪام

زڪام

       ”امتياز علي“

ساڍا ٽي هزار سال پهريان هڪ مصري اسڪالر ويٺي ويٺي هڪ ميڊيڪل مضمون لکيو جيڪا تاريخ ۾ ڄاڻ ميڊيڪل جي سڀ کان  سائنس جي سڀ کان پراڻي لکيت آهي. ايبرس پيپائرس ۾ بيان ڪرڻ واري هڪ بيماري “رشح” آهي. هن جي علامتن ۾ کنگھ ۽ وهندڙ نڪ آهن. مصري طبيب 1550ع کان اڳ قبل مسيح ۾ لکي ان ليک ۾ زڪام کي بيان ڪري رهيا هيا، ڪجھ وائرس نيا آهن. ڪجھ گھڻا ننڍڙا جيڪي گهٽ نظر ايندا آهن پر انساني رائنو وائرس زڪام جي وڏي وجھ آهي ۽ دمي جي پڻ. قديم آبادين کان انسان شهرن جا ساٿي آهن. تقريبن هڪ ماڻهون پنهنجي عمر جو هڪ سال هن وائرس جي وجھ سان بيماري جي حالت ۾ گذاريندو آهي، يعني انسان کي بيمار ڪرڻ وارو ڪامياب وائرس سڏبو آهي. 

يوناني طبيب بقراط جو چوڻ هو تہ زڪام هيومر جي گھٽ توازن جو نتيجو آهي. ان کان ٻہ هزار سال کانپوءِ 1920ع ۾ “ليونارڊ هل” لکيو ته زڪام صبح ٿڌ ۾ ٻاهر وڃڻ جي ڪري ٿيندو آهي. گرم جڳھ کان ٿڌ واري جڳھ ڏانهن وڃڻ جي ڪري ٿيندو آهي. هن جي اصل وجھ تائين پهچڻ جو پهريون پيرو جرمن مائيڪرو بائيولوجسٽ والٽر ڪروز کي مليو.
زڪام جي حالت ۾ وهندڙ نڪ مان حاصل ڪرڻ واري پاڻياٺ کي فلٽر سان ڇاڻي ڪجھ قطرا پنهنجي ٻارنهن ساٿين جي نڪ ۾ وڌا. انهن مان چار ڄڻن کي زڪام ٿي ويو. اڳيون تجربو ڇٽيھ شاگردن تي ڪيو. انهن مان پندرهن بيمار ٿي ويا. ان گروپ جو ڀيٽ پنجٽيھ شاگردن کان ڪيو انهن سان ائين نہ ڪيو ويو هو. ان گروپ ۾ ان عرصي ۾ صرف هڪ فرد بيمار ٿيو هو. 

ڪروز جي تجربن سان هي واضح ٿي ويو تہ ڪو ننڍو پيٿوجن هن بيماري جو ذميوار آهي. پهريون خيال هو تہ ڪو بيڪٽيريا ٿي سگهي ٿو پر الفونسا ڊيشو 1927ع ۾ تجربي سان ان کي غلط ثابت ڪري ڇڏيو. ان جي لاءِ اهو تجربو ايسي فلٽر مان آرپار ڪري ڪيو ويو جيڪو بيڪٽيريا کي ڇاڻي وٺي. 

سائنسدانن کي اهيو سُڃاڻڻ ۾ ٽيھ سال ٻيا لڳا تہ ڪهڙا وائرس ان جا ذميوار آهن. هي انساني زائنو وائرس هئا. (زائنو جو مطلب نڪ آهي) گھڻو ئي ساڌو، ان ۾ صرف ڏھ جينز هيون، (اسان ۾ هي ويھ هزار آهن). ۽ هي جينياتي انفارميشن ڪافي هئي تہ هي اسان جي جسم تي حملا ڪندڙ ٿي سگهن ۽ اسان جي دفائي نظام کي مات ڏيئي ڪري اسان کي بيمار ڪري سگهن.

هن جي ڦهلجن جو طريقو هي هو تہ هن جي ميزبان جو نڪ وهڻ لڳندو آهي. ماڻھون وري نڪ صاف ڪندا آهن. وائرس هٿ تي رهجي ويندو آهي. ان سان دروازا کوليندا آهيون يا ٻين سطحن کي ڇُهندا آهيون. هي انهن سطحن کي هٿ لڳائڻ وارن سان چنبڙي ويندو آهي ۽ اتان کان نيئن ميزبان جي جسم ۾ داخل ٿي ويندو آهي. (عام طور تي نڪ جي رستن). هي نڪ، ڳلي ۽ ڦڦڙن جي اندروني خلين تي حملا  ڪندا آهن. اتي هڪ چور دروازو کولي ڇڏيندو آهي ۽ ڪجھ ئي ڪلاڪن ۾ ان جي قابل ٿي ويندا آهن تہ ميزبان خليا ان وائرس جي ڪاپي ٺاهڻ شروع ڪندا آهن، پوءِ ميزبان خليا ان وائرس جي ڪاپي بنائڻ لڳندا آهن، ۽ پوءِ ميزبان خليو ڦاٽي پوندو آهي، ۽ اُهي نيا وائرس ڀڄي ڪري ٻين خلين ۾ داخل ٿي ويندا آهن.

رائنو وائرس الهائي خلين کي متاثر ناهن ڪندا. انهي ڪري وڌيڪ نقصان ناهن پهچائيندا. پر هي اسان کي ايتري قدر سُست ڇو ڪري ڇڏيندا آهن؟ ان جي وجھ اسان پاڻ آهيون. متاثر خليا پيغام موڪليندڙ ماليڪيول نيڪال ڪندا آهن جنن کي سائيٽوڪائن چيو ويندو آهي۔ هي دفاعي نظام جي لاءِ سڏ هوندي آهي. هي دفاعي خليا اسان کي ڪمزور ڪري ڇڏيندا آهن. ڳلي ۾ سوڄ پيدا ڪندا آهن. هن سان ڳلي ۾ ٿيڻ واري خارش ۽ انفيڪشن جي ويجهو الهائي بلغم پيدا ٿيندو آهي. انهي بيماري کان آجو ٿيڻ جي لاءِ اسان کي نہ صرف وائرس ختم ٿيڻ جو انتظار ڪرڻو هوندو آهي بلڪي مدافعتي نظام واپس پرسڪون ٿيڻ جو بہ. 

مصري طبيب ريش جو علاج هي ٻڌايو هو تہ ماکيءَ، جڙي ٻوٽين ۽ گوند کي ملائي ڪري نڪ جي ويجهو لڳايو وڃي. سترهين صدي ۾ برطانوي ڊاڪٽر بارود بيضا، ڳئون جا تريل ڇيڻا ۽ رڍ جي گڙدي جي چرٻي سان ان جو علاج ڏسيو هو. ويهين صدي ۾ ليونارڊ هل ڏسيو تہ صبح اٿي ڪري ٿڌي پاڻي جو ڦوهارو ورتو وڃي. ايڪويهين صدي ۾ ان جو ڪهڙو علاج آهي؟

هن جي لاءِ ڪا بہ ويڪسين ناهي. ڪا بہ دوا ناهي جنهن جو ڪو بہ قابلِ ذڪر اثر ناهي. ڪجھ علاج بيماري کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيندا آهن. والدين اڪثر زڪام جو شڪار ٻارن کي کنگھ جو شربت پياريندا آهن.  هن سان ڪو بہ جلدي صحتياب ناهي ٿيندو. کنگھ جو شربت ڪڏهن ڪڏهن ڳنڀير سائيڊ افڪيٽ جو سبب ٿي سگهي ٿو. جسم مفلوج ٿيڻ دل جي ڌڙڪن ۾ اچانڪ اضافو ۽ موٽ 2008ع ۾ (ايف ڊي اي) وارننگ ڏني تہ ٻن سالن جي گهٽ عمر جي ٻارن کي کنگھ جو شربت بلڪل بہ نہ ڏيڻ کپي. 

هڪ ٻيو  مشهور طريقو اينٽي بائيٽڪ جو آهي. 
هئن تہ هي وائرس جي اڳيان آهي. ۽ هي ڳالھ بہ عام آهي تہ ڊاڪٽر اينٽي بائيٽڪ ٻڌائي ڪري ڏيئي ڇڏيندا آهن ڇو تہ اهو پتو ناهي هوندو تہ بيڪٽيريل انفڪيشن آهي يا زڪام اهيو ائين بہ ڪيو ويندو آهي پريشان مريض جي طرفان ”ڪجھ ڪرڻ“ جو پريشر هوندو آهي. (بغير دوا جي واپس موڪلي ڇڏڻ مريض کي قابل قبول ناهي هوندو). غير ضروري اينٽي بائيٽڪ جو استعمال اجتماعي طور تي خطرناڪ آهي ڇو ته ڊرگ جي خلاف مزاحمت رکڻ وارا بيڪٽيريائن جي ارتقا تيز رفتار ڪري رهي آهي. ائين ڪرڻ سان ڊاڪٽر نہ صرف پنهنجي مريضن جو علاج نہ ڪندا آهن بلڪي سڀني جي لاءِ خطرو وڌاءِ ڇڏيندا آهن. 

زڪام ناقابلِ علاج انهي ڪري رهيو آهي تہ اسان ان جو صحيح اندازو ناهي لڳايو. هاڻ جيڪڏهن سائنسدانن کي ان جي جينياتي فرق جو احساس رهيو آهي. ان جي وائرس جون درجن قسمون آهن ايڪويهين صدي جي شروعات تائين هن جي ٻن خاندانن جو علم هو. 2006ع ۾ HRV-A ۽ HRV-B کانپوءِ HRV-C بہ ملي ويو. هي ٽيون خاندان سڄي دنيا ۾ عام آهي ۽ ان جي جينز ۾ وڏو فرق آهي. هي آگاھ ڪري ٿو تہ هي گهڻو جلد دنيا ۾ ڦهليو آهي. هن خاندان جي قسم جو عام قسم شايد ڪجھ صديون پراڻو هجي. 

سڀني انساني رائنو وائرس ۾ ڪجھ ڪور جين عام آهن. جڏهن تہ ڪجھ حصا جلد ارتقا ڪندا آهن. هي هن وائرس کي اسان جي دفاعي نظام کان بچائڻ ۾ مدد ڪندا آهن. جڏهن اسان جو جسم ڪنهن هڪ ڇڪتاڻ جي خلاف اينٽي باڊي ان جي جسم سان ناهي چنبڙندي. هر سال نئين قسمن جا رائنو وائرس ڪم ڪندا رهندا آهن، هي اها وجھ آهي جو انکي ختم ڪرڻ گهڻو مشڪل آهي، هڪ ڊرگ يا ويڪسن جو ڪنھن ھڪ ڇڪتاڻ جي خلاف مددگار هجي، ٻيا پروٽين ڍانچي جي خلاف بي ڪار هوندي آهي، ارتقا جو هٿيار انھن کي مزحمت ڏيندو آهي.

ڪجھ سائنسدان اميد رکيل آهن تہ هو زڪام جو علاج ٺاهي ويندا. ان جي وجھ وائرس جا ڪور جين آهن. هي جين ڦير گهير برداشت نٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن سائنسدان اهڙو طريقو دريافت ڪري وٺن تہ جيڪي هن جي ڪور اندروني حصي تي حملو ڪندا آهن هي بيماري ختم ڪري سگهجي ٿي. هن ۾ هڪ ممڪن ٽارگيٽ جيڪو شاخي پتي جي شڪل جي لوڀ وارو  ڍانچو آهي. هي هن وائرس جي ڪاپي جي رفتار ڪنٽرول ڪندو آهي. جيڪڏهن هن پتي کي ڪمزور ڪري ڇڏجي تہ عين ممڪن آهي تہ سڄي دنيا مان هر قسم جو زڪام ختم ڪري سگهبو. 

پر ڇا ائين ڪرڻ گهرجي؟
انساني رائنو وائرس خرابي صحت جا ذميوار آهن. نہ صرف زڪام جو سبب بڻجندا آهن بلڪي نقصان پهچائيندڙ پيٿوجن جي اچڻ لاءِ رستو هموار ڪندا آهن. پر هي پاڻ ايترا وڌيڪ خطرناڪ ناهن. عام طور تي زڪام،  سواءِ مداخلت جي ڪجھ ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندو آهي. ان سان انفڪيٽ ٿيڻ وارن چاليھ سيڪڙو ماڻهن ۾ انهي جون ڪي بہ علامتون ظاهر ناهن ٿينديون. ۽ شايد هي پنهنجي ميزبانن جي لاءِ ڪجھ لحاظ سان فائديمند پڻ آهي. 

سائنسدان هاڻي تائين ان شيءِ جا ڪيترائي ئي ثبوت حاصل ڪري چڪا آهن تہ اهڙا ٻار جيڪي غير معياري وائرس ۽ بيڪٽيريا جو ننڍپڻ ۾ گھڻو شڪار  ٿيا هجن، اهي وڏا ٿي ڪري الرجي يا ڪروهن بيماري وغيره جو شڪار ناهن ٿيندا. رائنو وائرس اسان جي مدافعتي نظام جي ترتيب ڪندا آهن تہ معمولي شين تي گهڻو ري ايڪشن نہ ڪن. پنهنجي ڪاوڙ اصل خطرن تي لاهي ڪري شايد اسان زڪام کي قديم دشمن جي بجاءِ هڪ هوشيار وڏي ڄمار جي استاد جي ڀيٽ ڏسڻ کپي…!!

وائرس جا وائرس - وائروفيج

وائرس جا وائرس - وائروفيج 
ترجمو : دريا خان
 
ڇا وائرس بيمار ٿي سگھن ٿا؟
جي،
ڪيئن؟
وائرل انفيڪشن سان،
ڪجھ وائرس اهڙا آهن جن جي زندگيءَ جو گذارو ٻين وائرس تي آهي، هي وائروفيج آهن، ارتقا جو مسلسل عمل بي چين آهي، بي قرار آهي ڪنڍن جي کوجنا اسانجي حيران ڪري ڇڏيندي آهي، 2008ع ۾ ملڻ وارو پهريون وائروفيج سپوٽنگ جي دريافت بہ اهڙي ئي هئي، انھن کي فرنچ محققن پيرس جي پاڻي جي ٽاور مان ڳولهيو، هي گهڻا ئي ننڍا وائرس اڪيلا ناهين ملندا، هي وڏي وائرس سان گڏ ملندا آهن، انھن وڏن وائرس سان گڏ جنھن کي هي انفيڪٽ ڪري چڪا هوندا آهن. 
بيمار ٿي وڃڻ وارا وڏا وائرس، جهڙوڪ ميمي وائرس يا پينڊورا وائرس پاڻ 2003ع ۾ دريافت ٿيا، انڪري وائرولوجي جي سائنس ۾ هي وڏا وائرس ۽ انن کي بيمار ڪرڻ وارا وائروفيج، هي سڀ پاڻ هڪ نيو فيلڊ آهي، 
وڏا وائرس هڪ گهرڙي جاندار اميبا کي بيمار ڪندي مليا هيا، ۽ سڄي دنيا ۾ ملي چڪا آهن، هاڻي اسانکي علم ناهي تہ ھي انسانن کي بيمار ڪندا آهن يا نہ، هي انسانن جي اندر بہ مليا آهن ۽ نمونيا جو شڪار ماڻهن ۾ بہ پر اڃان اسانکي اهو علم ناهي تہ بيمار ڪرڻ ڇڏڻ ۾ انھن جو بہ ڪو هٿ هو، يا هي خالي اتئي پنھنجي ڪم سان ڪم رکيون ويٺا هيا. 
هي گنڍيل وائرس گھڻا ئي وڏا آهن، وائرس جي دنيا جي حساب سان، پنھنجي سائز ۽ جينياتي پيچيدگي جي حساب کان هي بيڪٽيريا جي ويجھو آهن، ميمي وائرس پنج سو کان اٺ سو نينو ميٽر ويڪرا آهن، ۽ جينوم جا ٻارهن ميلن ويھ پيئير جوڙا رکندو آهي، پنڊورا وائرس انکان بہ وڏا آهن، سپوٽنگ وائرو فيج پنھنجو نشانو انھن ميمي وائرس کي بڻائي وٺندو آهي، انجو پنھنجو سائز خالي 50 نينوميٽر جي ويجھو آهي ۽ جينوم جي خالي ارڙهن ھزار ويھ پيئير جوڙا موجود آهن، بيڪٽيريا کي بيمار ڪرڻ وارو ليمڊا وائرس بہ ايترو ئي سائز رکندو آهي، جڏهن تہ فلو وائرس جو جينوم انکان بہ ساڌو آهي. 
جيڪا شيءِ عجيب آهي، اها هي تہ جيتوڻيڪ هي وڏا وائرس وڏا آهن پر ڪنھن حملو ڪندڙ جي لاءِ ميزبان ٿي سگهن ٿا؟ ايئن لڳندو نہ هو، وائرس ڊي اين اي ۽ پروٽين مان بڻبا آهن پر انھن وٽ ترجمو ڪرڻ وارا اوزار ناهين جنھن سان هي پروٽين بڻجي سگهن، ان وجھ سان وائرس کي پڙهڻ جي لاءِ ڪو ميزبان گهربل آهي، وائرس ميزبان خلي ۾ گهري ويندا آهن، ۽ انھن جي سامان تي قبضو ڪري وائرس بڻائڻ جون ننڍڙيون فيڪٽريون بڻائي ڇڏيندا آهن، ميزبان خلي کانسواءِ وائرس پنھنجي تعداد نٿو وڌائي سگهي، پر وائروفيج جي معاملي ۾ انجو ميزبان پاڻ هي هڪ وائرس آهي، ميمي وائرس پاڻ پنھنجي ڊي اين اي ۽ پروٽين کي ڪاپي نٿا ڪري سگهن، انکي پاڻ اميبا کي بيمار ڪرڻو پوندو آهي تہ جيئن نقل ڪري سگهن، تہ پوءِ هي مھمان نوازي ڪيئن ڪري سگھن ٿا؟ اتي وائروفيج جي هڪ چالاڪي ڪم ايندي آهي، 
جڏهن ميمي وائرس اميبا کي انفيڪٽ ڪري رهيو هوندو آهي، ان وقت هر وائروفيج ميمي وائرس کي، جنھن وقت ميمي وائرس اميبا جي نظام کي قابو ۾ ڪري وائرس فيڪٽريون لڳائيندو آهي، هي وائرس ان سسٽم ۾ کاٽ لڳائي ڪري انھن فيڪٽرين کي” هائي جيڪ “ ڪري وٺندو آهي، وائرس پاڻ اميبا جا نہ بلڪ ان وڏي وائرس جي چاپلوس آهن، وائرس ۾ جيڪا بنيادي شيءَ ناهي هوندي اهو رائبوزوم آهي، سائنسدان ان رائبوزوم جي مدد سان جاندارن جي پاڻ ۾ رشتي دارن جي باري ۾ ڄاڻيندا آهن، وائرس ان پيراڊائم ۾ فٽ ناهين هوندا، تاريخي طور تي وائرس جي زندگي جي وڻ ۾ شمار ناهي ڪيو ويو، شايد هي اسانجي” خليا پرستي “ هجي جيڪڏهن وائرس جي رايبوزوم ناهين تہ خلياتي زندگي وٽ ڪيپسڊ ناهين جيڪي انھن جي ٻاهرين تھ بڻائيندا آهن
گڏيل وائرس ان بحث کي وڌيڪ ڳجهو ڪري رهيا آهن، انھن وٽ وڏو جينوم بہ آهي ۽ پيچيدگي بہ، ۽ انکان سواءِ پروٽين بڻائڻ واري مشينري جو ڪجھ حصو بہ جيڪو اسانجو خيال هو تہ صرف خلياتي زندگي جي خاصيت آهي،
وائروفيج جو ڊي اين اي پنهنجي ميزبان وائرس سان گڏ ائين بہ ملي ويندو آهي، جيئن وائرل ڊي اين اي پنھنجي ميزبان خلي سان گڏ، تہ جيڪڏهن انھن کي” شڪار “ ڪري سگھجي ٿو ۽ خلياتي زندگي جي طرح انھن کي بيمار ڪري سگھجي ٿو، هي وائرس جي زندھ هجڻ جي حق ۾ هڪ دليل استعمال ٿي سگھجي ٿي، 
اڃان تائين اسان صرف ارڙهن وائروفيج دريافت ڪيا آهن، اينٽارڪٽيڪا جي شاخ ۾ بہ ۽ فرانس ۾ ڪنٽيڪٽ لينز محفوظ ڪرڻ واري تحليل ۾ بہ، انھن کي جينومڪ اڀياس جي مدد سان کوجيو ويو، انھن جي وڌيڪ تفصيل سان اسان اڃان واقف ناهيون، هي ڏسڻ ۾ ڪيئن لڳندا آهن ۽ ڪنهن کي متاثر ڪندا آهن، پر اسانکي لڳي ٿو تہ انھن جهڙا ڪيترائي ٻيا بہ آهن، وائروفيج بہ ۽ گڏيل وائرس بہ، ڇا وائرس زندگي جي قسم آهن يا نہ، ان سوال تي بائيو لوجسٽ اڃان جلدي متفق ٿيندي نظر نٿا اچن ڇوجو ارتقا قيمتي ڊٻن ۽ انھن تي لڳل ليبل جي صورت ۾ ناهي، وائرس جي وائرس تي حملو ڪندڙ دنيا ۾ اسانجي ڄاڻڻ لاءِ اڃان بہ ڪجھ باقي آهي، هڪ تسلي هي صحيح تہ اسان کي بيمار ڪرڻ ڇڏڻ وارا پاڻ بہ بيمار ٿي وڃڻ کان شايد محفوظ ناهين...

وائرس جي دريافت

وائرس جي دريافت
ترجمو : دريا خان

وائرس جو لفظ تضاد رکندو آهي، اهو رومن دور جو لفظ آهي، هتي انجو مطلب نانگ جو زهر بہ هو ۽ مرد جو مادي نطفو بہ، بگاڙ ۽ تخليق، هڪ ئي لفظ ۾ - اڳين صدين ۾ وائرس جي لفظ هڪ ٻئي معني ماڻي ورتي، هڪ آلودگي جو مواد جيڪو بيماري پکيڙي سگھي ٿو، اهو پاڻياٺ بہ ٿي سگھجي پئي، جيئن ڪنھن خراب زخم کان رستو مواد، هي هوا ۾ ڦرندڙ ڳجهو مواد بہ ٿي سگھجي پيو، اهو ڪنھن ورق تي بہ اثر وجهي پئي سگهيو، جيئن جو آڱر کي هٿ لاهي تہ بيماري پکيڙي ڇڏي، پنھنجو حاضر هاڻوڪي معني ان اڻويھ صدي جي آخر ۾ وٺن شروع ڪيو ۽ انجي وجھ هڪ زرعي تباهي هئي 

نيدرلينڊز ۾ 1879ع ۾ تمباڪو جي کيتيءَ ۾ هڪ بيماري ڦھلجي رهي هئي، جنھن سان ٻوٽن جي واڌ ويجھ بيهجي ويندي هئي، ان تي تحقيق ڪرڻ وارا نوجوان زرعي ڪيمسٽ ايڊولف مائير هيا، انھن اهو پتو لڳايو تہ بيمار ٻوٽن مان رس گڏ ڪري صحتمند ٻوٽن ۾ وڌو وڃي تہ ھي ٻوٽا بہ بيمار پئجي ويندا آهن جنھن جو مطلب هي تہ انجي وجھ انھن ٻوٽن جي اندر پيدا ٿيندڙ ڪا خوردبيني پيٿوجن هئي، پر ڪهڙي؟ مائير انکي دريافت نہ ڪري سگھيا 
هڪٻئي ڊچ سائنسدان مارٽينس بائيرنڪ جن ڪجھ سالن کانپوءِ ان تحقيق کي اتان کان اڳتي وڌايو، اهو ڇا هو؟ ڪجھ اهڙو جيڪو بيڪٽيريا کان گهڻو ننڍو هو؟ انھن بيمار ٻوٽن کي پيسا ۽ انکان حاصل ٿيندڙ پاڻياٺ هڪ گھڻي فائن ڇاڻي مان گذاريو جنھن سان ٻوٽن جا خليا ۽ بيڪٽيريا بہ ڇاڻجي پئي سگهجا، جيڪي صاف سنهڙي پٽڙي حاصل هوا انکي صحتمند ٻوٽن ۾ داخل ڪيو، ٻوٽا بيماري ٿي ويا
بائيرنڪ هاڻ نئين بيمار ٻوٽن کان انھي طرح جو جوس فلٽر ڪيو، هي بہ نئين ٻوٽن کي بيمار ڪري ڇڏيندو هو، جيڪو ڪجھ هو، ان رس ۾ هو، بيڪٽيريا جهڙوڪ گھڻو ننڍو هو، پنھنجي ڪاپي ڪري پئي سگھيو ۽ بيماري اڳتي پکيڙي پئي سگھيو. 

ان سنهڙي پٽڙي ۾ جيڪو ڪجھ بہ هو اهو ڪنھن بہ اهڙي شيء کان مختلف هو جنھن کي ان وقت جا بائيو لوجسٽ ڄاڻنيدا ها، نہ خالي گھڻو ننڍو بلڪ وڏي پڪي جسامت، الڪوحل جو اضافو ڪيو، ان جي انفيڪشن جي صلاحيت ۾ فرق نہ پيو، انکي گرم ڪيو، ڪجھ فرق نہ پيو، ان سان هڪ فلٽر پيپر کي آلو ڪيو، انکي سڪائي ڪري ٽن مھينن لاءِ رکيو ويو ۽ پوءِ پاڻي ۾ وڌو ويو، هي ڳارو بہ نئي ٻوٽن کي بيمار ڪري ڇڏيندو هو. 
هائيرنڪ ان ڳجھي ايجنٽ تي ”وائرس"  جو لفظ استعمال ڪيو، هي ان لفظ جو سڀ کان پهريون ڀيرو ڪيو ويندڙ استعمال هو، جيڪي انھن جي جديد معني ۾ هو، بائيرنڪ ٻڌايو هو تہ وائرس ڇا ” نہ “ آهي، هي جانور ناهي، ٻوٽو ناهي، فنگس ناهي، بيڪٽيريا ناهي، انکان اڳتي پوءِ اڻويھ صدي جي سائنس جي حد اچي چڪي هئي، انکان گهڻو پتو نہ پئي ڪري سگهجو

وائرس کي صحيح سمجھڻ جي لاءِ نئين اوزارن ۽ سٺن خيالن جو انتظار ڪيو وڃي رهيو هو، اليڪٽران مائيڪروسڪوپ سان سائسندانن کي ڏسڻ جو موقعو مليو اهو ڇا هو، گھڻا ئي ننڍا ذرڙا، انھن جي اڳيان بيڪٽيريا گهڻا وڏا آهن، موازنيِ جي لاءِ گڏ ڏنل تصوير 

انھن جي ننڍي سائز جي ڪارڻ، سائنسدانن انهن جي اندر ڏسڻ ۽ انھن جو آپريشن ڪرڻ جا طريقا ڳولهي لڌا آهن، هڪ انساني خليو ڪيترا ملين ماليڪيولز سان لاڳاپيل آهي، جيڪو ماحول کي محسوس ڪندا آهن، خوراڪ وٺندا آهن، وڌندا آهن، فيصلو ڪندا آهن تہ ڪڏهن ٻن مان الڳ ٿيڻو آهي يا ساٿي خلين جي ڀلائي جي خاطر خودڪشي ڪري وٺڻي آهي،  وائرولوجسٽ ڳولھا ڪري چڪا آهن تہ وائرس ان جي مقابلي ۾ گھڻا ساڌا آهن، پروٽين جي تھ ۾ موجود ٻيڻي ٽيڻي جينز تي لاڳاپيل آهن، انھن دريافت ڪيو هي ان سادگي ۽ محدود جينياتي حڪمن باوجود وائرس زندگي جي ٻين قسمن کي هائي جيڪ ڪري سگهن ٿا، اهوئي وائرس کي پنهنجي جينز ۽ پروٽين پنھنجي ساٿي ۾ انجيڪٽ اندر وجهڻ جي عمل کي ڪندي ڏسي سگھن پيا ۽ ان تي ڪنٽرول ماڻي ڪري انکان پنھنجون ڪاپيون ٺهرائيندا هيا، هڪ وائرس هڪ خليي جي اندر داخل ٿي ڪري اڳين ڏينھن هزار ڪاپيون ٺهرائي ڪري نڪري سگھي پيو
وائرولوجسٽ 1950ع جي ڏهاڪي تائين هي بنيادي سچائي پتو ڪري چڪا هئا پر وائرولوجي ۾ اڳتي وڃڻ جي لاءِ گھڻو ڪجھ هو، وائرو لوجسٽ اهو نہ ڄاڻيندا هئا تہ پاپيلوما وائرس ڪيئن سيهڙ جا سنڱ ڪڍرائيندو هو، ۽ لکين عورتون کي هر سال سروڪس ڪينسر ۾ جڪڙائي ڇڏيندو آهي، انھن کي اهو پتو نہ هو تہ ھي پنھنجي ساٿي جي دفاعي نظام سان ڪيئن بچندا آهن، ڪنھن بہ ٻئي شيء کان وڌيڪ تيز رفتاري سان ارتقاء ڇو ڪندا آهن ان وقت اڃان انھن کي اهو پتو نہ هو تہ هڪ وائرس ان وقت چمپيزي کان انسانن ۾ ٽپو ڏئي چڪو هو، ڦهلجي رهيو آهي، ۽ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ انسانيت جي وڏن قاتلن ۾ ليکيو ويندو، انھن جي وهم ۽ دماغ ۾ بہ نہ هو تہ زمين تي وائرس جي قسم ۽ تعداد گهڻي ڀاڱي وڌيڪ آهي، ۽ هي تہ زندگي جي جينياتي قسم سڀ کان وڌيڪ وائرس ۾ آهي، هي بہ پتو نہ ھو تہ ھي سياري جي پد حرارت جو ٿرموسٽيٽ جو ڪم ڪندا آهن، زمين ۾ بڻجڻ واري آڪسيجن جي وڏي حصي جا ذميوار آهن، اسانجو ساھ کڻڻ انھن جي ضمي آهي، ۽ اهو تہ بلڪل بہ پتو نہ هو تہ انساني جينوم کي پنھنجو هڪ قابل ذڪر حصو انھن هزارين وائرس تي لاڳاپيل آهي، جيڪي اسانجي پري وارن ابن ڏاڏن جي مختلف وقتن ۾ انفيڪٽ ڪندا رهيا آهن هي تہ شايد چار ارب سال اڳ وائرس زندگي جي شروعات کي ڌڪو لڳايو هو 
هاڻي سائنسدان انھن شين مان ڪجھ ڪجھ واقف آهن، هي انساني جسم جي اندر يا زمين جي ڏکين مقامن تي وائرس جي موجودگي جي سڃاڻپ ڪري سگهن ٿا، هن سياري جي وائرس جي سمجھ اڃان گھڻي گهري ناهي پر انھن کي سمجھڻ جي شروعات ٿي چڪو آهي.

وائرس ڪٿان کان آيا؟ پيليو وائرولوجي

وائرس ڪٿان کان آيا؟ پيليو وائرولوجي
ترجمو : دريا خان

جاندار ۽ بيجان شينءَ جي وچ ۾ بس پروٽين ۽ جينياتي معلومات جيڪا ڪڏهن  اسانکي بيمار ڪري ڇڏيندي آهي، ان شيءَ جو ثبوت تہ گھڻي ننڍي شيءَ جو اثر گهڻو وڏو ٿي سگهي ٿو، هي جينياتي چَور آهن جن کي اسان وائرس چوندا آهيون، انھن جي ڪا باقيات فوسل پنڊ پهاڻ جي صورت ۾ ناهي، هڪ خلوي زندگي جي بقايائون رهجي ويندي آهي، پر اهوئي ان ڀاڱي ننڍا ۽ ڪمزور آهن، جو انھن جا نشان پٿرن تي محفوظ ناهين رهندا، پر انھن جا هڪڙا ٻئي طرح جا فاسل بہ آهن جيڪي ڪيترا ڀيرا پنھنجي ميزبان جي ڊي اين اي ۾ ڇڏي ويندا آهن، ۽ هي نشان ان وقت اسانجي پنھنجي اندر بہ موجود آهن ان جي ان ماليڪيولز فاسل جي رستي کان انھن جي پويان اچي ڪري اهو پتو ڪري سگھجي ٿو تہ ھي آيا ڪٿان کان ۽ ڪيئن؟ تبديل ڪيئن ٿيندا رهيا 
وائرس جي ڪاميابي جي خاصيت انجي سادگي رهي آهي، انھن ۾ ٿوري کن جينياتي معلومات هوندي آهي، جيڪا ڊي اين اي يا آر اين اي ٿي سگھي ٿو، جيڪو پروٽين جي ڪيپسول ۾ وڪوڙيل هوندي آهي، گھڻو ڪري گهڻي ننڍي سائز جا آهن، ڏھ نينو ميٽر جي اسڪيل، پيماني تي پر ڪجھ حيران ڪندڙ حد تائين وڏا بہ آهن، پر پنھنجي بقا ۽ اڳتي ڦهلڻ ۽ وڌڻ جي لاءِ هي سڀ پنھنجي ميزبان جا محتاج آهن، 
اسانجو خيال آهي تہ جڏهن کان زندگي رهي آهي، يا رهيا آهن، ڇو؟ ڇوجو هي بيڪٽيريا، آرڪيا ۽ يوڪاريوٽ سڀئي کي انفيڪٽ متاثر ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ ڇوجو هي ساڌا آهن انڪري خيال آهي تہ زندگي سان گڏ گڏ ئي هي تبديل ٿيندا رهيا آهن يا شايد پهرين خليي کان بہ پهريان هئا، پر فاسلز کان سواءِ انجي باري ۾ سوالن جا جواب ڪيئن معلوم ڪيا وڃن؟ هي شعبو پيليو وائرولوجي جو آهي.

پيليو وائرولوجي اڃان هاڻي نئي فيلڊ آهي، هي سائنس جي هڪ ٻئي ۽ اڀرندڙ شعبي، جينومڪس، کانپوءِ شروع ٿيو آهي، پراڻي وائرس جي اڀياس جي لاءِ ان جي ميزبان جي جينوم جي اڀياس ڪئي ويندي آهي، ڪئين؟ ان جي لاءِ پهريان اهو ڏسون ٿا تہ وائرس ڪم ڪيئن ڪندو آهي، وائرس کي پنھنجي ميزبان خلئي کي متاثر ڪرڻو آهي تہ جيئن انجي مشينري کي پنھنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهي، هي ان خليي جي مشينري کي هائيجيڪ، اغوا ڪري وٺندو آهي، تہ جيئن پنھنجي پاڻ کي اڳتي وڌائي سگھي، ان ميزبان خلئي کي وڌيڪ وائرس پيدا ڪرڻا پوندا آهن، جيڪو پوءِ ٻاهر نڪري وڌيڪ خليا ڳولھا ڪندو آهي، ان عمل ۾ ڪيترا ڀيرا هي ڌار الڳ پوري طرح ناهي ٿيندي ۽ ڪيترا ڀيرا وائرس جو جينوم پنهنجي ميزبان خلئي ڊي اين اي ۾ نشان ڇڏي ويندو آهي، جيڪر هي ميوٽيشن، ڦير گهير اهڙي نہ هجي جيڪا خلئي کي ماري ڇڏي تہ ھي معلومات ان ۾ هميشه جي لاءِ باقي رهجي ويندي، جيڪر هي ڪنھن اهڙي خلئي ۾ ٿي وڃي جيڪو اسپرم يا بيضا ٺاهيندو آهي، تہ وائرس جو هي جينوم اڳئي نسل تائين 
هليو ويندو، هي ننڍڙي معلومات ان وائرس جو فوسل، پنڊ پهاڻ آهي، معلومات جي ان قديم ٽڪڙن سان اسان اهو معلوم ڪري سگهون ٿا تہ وائرس ڪيترا پُراڻا هيا، انجي عمر جو ڪيئن پتو لڳندو آهي؟ اهو ان طرح تہ، وائرس پنهنجي پاڻ کي عام طور تي تيزي سان بدليندا آهن، ۽ خالي ڪجھ سو سال ۾ پنھنجي پاڻ کي بلڪل تبديل ڪري چڪا هوندا آهن، پر جيڪڏهن انھن جو ڊي اين اي ڪنھن ميزبان ۾ رهجي وڃي تہ اهو ميزبان ايتري تيزي سان ناهي بدلجي سگهندو، انجي ڦير گهير جي رفتار وائرس جي مقابلي ۾ گھڻي سست هوندي آهي، ان سان پراڻا وائرسز جي سڃاڻپ، جيڪا هاڻي ناهي رهي، ڪرڻ ممڪن آهي 
  
جيڪڏهن ٻہ الڳ جانورن ۾ هڪئي وائرس جو ڊي اين اي سيڪيونس ملي وڃي تہ انجو مطلب هي تہ ان وائرس انھن ٻنھي جي عام عنصر کي متاثر ڪيو هو، ۽ هي فاسل هاڻ ٻن الڳ جڳهن تي ڏيکارجي رهيو آهي، انجي مثال سرڪووائرس جي جيڪو وائرس جو هڪ گروپ آهي، ۽ ڪتن جي پيٽ جي خرابي جو ڪارڻ بڻبو آهي، پھريان خيال هو تہ ان وائرس جي پنھنجي عمر پنج سو سال جي آهي، پر جڏهن ان وائرس جا فاسل نہ صرف ڪتي ۾ بلڪ ٻلين ۾ ۽ پانڊي ۾ بہ مليا جنھن جو مطلب هي تہ ھي وائرس گهٽ ۾ گھٽ ايترو پراڻو آهي جو انهن جي عام عنصر کي ان متاثر ڪيو هو، جيڪي پوڻا ست ڪروڙ سال اڳ جي ڳالھ آھي 
سڀ کان پراڻا وائرس ڪهڙا مليا؟ 2011ع ۾ هڪ اڀياس براڪووائرس جي تاريخ کي ڏٺو جيڪو رڍ کي بيماري ڪندو آهي، انکان پتو پيو تہ گهٽ ۾ گهٽ ڪاربو نيوفرئيس دور تائين يعني ايڪٽيهه ڪروڙ سال اڳ جو آهي، 2009ع ۾ مماليا ۾ پاتي ويندڙ هڪ جين سي جي آئي اين ون ملي، هي جين تيرھن کان ارڙهن ڪروڙ ورهين پراڻي آهي، ۽ هي جين وائرس کان آئي هئي، ڇوجو هي آر اين اي جي ريٽرو وائرس جهڙي هئي، يعني هڪ وقت ۾ مماليا جي عنصر کي ٿيڻ واري بيماري کان بچيل جين هاڻ دنيا جي تقريبن مماليا جاندارن ۾ موجود آهي، ان وقت اسانجي ڊي اين اي جو اٺ سيڪڙو حصو اهو آهي جيڪو ڪنھن طرح وائرس کان آيو آهي 
سائنس جي ان نئي شعبي سان اسان وائرس جي تاريخ جي پوئين  ڪجھ ڪروڙ سال کان تہ واقف هاڻي ٿي رهيا آهيون، پر انھن وائرسز جو آخر شروعات اربين ورهين پهريان ڪٿان کان ٿئي؟ 
هاڻ انجي لاءِ ڪجھ مختلف نمونا موجود آهن 
پهريون نمونو وائرس فرسٽ ماڊل آهي، ان موجب ڇوجو وائرس خلياتي زندگي جي مقابلي ۾ ان قدر ساڌا آهن تہ ھي خلياتي زندگي کان پهريان هئا، ۽ پهرين هڪ خلوي زندگي کان پراڻا آهن، خلياتي زندگي کان پھريان زندگي پنهنجي پاڻ  جون ڪاپيون بنائڻ واري ساڌن يونٽس تي لاڳاپيل هئي، جيڪا گهڻو ڪري خالي آر اين اي تي هو، زندگي جي پيچيده شڪل جڏهن شروع ٿي تہ انھن پنهنجو شڪار ان خلياتي زندگي کي بنائڻ شروع ڪيو 

ٻيو نمونو ايسڪيپ هائپو ٿيسز آهي، ان موجب وائرس خلياتي زندگي کانپوءِ آيا ۽ هي ان خلياتي زندگي کان الڳ ٿيڻ واري جينز آهن، اسانجي جينوم ۾ ٽڪڙا آهن جيڪي پنھنجي پاڻ کي ڪاپي پيسٽ ڪري وٺندا آهن، ڪجھ ماهرن جو خيال آهي تہ انھن ۾ جيڪڏهن ڪو ٽڪڙو پنھنجي ويجهو هڪ پروٽين جو چادر بنائي سگهي تہ اهو ان خليي کان الڳ ٿي سگھي ٿو ۽ وائرس بڻجي سگھجي ٿو 
ٽيون نمونو وڏا وائرسز کي ڏسي ڪري بڻايو ويو آهي، انھن وڏن وائسرز کي پھريون ڀيرو 2003ع ۾ دريافت ڪيو ويو، ۽ هي ميمي وائرس چورائبا آهن يعني جراثيمن جي نقل ڪرڻ وارا وائرس، وائرس جي درجي جي حساب سان هي گهڻا وڏا آهن ۽ انھن جو سائز 750 نينو ميٽر آهي، ايستائين جو ننڍا بيڪٽيريان کان بہ وڌيڪ سائز جا، هي وائرس صرف هڪ خلوي اميبا کي متاثر ڪندا آهن، ان ميمي وائرس ۾ عام وائرس کان گهڻا وڌيڪ جينز هوندا آهن جن مان ڪجھ اهڙا بہ آهن جيڪي پروٽين بڻائي سگهن، ٻين وائرسز ۾ ايئن ناهي هوندو پر انھن سڀني جينز جي باوجود انھن کي پنھنجي نسل
هي جينز انھن ۾ ڇو؟ ڪجھ سائنسدانن جو خيال آهي تہ پهريان وائرس وڏا ۽ پيچيده 
هوندا آهن، ۽ خلياتي زندگي جي طرز تي انھن جي زندگي بہ پيچيده هوندي هئي، پر جڏهن انھن کي پنهنجي زندگي جو نظام هلائڻ جي لاءِ ميزبان ملي ويا، شروع ۾ انھن جو واسطو باهمي فائدو جو رهيو پوءِ هي گڏيل واسطي ۾ بدلجي ويو، جنھن طرح انجو جڳار پنهنجي ميزبان تي ٿيڻ لڳو، ان طرح انجي پنهنجي صلاحيتون هلڪي ٿيڻ شروع ٿي ويون، ۽ انجي پيچيدگي گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وئي، هي ريگريسو نمونو آهي پر هي نمونو وڌيڪ مشهور ناهي ڇوجو متبادل خيال هي آهي تہ ميمي وائرس جا وڌيڪ جينز اهوئي آهن جو هي ڪنھن ميزبان جا وٺي ڪري ڀڄي ويا. 

هاڻي انکان اڳيون وڏو سوال، ڇا وائرس زندھ آهن؟ انجو جواب پيليو وائرولوجي کان شايد ملي وڃي، ڪجھ سائنسدان انکي هلڪو زندھ تصور ڪندا آهن جڏهن تہ ڪجھ انھن کي زندگي جي وڻ ۾ جڳھ ڏيڻ جي حق ۾ آهن پر ان سوال جو واسطو انکان آهي، تہ آخر زندگي جي تعريف ڇا آهي، زندگي اها آهي جيڪي پنهنجي نسل اڳتي وڌائي سگهي، پنھنجي لاءِ توانائي جو بندوست ڪري سگھي، پنھنجي خيلن جي اندر مستقل ماحول بڻائي سگهي ۽ ارتقاء ڪري سگھي، وائرس پنهنجي نسل اڳتي وڌائي سگھن ٿا، پر ڪنھن جو سهارو کپي، ارتقاء ڪري سگھن ٿا پر انھن وٽ توانائي پيدا ڪرڻ جو ڪو ذريعو ناهي ۽ پنهنجي اندروني ماحول کي ڪنٽرول ڪرڻ جو طريقو ناهي، ان لاءِ هي زندگي جي شاخ تي بہ ناهين پر انجي ويجهو وڪوڙيل ڏانڌ آهن انھن جو زندگي سان گڏ گهرو واسطو ضرور آهي


الرجي

الرجي
”دريا خان“

 الرجي خالي جسم ۾ خارش ٿيڻ جو نالو ناهي، بلڪ ٻين بيمارين جيان انساني جسم تي لڳڻ واريون عام بيمارين مان هڪ آهي، ڇوجو جينياتي خرابي سبب قوت معدافت ڪمزور پوڻ جي سبب ٿيندي آهي، انکي ائين بہ سمجھي سگھجي ٿو تہ ٻاهرن مادن جي طرف کان حملو ٿيڻ سبب قوت معدافيت جي ردعمل جو نالو الرجي آهي، انجي وجھ بڻجڻ وارا ٻاهران مادا يا پروٽين ٻاهريون شيون کي الرجين چئبو آهي، الرجين کائڻ پيئڻ جي شين، گھريلو جانورن يا وري گلن ۾ پاتيون وينديون آهن، الرجين ٻارن وڏن ڪنھن بہ عمر جي ماڻھن تي حملو ڪري سگھي ٿي، ۽ ردعمل طور انساني جسم ۾ سوڄ، خارش، نڇون ۽ جسماني ڌاڻا ٿيڻ عام هوندو آهي 
جيئن تہ ااسانجي جسم ۾ هڪ خاص نظام موجود آهي جيڪو حملو ڪندڙ جراثيمن جي خلاف اسانجي جسم جي حفاظت ڪندو آهي، الرجي جي مريضن ۾ هي مدافعتي نظام ضرورت کان وڌيڪ گهڻائي سان حرڪت ۾ اچي ويندو آهي، مثال جي طور اسانجي فضا ۾ دز جا خوردبيني ڪيڙا، فنگس نباتات خليا ۽ مئل ڪيڙن جا جسماني حصا ۽ ٻيون گهڻيون شيون موجود هونديون آهن، جڏهن اسان ساھ کڻندا آهيون تہ انھن منجھان ڪجھ ڀاڱو اسانجي ڦڦڙن ۾ بہ هليو ويندو آهي، جن کي هوا ۾ پاتا ويندڙ الرجنز چيو ويندو آهي، انھن شين جي ڦڦڙن ۾ وڃڻ تي گھڻن ماڻھن جو جسم   ايرواليعرجن گهڻي ڀاڱي رد عمل ظاهر ناهي ڪندو، پر جن ماڻھن کي ان ۾ موجود ڪنھن شيء کان الرجي هجي انھن جو معدافيتي نظام غيرمعمولي شديد سان حرڪت ۾ ايندو آهي، اسانجي معدافيتي نظام جو غير معمولي ردعمل ظاهر ڪرڻ ۾، ٻہ شيون گهڻو اهم ڪردار ڪنديون آهن جن مان پهريون خانداني ۽ ٻيو ماحول آهي، اسانکي گھڻيون خاصيتون ۽ بيماريون پنھنجي والدين ۽ ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ بہ ملنديون آهن، جيئن تہ ڪجھ ماڻھون جو مشاهدو آهي تہ الرجي جي گھڻن مريضن کي رت واري رشتي ۾ الرجي جون بيماريون هڪجهڙيون هونديون آهن انجو ٻيو واسطو ماحول سان آهي جيڪي الرجي کي سگھارو ڪندو آهي، 
فرضن جي هڪ ماڻهون جو جينز ڪنھن خاص الرجن جي خلاف غير معمولي ردعمل ظاهر ڪندڙن آهن، جيڪر اهو اهڙي ماحول ۾ رهندو آهي جتي اهو الرجن موجود ناهي، تہ ان ۾ ان الرجي جي علامت ڪڏهن ظاهر نہ ٿينديون پر اهو جيئن ئي اهڙي ماحول ۾ ويندو، جتي اهو الرجن موجود آهي، تہ انکي ان جي وجھ سان مسئلا پيش اچڻ شروع ٿي ويندا، مثال هڪ ماڻهون کي ڪنھن خاص پولن کان الرجي آهي، اهو مخصوص مھينن ۾ جيئن ئي ڪراچي ايندو تہ انکي الرجي ٿي ويندي، ڪجھ ماڻھن کي هڪ کان وڌيڪ بہ الرجيز بہ هجن ٿيون، جيڪر انکي ڪنھن ٻئي ماحول ۾ ان سان ملندڙ جلندڙ الرجن ملندو تہ بہ انکي الرجي ٿي ويندي جنھن کي الرجنز جو” ڪراس ري ايڪشن“ چيو ويندو آهي. 
 پاڪستان ۾ سڀ کان عام الرجي ڊسٽ مائٽ جي آهي، انکان سواءِ ڪڻڪ جي ويجھو ۽ فنگس جي ولولي وچ الرجي بہ گهڻي عام آهي، الرجي جي مريض کي سڀ کان پهريون مشھور اهو ڏنو ويندو آهي تہ اهو ان خاص الرجن کان پري رهي، جنھن سان انکي الرجي هجي، ڊرگ الرجي ۽ فوڊ الرجي جي صورت ۾ تہ انکان بچڻ گھڻي ڀاڱي ممڪن آهي، پر ساھ جي الرجي ۾ گھڻو ايئن ممڪن نٿو هجي، ان ۾ ٻيو مرحلو علاج آهي، جيڪو هر مريض ۾ انجي ڪيفيت، مرض جي تاريخ ۽ علامتن موجب مختلف هوندو آهي، انکي سڀ کان پهريان اهڙيون دوائون ڏنيون وينديون آهن، جن وسيلي انکي تڪيلف ڏيڻ واريون علامتون ختم ٿي وڃن، ۽ نڇ اچڻ ۽ نڪ وهڻ بند ٿي وڃي، الرجي جي صورت ۾ علاج جو وڏو مقصد انجي ڪوالٽي آف لائيف کي سٺو بنائن هوندو آهي، 
هڪ فرد کي پڙهڻو بہ آهي ۽ انجي شوشل لائيف بہ آهي، ۽ انکي ڪم ڪار بہ ڪرڻو هوندو آهي، جيڪر علامتون جاري رهن تہ سڀ ڪجھ نٿو ڪري سگھي، جڏهن تہ انکان ڇٽڪارو ٿيڻ کانپوءِ زندگي سٺي ٿي ويندي آهي، ڪجھ مريضن کي الرجي ٽيسٽنگ جي ضروت هوندي آهي، انجي لاءِ ويڪسن بہ تيار ڪئي ويندي آهي، جيڪا انجيڪشن جي صورت ۾ هجي ٿي، جيڪر مريض انکي لڳاتار لڳرائي تہ ويجھو ويجهو 70 سيڪڙو انجون علامتون ختم ٿي وينديون آهن، پر ان ڳالھ جو امڪان هوندو آهي تہ ڏھ کان پندرهن سال کانپوءِ ٻيهر واپس اچي، ايئن جو ٻيھر علاج جي ضرورت پوندي آهي، ان علاج جو مقصد معدافيتي نظام کي ان ڳالھ تي تيار ڪرڻو هوندو آهي تہ اهو الرجنز کي ٻاهريون دشمن سمجهڻ ڇڏي ڏئي ۽ انھن خلاف غير معمولي ردعمل بند ڪري ڏئي

فوڊ الرجي

فوڊ الرجي ۾ کائڻ پيئڻ وسيلي جسم ۾ ڪو اهڙو پروٽين داخل ٿي ويندو آهي، جنھن کي جسم قبول ناهي ڪندو انجو ردعمل ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، مثال طور گھڻن ماڻھن کي آنا کائڻ کانپوءِ الرجي کي منھن ڏيڻو پوندو آهي، جڏهن تہ ٻارن ۾ پاتي ويندڙ فوڊ الرجي جي سڀ کان عام قسم مونڳيرن سان ٿيڻ واري الرجي آهي، فوڊ الرجي جون علامتون، سوڄ، ڌاڻا، الٽي ڪراهت ٿڪاوٽ جهڙيون علامتون شامل آهن، ڪنھن بہ ماڻهون کي اهو سمجھڻ ۾ وقت لڳندو آهي، تہ رد عمل فوڊ الرجي جي وجھ سان آهي، جيڪر اوهانکي بہ ڪنھن غذا کي کائڻ کانپوءِ گھڻي ردعمل کي منھن ڏيڻو پئجي تہ ڊاڪٽر سان رابطو ڪجي، فوڊ الرجي جو علاج ناهي احتياطي تدابيرون اپنائي يعني جن شين کان ٿيندي آهي اهوئي نہ کائڻ گهرجن ۽ متاثر ماڻھون بہ نہ ڏيڻ گھرجن

وڌيڪ سنڌي ٻوليءَ ۾ دلچسپ سائينسي معلوماتي وڊيوز ڏسڻ جي لاءِ سائنس جي دنيا يوٽيوب چينل کي سبسڪرائيب ڪريو.

معدافيتي نظام، قوت معدافيت

معدافيتي نظام، قوت معدافيت
”دريا خان"

بيماريون پکڙندڙ جاندارن منجھان انسان بہ شامل آهي، انکان سواءِ گھڻي ڀاڱي خطرناڪ بيڪٽيريا، وائرس بہ آهن جيڪي الرجي زھريلن شين تي مشتمل آهن، جيڪي هوميو اسٽيسز جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندا آهن، بيڪٽيريا، وائرس ۽ مائيڪروبز اسانجي جسم جي نظام کي نقصان پهچائيندا آهن، جن کي اڃان تائين پورو قابو ۾ تہ ناهي ڪيو ويو، پر سٺي ڳالھ اها آهي تہ اسانجو معدافيتي نظام انن سان جنگ جاري رکندو آهي، اهڙو نظام جيڪو جسم ۾ بيماريون پيدا ڪرڻ کان روڪيندو آهي، جڏهن بہ ڪو بيڪٽيريا، وائرس، پروٽوزووا، پيراسائيٽ اسانجي جسم ۾ داخل ٿيندا آهن تہ هو پنھنجي تعداد وڌائڻ جو ڪم ڪندا آهن، جيڪي انفيڪشن ڦهلائيندا آهن ۽ خلين کي تباھ ڪرڻ کانپوءِ بيماري ڦهلائي ڇڏيندا آهن، ۽ ڪينسر جهڙيون گهڻيون بيماريون ڦهلائيندا آهن ان عمل کي روڪڻ جي لاءِ اسانجو فطري معدافيتي نظام اڳڀرو ڪم ڪندو آهي 

اسانجي جسم جا گھڻا سيلز جيڪي غيرمعياري مادن جراثيمن کي روڪڻ واسطي پوري ڪوشش ڪندا آهن، جن ۾ رت جا اڇا سيلز، اينٽي باڊيز، لمفيٽڪ سسٽم، تري، بون ميرو، نظام تڪميل ۽ جهڙا ٻيا شامل آهن، جيڪي سڀ بيڪٽيريان، وائرسن جي خلاف پنھنجو پنھنجو فرض نڀائيندا آهن، جيئن تہ رت جا اڇا سيلز جن کي ليڪو سائيٽس بہ چئبو آهي، رت وسيلي اسانجي جسم جي ٽشوز تائين پهچندا آهن، ۽ ٻاهران کان ايندڙ بيمارين پکيڙيندڙ مادن جراثيمن کي بيماري ڦهلائڻ کان روڪيندا آهن ۽ دفاع ڪم ڪندا آهن. 
اينٽي باڊيز هي ٻاهران کان ايندڙ مادن تي موجود اينٽي جنز کي سڃاڻيندا آهن ۽ پروٽينز جي گروپ کي هوشيار ڪندا آهن ۽ جراثيم کي ماريندا آهن، جنھن کي نظام تڪميل ڪمپليمينٽ سسٽم چئبو آهي 

 لمفيٽڪ نظام هي جسم ۾ موجود ٽيوبز جو ڳجهو نيٽ ورڪ هوندو آهي، هي سسٽم نوڊز، لمف ويلسز ۽ ليمفو سائيٽس جو ٺهيل هوندو آهي، لمف نوڊز انھن مادن کي پڪڙيندو آهي، ۽ لمف ويلسز ۾ موجود تحليل جنھن کي لمف چئبو آهي، ان وسيلي انفيڪٽيڊ سيلز تائين پهچائيندو آهي ان ۾ موجود سيلز ليمفو سائيٽس انھن غيرمعياري جراثيمن سان گڏ ملي وڙهندا آهن هي گروپ لمفيٽڪ سسٽم مختلف ڪم ڪندي آهي جيڪي جسم جي تحليل جو توازن رکندو آهي، بيڪٽيريان خلاف ري ايڪشن ڪندو آهي، ڪينسر سيلن کي قابو ڪندو آهي، سيل جي هر ان حصي سان جڙيل هوندو آهي جيڪو بيماري ڦهلائڻ ۾ اهم ڪم ڪندا آهن. 
 ليمفوسائيٽس جي پاڙون بون ميرو کان شروع ٿينديون آهن ڪجھ وقت اتئي گذاريندا آهن، ۽ B لیمفوسائٽس ۾ تبديل ٿيندا آهن ڪجھ ليمفو سائيٽس”ٿھاس گلينڊ thymus gland“ ۾ وڃي T ليمفوسائيٽس ۾ تبديل ٿيندا آهن ۽ رت وسيلي پوري جسم ۾ دورو ڪندا آهن 

 بي B ليمفوسائيٽس lymphocytes
انھن جي مٿان خاص قسم جا ريسيپٽرز موجود هوندا آهن، جڏهن بيڪٽيريا، وائرس ۽ ٻيا مائيڪروبز حملا ڪندا آهن تہ انھن خلاف اينٽي باڊيز بڻائيندا آهن، هي اينٽي باڊيز جسم ۾ موجود رهندي آهي 

ٽي T ليمفوسائيٽس lymphocytes
هي سيلز اينٽي باڊيز جو پيڇو ڪندي انفيڪٽيڊ خلين کي پڪڙيندا آهن ۽ پنھنجي اندر ڳهي، ڳئتي وٺندا آهن، ۽ انجو ميمري سيل بڻائي ڇڏيندا آهن، مستقبل ۾ جيڪر ٻيهر ڪو بہ بيڪٽيريا حملو ڪندو آهي تہ سيل ۾ موجود ميمري سيلز انکي سڃاڻي وٺندا آهن ۽ بيماري پکيڙڻ کان روڪيندا آهن، جيئن چڪن پاڪس جي بيماري هڪ ڀيرو ٿي وڃي تہ ٻيهر انجو خطرو ناهي هوندو. 

معدافيتي نظام ٽن طرح جو ٿي سگهي ٿو

قدرتي معدافيتي نظام Innate Immune System 
جڏهن ڪو انسان يا جانور پيدا ٿيندو آهي تہ فطري ئي معدافيتي نظام موجود هوندو آهي جهڙوڪ جسم جي کل، جڏهن بہ ڪو جراثيم حملو ڪندو آهي تہ ھي جراثيم کي داخل ٿيڻ کان روڪيندي آهي 

اپنائيندڙ معدافيتي نظام Adaptive Immune System 
جيئن جيئن انساني واڌويجھ ٿيندي آهي تہ انجو معدافيتي نظام وڌيڪ طاقتور ٿيندو آهي ۽ جڏهن بہ ڪا بيماري ٿيندي آهي تہ ويڪسين وسيلي انجي معدافيتي نظام کي مظبوط ڪيو ويندو آهي ۽ بيماري کي وڌيڪ ڦھلجڻ کان روڪيندو آهي 

غير فعال معدافيتي نظام Passive Immune System 
هي معدافيتي عمل ڪجھ عرصي لاءِ ڪم ڪندو آهي جيئن تہ ماءُ ڪنھن بيماري جو شڪار ٿئي تہ کير ۾ موجود اينٽي باڊيز ٻار کي بيماري لڳڻ کان روڪيندي آهي