Thursday, 9 April 2020

وائرس ڪٿان کان آيا؟ پيليو وائرولوجي

وائرس ڪٿان کان آيا؟ پيليو وائرولوجي
ترجمو : دريا خان

جاندار ۽ بيجان شينءَ جي وچ ۾ بس پروٽين ۽ جينياتي معلومات جيڪا ڪڏهن  اسانکي بيمار ڪري ڇڏيندي آهي، ان شيءَ جو ثبوت تہ گھڻي ننڍي شيءَ جو اثر گهڻو وڏو ٿي سگهي ٿو، هي جينياتي چَور آهن جن کي اسان وائرس چوندا آهيون، انھن جي ڪا باقيات فوسل پنڊ پهاڻ جي صورت ۾ ناهي، هڪ خلوي زندگي جي بقايائون رهجي ويندي آهي، پر اهوئي ان ڀاڱي ننڍا ۽ ڪمزور آهن، جو انھن جا نشان پٿرن تي محفوظ ناهين رهندا، پر انھن جا هڪڙا ٻئي طرح جا فاسل بہ آهن جيڪي ڪيترا ڀيرا پنھنجي ميزبان جي ڊي اين اي ۾ ڇڏي ويندا آهن، ۽ هي نشان ان وقت اسانجي پنھنجي اندر بہ موجود آهن ان جي ان ماليڪيولز فاسل جي رستي کان انھن جي پويان اچي ڪري اهو پتو ڪري سگھجي ٿو تہ ھي آيا ڪٿان کان ۽ ڪيئن؟ تبديل ڪيئن ٿيندا رهيا 
وائرس جي ڪاميابي جي خاصيت انجي سادگي رهي آهي، انھن ۾ ٿوري کن جينياتي معلومات هوندي آهي، جيڪا ڊي اين اي يا آر اين اي ٿي سگھي ٿو، جيڪو پروٽين جي ڪيپسول ۾ وڪوڙيل هوندي آهي، گھڻو ڪري گهڻي ننڍي سائز جا آهن، ڏھ نينو ميٽر جي اسڪيل، پيماني تي پر ڪجھ حيران ڪندڙ حد تائين وڏا بہ آهن، پر پنھنجي بقا ۽ اڳتي ڦهلڻ ۽ وڌڻ جي لاءِ هي سڀ پنھنجي ميزبان جا محتاج آهن، 
اسانجو خيال آهي تہ جڏهن کان زندگي رهي آهي، يا رهيا آهن، ڇو؟ ڇوجو هي بيڪٽيريا، آرڪيا ۽ يوڪاريوٽ سڀئي کي انفيڪٽ متاثر ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ ڇوجو هي ساڌا آهن انڪري خيال آهي تہ زندگي سان گڏ گڏ ئي هي تبديل ٿيندا رهيا آهن يا شايد پهرين خليي کان بہ پهريان هئا، پر فاسلز کان سواءِ انجي باري ۾ سوالن جا جواب ڪيئن معلوم ڪيا وڃن؟ هي شعبو پيليو وائرولوجي جو آهي.

پيليو وائرولوجي اڃان هاڻي نئي فيلڊ آهي، هي سائنس جي هڪ ٻئي ۽ اڀرندڙ شعبي، جينومڪس، کانپوءِ شروع ٿيو آهي، پراڻي وائرس جي اڀياس جي لاءِ ان جي ميزبان جي جينوم جي اڀياس ڪئي ويندي آهي، ڪئين؟ ان جي لاءِ پهريان اهو ڏسون ٿا تہ وائرس ڪم ڪيئن ڪندو آهي، وائرس کي پنھنجي ميزبان خلئي کي متاثر ڪرڻو آهي تہ جيئن انجي مشينري کي پنھنجي مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهي، هي ان خليي جي مشينري کي هائيجيڪ، اغوا ڪري وٺندو آهي، تہ جيئن پنھنجي پاڻ کي اڳتي وڌائي سگھي، ان ميزبان خلئي کي وڌيڪ وائرس پيدا ڪرڻا پوندا آهن، جيڪو پوءِ ٻاهر نڪري وڌيڪ خليا ڳولھا ڪندو آهي، ان عمل ۾ ڪيترا ڀيرا هي ڌار الڳ پوري طرح ناهي ٿيندي ۽ ڪيترا ڀيرا وائرس جو جينوم پنهنجي ميزبان خلئي ڊي اين اي ۾ نشان ڇڏي ويندو آهي، جيڪر هي ميوٽيشن، ڦير گهير اهڙي نہ هجي جيڪا خلئي کي ماري ڇڏي تہ ھي معلومات ان ۾ هميشه جي لاءِ باقي رهجي ويندي، جيڪر هي ڪنھن اهڙي خلئي ۾ ٿي وڃي جيڪو اسپرم يا بيضا ٺاهيندو آهي، تہ وائرس جو هي جينوم اڳئي نسل تائين 
هليو ويندو، هي ننڍڙي معلومات ان وائرس جو فوسل، پنڊ پهاڻ آهي، معلومات جي ان قديم ٽڪڙن سان اسان اهو معلوم ڪري سگهون ٿا تہ وائرس ڪيترا پُراڻا هيا، انجي عمر جو ڪيئن پتو لڳندو آهي؟ اهو ان طرح تہ، وائرس پنهنجي پاڻ کي عام طور تي تيزي سان بدليندا آهن، ۽ خالي ڪجھ سو سال ۾ پنھنجي پاڻ کي بلڪل تبديل ڪري چڪا هوندا آهن، پر جيڪڏهن انھن جو ڊي اين اي ڪنھن ميزبان ۾ رهجي وڃي تہ اهو ميزبان ايتري تيزي سان ناهي بدلجي سگهندو، انجي ڦير گهير جي رفتار وائرس جي مقابلي ۾ گھڻي سست هوندي آهي، ان سان پراڻا وائرسز جي سڃاڻپ، جيڪا هاڻي ناهي رهي، ڪرڻ ممڪن آهي 
  
جيڪڏهن ٻہ الڳ جانورن ۾ هڪئي وائرس جو ڊي اين اي سيڪيونس ملي وڃي تہ انجو مطلب هي تہ ان وائرس انھن ٻنھي جي عام عنصر کي متاثر ڪيو هو، ۽ هي فاسل هاڻ ٻن الڳ جڳهن تي ڏيکارجي رهيو آهي، انجي مثال سرڪووائرس جي جيڪو وائرس جو هڪ گروپ آهي، ۽ ڪتن جي پيٽ جي خرابي جو ڪارڻ بڻبو آهي، پھريان خيال هو تہ ان وائرس جي پنھنجي عمر پنج سو سال جي آهي، پر جڏهن ان وائرس جا فاسل نہ صرف ڪتي ۾ بلڪ ٻلين ۾ ۽ پانڊي ۾ بہ مليا جنھن جو مطلب هي تہ ھي وائرس گهٽ ۾ گھٽ ايترو پراڻو آهي جو انهن جي عام عنصر کي ان متاثر ڪيو هو، جيڪي پوڻا ست ڪروڙ سال اڳ جي ڳالھ آھي 
سڀ کان پراڻا وائرس ڪهڙا مليا؟ 2011ع ۾ هڪ اڀياس براڪووائرس جي تاريخ کي ڏٺو جيڪو رڍ کي بيماري ڪندو آهي، انکان پتو پيو تہ گهٽ ۾ گهٽ ڪاربو نيوفرئيس دور تائين يعني ايڪٽيهه ڪروڙ سال اڳ جو آهي، 2009ع ۾ مماليا ۾ پاتي ويندڙ هڪ جين سي جي آئي اين ون ملي، هي جين تيرھن کان ارڙهن ڪروڙ ورهين پراڻي آهي، ۽ هي جين وائرس کان آئي هئي، ڇوجو هي آر اين اي جي ريٽرو وائرس جهڙي هئي، يعني هڪ وقت ۾ مماليا جي عنصر کي ٿيڻ واري بيماري کان بچيل جين هاڻ دنيا جي تقريبن مماليا جاندارن ۾ موجود آهي، ان وقت اسانجي ڊي اين اي جو اٺ سيڪڙو حصو اهو آهي جيڪو ڪنھن طرح وائرس کان آيو آهي 
سائنس جي ان نئي شعبي سان اسان وائرس جي تاريخ جي پوئين  ڪجھ ڪروڙ سال کان تہ واقف هاڻي ٿي رهيا آهيون، پر انھن وائرسز جو آخر شروعات اربين ورهين پهريان ڪٿان کان ٿئي؟ 
هاڻ انجي لاءِ ڪجھ مختلف نمونا موجود آهن 
پهريون نمونو وائرس فرسٽ ماڊل آهي، ان موجب ڇوجو وائرس خلياتي زندگي جي مقابلي ۾ ان قدر ساڌا آهن تہ ھي خلياتي زندگي کان پهريان هئا، ۽ پهرين هڪ خلوي زندگي کان پراڻا آهن، خلياتي زندگي کان پھريان زندگي پنهنجي پاڻ  جون ڪاپيون بنائڻ واري ساڌن يونٽس تي لاڳاپيل هئي، جيڪا گهڻو ڪري خالي آر اين اي تي هو، زندگي جي پيچيده شڪل جڏهن شروع ٿي تہ انھن پنهنجو شڪار ان خلياتي زندگي کي بنائڻ شروع ڪيو 

ٻيو نمونو ايسڪيپ هائپو ٿيسز آهي، ان موجب وائرس خلياتي زندگي کانپوءِ آيا ۽ هي ان خلياتي زندگي کان الڳ ٿيڻ واري جينز آهن، اسانجي جينوم ۾ ٽڪڙا آهن جيڪي پنھنجي پاڻ کي ڪاپي پيسٽ ڪري وٺندا آهن، ڪجھ ماهرن جو خيال آهي تہ انھن ۾ جيڪڏهن ڪو ٽڪڙو پنھنجي ويجهو هڪ پروٽين جو چادر بنائي سگهي تہ اهو ان خليي کان الڳ ٿي سگھي ٿو ۽ وائرس بڻجي سگھجي ٿو 
ٽيون نمونو وڏا وائرسز کي ڏسي ڪري بڻايو ويو آهي، انھن وڏن وائسرز کي پھريون ڀيرو 2003ع ۾ دريافت ڪيو ويو، ۽ هي ميمي وائرس چورائبا آهن يعني جراثيمن جي نقل ڪرڻ وارا وائرس، وائرس جي درجي جي حساب سان هي گهڻا وڏا آهن ۽ انھن جو سائز 750 نينو ميٽر آهي، ايستائين جو ننڍا بيڪٽيريان کان بہ وڌيڪ سائز جا، هي وائرس صرف هڪ خلوي اميبا کي متاثر ڪندا آهن، ان ميمي وائرس ۾ عام وائرس کان گهڻا وڌيڪ جينز هوندا آهن جن مان ڪجھ اهڙا بہ آهن جيڪي پروٽين بڻائي سگهن، ٻين وائرسز ۾ ايئن ناهي هوندو پر انھن سڀني جينز جي باوجود انھن کي پنھنجي نسل
هي جينز انھن ۾ ڇو؟ ڪجھ سائنسدانن جو خيال آهي تہ پهريان وائرس وڏا ۽ پيچيده 
هوندا آهن، ۽ خلياتي زندگي جي طرز تي انھن جي زندگي بہ پيچيده هوندي هئي، پر جڏهن انھن کي پنهنجي زندگي جو نظام هلائڻ جي لاءِ ميزبان ملي ويا، شروع ۾ انھن جو واسطو باهمي فائدو جو رهيو پوءِ هي گڏيل واسطي ۾ بدلجي ويو، جنھن طرح انجو جڳار پنهنجي ميزبان تي ٿيڻ لڳو، ان طرح انجي پنهنجي صلاحيتون هلڪي ٿيڻ شروع ٿي ويون، ۽ انجي پيچيدگي گهٽ ٿيڻ شروع ٿي وئي، هي ريگريسو نمونو آهي پر هي نمونو وڌيڪ مشهور ناهي ڇوجو متبادل خيال هي آهي تہ ميمي وائرس جا وڌيڪ جينز اهوئي آهن جو هي ڪنھن ميزبان جا وٺي ڪري ڀڄي ويا. 

هاڻي انکان اڳيون وڏو سوال، ڇا وائرس زندھ آهن؟ انجو جواب پيليو وائرولوجي کان شايد ملي وڃي، ڪجھ سائنسدان انکي هلڪو زندھ تصور ڪندا آهن جڏهن تہ ڪجھ انھن کي زندگي جي وڻ ۾ جڳھ ڏيڻ جي حق ۾ آهن پر ان سوال جو واسطو انکان آهي، تہ آخر زندگي جي تعريف ڇا آهي، زندگي اها آهي جيڪي پنهنجي نسل اڳتي وڌائي سگهي، پنھنجي لاءِ توانائي جو بندوست ڪري سگھي، پنھنجي خيلن جي اندر مستقل ماحول بڻائي سگهي ۽ ارتقاء ڪري سگھي، وائرس پنهنجي نسل اڳتي وڌائي سگھن ٿا، پر ڪنھن جو سهارو کپي، ارتقاء ڪري سگھن ٿا پر انھن وٽ توانائي پيدا ڪرڻ جو ڪو ذريعو ناهي ۽ پنهنجي اندروني ماحول کي ڪنٽرول ڪرڻ جو طريقو ناهي، ان لاءِ هي زندگي جي شاخ تي بہ ناهين پر انجي ويجهو وڪوڙيل ڏانڌ آهن انھن جو زندگي سان گڏ گهرو واسطو ضرور آهي


No comments:

Post a Comment