وائرس جي دريافت
ترجمو : دريا خان
وائرس جو لفظ تضاد رکندو آهي، اهو رومن دور جو لفظ آهي، هتي انجو مطلب نانگ جو زهر بہ هو ۽ مرد جو مادي نطفو بہ، بگاڙ ۽ تخليق، هڪ ئي لفظ ۾ - اڳين صدين ۾ وائرس جي لفظ هڪ ٻئي معني ماڻي ورتي، هڪ آلودگي جو مواد جيڪو بيماري پکيڙي سگھي ٿو، اهو پاڻياٺ بہ ٿي سگھجي پئي، جيئن ڪنھن خراب زخم کان رستو مواد، هي هوا ۾ ڦرندڙ ڳجهو مواد بہ ٿي سگھجي پيو، اهو ڪنھن ورق تي بہ اثر وجهي پئي سگهيو، جيئن جو آڱر کي هٿ لاهي تہ بيماري پکيڙي ڇڏي، پنھنجو حاضر هاڻوڪي معني ان اڻويھ صدي جي آخر ۾ وٺن شروع ڪيو ۽ انجي وجھ هڪ زرعي تباهي هئي
نيدرلينڊز ۾ 1879ع ۾ تمباڪو جي کيتيءَ ۾ هڪ بيماري ڦھلجي رهي هئي، جنھن سان ٻوٽن جي واڌ ويجھ بيهجي ويندي هئي، ان تي تحقيق ڪرڻ وارا نوجوان زرعي ڪيمسٽ ايڊولف مائير هيا، انھن اهو پتو لڳايو تہ بيمار ٻوٽن مان رس گڏ ڪري صحتمند ٻوٽن ۾ وڌو وڃي تہ ھي ٻوٽا بہ بيمار پئجي ويندا آهن جنھن جو مطلب هي تہ انجي وجھ انھن ٻوٽن جي اندر پيدا ٿيندڙ ڪا خوردبيني پيٿوجن هئي، پر ڪهڙي؟ مائير انکي دريافت نہ ڪري سگھيا
هڪٻئي ڊچ سائنسدان مارٽينس بائيرنڪ جن ڪجھ سالن کانپوءِ ان تحقيق کي اتان کان اڳتي وڌايو، اهو ڇا هو؟ ڪجھ اهڙو جيڪو بيڪٽيريا کان گهڻو ننڍو هو؟ انھن بيمار ٻوٽن کي پيسا ۽ انکان حاصل ٿيندڙ پاڻياٺ هڪ گھڻي فائن ڇاڻي مان گذاريو جنھن سان ٻوٽن جا خليا ۽ بيڪٽيريا بہ ڇاڻجي پئي سگهجا، جيڪي صاف سنهڙي پٽڙي حاصل هوا انکي صحتمند ٻوٽن ۾ داخل ڪيو، ٻوٽا بيماري ٿي ويا
بائيرنڪ هاڻ نئين بيمار ٻوٽن کان انھي طرح جو جوس فلٽر ڪيو، هي بہ نئين ٻوٽن کي بيمار ڪري ڇڏيندو هو، جيڪو ڪجھ هو، ان رس ۾ هو، بيڪٽيريا جهڙوڪ گھڻو ننڍو هو، پنھنجي ڪاپي ڪري پئي سگھيو ۽ بيماري اڳتي پکيڙي پئي سگھيو.
ان سنهڙي پٽڙي ۾ جيڪو ڪجھ بہ هو اهو ڪنھن بہ اهڙي شيء کان مختلف هو جنھن کي ان وقت جا بائيو لوجسٽ ڄاڻنيدا ها، نہ خالي گھڻو ننڍو بلڪ وڏي پڪي جسامت، الڪوحل جو اضافو ڪيو، ان جي انفيڪشن جي صلاحيت ۾ فرق نہ پيو، انکي گرم ڪيو، ڪجھ فرق نہ پيو، ان سان هڪ فلٽر پيپر کي آلو ڪيو، انکي سڪائي ڪري ٽن مھينن لاءِ رکيو ويو ۽ پوءِ پاڻي ۾ وڌو ويو، هي ڳارو بہ نئي ٻوٽن کي بيمار ڪري ڇڏيندو هو.
هائيرنڪ ان ڳجھي ايجنٽ تي ”وائرس" جو لفظ استعمال ڪيو، هي ان لفظ جو سڀ کان پهريون ڀيرو ڪيو ويندڙ استعمال هو، جيڪي انھن جي جديد معني ۾ هو، بائيرنڪ ٻڌايو هو تہ وائرس ڇا ” نہ “ آهي، هي جانور ناهي، ٻوٽو ناهي، فنگس ناهي، بيڪٽيريا ناهي، انکان اڳتي پوءِ اڻويھ صدي جي سائنس جي حد اچي چڪي هئي، انکان گهڻو پتو نہ پئي ڪري سگهجو
وائرس کي صحيح سمجھڻ جي لاءِ نئين اوزارن ۽ سٺن خيالن جو انتظار ڪيو وڃي رهيو هو، اليڪٽران مائيڪروسڪوپ سان سائسندانن کي ڏسڻ جو موقعو مليو اهو ڇا هو، گھڻا ئي ننڍا ذرڙا، انھن جي اڳيان بيڪٽيريا گهڻا وڏا آهن، موازنيِ جي لاءِ گڏ ڏنل تصوير
انھن جي ننڍي سائز جي ڪارڻ، سائنسدانن انهن جي اندر ڏسڻ ۽ انھن جو آپريشن ڪرڻ جا طريقا ڳولهي لڌا آهن، هڪ انساني خليو ڪيترا ملين ماليڪيولز سان لاڳاپيل آهي، جيڪو ماحول کي محسوس ڪندا آهن، خوراڪ وٺندا آهن، وڌندا آهن، فيصلو ڪندا آهن تہ ڪڏهن ٻن مان الڳ ٿيڻو آهي يا ساٿي خلين جي ڀلائي جي خاطر خودڪشي ڪري وٺڻي آهي، وائرولوجسٽ ڳولھا ڪري چڪا آهن تہ وائرس ان جي مقابلي ۾ گھڻا ساڌا آهن، پروٽين جي تھ ۾ موجود ٻيڻي ٽيڻي جينز تي لاڳاپيل آهن، انھن دريافت ڪيو هي ان سادگي ۽ محدود جينياتي حڪمن باوجود وائرس زندگي جي ٻين قسمن کي هائي جيڪ ڪري سگهن ٿا، اهوئي وائرس کي پنهنجي جينز ۽ پروٽين پنھنجي ساٿي ۾ انجيڪٽ اندر وجهڻ جي عمل کي ڪندي ڏسي سگھن پيا ۽ ان تي ڪنٽرول ماڻي ڪري انکان پنھنجون ڪاپيون ٺهرائيندا هيا، هڪ وائرس هڪ خليي جي اندر داخل ٿي ڪري اڳين ڏينھن هزار ڪاپيون ٺهرائي ڪري نڪري سگھي پيو
وائرولوجسٽ 1950ع جي ڏهاڪي تائين هي بنيادي سچائي پتو ڪري چڪا هئا پر وائرولوجي ۾ اڳتي وڃڻ جي لاءِ گھڻو ڪجھ هو، وائرو لوجسٽ اهو نہ ڄاڻيندا هئا تہ پاپيلوما وائرس ڪيئن سيهڙ جا سنڱ ڪڍرائيندو هو، ۽ لکين عورتون کي هر سال سروڪس ڪينسر ۾ جڪڙائي ڇڏيندو آهي، انھن کي اهو پتو نہ هو تہ ھي پنھنجي ساٿي جي دفاعي نظام سان ڪيئن بچندا آهن، ڪنھن بہ ٻئي شيء کان وڌيڪ تيز رفتاري سان ارتقاء ڇو ڪندا آهن ان وقت اڃان انھن کي اهو پتو نہ هو تہ هڪ وائرس ان وقت چمپيزي کان انسانن ۾ ٽپو ڏئي چڪو هو، ڦهلجي رهيو آهي، ۽ ٽن ڏهاڪن کانپوءِ انسانيت جي وڏن قاتلن ۾ ليکيو ويندو، انھن جي وهم ۽ دماغ ۾ بہ نہ هو تہ زمين تي وائرس جي قسم ۽ تعداد گهڻي ڀاڱي وڌيڪ آهي، ۽ هي تہ زندگي جي جينياتي قسم سڀ کان وڌيڪ وائرس ۾ آهي، هي بہ پتو نہ ھو تہ ھي سياري جي پد حرارت جو ٿرموسٽيٽ جو ڪم ڪندا آهن، زمين ۾ بڻجڻ واري آڪسيجن جي وڏي حصي جا ذميوار آهن، اسانجو ساھ کڻڻ انھن جي ضمي آهي، ۽ اهو تہ بلڪل بہ پتو نہ هو تہ انساني جينوم کي پنھنجو هڪ قابل ذڪر حصو انھن هزارين وائرس تي لاڳاپيل آهي، جيڪي اسانجي پري وارن ابن ڏاڏن جي مختلف وقتن ۾ انفيڪٽ ڪندا رهيا آهن هي تہ شايد چار ارب سال اڳ وائرس زندگي جي شروعات کي ڌڪو لڳايو هو
هاڻي سائنسدان انھن شين مان ڪجھ ڪجھ واقف آهن، هي انساني جسم جي اندر يا زمين جي ڏکين مقامن تي وائرس جي موجودگي جي سڃاڻپ ڪري سگهن ٿا، هن سياري جي وائرس جي سمجھ اڃان گھڻي گهري ناهي پر انھن کي سمجھڻ جي شروعات ٿي چڪو آهي.
No comments:
Post a Comment