Friday, 10 October 2025

ڪوانٽم کان اڳتي (9) - فزڪس جا قانون


ڪوانٽم کان اڳتي (9) - فزڪس جا قانون

”دريا خان سنڌي“
جيڪڏهن ڪوانٽم ميڪانيڪس کي هڪ اصول ۾ سمائڻو پوي تہ اهو هي آهي” اسان کي مستقبل بابت بلڪل صحيح اڳڪٿي ڪرڻ يا ان کي مڪمل طور ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جيڪا ڄاڻ گهرجي، ان جو خالي اڌ اسان ڄاڻي سگهون ٿا.”
۽ اهو فزڪس جي بنيادي مقصد کي بگاڙي ٿو، جيڪو مستقبل جي اڳڪٿي ڪرڻ آهي، جيڪڏهن اسان هر ذري جي حرڪت ۽ هر فورس جي وضاحت ڪري سگهون تہ پوءِ اسان بلڪل صحيح ٻڌائي سگهون ٿا تہ ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو. 
ڪوانٽم ميڪانيڪس کان اڳ فزيسسٽ پڪو يقين رکندڙ هئا تہ جيڪڏهن اسان بنيادي ذرڙن جا قانون سکون ٿا تہ دنيا جي هر واقعي جي وضاحت ۽ اڳڪٿي ڪري سگهنداسين

مستقبل جو دارومدار فزڪس جي انهن قانونن تي آهي جيڪي دنيا جي موجودھ حالت ۾ عمل پيرا آهن” ان هائپوٿسس کي ڊيٽرمنزم چيو ويندو آهي، ۽ اهو هڪ غيرمعمولي طاقت رکندڙ خيال آهي، ان جو اثر اسان گهڻن مختلف شعبن تي ڏسي سگهون ٿا، ۽ اوڻيهين صدي ۾ اهو مٿائون نقطو نظر هو، ۽ انهي سبب ڪوانٽم ميڪانيڪس جو اثر انقلابي هو ڇو تہ ان مرڪزي خيال کي لوڏي ڇڏيو. 
قدرت جي مڪمل وضاحت کي “حالت” چيو ويندو آهي، مثال طور جيڪڏهن اوهان دنيا کي ذرڙن جي حرڪت طور تصور ڪريو تہ حالت ٻڌائي ٿي تہ هر ذرو ان وقت ڪهڙي رفتار ۽ ڪهڙي طرف ۾ وڃي رهيو آهي. 

فزڪس جي طاقت ان جي قانونن مان اچي ٿي، قانون ٻڌائين ٿا تہ قدرت وقت سان ڪيئن تبديل ٿيندي، موجودھ حالت مان مستقبل جي حالت ڪيئن ٺهندي، فزڪس جي قانون کي ڪمپيوٽر پروگرام جي فنڪشن وانگر سمجهو اهي ڪا اِن پُٽ وٺن ٿا (جيڪو ڪنهن هڪ وقت ۾ حالت آهي) ۽ ان کي آؤٽ پُٽ ۾ تبديل ڪن ٿا (جيڪو ايندڙ وقت جي حالت آهي)

۽ ان ڪمپيوٽيشن سان هڪ وضاحت ملي ٿي تہ دنيا وقت سان گڏ “ڪيئن” تبديل ٿي، موجودھ حالت تي قانون جو لاڳاپو مستقبل جي حالت جو “سبب” آهي، جيڪڏهن اسان کي مستقبل ۾ ساڳي حالت ملي وڃي تہ اسان نتيجو ڪڍون ٿا تہ وضاحت صحيح هئي، هي اڳڪٿي ڊيٽرمنسٽڪ آهي، هڪ خاص اِن پُٽ تي هڪ خاص آؤٽ پُٽ ملي ٿي، ان سان اسان جي ان يقين جي پڪ ٿئي ٿي تہ حالت جي وضاحت بابت اسان جي ڄاڻ ڪنهن هڪ وقت ۾ دنيا جي مڪمل وضاحت آهي. 

قانون جو اهو تصور اسان لاءِ ضدي بہ آهي ۽ اهو ئي ريئلسٽ جي فطرت بابت خيال آهي، ۽ هي ڪنهن هڪ نظريي تائين محدود ناهي، نيوٽن جي ميڪانيڪس کان وٺي آئن اسٽائن جي ريليٽوٽي جي ٻنهي نظرين تائين بلڪل اهڙيءَ ريت ڪم ڪن ٿا، اوهان شروعاتي حالت تي قانون لاڳو ڪريو ۽ ايندڙ حالت معلوم ڪري وٺو، فطرت کي سمجهڻ يا بيان ڪرڻ جو اهو طريقو نيوٽن جي ايجاد آهي ۽ ان کي نيوٽونيئن پيراڊائم سڏبو. 

جڏهن اوهان اسڪول يا ڪاليج ۾ فزڪس ۾ گرمي، حرڪت، برقيات يا فزڪس جا ٻيا سوال حل ڪريو ٿا تہ انهن جي بنياد بہ اهو ئي پيراڊائم آهي. 
۽ اهڙو ٿيڻ عام آهي تہ مڪمل حالت بيان ڪرڻ لاءِ ڄاڻ جوڙن جي صورت ۾ آهي، پوزيشن ۽ مومينٽم، حجم ۽ پريشر، برقي ۽ مقناطيسي فيلڊ، اسان کي ٻنهي جي ضرورت پوي ٿي تہ جيئن مستقبل جي اڳڪٿي ڪري سگهون. 
ڪوانٽم ميڪانيڪس موجب اسان انهن مان رڳو هڪ ڄاڻي سگهون ٿا
ان جو مطلب اهو آهي تہ اسان مستقبل جي صحيح اڳڪٿي نٿا ڪري سگهون، اهو اسان جي سڌي فهم تي لڳندڙ پهريون ڌڪ آهي
ان جوڙي مان ڪهڙو حصو ڄاڻي سگهجي ٿو؟ ڪوانٽم ميڪانيڪس چوي ٿي تہ اها چونڊ اوهان پاڻ ڪريو!! ۽ اهو ئي رِيئلزم کي ايندڙ چيلينج جي بنياد آهي

هلندڙ... 
ڪوانٽم کان اڳتي (8) - بحث، ڳالھ ٻول

https://www.facebook.com/share/p/1JEY5JoqUH/ 

No comments:

Post a Comment