ڪوانٽم کان اڳتي (10) - غيریقينيت
”دريا خان سنڌي“
فرض ڪريو تہ اسان وٽ ڪنهن سسٽم بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ويئرئيبلز (variables) جو هڪ جوڙو آهي: الف ۽ بي
1. جيڪڏهن اسان کي ڪنهن خاص وقت تي الف ۽ بي ٻئي ڄاڻ ۾ اچي وڃن، تہ پوءِ اسان سسٽم جي مستقبل جو اندازو لڳائي سگهون ٿا
2. اسان چونڊ ڪري سگهون ٿا تہ الف جي ماپ ڪيون يا بي جي، ٻنهي حالتن ۾ اسان کي صحيح جواب ملندو، پر ان کان وڌيڪ نہ اسان ٻئي هڪ ئي وقت تي ڄاڻي نٿا سگهون
هي ڪنهن سسٽم کي سمجهڻ بابت هڪ حد آهي
پر اوهان سوال ڪندؤ تہ: جيڪڏهن اسان پهريان الف جي ماپ ڪريون ۽ پوءِ بي جي؟ بلڪل، ائين ٿي سگهي ٿو، تہ ڇا پوءِ اسان ٻئي ڄاڻي نہ ورتا؟ بلڪل بہ نہ، بي جي ماپ الف بابت اسان جي اڳئين ڄاڻ کي اڻڄاڻ ڪري ڇڏيندي، سادن لفظن ۾: جيڪڏهن اسان پهريان الف جي ماپ ڪريون، پوءِ بي جي، ۽ وري واپس الف جي، تہ پوءِ ٻي ماپ آزاد ٿيندي، ان جو الف جي پهرين ماپ سان ڪو واسطو نہ هوندو، (اهو ان ڪري تہ اسان بي جي ماپ ڪري چڪا آهيون، ٻي صورت ۾ ائين نہ ٿئي ها)
۽ جيڪڏهن اسان انجي اجازت ڏيون تہ الف جي ماپ ۾ ٿوري غيریقينيت هجي ۽ ان جي درستگي هڪ حد کان وڌيڪ نہ وڃي؟ پوءِ جيئن جيئن اسان الف کي بهتر ڄاڻون ٿا، اوترو ئي گهٽ بي کي ڄاڻي سگهون ٿا، ۽ جيئن جيئن اسان بي کي بهتر ڄاڻون ٿا، اوترو ئي گهٽ الف کي ڄاڻي سگهون ٿا، اهو هائزنبرگ جو غيریقينيت جو اصول آهي
هاڻي تصور ڪريو تہ اسين ساڳئي صورتحال تي وري واپس وڃون، الف جي ماپ ڪريون، پوءِ بي جي، ۽ پوءِ وري الف جي، جيئن اڳ چيو ويو، هڪ ڀيرو اسان کي بي معلوم ٿي ويو، تہ الف آزاد ٿي ويندو، اهو الف جي اڳئين ويليو برابر نہ هوندو، پر جيڪڏهن الف جي ٻيهر ماپ ڪرڻ کانپوءِ اسين ڪجھ ائين ڪريون جو بي جي ماپ جي ويليو وساري ڇڏيون؟ پوءِ سسٽم ان کي ياد رکندو (ها، اهو بلڪل ائين ئي ٿئي ٿو) ۽ الف جي پهرين واري ويليو ئي ٻڌائيندو
ان کي انٽرفيئرنس (interference) يعني مداخلت چيو وڃي ٿو، ڇو تہ جيڪڏهن بي جي ماپ وساري وئي آهي، تہ ان جو مطلب اهو آهي تہ بي جي غيریقينيت گهڻي وڏي ٿي وئي آهي ۽ هاڻي الف جي غيریقينيت گھڻي محدود ٿي سگهي ٿي.
هي اصول عام آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ اچو تہ الف کي ڪنهن بنيادي ذري، مثال طور اليڪٽران جي پوزيشن وٺون ۽ بي کي ان جو مومينٽم
مومينٽم فزڪس جو مرڪزي تصور آهي، ڇو تہ اهو برقرار رهندو آهي، ڪنهن بہ پروسيس ۾، جيڪڏهن اسان شروعات کان آخر تائين مختلف ذرن جو مومينٽم گڏ ڪريون تہ ڪنهن بہ لمحي تي ان ۾ ڪا تبديلي نہ ايندي.
ساڳيءَ ريت، توانائي (energy) پڻ هڪ محفوظ رهندڙ مقدار آهي، جڏهن ذرا هڪ ٻئي سان ميلاپ ڪن ٿا، تہ ڪو وڌيڪ توانائي حاصل ڪري سگهي ٿو يا ڪو توانائي وڃائي سگهي ٿو، پر ڪل توانائي برقرار رهندي.
توانائي ۽ مومينٽم ۾ هڪ واسطو آهي، جيڪڏهن هڪ ذرو آزاد حرڪت ڪري رهيو آهي ۽ ان جو مومينٽم ڪنهن خاص ويليو تي آهي، تہ پوءِ ان جي هڪ خاص توانائي پڻ هوندي،
غيریقينيت جو اصول چوندو آهي تہ اسان ساڳئي وقت پوزيشن ۽ مومينٽم کي ڄاڻي نٿا سگهون، ان جو مطلب اهو ٿيو تہ اسان ان جي مستقبل جي صحيح پيشگوئي نٿا ڪري سگهون
هاڻي اچو تہ ان جو ذهني تصور ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون
هلندڙ...
ڪوانٽم کان اڳتي (9) - فزڪس جا قانون
https://www.facebook.com/share/p/19SQ11Zepr/
No comments:
Post a Comment